جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
حيدرآباد جي اڃا به ورهاست ٿيندي؟
آچر 16 نومبر 2008ع
”اها رات اسين ڪمرن ۾ گهمي، هڪ هڪ شئي کي حسرت جي نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين، گهر ته ڇا پر اڱڻ ۾ بيهي مٿان واري آسمان جي ٽڪري کان به موڪلايوسين. پاڙي جون ڀتيون، آکيري ۾ ويٺل جهرڪيون، ٽڪر جي ٿڌي هوا، گهٽيءَ ۾ ويٺل اڇي ڪتي، گهوڙن لاءِ پاڻي پيئڻ وارو حوض، گهر ٻاهران ٺهيل ڪبوترن وارو آکيرو، سڀئي ياد اچڻ لڳا. رات جو اڍائي وڳي گهر مان نڪتاسين..... گهٽيءَ مان نڪري اسين ور ور ڪري پٺيان پيا نهاريون، وري هنن نظرن کي هي شيون ڏسڻ لاءِ ملنديون الاءِ نه.....!!“
اهو پهريون ورهاڱو هو، جڏهن حيدرآباد ۾ پنج هزار مسلمانن جي اچڻ سان، حيدرآباد جي فضائن ۾ ڊپ، هوا ۾ هراس، دلين تي پهريون ڀيرو ائين دهشت طاري ٿي هئي. مارڪيٽ جي وچ رستي تي هندن آڏو گانءِ ڪٺي ويئي هئي. گانءِ جو ائين ڪسڻ ۽ نئين آيل نوجوانن جي نعرن سان، انهن سمجهي ورتو هو ته هاڻي ورهاڱي کانپوءِ هوءُ هن شهر ۾ ڪو گهڻو وقت جالي نه سگهندا..... اهو پوپٽي هيراننداڻي جو گهر هو. پوپٽي جي ماءُ پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ نٿي چاهي. کيس پٽ سمجهائيندي چيو ته، ”هندستان اسان جي وڏي ماءُ آهي“ جنهن تي ويتر ڪاوڙ مان پوپٽي جي ماءُ چيو هو ته، ”ڌوڙ پئي وڏي ماءُ کي، ڇائي پئي انهن هٿن کي، جيڪي اباڻن ڪکن کان اسان کي ٿا وڇوڙين“. پر ان آڌي رات جو پوپٽي گهر جي اڱڻ ۾ بيهي مٿان واري آسمان جي ٽڪري کان به موڪلايو. پوپٽي هيراننداڻي، سنڌي جي ليکڪا، ان جو ديهانت به ممبئي ۾ ٿيو.
ورهاڱي جو اهو وڍ، حيدرآباد جي ڇاتيءَ مٿان چهڪ ڏيئي ان جي دل ڪڍي ورتي هئي، اهو ورهاڱي جو پهريون وڍ هو، جو صندل پاڻين ۾ ڌوپجندڙ هير آباد جي سڙڪن تي ڄاڻي واڻي چيڙائڻ ڪاڻ گايون ڪٺيون ٿي ويون. حيدرآباد بيشڪ ته پوءِ ائين ڪڏهن نه وسي سگهي، اهو چاليهه جو ڏهاڪو هو، اهو آزادي جو سال هو. ڪي چاليهه سال پوءِ اسي جي ڏهاڪي ۾ ان ئي حيدرآباد جي سيني مان هڪ ٻئي ”خون–ريکا ظاهر ٿي هئي.
”آخري ڀيرو گهر کي جيءُ ڀري ڏسي به نه سگهي هئس، نظرن ۾ گهر جي جي در ديوارن درميان لڙڪن جي ڌنڌ ڇائنجي ويئي هئي.....گلي ۾ ايڏا وڍ، جو گلي مان اکر نٿي اڪليو ٿيو.....خالي خالي ڪٻٽن، شو ڪيسن، بتين ۽ ڇتين کي نگاهن سان چمندي الوداع ڪيم. دل ته چاهيو پئي گهر جي هڪ هڪ سر، وڻن جي هڪ هڪ ٽاريءَ کي پڻ ڀاڪر پائي روئي موڪلايان.....پر مون انهن سڀني تي ڀرپور پيار ۽ وڇوڙي واري آخري نظر وجهي، ڄڻ هميشه لاءِ انهن کي پنهنجي دل جي ڪنهن ڳجهي خاني ۾محفوظ ڪري ڇڏيو. مون کي لڳو ته سمورا وڻ ٻوٽا، در ديوارون به مون کي ساڳي موٽ ڏيئي رهيا هئا. مون انهن جو سڏڪندڙ آواز چٽيءَ طرح پنهنجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪيو ۽ هوريان هوريان انهن کي يقين ڏياريو ته هو منهنجي دل ۽ منهنجي اکين ۽ روح ۾، هر ساهه ۾، جيسين مان زنده رهنديس، آباد رهندا.....“.
هي ورهاڱي جو ورجاءُ هو. هي سنڌي ٻولي جي هڪ ٻئي خوبصورت سرجڻهار جي روح سان سٽون کائي نڪتل اکر هئا. اها سرجڻهار، جا لطيف جي نالي جي وسايل نگري لطيف آباد مان لاڏاڻي وقت پنهنجا ٽپڙ کڻندي پنهنجي سموري وجود جي سچائيءَ سان لکيو هو ته: ”ڪير گارنٽي ڏيندو ته سنڌين کي هڪ وار وري ڌرتيءَ تان ڌڪي ٻين ڪنڊن ڏانهن نه اڇليو ويندو“. اهي سنڌ جي سدا سلڇڻي ليکڪا ماهتاب محبوب جي اندر ۾ اٿيل انديشا نه هئا. شايد ان وقت به تاريخ جي پيٽ ۾ پلجندڙ ان نئين دربدري، ان نئين ورهاڱي جي رٿابندي ٿي رهي هئي. ورهاڱي ان حيدرآباد، جنهن جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي، ٽن ٽڪرين تي شهر آباد ڪندي، ان جو نالو نيرون ڪوٽ رکندي وڌو هو. ورهاڱي جي پهرئين وڍ تي سنڌ، ائين نه اڌو اڌ ٿي هئي، جيئن بنگال ۽ پنجاب جي ڇاتيءَ تي خون جي ريکا سان ڌرتي ورهائي ويئي هئي. سنڌ پنهنجي ان ڪلچرل روح کي ڀاڱا ڀاڱا ٿيندي ڏٺو هو، جڏهن سنڌي ٻولي جي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جي پارکو ۽ ماستر چندر جي آڪاهن پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، لڏ پلاڻ ڪئي هئي. پوپٽيءَ آڌيءَ ويلي حيدرآباد ڇڏڻ وقت ان جي آڪاش تي آخري نظر وڌي هئي! اها آخري نظر ۽ ان ۾ سمايل حيدرآباد پوءِ ڪڏهن به سندس يادگيري کان جدا نه ٿي هئي. حيدرآباد، ڪن جڳن ۾ مهاڻن ۽ ملاحن جي بستي، نيرون ڪوٽ کان حيدرآباد جي شهر واري ان نانءُ تائين پهچندي پهچندي جي سفر ڪيا، ان سفر جي تاريخ جي راهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ غلام ڌرتين تان کڄي آيل غلام نسل جي هوش محمد شيديءَ جي آخري نعري ۾ ڪيترائي سانحا ستل هئا. پر 47ع کان 87ع تائين واري حيدرآباد به پوءِ ائين پاڻ کان سنڀاري نه ٿي. تاريخ جا ورق پراڻا پر ڪي پير نشان شايد اهڙا به، جن هن شهر جي سلامتيءَ کي وطن جي سلامتيءَ سان ڀيٽي ٿي ڪا ويڙهه وڙهي، هن شهر جي سيني تي خنجر به گهڻا ته زخم به بي حساب، پر اهي جن زخمن جو رت صاف ڪري، هن شهر کي اجارڻ ٿي چاهيو ته اهي اکيون اڄ به ڄڻ ته صفا ٿوريون.....اڄ به ڄڻ ته اٻاڻڪيون.
پوپٽيءَ کان ماهتاب تائين جي لفظن هن شهر جي ورهاڱي کي ستيتاليهه ۾ ۽ اٺاسي ۾ ائين رنو، ڄڻ شهر جون گهٽيون ۽ پنهنجي گهرن جا در ديوارون ئي انهن اکين آڏو ٻين حوالي نه ڪيا هجن، شايد سندن پنهنجو وجود به ٻه اڌ ٿيو هجي.
هندواڻين جي گهرن مان کين سيکاريو ٿي ويو ته، ”بلوائي“ اچن ته ڪيئن سنکيو ڦڪي ڇڏڻو آهي، ڪيئن بجليءَ جي بلب ۾ آڱريون وجهي ڇڏڻيون آهن. پوپٽيءَ ان جملي جي گونج کانپوءِ وطن ڇڏيو هو ۽ جڏهن اٺاسي ۾ لطيف آباد جي عبادت گاهن مان حملي ڪرڻ جي ترغيب ڏني هئي ته ماهتاب، پنهنجي رت ۽ پگهر جي نچوڙيل پورهئي سان جڙيل گهر لطيف آباد ۾ ڇڏيو هو. اهو گهر، جنهن اياز ۽ رشيد ڀٽي جا جيءَ جيئاريندڙ ٽهڪ پنهنجي جيءَ ۾ سانڍيا هئا. اهو سنڌين جو پنهنجي ئي ديس، پنهنجي ئي شهر ۾ ٻيو Exodus هو. ويندي ويندي ماهتاب پر پنهنجي لڙڪ ڪهاڻي ائين لکي هئي ته، ”ڪير گارنٽي ڏيندو ته سنڌين کي هڪ واري وري ڌرتيءَ تان ڌڪي ٻين ڪنڊن ڏانهن نه اڇليو ويندو“. گارنٽي ڪير ڏئي ها، ڌڻين، پاڻين ۽ جمهوريت جي حفاظت جي نالي ۾ نون نون ڪاروبارن جا نوان نوان هٽ کليل هئا، سياسي هٽ.....هٽ، سودي وارا، ڏي وٺ وارا.....ڪک پتي،لک پتي ته ٿيندي پئي ڏٺاسين، جيڪو چيلينج ڪري، جيڪو بيهي رهي، جيڪو مالڪي ڪري، جيڪو ڌرتي ڌڻين جو اڳ ڌڻي ٿئي. اهڙي جنس سياست واري هٽ تي پيدا ٿيندي نه ڏٺي سين. ائين ئي ورهاڱي جي ٻي تاريخ جو ورجاءُ ٿيو.
هن ڀيري شهر حيدرآباد، اٺاسي واري شهر آشوب جي مالڪيءَ جي پڳ ٻڌرائڻ جو سوال آيو هو، اقتدار عيوض هڪ سيٽ رکندڙ وزير اعليٰ لاءِ اهو سودو ڪو گهڻو مهانگو ته نه هو، حيدرآباد، چار ٽڪر..... ۽ بدلي ۾ صوبي جي وزير اعليٰ وارو انڌو منڊو اختيار.....اهو سودو مهانگو نه هو. سنڌ جي سياسي مرڪزيت رکندڙ ڪلچرل سينٽر، ڪلچرل گادي حيدرآباد جي چڱ مڙسيءَ واري پڳ، ان ڌر کي ئي پارائڻي هئي، جن کي متحد ڪرڻ جو سبب خون جي هڪ لڪير سان شروع ٿيو هو. اها لڪير، جا پوءِ خون جي درياهه ۾ تبديل ٿي، شهر جي جاگرافيءَ کي ڌڪ هڻڻ جو سبب بڻي هئي. ها، پر اها هڪ سيٽ رکندڙ سياسي ڌر جي سوديبازي هئي، جنهن ۾ سنڌ جو گيدي وڏيرو، سندس وڏو سهڪاري بڻجي سامهون آيو هو.
روينيو کاتي کي ئي ڪجهه ڪلاڪن جي سرگرمي ڪرڻي پئي هئي، ڪلارڪن جي بي دماغ بتن ڪي ٻه چار فائل هيڏانهن هوڏانهن ڪري ئي مس ڦيرايا هوندا، کاتا هتان کان هتان ئي ته ڪرڻا هئا، سرحدن جون ليڪون، روينيو کاتي جي ميزن تي ئي ته پاتيون ويون هونديون، پر آفيشل سنڌ جي نقشي اندر، اها تبديلي اچي چڪي هئي، ڪشمور کان ڪاري موريءَ تائين سياسي راڄڌانيون تبديل ٿي چڪيون هيون. هڪ سيٽ واري وزير اعليٰ هڪ تاڙي لنڊن جي مرڪز سان ملائي ته ٻي تاڙيءَ ۾ سندس شريڪ پنهنجو ڇٽيهه لکڻو وڏيرو/سردار بڻيو، کين نيون گاديون عنايت ٿيون، تخت حيدرآباد لاءِ پنهنجين اکين رت روئڻ ان ڪري به ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته مالڪي، سياسي مالڪي جو بار پاڻ کان کڄيو ئي نٿي پڳو، ”ڪمشنر هائوس“ ”ڪمرشل پلازه“ ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪا افواهه اڏي ته سينو فقط دليون رکندڙ انهن چند وجودن جو ئي چيرجي ويو، جن کي پتو هو ته تاريخ ڇا ٿيندي آهي، جاگرافي ڇا ٿيندي آهي ۽ عمارتن جي تاريخ قومي شعور ۽ قومي يادگيريءَ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري اهم هوندي آهي. بيشڪ سارين جي بمپر فصل جي لالچ ۾ به ڪو وڏيرو موهن جي دڙي کي لمحي هڪڙي ۾ کيڙڻ جو سوچي سگهي ٿو، ملڪيت ميڙڻ ۽ موڙي جي موهه مڪلي جي چائنٺ ته پنهنجو به ڪوئي بانڪو لتاڙي تيل ڪري سگهي ٿو. حيدرآباد جي ڪمشنر هائوس کي ڪمرشل هائوس ڪرڻ جي رٿا ڪٿان به آئي، پر حقيقت اها آهي ته تاريخ کي ”مڪان“ جي پسمنظر کانسواءِ ڏسڻ وارن وٽ نه ڪڏهن تاريخ رهندي آهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن تاريخ جي سونهري ورق جي زينت بڻجي سگهندا آهن. وقت جي سليوٽن تي ساهه ڏيڻ وارن جا چهرا ائين به ڪاراٽبا آهن، جو ورڻ لاءِ وري کين وطن نصيب به ٿئي نه ٿئي. ڪمشنر هائوس کي ڪمرشل هائوس ڪرڻ وارن لاءِ ته چئي سگهجي ٿو ته هو تاريخ جي ان جبر جا شڪار رهيا، جڏهن کين پنهنجي ڌرتين تان تڙيو ويو، پر تاريخ جي ان جبر مان سبق سکڻ بجاءِ انهن پنهنجي ساٿارين سان گڏجي تاريخ سان عجب کيل ويهي کيڏيا. ورهاڱي جي پيداوار ڳنڍڻ واري عمل جو حصو ڇو نه بڻجي سگهيا، سو ته پاڻ وقت جي منصفي ڏانهن واريون ٿا. اسان جي احتجاجن ۾ نه اها سگهه هئي، نه سياسي Determinition هئي ۽ نه ئي وري مقصد جي حاصلات ڏانهن وٺي ويندڙ ڪا حڪمت عملي هئي.
قصو عجيب اڃان اڳتي به ٿيڻو هو، ماهتاب محبوب جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل هڪ خوف کي اڃا سچ ۾ تبديل ٿيڻو هو. ”سياسي گادي“ تبديل ٿيڻ جا کيل تماشا شروع ٿيڻا هئا، جو حيدرآباد جي مالڪي رکندڙن، حڪمران جماعت جي وڏيرن جا هٿ ڌوئارڻ کان انڪار ڪيو، روينيو کاتي جي ليڪن کي چيلينج ڪرڻ جي همت ته هن پنهنجي عوامي حڪومت جي حيدرآبادي نمائندن وٽ هئي ڪا نه ۽ ”بهتي گنگا“ ۾ هٿ پسائڻ حيدرآباد جي سياسي مالڪن به نٿي ڏنا. هينئر بيچيني عوام جي نه هئي،” کاتي پيتي“ جي هئي. ترقياتي ڪمن جي ڪميشن جو پيٽ سور به ٿي سگهيو پئي. ٽنڊن ۽ مٽياري جي بادشاهن پنهنجي حصي ۾ آيل گادين کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، يعني ”حيدرآباد جو ورهاڱو“ Undo نه ٿيندو. اهي جيڪي ووٽنگ واري ڏينهن لٺيون کائيندا، پٺا ڪٽرائيندا آهن، هينئر پارٽي ۾ انهن جي راءِ ڪنهن به نٿي طلبي.
حيدرآباد ضلعي جو ورهاڱو Undo نه ٿيندو، واليانِ رياست، پنهنجي پنهنجي حصي ۾ آيل بخششن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پٺا ڇلرائيندڙ، اها خلق ڪنهن کي به ياد نه هئي، جيڪا هونئن مخالف ڌر ۾ هئڻ وقت پارٽي کي پنهنجي واحد سگهه لڳندي آهي. طاقت جو سرچشمو ڀل ته اها خلق هجي، پر ”واليانِ رياست” کي راضي رکڻ قيادت لاءِ سڀ کان وڌ اهم سوال هو. حيدرآباد جو ورهاڱو Undo نه ٿيندو. في الحال ته مالڪي رکندڙ ڌر کي ڪاوڙائڻ جو سودو ڪرڻ به شايد قيادت لاءِ مهانگو هو، ان ڪري اهي جيڪي حيدرآباد جي نمائندگي رکندي به ”کاتي پيتي“ ۾ شريڪ ٿي نه ٿي سگهيا، اهي جن وٽ بخشش ۾ راڻي باغ جي خالي پڃرن کانسواءِ ڪا به شئي نه آئي هئي، سي مڇريل هئا، ”حصو پتي“ کين به گهرجي، انهن پنهنجي چونڊ مهم تي پئسا ان ڪري ته خرچ نه ڪيا هئا، ته هو واقعي سياسي مزاحمت ۽ سياسي شعور کي جنم ڏيندڙ سياست ڪندا. هو آمريتن جي دور جي بخشش تي هريل آهن، جن وٽ سياست، عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ جو نالو هرگز به نٿي ٿي سگهي. انهن جي ئي مطالبن مان هڪ مطالبو اهو به آيو ته، جي حيدرآباد ضلعي جي ورهاڱي کي Undo ڪرڻ جي مخالفت به پارٽي اندر چونڊيل نمائندن ۾ موجود آهي، ته پوءِ کين باقي بچيل حيدرآباد مان به پنهنجو حصو بخشش طور ڏنو وڃي، ۽ پوءِ خبرون هوائن ۾ اڏاميون ته روينيو کاتي کي ان حيدرآباد جي اڃا وڌيڪ ورهاڱي تي اها ساڳي ايڪسرسائيز ڏني ويئي آهي، جيڪا اڳي حيدرآباد ضلعي جي ورهاڱي وقت ڏني ويئي هئي.
هي ٿڪل، هارايل وڏيرن جي ”حصي پتي“ واري مايوسي ۾ ٻيهر اميد جو ڪرڻو جاڳائڻو آهي، يا پيپلز پارٽي، ان ئي آمريت جي سيٽ ٿيل طرز تي وک وڌائڻ جو سوچي رهي آهي، اها رمز ته في الحال ڳجهه ۾ ئي آهي. روينيو کاتي جي بيزار بتن وارا ڪلارڪ ان نئين ايڪسرسائيز تي ڪم ڪري رهيا آهن، وڏيرن جون اکيون ٻرڻ لڳيون آهن، حيدرآباد اڃا وڌيڪ ورهائبو، قاسم آباد، حيدرآباد جي انتظاميا مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. قاسم آباد ضلعي هيڊ ڪوارٽر ٿيندو، راشي ڪامورا خوش آهن، جيڪي ”ڀائي لوگن“ کان تنگ آهن، چونڊيل نمائندا به خوش آهن. ڪلهوڙا ڪالوني کان ڊفينس تائين انهن آبادين جو ڇا ٿيندو، جيڪي لساني جهيڙي ۾ ائين ڪنهن به تيلي جو ٻارڻ بڻجي سگهن ٿيون، جيئن ڪالهه لطيف آباد جي آبادين جا رهواسي بڻيا هئا.
تاريخي شعور بخشيندڙ اهي مڪان، اهي قديم پاڙا، جايون، ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا مقبرا، ميران اسڪول، بسنت هال، نذرت ڪاليج، زبيده ڪاليج، ريڊيو پاڪستان، پريس ڪلب، اهو ساڳيو ڪمشنر هائوس، ليڊيز ڪلب، ميٺا رام هاسٽل، نور محمد هاءِ اسڪول..... ٻيهر ورهاڱو..... ڇا ڇا ورهائيندو.....؟
اهي مڪان، اهي تاريخي ماڳ، ڇا جمهوري حڪومت به بخشش طور ائين ورهائيندي، جيئن پراڻن وقتن ۾ آمرن، ڪنڌ ۾ ڪلي کتل بادشاهن مفتوح علائقا ورهايا آهن. تاريخ جي ورهاڱي جو ڇا ايڏو وڏو اپمان هن وقت جي هيءَ اها ئي جمهوري حڪومت ڪندي، جيڪا نه اسٽيبلشمينٽ، نه آمريڪا ۽ نه ڪنهن جادوئي طاقت سان پر تنهنجي منهنجي ووٽ سان چونڊجي آئي آهي.
amarsindhu@yahoo.com