جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
ايڪهين صديءَ جي سنڌ جو نئون سماجي منظر!
ڇنڇر 7 اپريل 2007ع
متان ڀلجو ته پنهنجي هيءَ اڄوڪي سنڌ ان پنج هزار ساله قديم تاريخ جو ڪو به اولڙ نٿي رکي، جنهن قديم آثارن ۾ پروهت جو مجسمو ته هٿ آيو آهي، ناچڻي جو اسٽيچو ته هٿ آيو، پر ان ۾ ڪو هٿيار نه مليو. متان ڀلجو ته اڄوڪي سنڌ جو ڪاروهنوار پروهت ۽ ناچڻي سميت پنهنجي سموري ڪاروهنوار کي بندوق جي داٻي هيٺ ڏسڻ جو عادي ٿي چڪو آهي. متان ڀلجو ته پنهنجي هيءَ اڄوڪي سنڌ، ان جو قانون، اسان جو انصاف، ڪنهن به ان سردار جي ڪلهي ته پيل بندوق ۽ کيسي ۾ پيل روڪڙن آڏو ڄڻ ته بي وس آهي. متان ڀلجو ته هن سنڌ ۾ هاڻ قانون، ڪنهن سرڪار جي ان عدالتي ڪارروائيءَ جو نالو ناهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پروڙن لاءِ انصاف جي ٿيورين تي نور نچوئڻو پوي ۽ پريڪٽس لاءِ ڪي سال ڳڻڻ پون. هتي سماجي قانون توڙي ملڪ جي دستاويزي قانون کي توهان ۽ اسان ڪنهن به وڏي پيجارو جي پويان اڏامندڙ دز ۾ اڏندي ڏسي سگهون ٿا.
متان ڀلجو ته هتي اڪثريت انهن پيٽ پٺي لڳل، بي پهچ مسڪين ماڻهن جي آهي، جنهن جي ڪنڊي جي هڏي ڪنهن به لٺ سردار جي دهشت ۽ حشمت جو بار سهڻ کان قاصر آهي. سدائين طاقت ۽ پئسي آڏو جهڪائي بيهاريل اها اڪثريت سدائين انهن آڏو ڪنڌ جهڪائي بيٺل رهي ٿي، جنهن جي قميص جي کيسي جو بار ملڪي قانون کان گهڻا دفعا وڌيڪ ڀاري ۽ ڳرو آهي. متان ڀلجو ته اها ڪنڌ جهڪائي بيٺل اڪثريت ڀاري کيسي وٽ رڳو پنهنجو پورهيو ۽ پگهر گروي نٿي رکي، پر سندن انگ، سندن ننگ، سندن عزتون، سندن غيرتون ۽ سندن ضمير به سندن جان سميت گروي ۽ رکت جو سامان ليکيا وڃن ٿا. ٽڪي آني يا ٻن ٽڪن جهڙي قيمت تي به اها اڪثريت پنهنجن انگن ۽ ننگن جي خسيس سوديبازي واري ”لين دين“ تي ايئن هيرائي وئي آهي، جو هاڻ اهڙي ڪنهن به سودي تي جنهن ۾ ٻڪري، مال، وٿاڻ بدلي چار نينگرين جا س۾ ڏنا وڃن، يا جوا ۾ نوجوان ڌيءَ جو داءُ لڳايو ويو وڃي، ان تي پاڻ کي ڪا گهڻي حيرت نٿي ٿئي.
متان ڀلجو ته ڪارو ڪاري هاڻ پاڻ وٽ ايئن ڪلچر جو حصو بڻيل آهي، جو پنهنجي نياڻيءَ کي ڪهي ان کي ”غيرت“ جو نالو آسانيءَ سان ڏئي سگهون ٿا. ان ڪري ڪاروڪاري واري موضوع ۾ هاڻ فنڊنگ جي ڪري اين جي اوز وارا دلچسپي رکندا هجن ته هجن، باقي پاڻ ان کي ”غيرتي ڪلچر“ ۾ Adopt ڪري به چڪا آهيون. پريمي جوڙن تي لپ سروس به هاڻ پاڻ کان ڪو نه پڄي، پر متان ڀلجو ته پاڻ وٽ ڪٽهڙن ۾ قاتل جوابدار جي حيثيت سان بيٺل به هاڻ چند ڏوڪڙن عيوض ”راڄوڻي“ منٿ ميڙ قافلي جي صورت ۾ خون جي الزامن مان باعزت بري ڪيا وڃن ٿا. اڻ پڙهيل ڄٽن جي اڪثريت ته ڇڏيو، سنڌ جي مڊل ڪلاسي سول سوسائٽي به کين ڪو اکر چوڻ بجاءِ سندن خون جي الزام ۾ بري ٿيڻ تي دهلين ڌمالين، شرنائين ۽ گلن جي ورکائن سان ايئن ٿي آجيان ڪري، ڄڻ سڪندر اعظم دنيا فتح ڪري ماڳ تي موٽيو هجي. متان ڀلجو ته سنڌ ۾ هاڻ پيٽ پٺي لڳل مسڪين پنهنجي جگر گوشي کي قبر ۾ سمهاري چند ڏوڪڙن عيوض جوابدار کي معاف ڪرڻ واري عمل کي پاڻ وٽ ڪا خراب ڳالهه نٿو سمجهي. متان ڀلجو ته ڪاريون ڪري ماري ۽ پوءِ عيوضي طور وصولي ڪرڻ واري رواج جي عام ٿيڻ کانپوءِ هاڻ بکن ۾ ماريل سنڌ ۾ مقتول جي رت جي خون بها وٺڻ ۽ خون جي بدلي ۾ پئسا تڳائڻ به ڪمائي جو نئون چينل کلي پيو آهي.
ڪمائيءَ جي ان چينل، جنهن ۾ مقتول جي قبر جي مٽي سڪڻ کان به اڳ پئسن جي ”لين دين“ ڪرائي خون جو داغ ڌوتو ٿو وڃي، ان کي ڏاڍي ڌر راڄوڻي نبيري جو نالو ڏي ٿي. دولت جي داٻي ۽ دهشت جي دهمان ۾ ڌڪجندڙ مقتول جا گهر ڀاتي ان کي پنهنجي بي طاقتي، بي پهچي ۽ بي وسي سان ڀيٽن ٿا، پر سماجي لقاءَ طور ان کي غربت ۽ محرومي جي خسيس سودي جي صورت ۾ سمجهي سگهجي ٿو ۽ ها رياستي سٺائن ۾ ان جو ڇيد ڪرڻ چاهيو ته ان کي انصاف جي اڻ هوند ۽ حڪومتي ادارن جي اپاهج پڻي سان ڀيٽي ٿا سگهون.
ها دوستو، سنڌ جا سڄڻو هيءُ ئي اٿوَ پنهنجي ايڪهين صدي جي سنڌ جو نئون سماجي منظر. نئون منظر، جنهن ۾ مقتول جي رت جي حساب ڪتاب سان گهر ۾ چار داڻا واڌو ٿي وڃن ٿا ۽ دوستو هيءَ اٿوَ پنهنجي سنڌ جي نام نهاد مڊل ڪلاسي سوسائٽي، جيڪا راڄوڻي انصافن جي ان انڌير نگري ۾، ڏوڪڙن جي بارش ۾ خون ۾ رنڱيل هٿ ڌوپندي ڏسي به ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ کان بيوس ۽ لاچار آهي.
متان ڀلجو ته پئسي جي بارش سان خون بها ذريعي داغ دامن تان ڌوئي ٻيهر سماج ۾ ڪنڌ کڻي هلندڙ جوابدارن جي آجيان ڪندڙ فقط انهن ٻهراڙين جي ناآسوده، اڻ پڙهيل اڪثريت ناهي، جن جي دانهن کي نه ڪو سڏ، آهه ۽ نه ئي ڪو پڙاڏو...انهن قاتلن جي ارڏي ٻانهن لوڏ فقط ڳوٺن تائين شايد ئي محدود هجي، غور سان ڏسو سرڪاري پارٽين کان ويندي جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ پارٽين ۾ به ظاهري طور پروگريسوِ لباس پيل آهي، پر سندن چونڊيل نمائندن ۾ به اهي عنصر آسانيءَ سان نظر اچي سگهن ٿا.
هتي پاڻ جنهن المناڪ اسٽوري جا تفصيل ڏيئي رهيا آهيون، سو ڪنهن انتها پرستن جي هٿن ۾ يرغمال ٿيل ”نوگو ايريا“ واري سر زمين جو داستان ناهي، هيءُ سنڌ جي ان ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر جي ڪُک ۾ پلجندڙ قصو آهي، جنهن کي سياسي مزاحمت ۽ رياستي بغاوت ۾ پهرين صف ۾ بيٺل هئڻ ڪري سنڌ جو ويٽنام سڏيو ٿي ويو. ها، هيءُ پنهنجي ان ئي دادو شهر جي سور جو داستان، جيڪو جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ اسي جي ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ لاش وصول ڪندڙ ضلعو ليکيو ٿي ويو.
اهو ساڳيو دادو، جيڪو سياسي مزاحمت ۽ رياستي بغاوت ۾ ويٽنام سان ڪلهي هڻڻ جي هام هڻي ٿي سگهيو. سو دادو ان ڏينهن دهلن، شرنائين ۽ گلن جي ورکائن سان هڪ اهڙي شخص جي آجيان لاءِ تيار ڪيو ٿو وڃي، جنهن جي واپسي جيل جي ديوارن مان قتل جي جوابدار جي حيثيت ۾ ٿي هئي. جنهن جي دامن تي خون نشان شايد اڃا به نه لٿا جهن، ۽ جيڪو قانون جي نظر ۾ اڄ به قتل جو جوابدار ئي آهي. راڄوڻي فيصلي ڏوهه جي ثابتي بعد به کيس باعزت بري ڪرڻ جي راضي نامي تي کيس ايئن آزاد ڪرايو، جو سندس کيسي ۾ ان 5 4 سالا مقتول سپاهيءَ جي بدنصيب بکئي خاندان کي ڏيڻ لاءِ اٺ لک رپيا موجود هئا. اٺ لک رپيا، هڪ معمولي سپاهيءَ جي خاندان جي محرومين آڏو شايد وڏي قيمت هئا. شايد ان سپاهيءَ جي جان کان به وڌ قيمتي....ڇو ته سندن بک ڪائنات جو وڏو ڪڙو سچ آهي ۽ سندن محروم زندگيون سندن بيوسي جو پهريون ۽ آخري سبب بڻيون. 8 لکن ۾ 45 ساله سپاهي جي خون جو سودو ٿيو، عدالت کان ٻاهر اهو ساڳيو ئي ”راڄوڻي نبيرو“ هو، جنهن ۾ تر جا سياسي پڳدار ڌر بڻجي سامهون آيا. رضانامي تي خون، اٺ لک عيوض معاف ڪيو ويو ۽ ان دستاويز تي مقتول سپاهيءَ جي بيواهه سميت سندس پٽن به صحيحون ڪيون. اهي واقعي به صحيحون هيون يا محرومين ۽ غربت جو انتهائي سستو ۽ خسيس سودو؟
جوابدار جي لاءِ اها رقم شايد ”دو دن کان کيل تماشا“ کان مٿي حيثيت نه رکندي هجي، ان طبقي لاءِ ايتري رقم هٿ جو مير ئي ته سڏي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن ان رقم سان هڪ پاسي ڏينهن ڏٺي جي ناحقي، طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي ڪيل خون جا داغ به ڌوپجي وڃن ۽ ٻيو سياسي سماج ۾ به سندس واپسي تي دهلن، شرنائين ۽ گلن جي بارشن سان فاتحِ اعظم جيان آجيان ٿئي ته سودو ڇو مهانگو چئجي؟
شايد ٺيڪ ان ئي ڏينهن، جڏهن رئيس نبن خان لنڊ جي جيل واپسيءَ کانپوءِ آجيان لاءِ دادو شهر ۾ سينگار جا سامان هئا، ٺيڪ ان ئي ڏينهن تي هڪ بي رحم، سرد گولي هڪ نوجوان نينگريءَ جي ڇاتيءَ ۾ لاٿي وئي...رت ڦوهارا ڪري وهيو...۽ جڏهن جسم ڦٿڪي ڦٿڪي بيجان ٿيو ته سندس لاش، جنهن جي هڪ پير ۾ جتي پيل هئي، سو لاش کڻي دادو سول اسپتال پهچايو ويو. اها ڇوڪري دادو ڪاليج جي ئي شاگردياڻي هئي، جنهن جي ڀر ۾ ئي سندس جسم ۾ بندوق جو بارود لاٿو ويو هو...اها ٽين ايجز ڇوڪري هئي، جنهن کي گهران زوري کنڀي کنيو ويو هو. جڏهن کيس زوري کنڀي ٿي کنيو ويو، تڏهن سندس نڙي مان اڀ ڏاڙيندڙ رڙيون ٿي نڪتيون، هڪ جتي مزاحمت تي گهلجڻ ڪري گهر جي اڱڻ ۾ ئي پيل رهجي وئي هئي...هن گهر جي ٻاهرين در ۾ به هٿ وجهي وس ڪيا ته کيس زوري نه کنيو وڃي. کيس گهران ايئن هڪ ئي جتي ۾ کنڀي کنيو ويو، ۽ ٽن ڪلاڪن اندر سندس گولي لڳل سرد لاش سول اسپتال حوالي ڪري ڀڄي ويندڙ جو نالو ڇوڪريءَ جي ماءُ جي پوليس بيان موجب ”زبير جمالي“ هو. اسپتال انتظاميه به تصديق ڪئي ته ڇوڪريءَ جو لاش ڦٽي ڪري ويندڙ زبير جمالي ئي هو. دادو جي پيپلز پارٽي جي چونڊيل ايم اين اي رفيق جماليءَ جو ڀاءُ...
اها ڇوڪري، جيڪا ايئن قتل ڪري ڦٽي ڪئي وئي، ان جي قتل جي سببن جا پيرا کڻجن ته اها شايد عام اک ڏسي ۽ محسوس نه ڪري سگهي، پر ”غربت“ سندس قتل جو پهريون ۽ آخري سبب بڻيو.
الائي به ڇو اسان وٽ اڪثريت جي وس وهم و گمان ۾ به اهو نه هوندو آهي ته غريب ڇوڪرين جون اکيون به رنگين خواب ڏسي سگهن ٿيون ۽ اها سندن خواب جي رنگيني ئي آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن سندن زندگي کي رنگين بنائڻ بجاءِ سندن جسم کي رت ۾ وهنجاري ڳاڙهو ڪريو ڇڏي ۽ ايئن ان بدنصيب ڇوڪري صفيا جي اکين جا اوائلي خواب به اهڙا ئي رنگين هئا، جو سندس پيچ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان اڙيو، جنهن جو شايد زندگي جي هر مامري ڏانهن رويو غير سنجيده هو. صفيا جي اکين جي خوابن کي ڪا ساڀيا ڏيڻ بجاءِ اهو شخص سندس جسم کي رت ۾ وهنجاري هليو ويو. صفيه ان ڄاڻايل جوابدار لاءِ شايد ”وقت پاس“ ڪرڻ واري سامان کان وڌيڪ حيثيت رکندڙ نه هئي، پر صفيه ان تعلق کي شادي جي صورت ۾ تڪميل ڏيڻ پئي چاهي. پيار کان شاديءَ جي سپنن تائين جو سفر صفيه جي عمر جون ڇوڪريون ڏاڍو جلدي طئي ڪري وٺنديون آهن. اها خبر سنڌي سماج جي ان مرد کي پوڻ ڏاڍي مشڪل آهي، جيڪو عورت کي ڪنهن رشتي جي نسبت بجاءِ ”وقت پاس“ ڪرڻ جي صورت ۾ ورتائڻ جو عادي ٿي چڪو آهي. زبير پاران سندس تعلق کي جڏهن شادي جي نسبت ۾ طئي ڪرڻ کان انڪار ٿيو ته صفيا ان رشتي تان هٿ کڻندي ڪنهن ٻئي هنڌ شادي جو سوچيو. سندس ماءُ پاران ٻڌايو ويو ته صفيه جو اهو فيصلو جوابدار کي منظور نه هو. غريب گهرن جي ڇوڪرين جي محرومين جي قيمت چڪائي کين سڄي عمر لاءِ پاڻ وٽ گروي رکڻ اسان جي سنڌي سماج ۾ ڪنهن به ”پئسي ۽ طاقت“ واري پارٽيءَ لاءِ ڪو گهڻو مشڪل ناهي. ڪيترين ئي غريب ڇوڪرين جا خواب سدائين ايئن عمر ڀر اسان جي سماج جي وڏن پڳدارن وٽ گروي ٿيا پيا هوندا آهن. گهڻو تڻو جيڪڏهن سماج کي اخلاقيات جو نام نهاد الڪو به ٿيو ته آڱر سدائين ڇوڪريءَ جي ڪردار تي ئي اڀي ٿيڻي هوندي آهي. مقتوله جي ماءُ ايف آءِ آر ۾ چٽو موقف رکيو ته سندس ٻي هنڌ شادي واري فيصلي تي زبير پاران کيس ڌمڪيون به ڏنيون پيو ويون.
هن نوجوان شاگردياڻيءَ جي قتل جي المناڪي اها ناهي ته اسپتال مان لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس ڪو مرد وارث نه هو. هوءَ يتيم هئي، پيءَ کانسواءِ هن ڇوڪري جو هڪ 2 1 ساله ڀاءُ هو، جنهن جي عمر نه، پر قدم به صفيا جو لاش کڻڻ جي قابل اڃا ڪو نه ٿيو هو. سماج جي مروج اخلاقيات تحت ان لاش جو تڏو سندس ڪنهن به مائٽاڻي مرد پاران به ڪو نه ڪيو ويو. المناڪي ته اها رهي جو صفيه جي تڏي جا قابض به جوابدار ئي بڻيا...جوان ڌيءَ جي موت جي صدمي ۾ ماريل ماءُ کي نه پريس، ۽ نه ئي ڪهن ٻئي ٻاهرين ماڻهوءَ سان ملڻ جي اجازت ٿي ڏني وئي. سندس موبائل فون آف ڪرايا ويا، سندس ٻاهر جي دنيا سان رابطي کي هر ممڪن طريقي سان ڪٺيو ويو. جيئن ميڊيا ان معتبر خاندان جي عزت تي حرف نه آڻي سگهي...۽ کين پنهنجي سياسي ساک جو اونو به ته ٿي سگهي پيو. صفيه جي ماءُ کي نيٺ به ان فيصلي تي مجبور ڪيو ويو، جنهن کي پنهنجي پريس ”راڄوڻي“ ۽ ”منٿ ميڙ“ ڪوٺي ”ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون“ جا جملا لکندي رهي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري ۽ عورتن جي حقن لاءِ ترقي پسند سمجهي ويندڙ پيپلز پارٽي جو چونڊيل ايم اين اي جو پهرين ڏينهن ئي بيان آيو ته، ”صفيه خودڪشي ڪئي آهي.“ ٻئي ڏينهن جمالين جو سردار ساڻس ٻيلي ۽ ساٿي ٿي مقتولا جي ماءُ جي تڏي تي خون بخشيءَ جي راڄوڻيءَ لاءِ پهچي ويو. اها منٿ ميڙ هئي، يا سماجي دٻاءَ جو طريقو هو، سو ته پاڻ هن سماج ۾ رهندي چڱيءَ ريت سمجهي سگهون ٿا...ڇو ته جوابدار هڪ ڪلاڪ به نه ٿاڻي تي ويٺو هو، نه سندس بيان ٿيو هو ۽ نه ئي کيس ڪا لمس آئي هئي. (اميرن کي پنهنجا ٻچا ته ڪيڏا نه پيارا آهن.)
اڃان صفيه جي قبر جي مٽي به نه سڪي ۽ اڃان ته سندس جسم مان ڦوهارو ڪري نڪتل رت به ڪو نه سڪو هوندو ته ماءُ جي اکين جا ڳوڙها سودي بازي جي راڄوڻي ۾ تبديل ٿي ويا. ماءُ جي دل ايترو جلد خشڪ ٿي، پنهنجي ٻچي جي خون جي پئسن جي ڪٿ ڪيئن ڪئي هوندي، سو ته اها ماءُ جي دل ڄاڻي، پر ڪنهن ان سردار کان ڪو نه پڇيو هوندو ته ”ڇا سردارن جي ٻارن جا خون به ايترا تڪڙا ۽ سستا بخشيا ويندا هوندا؟؟“
هن حڪومت کان به پاڻ تماشبينن مان ڪنهن کي به همٿ ڪو نه ٿي جو پڇون ها ته، ”ڇا جنهن جي کيسي ۾ ٻه چار لک هجن، ان کي ڪنهن غريب جي ٻچي ڪهڻ جو حق ڏيئي ڇڏجي؟“
سنڌي سماج ۾ جاگيردار ڪلچر نئين دولتي ۽ مڊل ڪلاس جي پئسي ۽ طاقت جي آڌار تي ايئن ئي پکڙجي رهيو آهي، جهڙي ريت مذهبي انتها پرستي وارو فاشزم سرحد جي سماج جي رڳن کي سڪائي رهيو آهي. ڪنهن به طبقي جي آپيشاهي ۽ فاشي روئين کي سياسي تربيت ۽ سياسي ڪلچر وسيلي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري فقط دادو ضلعي ۾ ئي پنهنجي پارٽي آفيس کي درست ڪرڻ لاءِ نه، پر سڄي سنڌ ۾ متبادل جرڳي ۽ راڄوڻي وسيلي خون جهڙن انتها تي پهتل ڏوهن کي بخشائڻ ۽ غريب کي دولت جي داٻي هيٺ سوديبازي تي مجبور ڪرڻ وارن جاگيردار عنصرن جي پيپلز پارٽي توڙي ٻين سياسي پارٽين کي هاڻ حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي.
amarsindhu@yahoo.com