ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ضمانتن واري جهنگ ۾ ٽنگيل ”تلاش گمشدگيءَ“ وارو اشتهار



    سومر 2 جنوري 2006ع



    پاڪستان کي رضاڪارانه طور جن پرڳڻن ”وفاق“ طور قبول ڪيو آهي. انهيءَ شادي خانه آباديءَ کي ڪنهن به پرڳڻي ”خانه بربادي“ جي روپ ۾ ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪيو هوندو، پر ساٺيڪو سالن کان اهو رضاڪارانه معاهدو بار بار پنهنجيون معنائون ۽ ”مطاليب“ لاٽونءَ ڙي جي ڦيرين گهيرين جيان نهايت تيز رفتاريءَ تبديل ڪندو پئي رهيو آهي. اوڀر پاڪستان گڏ هيو ته کيس به ”گردن توڙ دينگي - هاٿ مروڙ دينگي- آنکين نڪال دين گي-“ جا داٻا دڙڪا ڏنا ويا ۽ هاڻ ڪوهلو، ڪشمور ۽ ڪارونجهر انهيءَ داٻ دڙڪي جا مخاطب آهن. ماضيءَ جون ڪٿائون ڪجهه ڪجهه پاڻ سدائين پڙهندا پئي رهيا آهيون، پر حال جون ٽي حقيقتون ”هوڏي پريتم“ واريءَ اُڇل ڪود کي اڇو اُجرو بڻائي دنيا اڳيان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويون آهن. اي اين جي عباسيءَ واري فني ڪاميٽيءَ مان ڪالاباغي ڪٽنب کي وڏيون اُميدون هيون. سال ٻه اها ڪاميٽي رپورٽ مرتب ڪرڻ تي محنت ڪندي رهي. هاڻ جڏهن رپورٽ پڌري ٿي آهي ته ڪاميٽيءَ جي ڪل ڪائنات پيئي چوي ته، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير (سنڌ پنجاب تڪرار وارين صدين تي محيط اڻ نبيريل ڳالهين جي تناظر ۾) ناجائز آهي. پر اشفاق محمود پيو چوي ته، نه نه...ڪاميٽيءَ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. ڌڻي سائينءَ، سلامت رکي تنوير عباسيءَ جي ڀاءُ کي، جنهن حڪومتي ترجمان جي غلط بيانيءَ کي ٿڏي تي غلط قرار ڏنو ۽ چئي ڏنائين ته اسان تي پرايا خيال مسلط نه ڪريو ۽ اها ڳالهه ڪريو، جيڪا اسان ”محنتِ شاقه“ سان مرتب ڪري پيش ڪئي آهي. رپورٽ جي اڃا مس به ڪا نه سڪي هئي ته همراهن اوٽ پٽانگ آکڻ شروع ڪري ڏنو. مٿان وري نثار ميمڻ وارو نهلي تي دهلو به جڳ ٻڌو.

    عبدالله جي ميمڻ جهڙي قابل ڪاموري ۽ سنڌ دوست سنڌيءَ (ڪڇي) جو مائٽ نثار به لک لهي ٿو، جنهن هوڏي هرڻن واري جهاز کي رن وي تي لاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر غلام رحيم ۽ سندس ”سنڌ سرڪار“ به ڪنگري هائوس ۽ پنڊي پوائنٽ کان ڪوهين ڏور هلي ويئي آهي. مطلب ته دهليءَ جي شهزادي ۽ سندس همنوائن سنڌ سرڪار لاءِ به چيو پئي ته اها ڪالاباغ لاءِ ڪنهن به اعتراض جي روادار ناهي رهي. بادشاهن ٻوليو پئي ته چئن ئي صوبن جا وڏا وزير اسان سان سهمت آهن، پر ٻئي ڏينهن ٻن وزيرن (سنڌ-سرحد) ۽ بلوچستان جي ڪابينا قرار ڏنو ته، انهيءَ نڪاح نامي تي اسان جا دستخط آهن ئي ڪو نه! سينيٽ ۽ قومي اسيمبليون به شيخ المشائخ جي مريديءَ مان خوش ناهن. سنڌ سرڪار ته وفاقي سرڪار جي ڇڙي ڇانڊ ترجمان کي ”ڀائو! ڄڀ جهل!!“ جهڙا وضاحتي نوٽ به آڇي چڪي آهي. جيڪي هٿن پيرن جا آڱوٺا هڻي سنڌ کي ضمانتون ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، تن سدورن جو ضمير نثار ميمڻ ۽ عباسي ڪلهوڙي جي رپورٽن کان پوءِ ڪجهه ته جاڳڻ گهرجي ها. ”کهودا پهاڙ، نکلا چوها“ واري رزلٽ ڏسي سندن رت جو دورو تيز ٿي ويو آهي، پر قدرت واري مٿن گنڊا پوري پٺاڻ واري رپ ۽ ڇپ به ڪيرائي ڇڏي آهي. هاڻ همراهن لاءِ ”نه جاءِ رفتن ۽ نه پاءِ ماندن“ واري صورت حال ڪر کڻي سامهون اچي بيٺي آهي. فتح گنڊا پور ”ارسا“ جو 6 سال چيئرمين به رهيو آهي. ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا اڳيان هن جيڪي اعتراف ڪيا آهن، اهي اعتراف تعلق رکن ٿا اي آر ميمڻ جي چيئرمينيءَ واري پيرڊ سان! عبدالرسول ميمڻ الهه لوڪ انسان ۽ آبپاشيءَ جو بين الاقوامي ماهر ۽ ديانتدار انجنيئر هيو. گنڊاپور پختون خواهه جو نمائندو هيو. ميمڻ مرحوم جي ايامڪاريءَ دوران پنجاب پاران سعادت علي ميمبر هيو. 1996ع ۾ سعادت مند پنجابي پُتر کان سواءِ مڙني ميمبرن ڪالاباغ ڊيم رٿا کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. واپڊا جو چيئرمين ”گهوٽ کان ڄاڃي تڪڙا“ جيان پاڻيءَ بابت موشگافيون ۽ مڻ مڻ باتيون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته واپڊا اڄ به ون يونٽ واري ڪرتب جيان لاهور ۾ مقيد آهي. موجوده چيئرمين به لاهور چيمبر آف ڪامرس جو صدر رهيو آهي. لياقت جتوئيءَ کي موصوف لفٽ ئي ڪو نه پيو ڪرائي، نه ته پاڻيءَ بابت اشفاق محمود ۽ طارق حميد بدران ٻيٽو جتوئيءَ جو رهاڪو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق ليڪچرار ئي پروٽوڪول مطابق پڌرايون ڪرڻ جو ”مجاز اول“ آهي، پر صاحب موصوف تي به لڳي ٿو ته سويلين ۽ نان سويلين ڪامورا مسلط آهن. جتوئي صاحب! تون عبدالحميد جو پٽ آهين، جنهن عبدالحميد شهيد ڀٽي کي به سچيون ٻڌايون هيون ۽ مينهن جي چوري ۾ ڪيسن کي به منهن ڏنا هئائين. سندس ضمانت سيد نور احمد شاهه جهڙي بهادر مئجسٽريٽ قبول ڪئي ته هنڱوري ڳوٺ جو اهو سيد سڳورو ۽ ڪٽ مست ڪامورو ممتاز ڀٽي جي عتاب جو شڪار ٿيو. وڏو ڀٽو به مٿس ڏمريو هو. لياقت سائين! تون ته شينهن مڙس ٿو سڏائين، ڪجهه ته ٿري سماٽ جي واهر ڪر. ڇاڪاڻ ته غلام رحيم کي ٿهيم ۽ مهر ڇڏي چڪا آهن. باقي مرڪزي ڪابينا ۾ ”توانا پاڪستان“ جا خواب ڏسندڙ سنڌ جو نمائيندو تون آهين. چئي ڏي، ته نثار ميمڻ ۽ عباسيءَ وارين ڪاميٽين جي رپورٽن کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم لاءِ تر جيتري به گنجائش ڪا نه بچي آهي. اهو به وڏي واڪ چئو ته واپڊا جو چيئرمين ۽ وزارت جو سيڪريٽري منهنجي موڪل کان سواءِ ”پاڻي وزارت“ جو مقدمو لڙي رهيا آهن!

    لياقت سائين! طارق حميد ۽ اشفاق محمود بظاهر ته تنهنجا ماتحت آهن. جيڪڏهن تنهنجا پاور ”ٽيڪ اوور“ ڪري ڦُريا اٿن ته تون به مڙس ٿي سامهون اچ! ميمڻ ۽ عباسي به ته تاريخ ٺاهي ويا آهن، تون ته پوءِ به متحرڪ سياست جو حصو آهين. فتح خان گنڊاپور جا انڪشاف به طارق ۽ اشفاق اينڊ سنز لاءِ ”تازيانهءِ عبرت“ بڻجي چڪا آهن. ڇاڪاڻ ته لياقت جتوئيءَ جي وزارت سڳوري ۽ واپڊا جا ريڪارڊ 1996ع واري رڪارڊ کي اڏوهيءَ جيان کائي کپائي ويا. گنڊاپور اصل مسودي جو نقل سنڀالي نه رکي ها ته عبدالرسول ميمڻ مرحوم جو ريڪارڊ ڪير هٿ ڪري ها؟ سنڌي لوڪ ته ليکا چوکا مڪمل ته ڇا، پر نامڪمل به رکي ڪو نه سگهي! گنڊا پور سچ پچ ته دليلن واري ”پچ“ تي لاهوري رانديگرن کي مڪمل طرح سان آئوٽ ڪري چڪو آهي. هاڻي همراهه ”تو مان نه مان، مين تيرا مهمان“ جيان ٻيا رڙيون ڪن ته هاءِ ڙي، اسان جا سنڌي ڀائر آپگهات ڏانهن پيا وڃن. پر حقيقت اها آهي ته دهلي خود ”راڄ گهاٽ“ ڏانهن پنڌ پيئي آهي. شل گاڊسيءَ جهڙن قاتلن کان هر ”گانڌي“ محفوظ رهي.

    ”ضمانتون“ فراهم ڪندڙ ڀلائي سان ٻڌائين ته هڪ پاسي تازو توهان جون پنهنجيون جوڙيل ڪاميٽيون ڪالاباغ کي رد ڪري چڪيون آهن، ڏهاڪو سال اڳ وارو ڪالاباغ کي رد ڪرڻ وارو فيصلو ارسا، واپڊا ۽ لياقت جتوئيءَ جي ”وزارتا“ جي ريڪارڊ مان گم ڪيو ويو آهي ته پوءِ مستقبل بعيد ۽ مستقبل قريب جون توهان پاران فراهم ڪيل ضمانتون جهنگ ۾ ٽنگيل انهيءَ اشتهار جيان ته نه آهن، جنهن اشتهار کي فارملٽي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامورن لٽڪائي ڇڏيو هجي ۽ رسم پوري ڪري، ڳُجهه ڳوهه ۾ ڳرين ڪميشنن جي وصوليءَ جو راهه رستو ڪڍيو هجي. توهان جي معتبريءَ بابت شڪ گمان ڪندڙن جا شل ڪن ٻوڙا ٿين، پر جنهن ٽور سان توهان ملڪي مفادن وارو ناچ نچي رهيا آهيو، اهڙيءَ ناياب پيشڪش لاءِ وري به اڙدوءَ جي ڪهاوت اوڌر وٺي اوهان جي ”خدمت اقدس“۾ پيش ڪجي ٿي ته، ”جنگل مين مور ناچا کس نه ديکها؟“

    سنڌوءَ واري پاڻي تڪرار ۾ بلوچستان ۽ پختون خواهه به برابر جا شريڪ ڪو نه آهن، وفاق جو ته هن مامري ۾ نڪو اچي نڪو وڃي، هيءُ نج ٻن ڀائرن جو ڦڏو آهي ۽ آهي به صدين کان هلندڙ. سنڌ-پنجاب نالي وارا اهي ڀائر جاڙا به آهن، سرائيڪي وسيب ۽ بهاولپور رياست به سنڌ آهي. توهان کي چولستان لاءِ واهه کپن، ريڻي ڪئنال نئين ناري (مکي فرش لنڪ ڪئنال) تي به صالح پٽ کان وٺي جالوءَ جي چئونري تائين توهان کي سمورو ملڪ ”چڪ“ بڻائي اتي چيچاوطني، چڪ جهمرهه ۽ چڪوال لاءِ نئون ”ريچڪ“ رچائڻو آهي. منگلا ۽ تربيلا جي عمر ته پوري ٿئي يا نه البت عالمي دٻاءَ تحت منگلا وارو وڏو ڊيم ”خودمختيار ڪشمير“ ڏانهن هلڻ هارو سُپرين ٿيڻ وارو آهي. ٻگهليار ڊيم به خودمختيار ڪشمير جو اٽوٽ انگ ٿي ويندو ۽ اوهان جا اعتراض پرڏيهي آشيرواد سان مٿان ئي مٿان ختم ٿي بي اثر بڻجي ويندا. اوهان ٻگهليار ۽ منگلا وارن يارن جا خار سنڌي ٻارن مان ڪڍڻ جي پلاننگ ڪري رهيا آهيو. سنڌ طاس اڪارڊ جي ٽن ندين کان پوءِ ٻيو ڪو ڊيم ڦرجي پيو ته سنڌ اوهان سان همدردي ڪري ٿي، البت ”کٽل سيٺ“ جون ضمانتون قبول ڪرڻ جو دنيا ۾ رواج ڪم ڪم رهيو آهي.
    arbabnek@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    کوکرو پار سرحد کلڻ کان پوءِ سنڌ وارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟



    اربع 18 جنوري 2006ع

    هڪ ارب ڏهه ڪروڙ رُپين جي لاڳت سان کوکرو پار- ميرپورخاص جي وچ ۾ ميٽر گيج ريلوي ٽريڪ کي براڊ گيج ۾ بدلائڻ وارو منصوبو خيرن سان پايهءِ- تڪميل تي پهتو. اوهان ريلوي وزير جون خبرون به ٻُڌي چڪا آهيو. مهيني ماسي اندر ٻنهي ملڪن جا فني ماهر رهيل سهيل ڪسرون به ڪڍي ڇڏيندا ۽ چاليهن سالن کان بند اها ”راجا جي ريل“ درد وڇوڙي وارين ڪويل جهڙين ڪُوڪن بدران نون سيٽين ۽ نين انجڻ سان جوڌ پور- ميرپور کي ٻيهر ملائڻ جي مهرباني ڪرڻ واري آهي. ديوار چين کي جن پورهيتن رت ڏنو هو، سندن احوال تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ ٿيل آهي، پر گذريل 9 مهينن دوران انهيءَ ٽريڪ کي تُرت بحال ڪرڻ وارن سوين مزدورن جو پگهر شايد تذڪرن ۽ تحريرن ۾ درج ٿيڻ کان محروم ئي رهندو. ٻيو ته ٺهيو پر اُهي ٽي پورهيت جيڪي هلندڙ ڪم دوران جامِ شهادت نوش ڪري ويا، سندن ياد ۾ ”کوکرو پار“ وٽ ڪو يادگار اڏڻ لاءِ ريلوي کاتو پيش رفت به ڪري ڪو نه سگهندو.

    بي موت مُئا، تولاءِ ڪُٺا،

    انسان هزارين، مان نه رڳو!

    کوکرو پار جي کلڻ سان لکين انسانن جون آسون ۽ اميدون پنيون آهن، ڪن ”خدشاتي“ دوستن جي خد ۽ خال تي اُڀريل لاليءَ به معاشري کي حسين جميل بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي! کوکرو پار رستو کلڻ جي اعلان کان پوءِ سول سوسائٽيءَ جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ماڻهو (واپاري اهميت جي حوالي سان) تازو انهيءَ علائقي مان پير گهمائي ويو آهي اُهو آهي وفاق هاءِ ايوانِ صنعت و تجارت پاڪستان جو صدر چوڌري سعيد! قمر الزمان شاهه کان ويندي مير امانُ الله ٽالپر ۽ رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جهڙا چيمبر آف ايگريڪلچر، سنڌ آبادگار بورڊ ۽ گروئرس گروپن جا اڳواڻ تشريف فرما ٿي ڪو نه سگهيا. ٻئي پاسي ڪن سڄڻن سو رپئي سليا ته ڪريڊٽ ته سڄو سارو پرڏيهي پير صاحب حاصل ڪري رهيو آهي. سندن دليل هيو ته تازو شِو شنڪر مينن مورڙي جي ماڳ ۾ قونصل خاني جو جڏهن جائزو وٺڻ آيو هو تڏهن ”نائون ٻُڙيءَ“ تي قدم رنجه فرمائڻ ضرور سمجهائين! بلاول هائوس کان ويندي ڪنگري هائوس تائين پنڌ ڪو نه ڪيائين! اها خلق ”خيالِ خاطر احباب“ لاءِ انهيءَ راءِ جي آهي ته کوکرو پار جو وڏي ۾ وڏو ڪريڊٽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کي ڏجي ۽ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ”باباءِ کوکرو پار“ جو تاج بعد از مرگ کيس ئي پارائجي، ته بهتر ٿيندو. سندن اهو به خيال آهي ته اُها ميٽر گيج ريل جنهن جو عنقريب ملڪ مان انتقال پُرملال ٿيڻو آهي، اهڙي تاريخي مٽيريل ۽ مواد کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪو ميوزم جوڙيو وڃي ۽ اهڙي آرڪائيوز کي به محمد خان جوڻيجي ڏانهن منسوب ڪجي، جنهن جوڻيجي لاءِ تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائق شيخ الجامعه سنڌيالاجيءَ ۾ ڪارنر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي! جوڻيجو جڏهن ايوب ڪابينا ۾ شهيد ڀٽي سان گڏ ريلوي منسٽر هيو، تڏهن 1966ع ڌاري حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين ريلوي پٽڙيءَ کي ميٽر مان براڊ ۾ تبديل ڪرايو هئائين ۽ جڏهن وزير اعظم بڻيو، تڏهن تُرت اعلان ڪيائين ته کوکرو پار- موڻا2 ٽريڪ کوليان ٿو! ڄام ننگر جا جوڻيجا ۽چٽوڙيءَ جا جوڻيجا هند- سنڌ ۾ ورهايل هوندي به ائين پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن جيئن جنهاڻ جي ابراهيم منشيءَ ۽ واڳڙ جي صادق سومري کي سرحدي لڪيرون ڌار ڪري ڪو نه سگهيون آهن! ٻيو ڪريڊٽ صدر مُشرف کي ڏجي، جنهن اسلام آبادي ”اشرافيه“ کي قائم ڪيو ۽ چنابي چوڌريءَ کان مڃرايو ته جيڪي سهوليتون پنجاب واري بارڊر کان ٻنهي ملڪن جا ماڻهو ماڻي رهيا آهن، ساڳي رعايت ريگستاني ٿر جي راڻن، مورڙي واري ماڳ جي مُهاڻن ۽ سنڌ وطن جي سرويچن کي به مهيا ڪري ڏجي! خدا شل غلام رحيم کي به ايتري مهلت ڏي جو هوءَ به کوکرو پار جي ڊيڊلاڪ کي ٽوڙڻ ۽ ڀُڄ ۽ ٻاهڙ مير ضلعن جي سنڌين کي سنڌ وطن جي ”بادشاهيءَ“ وارو تاج پائي ڪي مبارڪون ڏيئي سگهي! ڀُڄ، ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير جا ضلعي چيئرمين پير پاڳاري جا مريد يا غلام رحيم جا مائٽ هن وقت به راجسٿان جون ڊسٽرڪٽ سرڪارون هلائي رهيا آهن. البت ڪنور نٽور سنگهه کوکروپار- موڻا2 رستو کولرائڻ وارو ڪرڊٽ کڻڻ کان اڳ پرڏيهي وزارت واري اُڏند کٽولي تان اوچتو ڪري، زخمي ٿي چڪو آهي ۽ ست سمونڊ پار وارا ڊاڪٽر کيس اسٽريچر تي کڻائي گهرن ڀيڙو ڪرائي چڪا آهن.

    هندستان مان ٻنهي ملڪن جا ماهر اولڊ هند ۽ سنڌ ۾ اچ وڃ جا مرحلا پار ڪندا. ممڪن آهي ته ممبئي ۽ ڪراچيءَ جا قونصل خانا به ٽرين چالو ٿيڻ کان اڳ کلي ويندا. البت پهرين جنوريءَ کان واعدي مطابق اها ٽرين پنهنجي سروس شروع ٿيڻ کان قاصر رهي، جنهن جي مون اڳ ۾ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي. لڳي ٿو ته ريل 3 2 مارچ تائين هلائي ويندي. هن وقت ڪهڙيون اهم ڳالهيون ٻنهي ملڪن کي حل ڪرڻيون آهن؟

    (1) ٽرين سروس ڪٿان کان شروع ٿيندي ۽ ڪٿي وڃي هڻي هنڌ ڪندي؟ ڪراچيءَ کان جئپور تائين هڪ ئي ڌڪ سان بنان ڪنهن بريڪ جي (سواءِ بارڊرن تي) ريل هلائڻ جو به امڪان آهي. راجسٿان ۽ سنڌ جا گاديءَ وارا هنڌ مٿيان شهر آهن. پر اهڙو فيصلو عوام لاءِ تمام گهڻن مونجهارن ۽ مشقتن کي سامهون آڻيندو. گذريل ٻن سالن کان هندستاني مسافرن سان اها ويڌن پنجاب واري پاسي جاري آهي. سمجهوتا ايڪسپريس واري ٽرين ۽ پڻ لاهور- دهلي بس سروس اوڀر پنجاب، هرياڻي ۽ چندي ڳڙهه صوبن وارن ماڻهن کي وڃي دهليءَ ۾ لاهيندي آهي پوءِ ٻيهر اُهي مسافر اباڻن شهرن ڏانهن ٻانهون ورڻ تي مجبور ٿيندا آهن. لاهور (پاڪستان) خوش قسمت شهر آهي، جنهن جو آخري اسٽاپ وارو شهر انٽرنيشنل بائونڊريءَ کان فقط پندرهن ڪلو ميٽرن جي مسافت تي موجود آهي. پاڪستان ايندڙن کي به ملتان ۾ بسون، ريلون اچي سٽين ها ته کين به اُها ئي تڪليف ڏسڻو پوي ها، جيڪا وقت پراڻي اوڀر پنجاب واسين کي هن وقت ڀوڳڻي پئجي رهي آهي. مون لکيو هو ته کوکرو پار- موڻا2 لاءِ مناسب ايئن پيو نظر اچي ته جيڪڏهن هند ۾ گڍڙو سٽي، ٻاهڙ مير ۽ جوڌپور کي اسٽاپن لاءِ تجويز ڪيو وڃي ۽ اها ريل حيدرآباد مان جوڌپور تائين هلائي وڃي ته سٺي ڳالهه ليکي ويندي. ڇا ڪاڻ ته راجا جي ريل هڪ صدي اڳ انهن ئي شهرن لاءِ اپ ڊائون جا پنڌ ڪندي هُئي. پر تازي خبر اها آهي ته ريل اجمير شريف تائين ويندي، جيڪا اڃا به سٺي ڳالهه ٿي. سنڌ ۾ ڇوڙ ڇانوڻي ۽ ميرپور خاص شهرن کي (حيدرآباد سميت اسٽاپن لاءِ تجويز ڪيو وڃي، ڇا ڪاڻ ته ضلعي عمرڪوٽ، ضلعي حيدرآباد ۽ ضلعي ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ اسٽيشن تي ريل بيهڻ سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ٻئي پاسي هندستان بيڪانير، فيروزپور، امرت سر، جيسلمير، ٻاهڙمير، جوڌپور ۽ ڪڇ جي ڀُڄ ضلعن ۾ پاڪستاني پاسپورٽ هولڊرز کي سنڌ ۽ پنجاب سان مُلحق گجراتي راجسٿاني ضلعن ۾ تشريف فرما ٿيڻ تي بندشون لڳائي ويٺو آهي. هند سرڪار کي به پاڪستان جيان پنهنجو ظرف ڪشادو ڪرڻ گهرجي ۽ سرحدي ضلعن ۾ قانوني دستاويز سان ايندڙن لاءِ لڳايل پابنديون لاهڻ جي مهرباني ڪرڻ جو فيصلو ترت ڪري ڇڏجي ته جيئن جمهوريت جي ”ماڊل مُلڪ“ واري هام کي حقيقت جو ويس پائڻ جو اعزاز ملي سگهي.

    (2) سمجهوتا ايڪسپريس جو نالو مضحڪه خيز آهي. ميان مير سيوهاڻيءَ جهڙي بزرگ يا ”هڙاپا“ جي تهذيبي ماڳ پويان ريلوي جو نالو رکيو وڃي ها ته بهتر هيو، پر هاڻ هند- سنڌ جي وچ ۾ شروع ٿيندڙ ريل سروس تي ”سنڌڙي ايڪسپريس“ جو نالو رکڻ بهتر رهندو. موهن جو دڙو ايڪسپريس به مناسب نالو ٿي پيو سگهي. ڇاڪاڻ ته راجسٿان، گجرات ۽ سنڌ جون هاڻوڪيون صوبائي شناختون ڪنهن زماني ۾ هڪ ئي سڃاڻپ رکنديون هيون ۽ اهو تعارف هيو، ”سنڌڙيءَ“ جي نالي وارو ۽ موهن جي دڙي واري تهذيب جو!

    (3) وينڊنگ ڪانٽريڪٽريءَ کان وٺي ايف آءِ اي، ڪسٽم، اميگريشن ۽ ريلوي (پوليس ۽ ٻُهار ماسيا وغيره) ۾ پنج 6 سئو کن آساميون پيدا ٿيون آهن. ”مناسب مطالبو“ ڪهڙو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اهي سموريون ننڍڙيون نوڪريون ۽ ڌنڌا ڌاڙيون اولڊ ٿرپارڪر/ميرپورخاص ڊويزن جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيون وڃن.

    (4) جيئن ته امرت لاءِ ۽ نانڪاڻو صاحب امرت سر لاءِ بسون هلائڻ جو مرحلو عمل ۾ ايندو، تيئن ميرپور، جوڌپور، ننگرپارڪر، ڀُڄ لاءِ بسون هلائڻ لاءِ معاهدا ڪيا وڃن ۽ ريلوي ٽريڪ ۽ روڊن کي عوامي نقل و حمل سان گڏوگڏ وڻج واپار ۽ تجارت لاءِ به کوليو وڃي.

    (5) چولستان ۽ ريگستان وارا سنڌ پنجاب جا ريگستان ۽ گجرات راجستان وارا بيابان هڪ ئي شناخت ۽ ساخت وارا صحرا آهن. انهيءَ ايئرڊزون علائقي جي ڊيولپمنٽ لاءِ ٻنهي ملڪن کي مهارتن جي تبادلي لاءِ به آماده ٿيڻ گهرجي ۽ هاڪڙو/سرسوتي ندين جهڙن زير زمين رُلي ويل درياهن کي دريافت ڪري ايئرڊزون کي ترقيءَ جي جديد معراج تي پهچايو وڃي.

    (6) کوکروپار- ڪراچيءَ لاءِ جُدا جيڪي 3 عدد ايڪسپريس ٽرينون هلائڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي. اهي ايڪسپريس، صوفي صادق ايڪسپريس ۽ مارئي ايڪسپريس جي تهذيبي ۽ تاريخي نالن سان منسوب ڪيون وڃن ته سنڌ واسي سرها ٿيندا.

    (7) وڏي پئماني تي سنڌي سول سوسائٽيءَ پاران ”جشن کوکرو پار“ ملهائڻ لاءِ تياريون ڪرڻ گهرجن ته جيئن پاڻ ڀٽائيءَ جي ڪردارن جي تلاش ۾ کمڀات، راءِ ڏياج/سورٺ، لڊاڻو، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر جهڙن بيشمار ماڳنجي تلاش ۾ مهاراشٽر، سوراشٽر ۽ مارواڙ ڏانهن پنڌ پوڻ لاءِ ”پانڌي“ بڻجي، اولڊ سنڌ ڏانهن رختِ سفر ٻڌون!

    arbabnek@yahoo.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ريل رستي جي شروعات ۽ انڊين وفد جي آمد



    سومر 30 جنوري 2006ع

    مارواڙ ۾ ”کيڪاري“ عام ماڻهن جي استقبال لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته ”جيڪارو“ لقب خاص الخاص دوستن کي آڌر ڀاءُ طور ڏنو ويندو آهي. هندستان مان هڪ سئو هڪ ماڻهن تي مشتمل جيڪو وفد اڄ (30 جنوري) موڻا ٻائوءَ وٽان کوکرو پار واري بين الاقوامي بائونڊريءَ کي ڪراس ڪندو، انهيءَ وفد جي اڳواڻي هندستان جو ليڊر جسونت سنگهه ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيندڙ هن وفد جا ويهارو کن ميمبر سنڌي مسلمان آهن، جيڪي گجرات ۽ راجسٿان پرڳڻن جا قومي ڪارڪن به آهن ته گڏو گڏ مذهبي قيادت جا دعويدار پڻ!

    بي جي پي جو نائب صدر ۽ هندستان جو اڳوڻو پرڏيهي وزير جسونت سنگهه 3 جنوري 1983ع ۾ ڄائو ۽ 1957ع ۾ انڊين آرميءَ ۾ ڪميشنڊ آفيسر ڀرتي ٿيو. سندس ڳوٺ تيماواس ٻاهڙ مير ضلعي ۾ مشهور ثقافتي ماڳ ”بالو تري“ ويجهو آهي. پنچ پاڌارا تعلقي جو اهو ڳوٺ گرام پئنچائيت ميوا نگر جو حصو آهي ۽ ”جسول“ پوسٽ آفيس اٿس. دهليءَ ۾ 15 تين مورتي لين وٽ سندس رهاشي ماڳ آهي. 1980ع کان موصوف سياست جي پُرخار واديءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهي. بي جي پي جي عمر ۽ جسونت جي سياسي ڄمار هڪ جيتري آهي. سنڌ ۾ سندس سڳا ماسات ٺڪر لال جيءَ وارا عمرڪوٽ ۾ رهن ٿا. بيرم خان (خانِ خانان) سندس پسنديده ڪردار آهي ۽ موصوف بيرم خان بابت ڪتاب به لکيو آهي. هن وقت جناح صاحب تي ڪتاب لکي رهيو آهي. جناح صاحب آڏواڻيءَ کان ويندي ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن جو دلچسپ موضوع ان ڪري به آهي، ڇاڪاڻ ته عام طرح سان انڊين نيشنل ڪانگريس جناح کي ناپسنديده قرار ڏي ٿي. پليجي صاحب کي به ته جناح صاحب سان سرس دلچسپي ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد وٽ هن لاءِ مارڪون موزون ڪو نه جو هيون! جسونت بي جي پي جي نو منتخب صدر راڄ ناٿ سنگهه کان تجربي ۾ ۽ پڻ عمر ۾ به وڏو آهي، پر هن خوش اسلوبيءَ سان لال ڪرشن آڏواڻيءَ جي جاءِ تي ناٿ کي اڳواڻ قبول ڪيو آهي. واجپائي ۽ اڏواڻيءَ کي ته پاڪستان سان پيار ڀريا تعلق ۽ جناح صاحب بابت ڪلماتِ خير ڳچيءَ ۾ پئجي ويا، پر سندن سرهاڻي شوچ ننڍي کنڊ جي امن لاءِ البت ڪي جهنگ ۽ ٻيلا ضرور ساڙيا آهن!

    چون ٿا ته انهيءَ امن پلان جو جوڙيندڙ ”جسونت سنگهه“ آهي. چئبو ته راڄ ناٿ کي به سندس صلاحون ڪم ڏينديون ۽ موصوف امن قافلي جو اڳواڻ بڻجي جناح جي تربت کان ويندي سيوهڻ شريف ۽ هنگلاج ياترا کان به بهره ور ٿيندو. هن وقت سنڌ مان اجمير شريف ڏانهن بس سروس هلائڻ لاءِ هند- پاڪ سرڪارون سوچي رهيون آهن تڏهن شريف اجمير جي ميو ڪاليج مان سائنس گريجوئيٽ بڻجندڙ جسونت بابت توهان کي وڌيڪ احوال به فراهم ڪرڻ مناسب رهندو. قنڌار ايئرپورٽ تي جسونت مسعود اظهر ۽ سندس همنوا ”طالبان“ حوالي ڪرڻ آيو هو، تڏهن موصوف کي ”جيڪارو“ عبدالرحمان سنڌي ڏنو هو، جيڪو ٻاهڙ مير جي مٺڙي ۽ گڏيسر ڳوٺن ۾ ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا واسطا رکي ٿو. سماٽ قبيلي جو اهو فقير هن وقت صدر ڪراچيءَ ۾ مهاجر مڪي مسجد جو متولي آهي ۽ ڪيفي اسٽوڊنٽس لڳ سندس روحاني مرڪز به قائم آهي. بي جي پي مئنارٽي ونگ راجسٿان جو صوبائي سربراهه مولوي تاج محمد آريسر آهي، جنهن کي جسونت سنگهه جو رائيٽ هينڊ چيو ويندو آهي. شيرِ راجسٿان مولوي شير محمد آريسر راجسٿان صوبائي حڪومت جو مذهبي مامرن بابت مشير به جسونت سنگهه مقرر ڪرايو آهي. ديرادون انڊين ملٽري اڪيڊميءَ جي تربيت يافته هن سوڍي سپوت جون سنڌي مسلمانن سان محبتون ناقابل بيان آهن.

    منهنجي سوٽ آدم سبوجهاڻي سندس پٽ ڪنور منويندر سنگهه کي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو. عبدالهادي سمون ۽ امين نهڙي صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي هارائي ويا هئا. آدم انهيءَ هار جو ڏوهاري ڪرنل سونا رام جاٽ کي قرار ڏنو هو. قوميءَ جون چونڊون ڪرنل جاٽ ۽ منويندر سنگهه آمهان سامهان وڙهيا. آدم ٻنهي تڪن جي مسلم ووٽرز کي ورغلائي ويو ۽ هادي سمي ۽ امين نهڙيءَ جو انتقام سونا رام کي شڪست ڏيئي ورتائين! جسونت سنگهه خالصتان جي نالي سان سکن واري تحريڪ دوران مرڪزي سرڪار جي صوبائي حقن واري ڪاميٽيءَ جو به سربراهه رهيو آهي. ماحوليات ۽ ٻيلن جي حفاظت وارا ادارا به سندس سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندا رهيا آهن. ڊفينس ۽ فنائنس منسٽريون به ڪاميابيءَ سان هلائيندو رهيو آهي، پر سندس اصل شهرت پرڏيهي امور ۾ ڪامياب سفارتڪار واري آهي. ڏهاڪو کن ڪتابن جو به مصنف آهي. هندستان جو دفاع، قومي سلامتيءَ کي درپيش چئلينج، ٻاهڙ مير جي تاريخ (ڊسٽرڪٽ ڊائريءَ جي نالي سان بيرم خان جي سوانح عمري: هنديءَ ۾)، سينٽرل ايشيا جو سفر ۽ جناح هڪ مطالعو هڪ جائزو (زير ترتيب) جهڙا ڪتاب سندس تصنيفي ذوق جي نشاندهيءَ لاءِ مارڪيٽ ۾ موجود آهن. انرجي ۽ آئي ٽيءَ ۾ هندستان کي جيڪي بلند پروازيون نصيب ٿيون آهن، تن سربلندين ۾ ٺڪر سردار سنگهه جي هن ڪنور پٽ جون ڪامياب ڪوششون به شامل آهن. مادام ڪنوار ٻائي سا جو پٽ ۽ شريمتي سيتل ڪماريءَ جو شوهر نامدار انٽرنيشل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز لنڊن جهڙن انيڪ بين الاقوامي ادارن جو به مهندار آهي.

    سندس وفد سنڌ ۾ انهيءَ رستي سان داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو رستو سفري حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن وقت تائين قانوني روپ ڌاري ڪو نه سگهيو آهي. پر پرويز مشرف جي خاص موڪل سان امن قافلو سنڌ - هند سرحد تان جيپن وسيلي انٽرنيشنل بائونڊري ڪراس ڪري رهيو آهي. ساڳي رعايت اندرا گانڌي 1972ع جي آخر ۾ تڏهن ڏني هئي، جڏهن شهيد ڀٽي سنڌ- راجسٿان سرحدن تي 1971ع واريءَ لڙائيءَ دوران ٿيندڙ ناخوش گوار حادثن جا اثر زائل ڪرڻ لاءِ امن قافلو راجسٿان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. جسونت تڏهن فوجي ڪمانڊر هيو، پر امن قافلي جو سربراهه به سندس ويجهو عزيز راڻو چندر سنگهه هيو. مير علي بخش ٽالپر، پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ عبدالڪريم پلي انهيءَ امن وفد جا سرڪرده ليڊر هيا. هندستان لڏي ويل ٿرپارڪر ضلعي لوڪل بورڊ جو اڳوڻو سربراهه لڇمڻ سنگهه ٺڪر ”ڇهٽڻ“ شهر ۾ سندن شاندار استقبال لاءِ موجود هيو.

    جسونت امن مشن ۾ منهنجو سئوٽ شير محمد نهڙي ۽ ماسات ايڊووڪيٽ فتح محمد راهمون به شامل آهن. ملتان، هالا، پير ڳوٺ، ڪامارو شريف، ملان ڪاتيار، جهوڪ شريف ۽ ٻين فقيري ماڳن ۽ مڪانن جا مريد به سنڌ ڀيٽڻ لا اڄ سنڌ ۾ موجود آهن. ستن ڏينهن جو سندن هيءَ سفر هند-سنڌ جي وچ ۾ ممڪن آهي ته ڪافي ساريون دوريون قربتن ۾ تبديل ڪرائڻ جو ڪارڻ بڻجي وڃي ۽ پوءِ پاڻ به هنگلاجي سامين کي ”سچا“ قرار ڏيئو ڇڏيون!!!

    arbabnek@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ”جوڌپور“ ۽ ٿر ايڪسپريس



    جمع 17 فيبروري 2006ع

    ”جوڌپور“ اڄڪلهه سلمان خان پاران ڪيل ڪارن هرڻن جي شڪار جي ڪري شهرت رکي ٿو. وسنوئي مسلڪ وارا ڪاري هرڻ کي ”ٻائو“ ڪري پوڄين ٿا، ۽ سلمان کي به وسنوئين پيرا کڻي جهلايو هو. موصوف جوڌپور ۾ عدالتي شنوايون ڀوڳي ڀوڳي اچي ڪڪ ٿيو آهي ۽ چئي پيو ته يا ”ترم“ حوالي ڪرايو، نه ته مهرباني ڪري منهنجو پنڌ کٽايو، نه ته آپگهات ڪندس. ساڳي جوڌپور لاءِ ڪراچيءَ جهڙي سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ کان ”ٿر ايڪسپريس“ جو اُسهڻ، جوڌا ٻائيءَ جي شهر لاءِ شهرت جا نوان سائن بورڊ آويزان ڪري رهيو آهي. موڻا 2 ، جيسينڏر، ليلمو، تاملور، گڍڙا روڊ، گهاگهريو، رامسر، کڙين، ڀاچٻر، جسائي، آنتي مالاڻي، ٻاهڙ مير (ضلعي هيڊ ڪوارٽر هوندي به هند ۾ ”ٿر ايڪسپريس“ کي هتي اسٽاپ ڪرڻ جي اجازت ناهي) اُٿر لائي، واڻيا ڌورو، بائتو، سمندڙي، بالوترو، لوڻي جنڪشن (هتان هڪڙي ريل گجرات لاءِ جالور، ڀينمال، ڌانيراءِ، جالهور کان ٿيندي پالڻ پور پهچندي، اُتان وايا هاريج، پالڻ پور کان ڀڄ ڏانهن رخ ڪندي ۽ ٻي ٽرين ڪانٽو مٽائيندي ۽ سڌي ٽريڪ تي ڏيسا کان ٿيندي احمد آباد گجرات جي گاديءَ واري هنڌ ڏانهن رُخ رکندي) مٿاريون، ڀٽون، ڏهر، ترايون، ٽوڀا ۽ اِڌ کڙ پاساڙا متاثر ڪندي، اها ٿر ايڪسپريس هند-سنڌ سرحد کان چار سئو ڪلوميٽرن جو پنڌ پڄائي آخري منزل تي جوڌپور رسندي. سنڌ ۾ ته ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن کان پوءِ ميرپورخاص تي لهڻ نصيب ٿيندو. جوڌپور کي نئون کنڊيءَ جو ناٿ به چيو ويندو آهي، ايئن، جيئن عمرڪوٽ کي نائون ڪوٽي مارواڙ جو تيلاٽ به تسليم ڪيو ويو آهي. راڻن ۽ راڻين جو اهو ديس ڦرون، ڌاڙا ۽ چورا ڪاريءَ جي حوالي سان به مشهور رهيو آهي. چنبل نديءَ جي پاڻيءَ جي سُتي به ان ڪري ڏيندا آهن، ته جيئن نئون ڄاول ٻار جوڌو جوان ۽ ڪاٽڪو پٽ ثابت ٿئي! جوڌپور جي راڻي جون ”راجا ريل“ جاري ڪرائڻ ۾ ڪهڙيون مفاداتي مصلحتون هيون؟ وارو سوال اتي ٿا کٽايون ته موصوف ”ڇپني“ ڏڪار وارن ڏينهن ۾ (اها ريل چئن سالن ۾ ٺهي راس ٿي هئي) ماڻهن کي مصروف رکڻ، سنڌوءَ جو جل پيئڻ ۽ ناري جي ساريال سان سندس راڄواڙي کي مستفيد ڪرڻ لاءِ هي ميٽر گيج ٽرين سوا سئو سال اڳ هلرائي هئي. هند ۾ ”ٿر“ نالي بدران ”مارواڙ وارو ريگستان“ وڌيڪ مشهور آهي، پر شابس آهي سرڪار کي، جنهن ”ٿر ايڪسپريس“ ذريعي سنڌ جي صحرا جو نام نامي اسم گرامي چتر پيلس واري اميد سنگهه درٻار جي قلعي تائين چمڪائي ڇڏيو آهي. راجسٿان جو آءِ جي پوليس حاجي مراد علي ابڙو به ٻاهڙ مير ضلعي جو رهاڪو آهي. ابڙن جي طاقت اوهان ڏٺي، پر جسونت سنگهه به چاليهن سالن کان پوءِ سنڌ جي وڏ ي وزير جي مائٽ حاجي واحد ڏني کي جالوءَ جي چئونري وٽ سڃاڻي ورتو! نه جسونت سنگهه، موڻا 2 تان ماڻهن کي لهڻ چڙهڻ جي موڪل وٺرائي ڏيڻ جي قابل آهي ۽ نه وري سنڌ جو سماٽي سرواڻ کوکرو پار يا زيرو پوائنٽ تي ساڳيون سهولتون ڏيارڻ جي طاقت رکي ٿو.

    چڱو هلون ٿا جوڌپور، جتان جي مها راجا ريل جا ته ڪي تذڪرا اوهان به ٻڌا هوندا، پر ڪجهه ذڪر ِخير جوڌن جو ٿي وڃي. اميد سنگهه شينهن جو شڪار ڪندي اجل جو شڪار ٿيو هو! سندس ڀاءُ پرتاب سنگهه رياست جو عام مختار بڻيو، پر نالو وري به هڙمت سنگهه جو قائم رکيائين، جيڪو اميد سنگهه جو ڪنور هو. بائونڊري ڪميشن جڏهن ريڊ ڪلف ايوارڊ لاءِ نوان ليڪا پئي پاتا، تڏهن هڙمت سنگهه پاڻ تخت تي هو. جوڌپور جي هن راڻي وائسراءِ هند کي لکيو ته، ”جيئن ته اسان جون تهذيبي ۽ تجارتي ياريون باشيون سنڌ ۾ صدين کان قائم آهن، تنهن ڪري سنڌ جيڪڏهن پاڪستان کي قبول ڪري ٿي ته پوءِ اسان جي به مرضي اها آهي، جيڪا مهراڻ ماٿريءَ وارن جي مرضي آهي! هڙمت سنگهه ورهاڱي کان ترت پوءِ هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ هلاڪ ٿيو. ننڍي کنڊ جي مزاج مطابق سندس حاثي جو الزام آل انڊيا نيشنل ڪانگريس تي لڳو. جسونت سنگهه کي سياست ۾ هڙمت سنگهه آندو هو. هڙمت سنگهه زبيده تي عاشق ٿيو. ”زبيده فلم“ ۾ اها ڪهاڻي نهايت سوز ۽ گداز سان بيان ٿيل آهي. هونئن ته ”مغل اعظم“ کي هاڻ پاڪستان ۾ ڏسڻ لاءِ ڪنهن لڪ لڪوٽيءَ جي ضرورت ناهي، پر ڪنهن کي خبر آهي ته اداڪار پرٿوي راج، انهيءَ فلم جو مک ماڻهو، آخرڪار ڇو چريو ٿي ويو؟ هن کي جئپور رياست جي راڻن وارا اصلوڪا ويس وڳا ۽ هيرا موتي پارايا ويا هئا. اڪبر بادشاهه جو ڪردار ادا ڪندي ريهرسل دوران موصوف کي ٻارنهن ٻارنهن ڀيرا اُٿڪ ويهڪ ڪرائي ويندي هئي. جڏهن نج نبار انداز سان جلال الدين بڻجي هو نمودار ٿيندو هو، ته کيس به ”اڪبر دي گريٽ“ واريون عادتون پنهنجي وجود ۾ حلول ڪندي نظر اينديون هيون! چتر پيلس، جتي مسلمانن لاءِ به عيد ميلا، عيد معراج، عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ تي خاص ميڙا منعقد ٿيندا هئا، هاڻ اتي فائيو اسٽار هوٽل آهي. مها راجا جو اهو قلعو گجندر سنگهه، ٽريڊ ڪلچر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. شاهي خاندان جو هاڻوڪو وارث اعليٰ به موصوف پاڻ آهي. پر سميل پور آٻو مائونٽ ڏانهن اڏايل سندس ”ڪيٽي“ به ڏسڻ وٽان آهي. جنوائي ڊيم جوڙائي هن جهنگل ۾ جيڪي منگل ڪيا آهن، اهڙا ڦڙتيلا قدم قلات، بهاولپور ۽ خيرپور ميرس جا نواب کڻي ڪو نه سگهيا، نتيجي طور سندن حالت ”قابل ديد“ بڻجي چڪي آهي. گجندر سنگهه ٻڌائي ٿو ته، ”جڏهن 1948ع ۾ پنڊت جواهر لال نهرو راڄواڙن تي عتاب بڻجي ڪريو هو، تڏهن آئون صغير هئس پر 1956ع ۾ هندستان سرڪار اسان کي ملندڙ رائلٽي ختم ڪئي ته پوءِ اسان جا دماغ ٺڪاڻي لڳا ۽ اسان ڌنڌي ڪاروبار ڏانهن مُتوجهه ٿياسين.“ گجندر سنگهه وارا هن وقت انهن ستن لاڏائو قبيلن کي ٿانيڪو بنائڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهن، جن ايراول هلز جي هنج ۾ موجود چتوڙ گڍ جي راڻي مهاراجا پرتاب سنگهه جي موت تي گهر تڙ اڏڻ کان نابري واري هئي. گجندر جو ڪاروبار ٽاٽا برلا سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ”ٽوٽو بنا“ زبيده مان پيدا ٿيو هو، گجندر سان به گهٽ ٺهندو هو. مرار جي ڏيسائيءَ جي دور ۾ اندرا جو لخت جگر سنجي گانڌي گرفتار ٿيو، ته سندس ضمانت ٽوٽو بنا ۽ ڀورجي ٺڪر ڏني هئي. بني ميان کي هڙمت سنگهه جي ميراث واري تڪرار ۾ گهوٽو ڏنو ويو ۽ ڀورجي بچي ويو، سندس وڏو وينجهراج سنگهه ٺڪر ”حويليءَ“ جو راڻو هو، جنهن لاءِ ڇوڙ اسٽيشن تي مهارا جوڌپور جي موڪليل اسپيشل بوگي ٽي ٽي ڏينهن بيٺل رهندي هئي. ڀورجي، وينجهراج مان آهي. رائوٽي مهاراجا سان حويليءَ وارن جون رت ڀائيءَ واريون رشتيداريون آهن. اڄ اهو ئي وينجهراج سنگهه جو خاندان سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته کين سندن اباڻن پڊن تي اوڏڪو ڪوٽ اڏڻ جي اجازت به ناهي، پر هو ”مِٺي به ماٺ، ته مُٺي به ماٺ“ تي عمل پيرا آهن. راڻو چندر سنگهه سٺ سال آزمائش ۾ رهيو، هن وقت جئپور ۾ زندگيءَ جا پڇاڙڪا پهر مهاراڻي لڪشمي ٻائيءَ (جيڪا سندس سس هئي) جي اوتاري ۾ گذاري رهيو آهي. فالج به ٿيل اٿس، ته ڳالهائي به جهيڻو ٿو. نه ته ڪڏهن اهڙو به سمو اکڙين پسيو پئي، جڏهن جاگير ۾ موصوف کي وندرائڻ لاءِ مڱڻهار فقير جهونگاريندا پيا هئا:

    گهنگهور گهٽا سي مور ڇپي نهين،

    تري ڇپي نهين، باگ اٺايا،

    چنچل نار ڪي چال ڇپي نهين،

    سورج ڇپي نهين بادل ڇايا،

    رڻ کيتر ۾ رجپوت ڇپي نهين

    ڏاتار ڇپي نهين، گهر منگت آيا.

    ***********

    موران نان ميهه نه وسري، منگت نان ڏاتار،

    ماهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀتورا!

    راجسٿان، سنڌ ۽ گجرات جا ماڻهو اسلام آباد ۽ دهليءَ ۾ ويزائن لاءِ ڌڪا ٿاٻا پيا کائين. ڪراچيءَ ۽ ممبئيءَ ۾ ويزا آفيسون کلي به ويون، تڏهن به انهيءَ رولاڪي سان لکين ڍاٽيئڙا لهولهان ٿيندا رهندا. ٻئي پاسي تازو حڪمرانن جي اصل موڪل سان جسونت سنگهه پنهنجين ذاتي گاڏين کي به سنڌ بلوچستان جي روڊن تي روان دوان رکڻ ۾ ڪامياب ويو. صرف راجسٿان جون اهي 2 گاڏيون ڇو؟ سنڌ ۽ هند مان هزارين گاڏين لاءِ به گنجائش ڪڍجي ته آسمان ڪو نه ڪري پوندو. جسونت جيان ٻين کي به راهداريءَ جون سهولتون فراهم ڪبيون ته اربع خطا ڪا نه ٿي ويندي، پر ٻنهي پاسن جا همراهه اهي ڳالهيون هضم نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته عوام کي رعايتون فراهم ڪرڻ هو سکيا ئي ناهن. ٻنهي پاسن ٻاٻيها ساٺيڪو سال ڪٽي آيا آهن، اڳتي جي خبر آگي کي!!

    جوڌپور جي راجائن جو تربيت يافته جسونت سنگهه جڏهن هن عاجز جي اڱڻ تي تازو پير گهمائڻ آيو، تڏهن جيتيي مڱڻهار کيس کيڪارڻ لاءِ هيءَ ڏور ڏنو:

    راٺوڙي ڏيواڻ، جس ليئو جسول ڌڻي،

    هند پاڪ هيڪ ڪيا، پنجابي پٺاڻ،

    سوڀا پوري سنڌ ۾، انجسي گڍ امراڻ!

    پر هند پاڪ واري دلي اڃان گهڻي ڏور آهي، اٺ گهوڙا به اڀرا آهن، تنهن هوندي به اُميدن تي دنيا قائم آهي.

    ٿر ايڪسپريس ۾، ڪن خيال ڪيو آهي ته، ”مقولات تصوف سنڌي“ جي جوڙيندڙ فقير ابراهيم ساند (حليم باغي جو ڏاڏو) جي مزار تي ”شوِ ڪوٽڙو“ هلنداسين، ڪن ارادا ڪيا آهن ته اجمير شريف اسهبو. انا ساگر تلاءُ به معين الدين چشتيءَ جي ڪرامت جو چٽو ثبوت فراهم ڪرڻ لاءِ اڄ به موجود آهي. عيدل ۽ سائينداد پٿوري ۽ ناري جا نواب هئا، تن اجمير ۾ مسافر خانو به اڏايو هو ته، ”رئيس المهاجرين“ بئرسٽر جان محمد جوڻيجو به اجمير ۾ محوِ استراحت آهي.

    مُلئون جن لئه ماندو، ا تن کيآندو،

    ٿي هڪدم هيڪاندو، ٿو نيڪو نهاري!!

    arbabnek@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ”رني ڪوٽ“ کي ديسي شناخت ڏجي يا بديسي؟


    خميس 4 جنوري 2007 ع

    اهرامِ مصر ۽ ابوالهول جهڙيون دُنيا جون بيشمار انساني تخليقون به ”عجوبهءِ روزگار“ اڏاوتون ليکيون وڃن ٿيون. موهن جي دڙي جي قدامت ۽ رني ڪوٽ جي اڏاوت به سنڌ لاءِ ”ماٿي جو جهومر“ آهي، پر اسان وٽ عالمي ليول تي پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڌُڪن مٿي ڌُڪا اهڙا هڻجن، جن ڏٽن مٿي ڏٽن وسيلي هر قابل ذڪر ڪارنامي کي ”بديسين“ سان سلهاڙي اهو باور ڪرائجي ته سنڌ وطن ۾ ڪاهلن، نالائقن ۽ دُنيا جي انتهائي لاعلم حضراتن جو ”حاضر اسٽاڪ“ هميشه کان موجود رهيو آهي. عمرڪوٽ کان رني ڪوٽ تائين تازو ڪي ريگستاني ڪوهستاني ڪوهسارن کان ٿي آيا. رني ڪوٽ ماني کائڻ وياسين! ايئن به چئي پيا سگهو، ڇاڪاڻ ته ”دانشور مخلوق“ مان جنهن فردِ واحد کي دال روٽي نصيب ٿي، انهيءَ جو ڊوميسائيل ”ٿر“ جو هيو. ڊاڪٽر مبارڪ جي هڪڙي جملي سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو ته، ”سڪندر اعظم يا اڪبر اعظم کي ”دي گريٽ“ تسليم ڪرڻ لاءِ آئون تيار ڪو نه آهيان.“ پروفيسر ڳالهه ته واهه جي ڪئي البته پليجو صاحب هجي ها ته پنهنجي ”ليڊر اعظم“ لاءِ ضرور سوال اُٿاري ها. پنڊال ۾ سڀ ”اسمِ اعظم“ جا قائل نظر پئي آيا. ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جهڙي عالم فاضل جو پٽ هن ”نيشنل سيمينار“ جو ميزبان هيو، پر والد جهڙي ڪا محققانه ۽ ميڄالي کي ڀنواٽيون ڏياريندڙ تحقيق پيش ڪري ڪو نه سگهيو. گهوٽ راجا ته ڪرنل عبدالرشيد جا چاليهه سال اڳ ڇپيل ليک انگريزي ۽ اڙدوءَ ۾ پنهنجي نالي سان ڇاپرائڻ ۾ ڪامياب ويو. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ سندس نالي سان جيڪي ”سنڌيڪاريون“ ٿيون، اهي هوبهو شمس الدين عرساڻيءَ جون ڪيل ڪمائيون هيون. ديوارِ چين لاءِ هيترا مزور ”دفن“ ٿيا. جيسلمير جو قلعو فلاڻن ڪاريگرن جوڙيو ۽ مک مستريءَ جون آڱريون ڪپيون ويون، ٻيهر ڪنهن راجا مهاراجا جي ڪوٽ جي اڏاوت ۽ اُڻت ۾ ڪاريگري نه ڏيکاري سگهڻ خاطر!

    تاج محل جا رازا فلاڻا هئا. اهرامِ مصر کي اسڪندريه جي اوسي پاسي وارن اوڏن اڏيو، پر سنڌي محقق فتويٰ صادر فرمائيندا ته تغلق خاندان هيئن ڪيو، لوڌين هي ڪارناما سر انجام ڏنا، ارغونن هي ڦاڙها ماريا ۽ ترخانن فلاڻا کيپ کٽيا. سمن سومرن، سوڍن، ڪلهوڙن ۽ ٻروچن جي دورن کي گهٽ ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آهي، ۽ رني ڪوٽ لاءِ به اُها ئي گوهر افشاني گوش گذار ڪئي ويئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاءِ چيو ويو ته پاڻ ناچاڪ آهن. سندس ”رهاڻ هيرن کاڻ“ مان استعفادو ڪيوسين ته موصوف وري هن قلعي کي ٽالپور دور جو ڪارنامو قرار ڏنو. سندس دليل ته طويل آهن، پر ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق غلام علي ”مائل“ نالي واري شاعر جي ”قطعه تاريخ“ تي وڌيڪ ڀاڙي ٿي. ”علي آباد“ نالي واري انهيءَ قلعي لاءِ مائل صاحب خامه فرسائي فرمائي اٿن:

    سال شروع اين علي آباد نام حصن،

    بهرِ نشانِ نام شهانِ نڪو شعار،

    فرمود بامراد جنين صَبحدم خرد،

    ڪرد از ڪرم، ڪرمِ علي آباد اين حصار،

    گُفت سال از ستائيش هاتف،

    علي آباد بهه متين حصن است!

    انهيءَ ”مائلي“ محنت سان پڌرو ٿيو ته قلعي جي اڏاوت جو ڪم 5 1 8 1 ع ۾ شروع ٿيو ۽ 9 1 8 1 ۾ جڙي راس ٿيو. نواب ولي محمد لغاري انهيءَ نيڪي ۾ مهنداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. ٻيو دليل انگريزن جي رپورٽ جي آڌار تي آهي، جيڪا رپورٽ انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾ اڄ به محفوظ ٿيل موجود آهي. ايڇ ڊبليو پريڊي 5 4 8 1 ع ڌاري ڪراچي جو ڪليڪٽر هيو. هن گورنر سر چارلس نيپئر ڏانهن لکيو ته: هن ڪوٽ (رني ڪوٽ) ۾ ٽي مضبوط قلعا آهن. ميرن جي رهائش وارو قلعو ”ميري ڪوٽ“ فوجي ڇانوڻيءَ وارو قلعو ”شير ڳڙهه“ ۽ اولهه پاسي حفاظت لاءِ ”زور ڳڙهه“ نالا اٿن. قلعي جي اوڀر طرف ست مضبوط برج آهن، جيڪي مين گيٽ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿا. پريڊي قلعي جي ڊيگهه ويڪر لاءِ لکي ٿو ته: قلعي جي اولهندي دروازي کان اڀرندين گيٽ ڏانهن ”نئين“ جي ڪنڌيءَ سان هلبو ته چئن ميلن جيترو پنڌ ٿيندو، اتران شير ڳڙهه کان وٺي ”شاهه پير“ واري ڏاکڻين دروازي تائين مفاصلو ميلن جو آهي. هُن رني ڪوٽ جي ”شاهي قلعي“ جا چورس ميلن وارا تناسب به ڏنا آهن ته اهو به لکيو آهي ته، هي ڪارنامو مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي جي حڪم تي پايهءِ تڪميل تي پهتو. ”ديوارِ سنڌ“ جي معمارن بابت وڌيڪ لکي ٿو ته، ست مهندار هن ڪم جا مدار المهام (اڳواڻ) هئا. نواب ولي محمد خان لغاري، بهادر کوکر، درياءُ خان ٺوڙهو، نور شاهه، غلام الله لغاري، سومار جاکرو ۽ دريا خان نظاماڻي. درياءَ خان الهندي پاسي وارن مورچن جي اڏاوت پنهنجي نگراني ۾ ڪرائي. سومار جاکرو جيسلميري ڪاريگر هو. هن شاهه پير گيٽ ۽ ڏاکڻي ڀت جي اوساري ۾ هٿ ونڊايو. غلام ا لله جي ٻانهين نئين جي کاٻي پاسي آهي، سا نواب غلام ا لله خان لغاري جي اڏايل آهي ۽ نواب صاحب اڀرندي پاسي وارا موچارا به موزون ڪيا. ”نور شاهه جي ٻانهين“ ۽ نئين جي ساڄي پاسي ۽ شاهي قلعي جي اوڀر وارا مورچا سيد سڳوري جي ڪاريگري جا اهڃاڻ آهن. زور ڳڙهه ”ٺوڙهي ٽالپر“ جو مرهون منت آهي. بهادر کوکر ولي محمد خان لغاري جو رائيٽ هينڊ هو. ا لله خير صلاح! ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي رهاڻ جو تت اوهان نظر نواز ڪيو، ڇا خيال آهي، انهيءَ مونجهاري بابت، اوهان ملوڪ ماڻهن جون ثابتيون ته ٺهڪي اچن پيون، پر شل سنڌ کي سماٽ، ٻروچ سرد جنگ کان ڪا دير پا آجائپ ترت نصيب ٿيئي.

    ڪراچيءَ کي قلات کان واپس وٺڻ جو ڪريڊٽ به ته ٽالپرن لاءِ درج ٿيل آهي. راجپوتاڻي ۽ سنڌ جون حدون به ته ميرن چٽيون ڪيون هيون. البت ريڊ ڪلف ايوارڊ وارن بائونڊري ڪميشن جي نالي ۾ ڪي دنگ ۽ دڙيون جوڌپور کي عنايت ڪري ڇڏيون. جديد سنڌ جي سولائيزيشن جن ”پور ۽ ٽنڊن“ جي نالي سان متعارف ٿيل آهي. اهي شهدادپور، ميرپور، خيرپور، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو محمد خان وغيره به ته ميرن جي کاتي ۾ ٿا وڃن. پ پ کي به ته سنڌ ۾ مير برادران متعارف ڪرايو هو. شهيد گرهوڙيءَ جو به ته گولو ۽ غلام مير رامڻ هو. رني ڪوٽ لاءِ اوڻيهه ڪروڙ رپيا بجيٽ هن وقت موجود آهي. صرف ديوارن جي مرمت کي ملحوظ خاطر نه رکجي ۽ انهيءَ قدامت کي جدت ۾ تبديل ڪندي ساڳين پئسن مان هيٺين رٿن ۽ تجويزن آڌار ڪي ”عوام دوست“ ڪم به ٿي سگهن ٿا. (1 ) رني ڪوٽ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪري سگهجي ٿو. (2 ) انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي يونيورسٽي جوڙي سگهجي ٿي. (3 ) سنڌ ۽ بلوچستان بارڊر لاءِ مقرر ڪيل پوليس فورس جو هيڊ ڪوارٽر به قائم ڪري سگهجي ٿو. (4 ) مخصوص بيمارين جي علاج واري اسپتال به اڏي پيئي سگهجي. (5 ) زيبسٽ، همدرد، اسريٰ، بقائي ۽ ٻين معروف پرائيويٽ سيڪٽر وارن ادارن جي سهڪار سان وقت جي تقاضائن مطابق ڌار ڌار ٽيڪنولاجيز جا پنج کن ادارا به کولي سگهجن ٿا. جدت ۽ قدامت وارو اهو ”سنگم“ ڪيئن رهندو؟

    arbabnek@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پاڪ-افغان تعلقات ۽ سرحد تي بارودي سرنگهن وارو تڪرار!



    جمع 12 جنوري 2007ع

    2400 ڪلوميٽرن وارو ”ڊيورند لائين“ جي نالي سان مشهور پاڪ-افغان دنگ دڙو هن وقت عالمي سطح جو اشو بڻيل آهي. ٽه ڌريون جوائنٽ ڪميشنون، لويه جرڳا ته ڇا، پر ڪرزئي-شوڪت مذاڪراتي ڪوششون به هن بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ڪو نه سگهيون آهن. اڌ ڪروڙ ”لالا“ گذريل پنجويهن سالن کان اسلام آباد سلطنت جا اڻ دعوتيا مهمان بڻيل آهن. سوويت يونين جي ڪابل ياترا کان پوءِ ته ٽيهارو لک کن پٺاڻ پرلوڪ پڌاري چڪا آهن. ڪي جي بي ۽ سي آئي اي جي وچ ۾ سينڊ وچ بڻيل اهي سخت جان سونهارا هن وقت اسلام آباد تي تمام گهڻا ڏمريل نظر اچي رهيا آهن. ڪرزئي-شوڪت مشترڪه پريس ڪانفرنس ۾ حامد جو چهرو جگجيت سنگهه اروڙا سان مشابهت جا مظهر پسائي رهيو هو ۽ ”مُنڊيو سيالڪوٽيو“ امير عبدالله خان نيازيءَ وارا ڏيک ڏيئي رهيو هو. شاعر مشرق جو ڳوٺائي ڪرزئيءَ کي چئي رهيو هو ته توهان جا ٽيهارو لک توپچي ”فنافي الڪوهه“ ڪرائڻ ۾ اسان جو به هٿ هو، پر هاڻ ماضي ته مُنير نيازيءَ جي انهن سٽن جو عڪس بڻجي چڪي آهي ته،

    ڪس دا دوش سي، ڪس دا نئين سي؟

    ايهه گلان هُڻ ڪرڻ ديان نئين،

    ويلي لنگهه گئي توبهان والي،

    هُڻ راتان هوڪي ڀرڻ ديان نئين،

    جو هويا اسي هوڻا اي سي،

    هوڻي ڪدي روڪي رُڪدي نئين،

    هڪ وار جو شروع هو جاوي،

    گل مُنير ايوين مڪدي نئين!

    ڪرزئي وري زيب النساءَ مخفيءَ جو سهارو وٺندي نظر آيو.

    بلبل از گل بگذرد، در چمن بيند مرا،

    بُت پرستي ڪي ڪند، گر برهمن بيند مرا!

    اسان لالا حُسن ۾ ايترا ته لاثاني هياسين جو ڀانڀڻ به اسان کي ڏسي بُتن جي پرستش کان منهن موڙي ويندو هو، پر اوهان ته ”چمن“ واري چئوسول تي به ”نادرا بائيو ميٽرڪ سسٽم“ نصب ڪري اسان جي ”نسواري آزادي“ به مقيد ڪري رهيا آهيو ته ٻئي پاسي ”ڊيورنڊ لائين“ جي متنازعه سرحد پٽيءَ تي اٽڪل سان مستقل سرحد واري مرحلي کي تڪميل تائين رسائڻ جي به اوهان کي ڏاڍي تڪڙ آهي. مطلب ته ڪابل ۾ شوڪت عزيز جو اهڙو ”سواگت“ ڪو نه ٿيو، جهڙو ڪنهن چيف آف نيشن جو ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد عالمي سامراج جي ٽيڪر تي ڪابل کي ڪالوني سمجهندو رهيو آهي، پر هاڻ:

    واري صورتحال سامهون اچي چڪي آهي. گڏيل قومن ۽ دُنيا جي يورپي يونين سميت اڪثر ملڪن به ”ڊيورنڊ لائين“ کي مستقل بارڊر ۾ بدلائڻ خلاف چپ چوريا آهن ته ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان هڪ ڏينهن بيان ڏنو ته جيڪڏهن پاڪستان سرحدي لائين تي خاردار تارون ۽ بارودي سرنگهون وڇائڻ جو فيصلو ڪيو ته افغانستان ”ڊيورنڊ لائين“ جي پراڻي ڪيس کي عالمي عدالت ۾ کڻي ويندو ۽ پاڪستان لاءِ ڏکيائون پيش اچي سگهن ٿيون. اپوزيشن اڳواڻ جي انهيءَ بيان کان ترت پوءِ ڪابل سرڪار تحرڪ ورتو ۽ هن عالمي عدالت کان ويندي سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي ٻين فورمن وٽ پنهنجا اعتراضات ۽ تحفظات ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. اسلام آباد سال کن اڳ فيصلو ڪيو هو ته ملڪ ۾ موجود افغاني عوام جي رجسٽريشن ڪبي ۽ رجسٽريشن جي دائري ۾ پاڻ کي نه آڻيندڙ ڏوهاري ليکيا ويندا. جي او آر ڪالوني حيدرآباد واري ٿڌي سڙڪ تي اهڙو بورڊ به نصب ٿيل آهي، پر بورڊ جي سامهون آفيسر ڪالوني جو پٺاڻ چوڪيدار ۽ مسجد جي خطيب وچ ۾ ملان عمر ۽ احمد شاهه مسعود جي موضوع تي طويل بحث ٿي رهيو هو. سنڌي لاڙ واسي عبدالواحد آريسر واريءَ مادر علميءَ مفتاح العلوم ۾ موقوف اليه جا ڪتاب پڙهي ٿو. هنن سٽن جو راقم به اهو منظر ڏسي ٿو. پٺاڻ ڪرزئي لڳو پيو هو ۽ لاڙي مولويءَ جي حالت شوڪت عزيز جو عڪس پسائي رهي هئي. ڪابل -اسلام آباد تڪرار ننگر پارڪر، قرهيو ڀانڊاري ۽ اگهاماڻي تائين اچي پهتا آهن. ڇا لاءِ؟ ڳالهه اوهان به سمجهي ويا هوندا. پٺاڻ هر چئوڪ ۽ چئوسول تي سنڌ سڳوريءَ ۾ به موجود آهي. باچا خان چوڪ ۽ بدين بس اسٽاپ تي ڇا، پر ڪراچيءَ ۾ شاهي سيد وارن لويه جرڳي جو اهتمام فرمائي ”صبحِ بنارس ۽ شام اوڌ“ وارن سريلن راڳين جي راڳڻي بند ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ هاڻ يو پي، سي پيءَ کان وڌيڪ افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان وارين شناختن سان مالا مال ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ واسي ”لالا! مال خلاص“ جيان کيسا خالي مست موالي بڻجي ٽيڙو ۽ هائيڪي تي بحث فرمائي رهيا آهن. ڌنڌا ڌاڙيون ڪرت ڪاروبار ۽ روڊ رستا لالن حوالي ڪري همراهه ڀڳت ڪبير جي صرف هڪڙي سٽ تي اڪتفا ڪريو چلم ڇڪيو ڊگهي سوڙ تاڻي سمهي چڪا آهن. ڪبير جهڙن ته جڳ ۾ جاندار جياپي جو به سبق ڏنو آهي، پر پاڻ:

    من مايا ڪي موهه ۾، لڀا رهي دن رات،

    توڪيا ڄاڻي لوڀيا! پريم نگر ڪي بات!

    پٺاڻ ايشيا جي اها ”مخلوق“ آهي، جيڪا جاگرافيڪل بيهڪن کي ڪک پن بڻائي دهلي ۽ داغستان کي لطيف آباد ۽ قاسم آباد محسوس ڪندو آهي. انهيءَ پٺاڻ کي طور خم ۽ چمن واري بارڊر تي قيد ڪرڻ وارو سودو ظاهر ڳالهه آهي ته سمجهه کان ٻاهر سودو ئي شمار ٿيندو. ڊيورنڊ انگريز جي قبر مولانا فضل الرحمان جي اباڻي ماڳ ڊيري اسماعيل خان واري چرچ جي احاطي ۾ موجود آهي. ڪئنٽونمينٽ ايريا وارو اهو علائقو ”روز هوٽل“ جي هنج ۾ اچي ٿو. امير عبدالرحمان خان جي حڪومتي دور ۾ 2 9 8 1 ع ڌاري ”ڊيورنڊ لائين“ جي نالي سان اها ڪنٽرول لائين هڪ سئو سالن لاءِ جڙي هئي. معاهدو برٽش، انڊيا ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيو هو. افغانستان جي تاريخ ۾ امير عبدالرحمان خان کي انگريز جو ايجنٽ ليکيو ويندو آهي. نتيجي طور افغان عوام جي”جمهور“ وٽ اها بائونڊري ناقابل قبول آهي. اين ڊبليو ايف پي، مولانا شيرانيءَ ۽ محمود اچڪزئيءَ وارو بلوچستاني پختون بيلٽ ميان والي، بکر، خوشاب، چڪوال ۽ اٽڪ ضلعن واري پنجاب جي پٽيءَ کي پٺاڻ اڄ به ”پختونستان“ سمجهن ٿا.

    تازو جيڪا درخواست عالمي ادارن ڏانهن افغانستان پاران اُماڻي ويئي آهي، انهيءَ اپيل واري بنڊل ۾ تاريخي دستاويز به منسلڪ ڪيا اٿن ۽ سموري ڳالهه کي هن ريت کولي کولي پڌرو ڪيو اٿن ته، ”جيئن ته سئو سالن لاءِ امير عبدالرحمان خان سان پوليٽيڪل ايجنٽ اين ڊبليو ايف پي مسٽر ڊيورنڊ جيڪو ٺاهه ڪيو هيو، اهو ٺاهه به عوامي حمايت کان محروم ۽ جبر واري داٻي ۽ دهشت سان ڪرايو ويو هو، پر ان ٺاهه جو ميعادي عرصو 1992ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي. اسان جي ۽ دهليءَ جي وچ ۾ اهو ٺاهه ٿيو هو. دهليءَ تان برطانوي سج ان وچ ۾ لهي ويو ۽ اسان کي نئين ملڪ پاڪستان سان مامرو نبيرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو، پر پاڪستان کي افغانستان ڳپل وقت تائين تسليم ڪو نه ڪيو. ويندي 1947ع . 30.9واري اجلاس ۾ افغانستان پاڪستان کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻجڻ کان جهلڻ جي ڪئي، پوءِ تڏهوڪي گورنر جنرل محمد علي جناح اسان جون ڪي ڳجهيون، ڪي اوپن تسليم ڪيائون. ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان کان ويندي فاٽا ۽ ٽرائيبل ايجنسيز وارا سمورا علائقا ”آزاد قبائل“ جي اختيار ۾ ڏنا ويا هئا. نتيجي طور افغانستان 1947ع .20.10 تي گڏيل قومن جي ميمبرشپ لاءِ پاڪستان خلاف ڏنل راءِ واپس ورتي هئي. جناح جي لاڏاڻي کان پوءِ پاڪستان اسان سان ڪيل ڳجها ۽ چٽا انجام پاڙڻ ۾ ڪن لاٽاري انداز اختيار ڪيو. وزيرستان ۽ قبابلي افغانستان وارن شديد احتجاج ڪيو ۽ 1950ع.19.1 تي ڊيورنڊ لائين جي هن ڀر پاڪستان جي والاريل افغانستاني پٽيءَ جي پٺاڻن ”آزاد پختونستان“ حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پختونستان اسيمبلي ”عبوري ڪابينا ۾ خُدائي خدمت گارن وارو سرخ پرچم به مشتهر ڪري ڇڏيائون. کين ظاهر شاهه بادشاهه طرفان چيو ويو ته جيو پوليٽيڪل صورتحال تحت توهان ٿڌا ٿيو اسان ڳالهيون ڪري پاڪستان کان اوهان جا پرابلم حل ڪرائي ڏينداسين. ”پختونستان“ وارن کي ڏهاڪو سالن جي مذاڪراتي عمل جي طوالت تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر نيٺا نيٺ سردار دائود ۽ حسين شهيد سهرورديءَ هٿان جڏهن تڪڙا تڪڙا پرائيم منسٽر سطح جا مذاڪراتي عمل جاري ٿيا ته ڪجهه ڪجهه اُميدن ۽ آسرن واري بهار خوشبو ڏيڻ لڳي. ٻنهي ملڪي سربراهن 1957ع 23.6 تي ڪابل ۾ نئين معاهدي کي منظور ڪيو. اڃا هوائي رابطا مس بحال ٿيا ته پاڪستان مارشلا جي ور چڙهي ويو. سهروردي شهيد جي موڪل ٿي ۽ جنرل ايوب خان اسان کي تنگ ڪندو رهيو. اسان به 1960ع ۾ باجوڙي پٺاڻن جي سهڪار لاءِ فورسز موڪلي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اسان جون اپيلون اڻ ٻڌل رهيل آهن. هاڻ مهرباني ڪري اسان جو ارضياتي علائقو اسان کي واگذار ڪرائي ڏيو....!“

    ڏيو منهن! قاضي حسين احمد، مولانا فضل الرحمان، اجمل خٽڪ، اسفند يار وليءَ کان ويندي مولوي سميع الحق اڪوڙي خٽڪ واري تائين پٺاڻ ليڊرشپ خاردار تارن جي مخالفت ۾ اسلام آباد بدران ڪابل سان گڏ آهي. پاڪ-افغان ميراٿن ريس ”نصف صدي ڪا قصه هي، دو چار برس ڪي بات نهين“ افغانستان سان پاڪستان جا سفارتي تعلق 1963ع ڌاري شهيد ذلفي بحال ڪرايا هئا. پرڏيهي وزارت جي پڳ تڏهن سر شاهنواز جي لخت جگر جي مٿي تي ”هُما“ پکيءَ جيان ڇپر ڇانءَ بڻيل هئي. رضا شاهه پهلويءَ سان بيگم نصرت ڀٽو جي وساطت وسيلي ڀٽي اها کيپ کٽي هئي. ايران بدلي ۾ بکئي ڏکئي افغانستان لاءِ راهداري مراعاتون به مرحمت فرمايون هيون ته پاڪستان به ڪراچي بندر تان ٽرانزٽ ٽيڪس کان آجو افغان واپار منظور ڪيو هو. ٻيهر وري ڀُٽي تڏهن غلطي ڪئي، جڏهن هن افغانستان جي سهڪار سان ”پختونستان“ واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي! پٺاڻن وٽ مقبول پرڏيهي وزير جڏهن صدر ۽ وزير اعظم بڻيو ته ڪنهن کي لفٽ نه پئي ڪرايائين، ۽ هن بلوچستان واري ”نعپ“ سرڪار غير قانوني طريقي سان ڊسمس ڪري، نعپ تي بندش وڌي ۽ سندس ليڊرشپ کي ولي خان کان وٺي مينگل، بزنجي تائين حيدرآبادي تُرم حوالي ڪيائين. ڊيورنڊ لائين کان هُن پار موجود پٺاڻن سيڪ محسوس ڪيو، ظاهر شاهه برهم ٿيو. شهنشاهه ايران خوش ٿيو، پر راند آمريڪي سي آئي جي رچايل هئي. تازو جنهن عبدالرب رسول سياف سان محمد علي دراني نويڪلائيءَ ۾ مذاڪرات ڪري طالبان تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ، حڪمت يار کي سوگهو ڪرڻ ۽ پاڪستان سان وفا ڪرڻ وارا ٽاسڪ ڏيئي آيو آهي، ساڳي سياف، حڪمت يار، عبدالرحيم نيازي، برهان الدين رباني، احمد شاهه مسعود ۽ جلال حقاني وارن کي شهيد ڀٽي ظاهر شاهه خلاف متحرڪ ڪيو هو. کيس ولي خان ۽ مينگل وارن سان ظاهر شاهه جي همدرديءَ جو ٽوڙ انهيءَ ”آتڪ واد ۽ گهُس بيٺ“ ڪلچر ۾ نظر آيو هو. نصير الله بابر ۽ قاضي حسين احمد 1975ع ڌاري لڪ چوريءَ ۾ ڪابل ويندا هئا، ۽ مٿين سڳورن کي ”سلامي“ طور زر ڪثير ڏيئي ايندا هئا. پ پ ۽ جماعت اسلاميءَ جو اهو اشتراڪ عمل پنڊيءَ جو مرهون منت هيو. بابر ۽ ٽڪا خان جهڙا جوان پ پ ۾ هوندي به پنڊيءَ جا پڪا پڪا پورهيت هئا. سنڌي وڏيرو انائن جو شڪار بڻجي افغان عوام سان الجهيو ۽ نقصان ڪرائي ڇڏيائين. سردار دائود وزير اعظم جي حيثيت سان ڪابل مان 1976ع.24.8 تي اسلام آباد آيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ڳالهيون ڪيائين، اسي سيڪڙو مامرا فيصل ٿيا. علامتي طور تي ولي خان وارن جي رهائيءَ جو به هن شرط رکيو هو. دائود چيس ته اسان وٽ بک آهي. ڪرنسي به هڪ ڪنداسين ته ڪنفيڊريشن لاءِ به تيار آهيون. ڊيورنڊ لائين کي مستقل بارڊر بنائڻ جي ضرورت پئي ته ان لاءِ ڪابل ۾ لويه جرڳو ڪوٺائبو، پر سرحدون پاڻ بي معنيٰ بڻائي ڇڏبيون ته پوءِ ڇا جا ليکا چوکا! ڊاڪٽر تنوير احمد خان تڏهن ڪابل ۾ سفير هيو. ٽن مهينن کان پوءِ ڀٽي سان اچي مليو ۽ شڪايت ڪيائين ته ڪيل عهد وفا ڪو نه ٿي سگهيا آهن. وعدي شڪنيءَ تي هو مون کي قيمون بنائڻ لاءِ آتا ويٺا اٿئي. لاڙڪاڻي جي لعل ۽ گوهر ڇا چيو؟ تنوير! آئون ڇا ڪريان، ضياءُ الحق مون کي حيدرآباد ٽربيونل جي خاتمي ۽ ولي خان وارن کي آزاد ڪرڻ کان جهليون بيٺو آهي. فرمائي ٿو ته غدارن کي ڇڏيندين ته نان سولين توکي غدار قرار ڏيئي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪندي... مارشل لا به لاڳو ٿيو، ٽربيونل به ختم ٿيو، ولي خان وارا به آزاد ٿيا، پر اها سوڀ سورهيه سنڌيءَ جي مقدر ۾ شايد لکيل ڪا نه هُئي.

    ڪابل ۽ اسلام آباد ڪوئيٽا-قنڌار ريلوي لائين کان وٺي پشاور-ڪابل ٽريڪ وڇائڻ تائين بي شمار معاهدن ۾ به جڪڙيل آهن، پر خاردار تارن ۽ بارودي سرنگهون وڇائڻ واري مامري ملڪن کي جنهن ”ميراٿن ريس“ حوالي ڪيو آهي. ان ڊوڙ جي نتيجي ۾ افغانستان اندر ”ڪابل ايڪسپريس“ فلم جي نمائش کان ويندي ڪجهه معاملن تي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. حاڪم علي زرداري به ڊيڄاري پيو ته عالمي طاقتن مقامي محسنن جي معاونت سان ملڪ کي سهڻيءَ جيان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. يش چوپڙا ”ڪابل ايڪسپريس“ ۾ ڪاريگريءَ جا سمورا ڪمال ڏيکاري پٺاڻن جا اسلام آباد تان ارواح کڻائي رهيو آهي. سندس فلم ”وير زارا“ به پنڊيءَ لاءِ ”پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا“ جا جهلڪا نروار ڪري رهي آهي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    [​IMG]
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عالمي حالتون ۽ جديد سنڌ لاءِ سياسي ”نو رتن“ جي ضرورت!



    خميس 25 جنوري 2007ع

    جي ايم سيد جي سالگرهه جون خبرون اخبارن ۾ اوهان پڙهيون، هاڻ اچو ته سندس ”ميراث“ جي سٺ سالن واري سياست جو جائزو وٺون، ڇاڪاڻ جو سن جي سائينءَ جي هلچل واري پهرين وڏي وک ممبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ واري قدم سان تعلق رکي ٿي. جيتوڻيڪ موصوف خاڪسار تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ سميت اڻ ڳڻين جماعتن ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو، پر 37 -1936ع وارا سال سندس جولانيءَ واري جوڀن جا سال هئا. سنڌ جي هاڻوڪين اڪثر حالتن جو گهڻو تڻو تعلق به سٺ سال اڳ واري مهم سان جوڙي پيو سگهجي. سن جي ٽن ماڳن وارين مجلسن مان تت، خلاصو يا حاصل ڪلام هٿ ڪندا هلنداسين ته ڳالهه کي سمجهڻ وڌيڪ آسان ٿيندو.

    (1) جلال محمود شاهه واري جلسي جو زور ان ڳالهه تي هيو ته ڪردار کان سواءِ ڪا به سياسي مهم ڪاميابي ماڻي نٿي سگهي. مالي منفعت، ڪوڙ ۽ اخلاق سوز حرڪتن کي سائين ڪڏهن به پسند ڪو نه ڪيو...

    (2) بشير خان واري سياسي برادرين جا سمورا ڏک ڏوراپا اچي آريسر جي احتساب تي ٿي کٽا.

    (3) آريسر جون جملي حسارتون ”جسقم“ جي کڻت خلاف احتجاج تي انحصار ڪري رهيون هيون!

    جلال محمود شاهه جي نئين جماعت تي اڳ ۾ نيشنل فرنٽ وارن اها گرفت ڪئي هئي ته، سندس ”پرچم“ اسان ”خلقي“ خدمت گارن سان هوبهو مشابهت رکي ٿو. انهن شڪايت ڪندي دعويٰ به ڪئي ته اسان جي جماعت ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو جهنڊو ٻئي کي ”اُڀ تائين جهولائڻ“ ڪو نه ڏيندي. يونائيٽيڊ نيشن ۾ سنڌ کي ميمبر بنائڻ جي تمنا رکندڙ يونائيٽيڊ جماعت ۾ پير خليل جان سرهندي کي به مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جنهن جوان جو ڏاڏو پير سائين حسن جان سرهندي سائين جي ايم سيد جو مرشد هيو. سٺ سال اڳ مختيارڪاري ڇڏي فقيري اختيار ڪندڙ مخدوم بصر الدين سيوهاڻيءَ سائينءَ کي ”مريد“ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سيوستاني سائينءَ ۽ ملان ڪاتياري مئيين کان موصوف ايترو ته متاثر هيو جو لکي ٿو ته، سندن ديدن ۾ جيڪي دوناليون فٽ هيون، نينن ۾ اهڙي نياري لقاءَ کي ٻئي ڪنهن هنڌ مون ڪو نه ڏٺو! علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان فڪري فلسفي جون ڦڪيون هن وڏي مقدار ۾ ورتيون هيون. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌوءَ ڪناري سن ۾ ڪنهن ”دارالحڪمت“ اڏڻ جي حسرت به ٻئي جوان دل ئي دل ۾ سانڍي ”سوءِ مرقد، روانا ٿيا.

    هزارون خواهشين ايسي که هر خواهش په دم نکلي

    بهت نکلي ميري ارمان پهر بهي بهت کم نکلي

    پارلياماني سياست ۾ آيل جلال شاهه جو والد سائين امداد شاهه به اليڪشني معرڪا اٽينڊ ڪندو رهيو. ڪنهن به ڪتاب ۾ سن جو سائين مجيد ڪيريي جي ”مرد مجاهد“ تي ارهائي ظاهر ڪندي نظر نٿو اچي. زين العابدين شاهه جو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اسٽيج تي وڏي ڀاءُ سان هم رڪاب ٿي هلڻ به نواڻ ۾ شامل آهي. سائين جي سالگرهه سندس جهوني يار خان عبدالغفار خان جي پسماندگان لاءِ ڪڙي خوشي کڻي آئي آهي. باچا خان جا پوٽا به پارلياماني سياست ۾ سرگرم عمل آهن. اسفند يار ولي نواب آف پشپ حاجي شهاب الدين کي انهيءَ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اميدوار بيهاريو هو، جيڪا باجوڙ تي آمريڪي بمباري خلاف صاحبزادي هارون الرشيد جي احتجاجي استعيفيٰ سان خالي ٿي هئي. ايم ايم اي ضمني چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو، پر قائد ليگ ۽ پ پ جي اميدوارن کي خدائي خدمت گار شڪست ڏئي ويو. شهاب الدين سردار ۽ نواب هيو، غريب غربو ته پارلياماني پاليٽڪس مان پار پوي، کوڙ ئي نٿو لڳي. شايد حرمين شريفين ۾ سندس دعائون اگهاڻيون هجن. مولانا ڪوثر نيازي 1970ع وارين چونڊن دوران تڪ ۾ اچي ڪو نه سگهيو هو، ڇاڪاڻ ته موصوف ”ترم ياترائي” واري سعادت ماڻي رهيو هو. چيف آف پشپ پختون به حج تي ڀلي پار ويل آهي، پويان انتخابي تڪ سندس ڪامدارن سنڀاليو ۽ موصوف هاڻوڪي قومي اسيمبليءَ ۾ واحد رڪن هوندو، جنهن جي پيشانيءَ تي اي اين پي واري مهر لڳل هوندي!

    ڇا سنڌ مان ڪو سردار، ڪو مير ۽ ڪو پير جلال شاهه واري جماعت جي اسٽيج تان ايم اين اي ٿيڻ لاءِ تيار آهي؟ پارٽيءَ جون ٻه ماهي سرگرميون ڪنهن اهڙي ڪونڌر کي عوام آڏو متعارف ڪرائڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويون آهن؟ جواب جي زحمت پڙهندڙ پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کڻن ته چڱو! باچا خاني باقيات اسلام آباد ۽ واشنگٽن سان به سنگت ۾ آهي ته دهليءَ ۾ به کيس دم پٽڻ جو دلاسو ملي ٿو. اسفند ۽ افراسياب اڌ سال اڳ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ آف آمريڪا جا سرڪاري گيسٽ بڻيا هئا. مهينو ماسو سندن تربيت ٿي ۽ ترت پوءِ ڏهاڪو ڏينهن لاءِ ٽي رنگيءَ کي سلامي ڏيڻ خاطر وڃي دهلي وٽ دنگ ڪيائون. من موهن سنگهه سان سندن ملاقات جون تصويري جهلڪيون ايئن پئي لڳيون، ڄڻ ٻن ملڪن جا سربراهه پاڻ ۾ مذاڪرات ڪري رهيا هجن. ڇا سنڌ يونائيٽيڊ وٽ داخلي، خارجي محاذن تي اهڙي دم خم لاءِ ڪا منصوبه بندي آهي؟ الياس بلور باچاخاني باقيات جو ترجمان هوندي وفاق هاءِ ايوان صنعت و تجارت جو مرڪزي صدر به ٿي وڃي ٿو. ڇا ڪنهن جهانگير صديقي، مبين جماڻي ۽ ڏاڏا ڀائيءَ کي اهڙن فورمن تي مقبول بنائڻ لاءِ مهر حسين شاهه جون آمريڪي تجربيڪاريون ڪم ڏئي سگهن ٿيون؟ جلال شاهه ديهي شهري تفريق کي گهٽائي ”وحدت سنڌ“ لاءِ به پاڻ پتوڙڻ جو عزم دهرايو آهي، پر مهينن جي محنت کان پوءِ به سندس جماعت ۾ آغا خاني، بوهري، ڪڇي، ڪاٺيا واڙي، جيسلميري ۽ جهونا ڳڙهي شناختن وارا شهري سنڌ جا صنعتي سورما پنج نمبر وارو چشمو پائڻ کان پوءِ به گهٽ نظر اچن ٿا. دهلي ۽ واشنگٽن جا ته پنڌ ئي پري آهن. کيس نئين تجربي تي مبارڪون ته ڏيئي پيا سگهون، پر سنڌ ۾ نئين سياسي ڪلچر لاءِ هن جمعو جمعو اٺ ڏينهن واري جماعت کي وڌيڪ ”نواڻ“ متعارف ڪرائڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته سياست ۾ سائين جي ايم سيد جا خانداني وارث جلال شاهه بادشاهه ۽ زين العابدين شاهه (امير حيدر شاهه سميت) ئي آهن. زرعي ۽ صنعتي ڪلاسن ۾ ورهايل سنڌ کي ٻه وکون به اجتماعيت ڏانهن مائل ڪري ڏيڻ ۾ يونائيٽيڊ وارا ڪامياب ويا ته سنڌ سندن ٿورا ڪڏهن به وساري ڪو نه سگهندي. حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ ۾ قديم ۽ جديد سنڌين سان ڀرپور رابطو انهيءَ مقصد جي حاصلات لاءِ اهم آهي. پ پ سميت ڪنهن به پاپولر پارٽيءَ سان براهه راست سياسي محاذ آرائي سندن ڪمزور پاڙ واري نئين پارٽيءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. اڳ ئي راءِ عامه ۾ اهي ٻاٻيها ٻول مشهور آهن ته قومپرست ۽ ٻيون قوتون پ پ جي رستا روڪ لاءِ ڌر ڌڻين جون تيار ڪيل ”پلاٽون“ آهن.

    عبدالواحد آريسر تحريري ۽ تقريري ميدان ۾ سائين جي ايم سيد جو شاگرد نظر ايندو رهيو آهي. جسقم ۾ برپا ٿيل اختلاف جي ايم سيد جي سياسي ميراث واري قلبي قرار کي ڦارون ڦارون ڪري رهيو آهي. جسقم عوامي سطح تي مقبول ترين فورم هيو، خدا ڪري ته اڳتي لاءِ به سندس شهرت جا گل نه ڪومائجن، پر جنهن طفلاڻي طريقي سان ڏي جواب ۽ سڻ سوال واري ايڪسرسائيز شروع ٿي آهي، اها انت ڏانهن مڙندي نظر نٿي اچي. ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي نئين سر جيارڻ لاءِ جيڪا خواهش آريسر ظاهر ڪئي هئي، ڇا موصوف انهيءَ محاذ کي متحرڪ ڪري سموري سنڌي ڪلچر مان اخلاقيات ۽ ايمانيات واري کوٽ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائي نٿو سگهي؟ اهڙي ”آس“ آريسر ۾ ئي رکي سگهجي ٿي.

    ٿلهي ليکي سن ۾ ٿيندڙ سالگرهه واريون سرگرميون سنڌ کي نوان سياسي ۽ نظرياتي موضوع عنايت ڪري ويون آهن. اعصاب شڪن ۽ حوصلي افزائي واري تڪ تور به توهان کي ڪرڻي آهي. عالمي حالتون، جنهن جديد سنڌ جي سياسي ”نو رتنن“ کي تلاش ڪري رهيون آهن، اهڙا مرحلا طي ڪرڻ لاءِ وڏي سياسي بصيرت درڪار آهي، پر مايوسي مناسب ناهي!

    arbabnek@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عالمي ”ارادن“ جي ور چڙهيل ڪشمير ۽ مير واعظ جون نيڪ خواهشون!



    جمع 2 فيبروري 2007ع

    ”آئوٽ آف باڪس حل“ وارو نئون اصطلاح استعمال ڪري ڪشمير بابت صدر پرويز مشرف ڏيهه ۽ پرڏيهه ڏانهن نهارڻ جي شروعات ڪئي هئي، کيس ميڊيا جي بين الاقوامي جهان ۾ انهيءَ بسم الله تي لکين شاباسون مليون هيون. پاڪستان سيد علي گيلانيءَ کي ڇڏي عمر فاروق کي انهيءَ ايجنڊا جو پشتيبان بنائڻ پسند ڪيو آهي، جيڪو بهرحال گيلانيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ پاپولر هوندي به نقطهءِ نظر جي حوالي سان ڪافي شاهوڪار لڳي پيو. عبدالغني بٽ ۽ بلال غني لون جي ٽمورتيءَ سان ٽيون ڀيرو اسلام آباد ياترا تي اسان ۽ اوهان کيس فيض جي هن شعر سان کيڪاري نٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ موڪلائي ته سگهون ٿا.



    هيءُ ”مُجاور“ پاڪستان ۾ ”مُجاهدي“ واري شناخت رکندڙ مولانا فضل الرحمان جو خاص الخاص مهمان آهي. قاضي حسين اڄ به سيد علي گيلاني جي رحم ڪرم تي ”ڪشمير“ ڪيس حل ڪرائڻ ۾ مصروف آهي. سري نگر ڏانهن به جماعتِ اسلامي ۽ جي يو آءِ جون نظرون هڪ جهڙيون ڪو نه رهيون آهن. پرناب مکرجي کان ويندي اسلام آباد ۾ هند جو هاءِ ڪمشنر هجي، يا انڊين سرڪار جي آشيرواد سان آيل ”واعظ“ منصوره سان سندن ميل ملاقات به ممڪن ڪا نه رهي آهي. چئبو ته دهلي ۽ سري نگر وارو ”مسلم ڪيس“ اڇري ۽ منصوري کان منتقل ٿي ديري اسماعيل خان ۽ عبدالخيل ڏانهن هليو ويو آهي. ڏهاڪو ڏينهن ”حضرت واعظ“ جي همراهي ۾ ڪشميري ليڊرن جيڪي اکين کي اوجاڳا ڏنا آهن، تن جاڳن ۽ اوجاڳن وارين شبِ بيدارين جا چار اهم عنوان بحث جو موضوع رهيا آهن:

    (1) بارڊرن جي بيخ ڪني.

    (2) ڊي ملٽرائزيشن.

    (3) سيلف گورننس.

    (4) گڏيل ڪنٽرول.

    اصل ڳالهه اها آهي ته مقدمي جا مرڪزي ڪردار اسلام آباد ۽ دهليءَ کان ڪوهين ڏور ويٺا آهن. اهو ”ورلڊ واچوڙو“ واهوندي جون خوشيون مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڳجها ڳالهين ٻولين وارا دور به ڏٺاسين، وفدن جي آوت جاوت به سڻي سين، اعليٰ سطحي مذاڪراتي مرحلا به طئي ٿيا، پر هاٿي ته هنڌان هڪ انچ به چري ناهي سگهيو.



    واري صورتحال به زنگ آلود بڻيل آهي. مکرجي پندرهان ڏينهن اڳ پنڊي مان ٿي ويو آهي، پر ڪابل وڃي چئي پيو ته پاڪستان ”ورلڊ ڌرين“ کي لاجسٽڪ سپورٽ جي نالي ۾ ڏيهه جون اڻ ڏٺيون جايون به الاٽ ڪري چڪو آهي، پر اسان کي افغانستان ايران ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ ريل روڊ ۽ سمنڊ وارا لنگهه ڏيڻ لاءِ به آماده نٿو ٿئي. سٺ سال اڳ ننڍو کنڊ جنهن ايڪسيڊنٽ جو شڪار ٿيو هو، ساٺيڪي ڄمار گذارڻ کان پوءِ به برصغير جي باهمي رقابت رفاقت ۾ تبديل ٿيڻ ڏانهن محو سفر نظر نٿي اچي. عشق ته اڀ ۽ ڌرتيءَ کي هڪڙي ڇال سان هڪ ڪري سگهي ٿو، هي ته ٻه اهڙا ملڪ آهن، جيڪي لکين تهذيبي هڪجهڙائين سان به مالا مال آهن.



    سيد علي گيلاني تي مير واعظ وار ڪندي چيو آهي ته موصوف انڊين آئين تحت حلف کڻي ٽي ڀيرا پارليامينٽ ۾ پڌاريو آهي. سندس پٽ صدر عبدالڪريم جي خاص ڪوٽا تي دهليءَ جي چاڪري ڪري رهيو آهي، پر تهمت اسان تي پيو ڌري ته هي ”را“ جا ايجنٽ آهن. حريت ڪانفرنس جي ٻنهي ڌڙن ته حد ڪري ڇڏي آهي. ڪشميري ڪاڪا پنهنجي پراگندهه مستقبل کي روشن آئندي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪنهن در دانهين؟ سندن”دردان دي ماري دلڙي اداس“ چوي پيئي ته اسان جو علاج انهن وٽ آهي، جنين جا قلب ستل نه هجن. ”آئوٽ آف باڪس حل“ وارن گذريل ويهارو سالن دوران هڪ لک سري نگري رام پورين کي راههِ اجل حوالي ڪري ڇڏيو. ڪير احتساب ڪري انهن محتسبِ وقت منٺارن جو؟ ڪشمير جي لُٽيل صبح جي اداس پاڇن ڏانهن نهاربو ته پنجويهن بهارن لک کن هونهارن جي لاشن جون سوکڙيون آڻڻ سان گڏو گڏ اڪيچار زخمن سان به ته سهڻن ۽ سهڻين جا سينا پروڻ ڪيا آهن. ”يُو ٽرني“ جماعت جنهن اعتماد ۾ ويساهه جون پٽيون پڙهائي رهي آهي، انهن فرمان امروز قسم جي هدايتن تي هڪ لک لاشن جا پسماندگان ايمان ڪيئن ٿا آڻي سگهن؟

    1956ع ڌاري پير علي محمد راشدي سنڌ جي سياستدانن کي چوندو هو ته، ڪشمير جو ڪيس شدت سان کڻڻ گهرجي. سائين جي ايم سيد پارا پڇندا هئا ته هن فارمولي ۾ اوهان ڪهڙي ”حڪمت“ کي اوپن ڪري رهيا آهيو؟ زيرڪ سياستدان چوندو هو ته ڪشمير ڪيس جيترو گهڻو اُڀاربو، تيترو ”ترن تارن“ وارن جي تينوالي ٿيندي ۽ سنڌ جي مٿي تان گناهن جي انهيءَ گانگهي کي لاهڻ ويتر آسان ٿي ويندو. محسن ڀوپالي تازو ”رام“ ڪري ويو آهي. ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ سندس ضرب المثل شعر به پير علي محمد راشدي اسيمبليءَ ۾ پڙهيو هو. اڌ صدي اڳ وارو اهو شعر ڪشميري ڪيس تي هوبهو فٽ بيهي ٿو ۽ چار نقاطي ايجنڊا اوپن ڪندڙن کي به سندن ”ڪچو چٺو“ ڏيکاري رهيو آهي ته،



    صوفي قلندر بخش جو ”سيرِ ڪشمير“ جي يا مسڪين جهان خان کوسي سان تڏهوڪي ڪشميري صدر ڪي ايڇ خورشيد جون خط و ڪتابتي محفلون، مجاهد اول سردار عبدالقيوم سان اصغر مجاهد مهر جون رهاڻيون هُجن، يا کڙي شريف واري شاعرِ عشق ميان محمد بخش جون رچنائون به موجود رهيون آهن. مسڪين جهان خان کوسو مسٽر محمد علي جناح جي سيڪريٽري ۽ آزاد ڪشمير جي صدر ڪي ايڇ خورشيد جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي چوندو هو ته، (اوريجنل لکپڙهون به ڏيکاريندو هو) 1960ع ڌاري پنڊت جواهر لال نهرو ۽ جنرل ايوب خان ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. نهرو شيرِ ڪشمير جي نالي سان مشهور شيخ عبدالله کي ترم مان ڪڍي پاڪستان موڪليو. اهي ٽه ڌريون گڏجاڻيون مير واعظ جيان ڏهاڪو ڏينهن جاري رهيون. ”آتشِ چنار“ ۾ شير ڪشمير به اهي ساروڻيون قلمند ڪري ويو آهي. ڪي ايڇ خورشيد جي يادگيرين واري بوڪ ۾ به اهي باتيون لکيل آهن. شيخ عبدالله ۽ ڪي ايڇ خورشيد جون بند ڪمري ۾ ٿيل ڳالهيون ڪشميري ٻولي ۾ هيون، پر اهي اوپن ٿي ويون ۽ پنڊي وارن جناح مرحوم جي بااعتماد سيڪريٽري کي مظفر آباد جي صدارت تان لاهي ڦٽو ڪيو. هوڏانهن شيخ عبدالله اڃا سري نگر پهتو به ڪو نه هو ته پنڊت جواهر لال جي پرلوڪ پڌارڻ وارو پڌرنامو جاري ٿي ويو. ايوب ۽ نهرو اڌ صدي اڳ پرويز مشرف وارين هاڻوڪين تجويزن تي آمادهه ٿي چڪا هئا، پر ”لبِ بام“ تائين ايندي ايندي اها ڪلالڪي ونڊ ”ورلڊ واچوڙائي“ ڌرين کنڀي ورتي، ايئن جيئن ست سال اڳ ”لاهور معاهدي“ دوران واجپائي ۽ نواز شريف به چپ چپات ۾ ڪشمير ڪيس کي حل ڪري چڪا هئا، پر ”عالمي طاغوت“ کي ننڍي کنڊ جو امن ڀانءِ ڪو نه پيو ۽ هن ”ڪارگلي ڪاريگريون“ ڪرائي دهلي ۽ اسلام آباد کي هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور ڪري ڇڏيو. لداخ، بلتستان، گلگت، ڄمون ۽ ڪشمير ماٿري وارو اهو اڻ نبريل علائقو تاريخ جي ڪتابن ۾ 84471 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. سٺن سالن کان انهيءَ وادي ۾ ”ورلڊ واچوڙا“ ڦيريون پائي رهيا آهن. واشگنٽن ۽ بيجنگ سميت مهاسڀائي سنگت به ميان جي مخلوق کي غير اهم اشو اڀاري ”انالله“ ڪرائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. رضيه کي شودن اچي سوگهو ڪيو آهي، ڇهين پيڙهي بک هڙتالن واري بک کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهي ۽ منير نيازي جا بيت پيئي ٿي جهونگاري ته،



    گرگيلا، پوٺوهارا ۽ لداخي لسانيات ۾ جڪڙيل اتان جا ماڻهو سري نگر، ٻارهان مولا ۽ راولا ڪوٽ کي هڪ ئي رياست سمجهن ٿا. کين ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف ڪشمير“ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه منظور ناهي. سنڌو نديءَ جو مهڙ ٻارهان مولا ڏانهن آهي ۽ منگلا ڊيم راولا ڪوٽي قيد ڪڙن ۾ قابو آهي. وڏي ڳالهه ته يو ايس سي واري مجوزهه رياست جڙي ٿي ته اها مسلم اڪثريتي مملڪت مها سڀائين کي ڪيئن هضم ٿيندي؟ من موهن سنگهه امرتسر، لاهور ۽ ڪابل جا نيراڻا، ٻپهرا ۽ سانجهاندا متعارف ڪرائي رهيو آهي، پر انگريزن به ته اهو ئي مارڳ منتخب ڪيو هو. امرتسر مان سندن فوجون چپلي ڪباب کائڻ لاءِ پشاور ۾ لٿيون ۽ ڪابلي پلاءُ وڃي قنڌار ۾ کاڌائون، پر سندن لاءِ اهو بڙو کانو آخري ڊنر طور کين داد تحسين ڏيندي نظر اچي ٿو.من موهن سنگهي مشير به ڏسن پيا ته ٽيهه لک پٺاڻن جي سينٽرل ايشيا ۾ قرباني کان وٺي هڪ لک ڪشميرين جي سري نگر ۾ سورگ باشي هن خطي ۾ ”غزنوي“ مزاج کي ڪافي حد تائين نئين سر جياري چڪي آهي. انهيءَ خطي ۾ ”سري نگري نئون پاڪستان“ دهليءَ لاءِ ٻيو ڍاڪا ثابت ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان دهلي چين، روس، يورپي يونين ۽ آمريڪا جي آشيرواد سان نئين تهذيبي جنگ ۾ يهودين جي ڀرجهلائيءَ کي ته قبول ڪري سگهي ٿي، پر اسلام آباد اندازِ فڪر کي جون ڪا تون قبولڻ هن لاءِ مشڪل نه، پر ناممڪنآهي. ”ورلڊ واچوڙو“ به دهلي سان دم دلاسي ۾ گڏ آهي. واعظ جون نيڪ خواهشون پنهنجي جاءِ تي، پر پنڊي 1999ع ۾ ”لاهور پيڪٽ“ کي پٺي ڏيئي پنهنجو مقدمو ڪافي حد تائين لولو لنگڙو بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڪارگلي ڪونڌرن جو قصو تمام ٿيڻ ۽ نواز شريف-بينظير جي مشترڪه خود مختار سرڪار جڙڻ کان سواءِ سري نگر ۽ مظفر آباد جا مامرا حل ٿيندي نظر نٿا اچن. ٻنهي ائٽمي طاقتن کي هوڏ تان هٽائڻ لاءِ راءِ عامه جي متحرڪي به ضروري آهي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ننڍي کنڊ جي ”پيس“ ڏانهن پيش رفت ۽ سنڌ- بلوچستان



    اڱارو 6 فيبروري 2007ع

    مولانا ابوالڪلام آزاد جو محبوب ديس برصغير اوچتو هڪڙي نئين ”ملٽري ڪلچر“ کي استقباليا ڏيڻ ۾ لڳي ويو آهي. هندستان جي صدر عبدالڪلام پهرين فيبروري 2007ع تي انڊين آرمي جي ملٽري ۽ پيرا ملٽري فورسز جي چڱن مڙسن کي مانجهاندي تي ايوان صدر ۾ طلب ڪيو. مانجهاندي تائين انڊين ٽاپ موسٽ قيادت ان مامري تي بحث ڪندي رهي ته هندستاني مسلمانن کي ملٽري ۽ پيرا ملٽري فورسز ۾ جيڪا ناڪافي نمائندگي مليل آهي، انهيءَ کي ڪافي ۽ مڪمل بنائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا وڃن؟ نيوي، فضائيه ۽ بري فوجن کان ويندي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي چڱن چوڌرين ظاهر ڪيو ته برٽش انڊين آرمي ايڪٽ ۾ تبديليون ڪيون وڃن ۽ نوان قانون جوڙي ڇاتي، قد ۽ تعليم ۾ رعايت ڏيئي آباديءَ جي تناسب سان مسلمانن کي آرمي ۾ سليڪٽ ڪرڻ جون اٽڪلون اختيار ڪري سگهجن ٿيون. رٿن ۽ تجويزن ۾ اهي به خيال ظاهر ڪيا ويا ته، جيئن ته فورسز جو ڪردار جنگين کان هٽي ڪري هاڻ آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي ملٽري جيان سنئون سڌو نه سهي، البت پس پرده انهن ادارن جو اقتصادي ۽ تجارتي ڪردار به ڪنهن کان ڳجهو ناهي رهيو ته، هن ميدان ۾ به مسلمانن کي پوئتي رکڻ جو ڪو به ظاهري سبب نظر نٿو اچي. دليلن ۾ اهي به ڳالهيون آڏو آيون ته جيئن چين جي پيپلز لبريشن آرمي کان ويندي برما ۽ ٿائلينڊ جي هٿيار بردار جماعت تائين سمورا ملڪ پنهنجين سينائن کي ڇيڪ ڇڏي چڪا آهن، ته اهي سويلين سوداگرن سان سڱ سياپو جوڙي ٻين ملڪن سان وڻج واپار جو ڪرت ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ڪن سينئر جرنيلن اهي رايا به ڏنا ته، جن ماڻهن جي تربيت جنگي بنيادن تي ٿي آهي، انهن کي ٻين ميدانن ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو، ته پوءِ جرمنيءَ واريون ناڪاميون سامهون اينديون. رپورٽ ٿيل خبرن موجب، ان بحث دوران خالصا واپار جا قائل نظر آيا پر گورکا ۽ مرهٽا ڪور ڪمانڊر ”جرمني“ کي وچ ۾ آڻي ٻي راءِ ڏيڻ تي آماده نظر آيا، ۽ عبدالڪلام ٽڪ ٻڌي کين ڏسندو رهيو.

    موصوف گورکن ۽ مرهٽن کي چوڻ لڳو ته، هاڻ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وارا مثال ڪارگر ثابت نٿا ٿي سگهن. جرمنيءَ کي واقعي شڪست ان ڪري آئي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس سولجرن کي ”سوداگر“ بڻايو ويو هو ۽ کانئن دفاعي مهارتون واپاري ڪشش جي ڪري وسري ويون هيون، پر هاڻ اهو دور ناهي رهيو. قومن جا سمورا طبقا ”ٽريڊ ڪلچر“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندا ته ملڪن جو ڏيوالو نڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي هندستان جي صدر عبدالڪلام ترڪيءَ جو مثال ڏنو، جتان جا جانٺا جوان سياست تي تڏهن ڪنٽرول ڪري سگهيا آهن، جڏهن سندن ملڪ جي اقتصاديات جي بهتريءَ ۾ ڪي ڪار هاءِ نمايان سندن هٿان ”سر زد“ ٿيا آهن، نه ته همراهه بيگاني شاديءَ ۾ عبدالله جيان ديوانا نظر اچن ها. عبدالڪلام جي اها به راءِ سامهون آئي ته انڊونيشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ فوجون واپاري سرگرمين ۾ سڌيون شريڪ ڪار رهنديون آيون آهن، ته پوءِ ڀارت پوئتي ڇو رهي؟ ان موقعي تي، رپورٽن موجب، آرمي چيفس ۽ هندستان جي صدر عبدالڪلام گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته، هاڻ ”مها ڀارت“ کي بچائڻ لاءِ ڌرمي سوچ تحت جنگيون پيش نظر رکي نٿيون سگهجن، ته پوءِ سک، هندو ۽ مسلم آبادي کي فوج ۾ سندن حصي پتيءَ جون نوڪريون الاٽ ڪرڻ اشد ضروري آهي. سک ۽ عيسائي فيلڊ مارشلاڪن دور کان”اڳين مورچن“ ۾ موجود رهيا آهن. باقي ميانجي 1857ع کان پوءِ دهليءَ جي ”اُجڙي ديار“ ۾ انگريزن لاءِ قابل ڪشش ڪو نه رهيا هئا، ته پوءِ آخري وائسراءِ هند لارڊ مائونٽ بيٽن جي جگري يار پنڊت جواهر لال نهروءَ کي به ڪهڙي پيئي هئي جو موصوف ”ميانجي“ مخلوق کي انهن جا فطري حق عنايت ڪري. عبدالڪلام جا تازا فيصلا مڙساڻا ليکيا ويندا.

    ڪن سائينءَ جي سنواريل سپوتن جو خيال آهي ته عبدالڪلام نهر والي حويليءَ جي ”نونهال“ جو نقل ڪيو آهي. اڙي بابا! اهو وري ڪيئن؟ ٻڌايائون ته، ”پهلي پاڪستان“ واري ٿيوري ڏيندڙ اهو ”مرد اول“ به ته سٺ سالن واري سفر کان پوءِ وڏا بولڊ فيصلا ڪري چڪو آهي. باباءِ قوم حضرت قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي سٺ سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو پهرو ڏيندڙ پلٽون ”مستورات“ تي مشتمل مقرر ڪئي ويئي آهي. سٺ سالن ۾ پهريون ڀيرو، ڀيرو لال ۽ ڪملا ڪمار ساجن داس جو عزيز ۽ ڇاڇري تعلقي جي مٺڙيو چارڻ ڳوٺ جو هونهار ڌنيش مينگهواڙ آرمي جو ”ڪميشنڊ افسر“ بنايو ويو آهي.

    ساڍي ٻارهين وڳي جن سکن جو دماغ دونهاٽجي ويندو آهي، سٺ سالن کان پوءِ هرچرن سنگهه خالصو پهريون ڀيرو پاڪستان آرمي جو آفيسر سليڪٽ ٿيو آهي. تازو پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ ڌنيش مينگهواڙ ۽ هرچرن سنگهه سک کي وزير اعظم شوڪت عزيز جي تشريف آوري سان سرٽيفڪيٽ ڏياري مشهور ڪيو ويو. هرچرن کي ته اها موڪل به ملي آهي ته هو سکن واري پڳ پائي ملٽري ڊيوٽي سر انجام ڏيئي سگهي ٿو.

    آمريڪي فوج ۾ به ته هڪڙي سنڌي سانگيءَ کي سولجر نه پر آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. چئبو ته عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ ”ملٽري ڪلچر“ جو سنڌي سڳورا به حصو ٿي سگهن ٿا. ستار ڏني سانگيءَ جو ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود آهي. آمريڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙ هن پهرئين ڪونڌر جي شريڪ حيات ڪلثوم ناريجو ۽ ٻارڙا آئرا سانگي ۽ عامر مهراڻ سانگي به ساڻن گڏ لاس اينجلس ۽ ٽيڪساس جي فوجي هيڊ ڪوارٽرن ۾ جڳ جهان کي ڏڪائي ڇڏيندڙ ملڪ جي هوا وٺي رهيا آهن. بين الاقوامي سطح تي کيپ کٽندڙ انهيءَ سانگيءَ جو نالو آهي حنيف بن غلام نبي!

    حنيف، ڌنيش ۽ هرچرن سان گڏ اهي ناريون نام ڪٺيون به لک لهن ٿيون، جيڪي انٽر نيشنل ملٽري ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ سنڌين جون ”سونهان“ بڻيون آهن. ڀارتي صدر کي ڌنيش ۽ هرچرن جي سليڪشن کان هڪ سال پوءِ ”ميانجي“ مخلوق ياد آئي آهي پر ”دير آيد درست آيد“ واري انهيءَ قدم کي ننڍي کنڊ جي آئندي واري اُڻت ۾ ڪليدي ڪردار ضرور ملندو. مينگهواڙ، سک ۽ سانگيءَ جا مثال سنڌ ۽ بلوچستان کي ملٽري ڪلچر سان موافقت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترو آمادو ڪري سگهن ٿا، اهو سوا ڪروڙ جو سوال حل ڪرڻ کان اڳ اچو ته ملٽري جي جديد ڪايا پلٽ ۽ سندن ڪاروباري اهميت کي اُجاگر ڪريون، ته جيئن سنڌ بلوچستان جا بانڪا به انهيءَ سڻڀي گراهه جو ڪو حصو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن.

    پنڊي جي محدود فضا مان جي ايڇ ڪيو اسلام آباد جي آزاد فضا ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. اهو ڊفينس سروسز پلازه 2.4 ارب ڊالرن جي خرچ سان جڙي راس ٿيندو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو فوجي هيڊ ڪوارٽر هوندو. 2450 ايڪڙن تي جڙندڙ انهي ڪامپليڪس جي زمين ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي ڪامران لاشاري مفت ۾ الاٽ ڪئي آهي. هن مرڪز ۾ 6 بيڊ رومز وارا 90 بنگلا، چار بيڊ رومز وارا 300 بنگلا، 14750 لگزري اپارٽمينٽس جوڙبا. ٽي ڍنڍون به جوڙيون وينديون جن لاءِ 45 -45 ايڪڙ زمين رکيل آهي. 12 اسڪول ۽ ٻه ڪاليج به تعمير ٿيندا. جڏهن ته آفيسن لاءِ 200 ايڪڙ زمين مختص ڪئي ويئي آهي.

    هر موسم ۾ سرسبز ۽ شاداب هن اداري جي تجارتي دلچسپين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هر ميدان ۾ ”ڪامياب ۽ ڪامران“ هي کاتو هن وقت ٻه سئو ارب رپين جي حجم وارو اقتصادي سرمايو به سنڀالي ٿو. بئنڪنگ، انشورنس، ليزنگ ۽ ريئل اسٽيٽ کان ويندي پرائيويٽ سيڪيورٽي، ايجوڪيشن، ايئر لائنز، ڪارگو سروسز، گارمينٽس ۽ زرعي ٻج ڀاڻ جهڙين مصنوعاتي سرگرمين ۾ کيس متحرڪ ڏسي سگهجي ٿو. سندس ڪارپوريٽ ايمپائر هڪ سئو کن منصوبن تي مشتمل آهي، جنهن کي فوجي فائونڊيشن، آرمي ويلفيئر ٽرسٽ، بحريه فائونڊيشن ۽ شاهين فائونڊيشن سنڀالين ٿيون. فوجي فائونڊيشن وٽ فوجي شوگر ملون، فوجي ڪامپليڪس، فوجي سيڪيورٽي سروسز، فوجي ميڊيڪل ٽرانسڪرپشن سروسز، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپنيون، ماڙي گيس، فوجي سيمنٽ، فوجي آئل ٽرمينل ۽ ڊسٽريبوشن ڪمپني، فوجي ڪبير والا پاور ڪمپني، بن قاسم فرٽيلائيزر، فائونڊيشن سيڪيورٽيز لميٽڊ، فائونڊيشن يونيورسٽي، فائونڊيشن يونيورسٽي ميڊيڪل ڪاليج، فائونڊيشن انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، فائونڊيشن يونيورسٽي ڪاليج آف آرٽ اينڊ سائنس وغيره. هوڏانهن بيشمار فوجي فائونڊيشن اسپتالون ۽ ميڊيڪل سينٽر به هلن ٿا، جڏهن ته نرسنگ ٽريننگ سينٽر، موبائيل هيلٿ يونٽ، اسٽيٽڪ ڊسپينسريون به متحرڪ آهن.

    فائونڊيشن جا گرلز ۽ بوائز ڪاليج، اسڪول ۽ ٽيڪنيڪل ليبارٽريون ۽ لائبريريون به ”خدمت“ ۾ مصروف آهن. ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرن جو به ڳپل نيٽ ورڪ آهي. شاهين فائونڊيشن جا ڏهه، بحريه فائونڊيشن جا اوڻيهه ۽ آرمي ويلفيئر ٽرسٽ جا ويهارو يونٽ اڃا ڌار آهن. فوجي ”فلاحي“ ادارن کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ نواز شريف هجي يا محترمه بينظير ڀٽو صاحب هجي يا خانصاحب دين محمد جو لخت جگر محمد خان جوڻيجو، اهي سمورا ناميارا سويلين ڊيموڪريسيءَ جا راڻا ۽ راڻيون اسپيشل گرانٽون ڏيندا رهيا آهن ۽ انهن ادارن جا قرض معاف ڪندا رهيا آهن. انهيءَ کاتي وٽ ڊيري فارمز کان ويندي سرن جا بٺا، بس سروسز ۽ رانديڪا ٺاهڻ جهڙا انيڪ پراجيڪٽ سندن زير سايه وڌي ويجهي رهيا آهن. مرڪزي ۽ صوبائي کاتن ۾ هن وقت 300 کان مٿي سربراهه نان سويلين آهن، جن جي ”خوبصورت ڪارڪردگي“ کي ملڪي حالتن مان توهان پاڻ پرکي سگهو ٿا. پئرا ملٽري فورسز ۾ ايف سي، فرنٽيئر فورس، ڪوسٽ گارڊ، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي، پاڪستان رينجرز، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن، نيشنل لاجسٽڪ سيل، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽيز، پاڪستان ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ کان وٺي گولف ڪلب ۽ جاسوسي ٽيپو ڪتن تائين سندن دلچسپيءَ جا سوين ميدان اکين اڳيان آهن. ڪئنٽومنٽ لينڊ ايڊمنسٽريشن ۽ اڪيوزيشن وارا روينيو جا 1937ع ۾ جوڙيل قانون اڄ به ستر سالن جي وقفي کان پوءِ کين صوبن جي زمينن کي پنهنجي لاءِ ڪتب آڻڻ کان روڪي نٿا سگهن. سنڌ اوڻيهه ارب رپيا سٺ سالن کان کانئن گهري پيئي پر سنڌ کي سندن خدمتن جو ”قدر“ ڪرڻ گهرجي. متان اهو سون گهرندي گهرندي مهراڻ ماٿري ڪن ڇنائي ويهي رهي. ايندڙ وقت ۾ جنگين جي جاءِ تي اهي کاتا ڪارپوريٽ جنگ وڙهڻ ڏانهن وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌندا ۽ پوءِ جيڪو نفعو ٿيندو، ان جا سماچار واٽهڙو پيا ڏيندا. اسان جي سنڌ- بلوچستان کي سڪ ڀري صلاح آهي ته اهي ڌنيش ۽ هرچرن سنگهه جي نقش قدم تي هلندي ان ڌارا جو حصو بڻجي، نئين ”ملٽري ڪلچر“ سان ”محبت“ شروع ڪن ۽ پنهنجو حصو پنهنجي وجود جي سلامتيءَ لاءِ سئو سيڪڙو وصول ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت واري ذميداري احسن طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي قابل ٿين.

    arbabnek@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    صوبائي خودمختياري ماڻڻ ۾ سنڌ سرڪار ڪامياب ويندي؟



    خميس 8 فيبروري 2007ع

    صوبائي خودمختياريءَ جو موضوع زير بحث هيو ۽ مهتاب اڪبر راشدي ميزبان هُئي. کيس بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي ”مُهتممي“ ڏيڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڪن ڪُهنه مشق صحافين جو خيال هيو ته سنڌ سرڪار ”ماهتابي مسڪراهٽ“ سان ”مضبوط مرڪز“ جي ڪار پردازن کي سنڌ لاءِ وڌيڪ همدرد بنائڻ واري مهم تي نڪتل آهي. هن کان اڳ اهڙو تجربو ”عابده پروين“ هٿان ته ناڪام ٿي چڪو آهي. گائيڪيءَ جي جهان جي ”اُمِ ڪلثوم“ جنرل ضياءَ جي دور ۾ سنڌ جي ”سفيره“ بڻيل نظر ايندي هُئي. سفارتڪاري ته عابده هن وقت به ترڪ ناهي ڪئي، البته ڊڪٽيٽر کي نهايت خوبصورت ادائيگيءَ سان چئي ڏنائين ته، ”مُنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪو به اعزاز يا اعزازيو ڏيڻ جي زحمت نه ڪجو، البت اوهان کي ”سنڌيئڙن“ جي پارت هُجي!“ محترمه بينظير ڀٽو، محترمه بيگم اشرف عباسي، بيگم نصرت ڀٽو، عابده پروين ۽ مهتاب راشدي جهڙيون لاڙڪاڻي جون مايون مهراڻ ماٿري جي ماٿي جو جهومر آهن. ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان لاڙڪاڻي سان سيباڻي جون اهي مستورات سنڌ جي زخمن لاءِ مرهم تلاش ڪنديون رهيون آهن. مهتاب کي به چوڏهين آگسٽ تي ريٽائر ٿيڻو آهي ۽ صوبائي خودمختياري جو سُٽ به سٺ سالن کان سلجهي ڪو نه سگهيو آهي. سٺ سال کان پوءِ ”ساٺي ٻُڌ ناٺي“ جا مرحلا به سنڌي چوڻين مطابق سنڌ کي درپيش آهن. مهتاب جي ريٽائرمنٽ وارو نوٽيفڪيشن ”بدر النساءِ راشدي“ جي نالي سان نڪرندو، ”زيب النساءِ مخفي“ جي وزن تي برابر بيهندڙ اهو صيغو به صوبائي خودمختياريءَ کي سنئين واٽ تي آڻي نه سگهيو ته پوءِ سنڌ وٽ ٻيو ڪو نڪو آهي نهلو ۽ نڪو دهلو!

    دهلي کي جنم ڀومي واري شناخت ڏيندڙ جنرل ضياءَ جو جاءِ نشين عابده جيان بدر النساءِ جي محنتن کي اوترو ئي مان ڏيندو، يا منجهانئس ڪنهن موچارائپ جي ”هل من مزيد“ اميد ڪري سگهجي ٿي؟ سنڌ سرڪار مهتابي محنتن سان جيڪو صوبي جي حقن وارو ڪيس تيار ڪيو آهي، انهيءَ مقدمي لاءِ ”تُغلق هائوس“ جا دفتر استعمال ٿيا آهن. پهرين ته خود سنڌ سرڪار ٻڌائي ته هو سنڌ سيڪريٽريٽ کي ”تُغلق هائوس“ جي شناخت ڇا لاءِ ڏي پئي؟ فيروز شاهه تغلق دهلي جو هيرو هجي به کڻي، پر سنڌ جي تاريخ سان فيروز شاهي ڳانڍاپو ”نوشهري فيروز“ وارو ته جڙي پيو سگهي. البت دهلي جي فيروز شاهيءَ سان سنڌ جو نڪو اچي نڪو وڃي. ٻي ڳالهه اها ته سنڌ سيڪريٽريٽ ڪمال اتاترڪ روڊ تي واقع آهي. اتاترڪ ترڪي ٻولي ۾ ٻانگون ڏياريون هجن، يا موصوف نهر والي حويلي جو کڻي هيرو به آهي. البت سنڌ وطن جو”دارالحڪومت“ تُرڪي واري شناخت رکڻ جو آخر روادار ڇو هئڻ گهرجي؟ ٽين ڳالهه اها ته سنڌ جو ڪيس جنهن گادي واري سامونڊي شهر مان تيار ڪيو ويوآهي، انهيءَ ساحل تي به ته هندي وڏي سمنڊ جا پاڇا پون ٿا. تغلق، اتاترڪ ۽ بحيره هند وارن لاحقن سان لاڳاپيل سنڌ سيڪريٽريٽ هٿان صوبائي خودمختياري لاءِ ٺهندڙ مقدمي جو يقين ”ڌڙ ريڍو هوندو ۽ سسي ٻاڪري“ پهرين ته سنڌ سرڪار تغلق هائوس کي مخدوم بلاول هائوس، اتاترڪ روڊ کي ڀٽائي روڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي سنڌي وڏي سمنڊ وارا نالا ته ڏياري! ڇاڪاڻ ته جنهن سرڪار جو صدر مقام غير سنڌي هوندو، اها سرڪار سنڌ لاءِ آخر ڇا ڪري سگهندي؟ وڏي ڳالهه اها ته مٿيان ٽئي مطالبا ڪنهن خرچ کاٻاڙي کان به ته خالي آهن. اهڙن بي ضرر ۽ مبني برحقيقت مطالبن جي مڃتا تائين ڪيئن مڃون ته ”سنڌ جاڳي پيئي يا سنڌ ڳالهائي پيئي؟“

    سول سوسائٽيءَ جون جيڪي سسيون ”ماهتابي محفل“ ۾ موجود هيون، انهن اڪابرن ۾ ڪاروباري ڪلاس جا ماڻهو اڪا دڪا به ڪو نه هئا. يوسف سليمان ۽ عبدالرزاق ڏيپلائي ميمڻ جهڙا حيدرآبادي چيمبر آف ڪامرس جا مک اڳواڻ به سرڪاري ۽ غير سرڪاري سنڌي سوسائٽي کان هميشه وسريل رهيا آهن. يوسف ڪوثر ڀٽي، مبين جماڻي، جهانگير صديقي کان وٺي ڪوٽڙي، نوري آباد، ڪراچي، سکر ۽ شڪارپور جا صنعتي ڪلاس وارا سومرا، سمان، ميمڻ، بوهري، آغا خاني، ڇيپا، جهونا ڳڙهي ۽ گجراتي هندو، مسلم سنڌي سيٺيا به سنڌ جي ڀلي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کان ڪوهين ڏور رکيا ويا آهن. نجم الدين شيخ، محب الله شاهه ۽ عثمان علي عيساڻي پارا نهايت لائق ۽ صوبن جي حقن واري حوالي سان ٿيندڙ نياءَ ۽ انياءَ جا اکين ڏٺا شاهد به مشاورت کان پرڀرا بيٺا آهن. پوءِ ميراڻي، نهڙي، چانڊيا، سولنگي ۽ شيخ سڳورن پارا ”ماستر ۽ ليڪچرار“ جيڪي سقراطي بقراطي مشورا ڏيندا، انهن مشاهدي ۽ معائني کان خالي مشورن ۽ ڀاشڻن کي ته سنڌ سٺ سالن کان ڀوڳي پيئي. اهو ڍڳي پير پيران وارو تذڪرو آهي بور ڪندڙ.

    ”ساٺي ٻُڌ ناٺيءَ“ کان به وڌيڪ اهميت آهي ”اسي مت کسيءَ کي!“ ممبئي کان سنڌ جي آزادي واري انگل آري کي اچي اسي سال ٿيا آهن. سنڌ ”آزادي“ جي شوق ۾ محڪوميت جو پهريون قدم اسي سال اڳ کنيو هو. انهيءَ سون سنڌ جا جيڪي ڪن ڇنيا، تن پاپڙين مان اڄ سوڌو پيپ ۽ پرون پيئي ڳڙي. بعض شيون بظاهر حسين هونديون آهن، پر سندن وجود ۾ انيڪ ”مڪروهه“ سياهيون لڪل هونديون آهن. ممبئي کان سنڌ جي آزادي واري تحريڪ دوران رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه جهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي سورما چوندا رهيا ته جيڪڏهن سنڌ جي ”هندو اشرافيه“ کي مطمئن ڪري اها تحريڪ نه هلائي ويئي ته هيءَ سر زمين هندو-مسلم تضاد جي ور چڙهي ويندي ۽ رهيو سهيو الهو تلهو به ٻهارجي ويندو. هڪڙي مثال سان فقير پنهنجو بيان مڪمل ڪرڻ ڏانهن اچي ٿو. ست سئو صفحن وارا ڪتاب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ اڀياسي اوطاق ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو پنج سئو چاليهه صفحي تي لکي ٿو: اُن زماني ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ زورن تي هئي، مسلمان عليحدگيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ هندو مخالفت ۾. سنڌي مسلمان نهايت جوش ۾ اچي جذباتي بڻجي هن تحريڪ ۾ ڪاهي پيا هئا. 1936ع ۾ ساندهه ٽي ڏينهن )15 کان 19 نومبر 1936ع) ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ منعقد ٿي. محمد هاشم مخلص في البديهه دعائيه نظم جوڙي اُتي جو اُتي پڙهي به ڇڏيو. کيس ”پهريون انعام“ عطا ٿيو. هندن تي طنزيه انداز ۾ چوٽ واري انهيءَ طويل نظم جون ڪي سٽون:

    اهو راحت افزا آهي مليو انعام سنڌڙيءَ کي،

    ڪري سو فتح وارا آخر الانعام سنڌڙيءَ کي،

    نظر بد سان ڏسي جو دشمن اسلام سنڌڙيءَ کي،

    ڪري ڀائي ڀُجن ڀڄندا چئي هر نام سنڌڙيءَ کي،

    ڪري ڪوشش دل و جان سان ته سنڌڙي جلد صوبو ٿئي،

    نه پروا جي مخالف ڪو کٽڻ ۽ سيٺ خوبو ٿئي.

    اها ٻي ڳالهه آهي ته ميرن کان سنڌ کسڻ وقت انگريزن سنڌ جي ”هندو اشرافيه“ کي ڏاڪڻ بڻائي سوڀون ماڻيون هيون ۽ برٽش سرڪار جي سموري عرصي ۾ ”اشراف“ صف اول ۾ شمار ٿيندا رهيا، پر سنڌ جي عظيم مفاد ۾ اها ڳالهه پئي شمار ٿي ته هندو
    õمسلم ايڪتا کي ڪيئن به ڪري قائم رکجي ها. تڏهوڪي جذباتي ليڊرن جيڪي نقصان ڪيا، سي تاقيامت نفعي ۾ تبديل ٿي ڪو نه سگهندا. اڳتي هلي بمبئي واري ”آزادي“ جو کٽيو کائڻ يا مستقبل جي سنڌ کي موڙ ٻڌائڻ لاءِ گهربل تقاضائون به جنهن ريت پوريون ٿيون، انهن غلطين جو مختصر احوال يگاني ۽ دبنگ قلم ڪار خير محمد نظاماڻي جي انهيءَ ايڊيٽوريل مان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو روزاني ”باب السلام“ 7 جون 1947ع واري اشاعت ۾ ڇپيو هو. عنوان هيو: ”سنڌ جو مستقبل“ (تقسيم هند جي صورت ۾ سنڌ جو فرض)

    ”هن وقت جيڪو تازو برطانوي اعلان نڪتو آهي، اهو اهڙو خطرناڪ آهي جو مسلمانن کي انهيءَ تي خوشيءَ بدران افسوس ڪرڻ گهرجي. آسام جو سڄو پرڳڻو، بنگال ۽ پنجاب جو اڌ کان وڌيڪ حصو پاڪستان کي ڪونه ملندو. ورهاڱي جي صورت ۾ باقي جيڪا جاگرافيڪل حالت بيهندي، اها سيني ۾ سانڍيل خوابن جون سڪون ڪيتري قدر لاهيندي؟ اهو اکين اڳيان آهي. ليگي دهل تي سرتال سان سر ملائيندڙن تي ڪا به ميار ناهي، ڇاڪاڻ ته سندن چاڙهيل ديڳڙي سدائين خلق لاءِ رڻ ٻاريندي رهي آهي. ڪئبينٽ مشن جي اڻ پورين ۽ اڌورين اسڪيمن کي به اهي لنگها ساراهي رهيا آهن. کين ڪير سمجهائي ته جڏهن مسلم اڪثريتي علائقن جو پورو ٽيون حصو توهان کي ڪو نه ملندو ته پوءِ اهي هنبوڇيون ڇو ٿا هڻو ته سڀ ڪجهه ملي ويو. بيشڪ سڀ ڪجهه ملي ويو، پر ”پٽڪو ويو آهي تاهم آبرو سلامت آهي.“ پشاور وارن پٺاڻن کي شابس هجي ته همتِ مردانه سان گهٽ ۾ گهٽ ريفرينڊم وارو شرط ته مڃرائي ويا. جڏهن ته سنڌي ٻڪري وانگر ٻي ٻي ڪندا غير مشروط طور وڃي، انهيءَ ڪُن ۾ ڪريا آهن. جتان سندن نڪرڻ ناممڪن آهي. اسان بارها اها راءِ ظاهر ڪندا رهيا آهيون ته غير مشروط الحاق ڪرڻ سان گهوڙي سنجن سوڌي غرق ٿيندي. جي ايم سيد کي به واشگاف لفظن ۾ چيو سين ته جنهن اقليم ۾ اکيون اڙائي ويٺو آهين، اها ”هفت اقليم“ سنڌين لاءِ هيبت ناڪ ثابت ٿيندي. جنهن آئين ساز اسيمبلي کي آئين ٺاهڻو آهي، اتي ته اڪثريتي پرڳڻو پنهنجو دل گهريو آئين ٺاهي ويندو ۽ زباني ڪلامي جمع خرچ وارا وعدا ۽ وعيد سنڌ کي بهارون فراهم ڪرڻ کان ”بعيد“ ٿي ويندا. بنگال کي 41 ، پنجاب 21 ، برٽش بلوچستان کي هڪ، پٺاڻن کي 3 ۽ سنڌين کي چار ووٽ ڏيڻ جو اختيار آهي. جنهن جا ووٽ چار هجن، ان کي پنهنجي حيثيت جو اندازو از خود ٿيڻ گهرجي. تنهن کان سواءِ ”مليٽري طاقت“ ساري پنجاب جي هٿ ۾ هوندي، ڇاڪاڻ ته برٽش انڊين آرمي مان جيڪا کيپ نئين مملڪت کي الاٽ ٿيندي، اها تقريبن سئو فيصد پنجاب وارن تي مشتمل هوندي. اهڙي ”هڪ ملٽري“ واري مملڪت جو ڪمزور صوبن سان ڪهڙو سلوڪ هوندو؟ سا ڳالهه سولي سنڌي ۾ سمجهڻ ڏکي ناهي. پنجاب جو سنڌ تي غالب ٿيڻ يقيني آهي. جڏهن صورت حال اها آهي ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته سويرو سجاڳ ٿين ۽ سڀ کان پهرين نئين فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ کان ڪي شرطون مڃرائي وٺن. (1 ) سمورا صوبا هڪ جيتري نمائندگي رکندا آئين ساز اسيمبليءَ ۾. (2 ) فورسز ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي هوندي. (3 ) سنڌو ندي تي سنڌ-پنجاب تڪرار ٻن ملڪن جو تڪرار ليکيو ويندو ۽ ماضيءَ جي فيصلن مطابق درياءَ تي سنڌ جو اوليتي ”حق ملڪيت“ قائم دائم رهندو. (4 ) مرڪز رابطن وارا چند کاتا رکندو ۽ اهي کاتا جيڪي صوبا آساني سان هلائي سگهن ٿا، سي سڀ صوبن جي هٿ وس هوندا. جيڪڏهن سنڌي اڳواڻ سجاڳ نه ٿيا ۽ هنن اسان جي دانهن تي اڄ ڌيان نه ڏنو ته پوءِ هو ڏسي رهندا ته هنن پاڻ لاءِ ڪهڙي مشڪلات پيدا ڪئي آهي.“

    60 سال اڳ اهي ڳالهيون ڪندڙ مولوي خير محمد نظاماڻي ”اولياءُ“ ٿو لڳي. سندس اڳ ڪٿيون مولانا ابوالڪلام آزاد جيان هوبهو سچ ثابت ٿيون. 1936ع ۽ 1946ع ۾ فرق ته ڏهن سالن جو آهي، پر سنڌ انهن ڏهن سالن ۾ ڏهاڪو صدين جو نقصان ڪري ويهي رهي. هاڻ صوبائي خودمختياري ايتري ملندي جيتري ”لڪي سيمينٽ فيڪٽري“ مان سنڌ جي روينيو ڊپارٽمينٽ کي زمين جي اُجرت ملي رهي آهي. ڀڙا، دڙا ۽ آثار قديمه جا ڪي ڪوٽ قلعا ڏيئي سنڌين کي شيشي سنگهائيندا ته، هل! پنج هزار سالن جي تهذيب جا ڌڻي هاڻ پاڻ پنهنجن ”کنڊراتن“ جا کاتيدار بڻيا آهن. سماٽي سرواڻ به جي ايم سيد جا نالا پيو استعمال ڪري ته سنڌ سرڪار به بيانن جي حد تائين زمينن جا ناجائز کاتا رد ڪرڻ جون طفلاڻيون باتيون ڪري رهي آهي. چيچا وطني ۽ چڪوال جي سويلين سيڪيورٽي فورسز جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جا سامونڊي، بري ۽ فضائي حدود ”سربمهر“ ٿي چڪا، انتقالِ آباديءَ جو عفريت سنڌ کي ڳڙڪائي چڪو، انڌو منڊو حڪومتي شوق هيو، سو اهو به اڪثريتي ڀوتارن بدران اقليتي هونهارن حوالي ٿي چڪو، هاڻ ته پير سائين پاڳاري چواڻي، جيڪو ساهه پيا ٿا کڻون، متان ان تي به ڪو قدغن لڳي!

    بين الصوبائي رابطي وارو کاتو ۽ مائي ماهتاب ڏسون ته سنڌ کي ڪهڙو ٿا لاڀ ڏيارين! سنڌ ته سٺ سال اڳ پنهنجو ڪيس ”ڪبير والا“ هٿان هارائي چڪي هاڻ ”هڙاپي“ جون همدرديون ”موهن جي دڙي“جي زخمن تي ڪهڙا پهارکنديون؟

    تن هم داغ داغ شد

    پنبه کُجا کُجا نهم

    سنڌي لوڪ به عقل، شعور، ڌنڌي، ڪاروباري ۽ جديد دنيا جي لوازمات کي قبولڻ کان نابري واري ويٺو آهي. اُهي ئي لانٽون ۽ اُهي ئي چگهه! ڀت پوت، ڏهاڙا، ڪاڄ، مانيون، دعوتون، ڪانفرنسون، چاليها، ختما ۽ زندهه باد، مرده باد جا نعرا. معصوم نياڻين جون سسيون لاهي سياهه ڪاريون ڪري جيڪا سنڌ سرهي ٿي آهي، کيس اها سرهائي مبارڪ هجي. سنڌ جا ماضي قريب دوران سٺ ۽ اسي سال جيڪي حق قيد رهيا آهن، تن حقن ۽ ان جي محققين لاءِ ايترو ئي چوڻ ڪافي آهي ته، ”ساٺي ٻُڌ ناٺي، اسي مت کسي...!“

    arbabnek@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    [​IMG]
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ٿر ايڪسپريس جي نئين سر بحالي ۽ ٽريڊ ڪلچر



    ڇنڇر 17 فيبروري 2007ع

    ذات جو ”جنجهي“ ۽ ڄام ساقيءَ جو هو ماسات هو، جوانيءَ ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، سندس ڪتاب جو نالو هو ”ڀِٽُون ڀرجي آيون“. محمد حيات جي انهيءَ ڪتاب جو ”ٿر ايڪسپريس“ جي نئين سر بحاليءَ سان ڪيترو تعلق آهي؟ البت ارڙهين آگسٽ 2006ع وارن ڏينهن ۾ (6 مهينا اڳ ٻاهڙ مير ۽ ٿرپارڪر ۾) تاريخ جون شديد ترين برساتون پيون هيون، جيڪي هوبهو ”ڀِٽون ڀرجي آيون“ جو منظر پيش ڪري رهيون هُيون. هونئن ته چوماسو ٿر بر کي ”ٿاڌيل“ فراهم ڪندو آهي، پر ان اوهيرا ڪري وسندڙ مُندائتي مينهن ۽ ٻاهڙ مير ضلعي ۾ ڪافي ڳوٺن کي ڀرجي آيل ڀٽن ڀڪ ڪري ڇڏيو هو. جوڌپور ۽ ٻاهڙ مير جي وچ جون ٻه اسٽيشنون ”ڪواس“ ۽ ”بائتو“ ٻڏي ته ڇا، پر اصل ”غرق آب“ ٿي ويون هيون. پنجويهه پنجويهه فوٽ پاڻي بيهي رهيو، آمهان سامهان ڏونگر هئا، نيڪالي ناممڪن هئي. اهڙي ابتر صورتحال جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ اوهان کي وٺي ٿا هلون حاجي مراد ابڙي جي ڳوٺ ”ملوئو“ ڏانهن. مراد تازو هندستان جي پهرين سماٽ آئي جي طور ريٽائرمينٽ ورتي آهي. جيڪا ”ٿر ايڪسپريس“ 6 مهينا اڳ آخري ڀيرو جوڌپور ڏانهن روان دوان هئي، ان کي ”ڀاچٻر“ اسٽيشن تي ساندهه ست ڪلاڪ ان ڪري روڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته سامهون ٻاهڙ مير ڏانهن ايندڙ اسٽيشنون کڙين، واڻيا ڌورو ۽ آنٽي مالاڻي ٻڏي چڪيون هيون. هُتان نيڪڻ جي ڏاڏاڻي مان اهي اطلاع آيا پئي ته، ”گلاٻان ٻائي“ وارا ريل ۾ رُلي ويا آهن، وٽن کاڌو به ختم ٿي چڪو آهي. اسان گهاگهريو ۽ رامسر جي ريلوي حڪام کي پڪل کاڌو ڏيئي ”ٿر ايڪسپريس“ ڏانهن روانو ڪيو آهي، جتي 115 مسافر ۽ ويهارو کن بي ايس ايف ۽ ريلوي جا ڪارڪن بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن. مراد علي ابڙي جي ڳوٺ ۾ ڏيڍ سئو کن گهر آهن. رات جو برساتي پاڻي ڀٽن سان اچي ملاکڙو شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 74 ماڻهو فوت ٿي ويا، پڪين جڳهين جون ڇتيون جن والاريون، سي مس مس بچيا. ماڻهن موبائل فونن وسيلي مائٽن کي ڄاڻ ڏني، ائين ٻارهان ڪلاڪ ڇتين تي پناهه ورتل ”پناهه گير“ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اٽڪيل رهيا. نيٺ هيليڪاپٽرن ذريعي رسا هيٺ اڇلي 336 ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. 6 مهينا اڳ ٿيندڙ سنڌ- هند جي سرحدي علائقي واري انهيءَ واقعي کي سنڌي ميڊيا ۾ به مناسب جاءِ ڪا نه ملي. جوڌپور، جئپور، جيسلمير، ڀُڄ، بيڪانير، جهونا ڳڙهه، احمد آباد، دهلي ۽ ممبئي ۾ سنڌي صحافت جون مانيٽرنگ ڊيسڪون ڇو جڙن؟ هتي ته ٻول ٻيلاين جا ٻوليندڙ لسٻيلو، روح جي پاتال ۾ پيهي رس رهاڻيون ڪندڙ روهيءَ وارو ديس ۽ جهٽ پٽ وارا جيالا به ڪنهن کي ياد آهن؟

    ڪالهه رات يارهين وڳي کان (جمعي جي شام ۽ ڇنڇر جي رات) ڪراچي ۽ جوڌپور مان هڪ ئي وقت ”ٿر ايڪسپريس“ جو نئون سفر شروع ٿيو آهي. ”ٿر ايڪسپريس“ جي بحاليءَ جي وچ واري 6 ماهي عرصي ۾ نيشنل لاجسٽڪ سيل وارن کوکرو پار ۾ هڪڙي ٿري هاريءَ کان 17 ايڪڙ 13 گهنٽا زمين خريد ڪئي آهي. اين ايل سي کي وڌيڪ ٽيهه ايڪڙ زمين اتي گهربل آهي. هي نان سويلين ادارو کوکرو پار ڊرائي پورٽ لاءِ اها زمين ڪتب آڻيندو. بورڊ آف روينيو ڏانهن ويندڙ ٻي لکپڙهه ڪسٽم کاتي لاءِ پنجاهه ايڪڙ زمين ڏيڻ بابت آهي. اسٽيٽ لينڊ مان ٻه سئو ايڪڙن وارو پلاٽ ريلوي لاءِ الاٽ ڪرڻ جو به عمل جاري آهي. مطلب ته 300 ايڪڙ کن زمين سنڌ سرڪار وفاقي کاتن کي کوکرو پار ۾ الاٽ ڪري رهي آهي. خود سنڌ سرڪار برٽش دور ۾ ريلوي کي جيڪا زمين الاٽ ڪئي هئي، اها مڪمل مالڪاڻن حقن سان ڏني ويئي هئي يا نوي يا نوانوي سالن جي پٽي تي اها لينڊ الاٽ ٿي هئي؟ سنڌ بورڊ آف روينيو جو موقف ”پٽي“ تي زمين ڏيڻ وارو آهي، جڏهن ته شيخ رشيد جو کاتو انهيءَ زمين تي مالڪاڻا حق جتائي رهيو آهي. شيخ رشيد جي دور ۾ سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ ريلوي کاتي جي وچ ۾ ڪي وڏا سودا ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ريلوي کاتي کي ڏنل زمين تي پلازا، پئٽرول پمپ ۽ ڪاروباري ڪالونيون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن. شيخ رشيد چوي پيو ته آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جنگ بلڊنگ کان وٺي حبيب بئنڪ واري پلازا تائين ريلوي جي زير ڪنٽرول پلاٽ کي ڪمرشل بنائڻ کان پوءِ اسان کي جيڪا ”ٻونهڻي“ ملي آهي، انهيءَ زر ضمانت جو انگ ٻڌائبو، ته اوهان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. چئبو ته سنڌ ۾ ريلوي کي ڏنل زمينن تان سنڌ هٿ کنيو. سنڌ ڪنهن ملڪيت تي هٿ رکيو به آهي ڇا؟ ٻئي پاسي هند سرڪار جي اها ڳالهه به اسلام آباد ريلوي منسٽري ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي آهي ته موڻا2 - کوکرو پار تان مال برداريءَ لاءِ گڊز ٽرينون هلائڻ ڏنيون وڃن. اسلام آباد چوي ٿو ته واهگا -اٽاري تان گڊز ٽرينون هلائي سگهجن ٿيون، البت سنڌ -هند سرحد تان واپار ڪو نه ڪبو. هوڏانهن ڪراچي- ممبئي فيري سروس ۽ بحري جهازن کي بندرگاهن تان سامان سڙو کڻڻ جي موڪل وارا مرحلا به اٽڪيا پيا آهن. ٿر ايڪسپريس لاءِ جيڪو براڊ گيج وارو ٽريڪ ميرپورخاص ۽ کوکرو پار جي وچ ۾ جوڙيو ويو هو، اهو هڪ سال اندر پنهنجو ”مدو پورو“ ڪري چڪو آهي ۽ هاڻ قسطن ۾ سمورو ٽريڪ تبديل ڪيو پيو وڃي. ڪير پڇي مائي حليمان جي ٻارن کان ته ٻه ارب روپين جي لاڳت سان جيڪو ٽريڪ سلهاڙيو ويو هو، آخر اهو لوهه هڪ سال اندر زنگ آلود ڇو ٿيو؟ انهن ڇهن مهينن ۾ ٻيو اهو لوهه به وڏي پيماني تي چوري ٿي چڪو، جيڪو ”راجا جي ريل“ واري ميٽر گيج پٽڙيءَ کي پٽي براڊ گيج جي ڀرسان اُڇلائي ڇڏيو هئائون. ڏهاڪو ڪيس انهيءَ چوريءَ جا عمرڪوٽ پوليس به رجسٽر ڪيا آهن. پُڇي ته سنڌي اهو به نٿا سگهن ته توهان سال اڳ جيڪا زيرو پوائنٽ اسٽيشن هند- سنڌ سرحد تي ٺاهي هئي، ان پنج ڪروڙ کن جي پليٽ فارمن ۽ ”ٽيشڻ“ جي ساز سامان کي ڀڃي ڀورا ڪري هاڻ نئون کوکرو پار جي نالي سان نئين اسٽيشن ڇا لاءِ پيا جوڙايو؟ اصل قديمي کوکرو پار به ته صحيح حالت ۾ موجود آهي ۽ مارئي ايڪسپريس لاءِ سموريون گهرجون پوريون ڪري رهيو آهي، ته پوءِ ٿر ايڪسپريس لاءِ کوکڙي کي اڇوت جي دائري ۾ آڻڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ موسم بهار ۾ شروع ٿيندڙ اها دکي ايڪسپريس شل نظر بد کان بچيل رهي، نه ته خوشيون۽ سوڀون سنڌ لاءِ تمام گهڻيون ڪنجوس واقع ٿيون آهن. ديوار برلن ٽٽي ويئي، يورپي ملڪن هڪ ڪرنسي ۽ ويزا پاسپورٽ ختم ڪرڻ وارا اصول اپنائي ڇڏيا پر ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪڏهن تبديلي ايندي؟ عقل جي اڪابرن کي ڪير چوي ته ٻاهريون طاقتون توهان جي ”تفاخر“ کي قائم رکي پنهنجو مقصد حاصل ڪري رهيون آهن.

    سنڌ ۾ ڪيتريون سسيون آهن جيڪي جئرام داس دولت رام، غلام محمد ڀرڳڙي، الهه بخش سومرو ۽ ديوان ڏيارام گدو مل واري بصيرت کي سمجهي سگهن؟ عالميگيريت جي طوفان ۾ اسلام آباد، ڍاڪا ۽ دهلي جنهن تيزيءَ سان وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، نٿو لڳي ته انهيءَ مان هو پنهنجا ٻيڙا پار اُڪاري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، بديڻو ۽ ننگر ٺٺو به خاموش آهن، ته مڪلي، خدا آباد ۽ روپا ماڙيءَ مان به ڪي خوشگوار ٻوليون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. سنڌ هڪڙي اهڙي سحر جي لهر ۾ لڙهي چڪي آهي، جتان خير خوبيءَ سان پار پوڻ جو گس هن کان گم ٿي ويو آهي، نه ته ايم اين راءِ ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي الفتي علائقي ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي مفلوڪ الحاليءَ کي خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي ته هرڻيءَ واريون چالون هير آباد ۽ هالا مان به هڻڻ کپنديون هيون. تازو يوپي جي وڏي وزير ملائم سنگهه ياديو هڪڙي انٽرويو ۾ چيو آهي ته، عالمگيريت وارا اڪابر صوماليا، عراق ۽ افغانستان کان پوءِ ايران کي گهوٽو ڏيندا ۽ اُتان واندا ٿيڻ کان پوءِ شام، ملائيشيا ۽ پاڪستان جو وارو اچي سگهي ٿو. تن ڏينهن ۾ هندستان به هلاڪت ۾ ايندو، ڇاڪاڻ ته هند ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا. ياديو صلاح ڏني آهي ته ٽيئي ملڪ (ڍاڪا، اسلام آباد ۽ دهلي) ڪنفيڊريشن قائم ڪري، ويزا ۽ پاسپورٽ جون شرطون ختم ڪري ”ٽريڊ ڪلچر“ کي هٿي ڏيندا ته بچي سگهن ٿا، نه ته سندن مستقبل بابت انديشا ۽ انومان حقيقتن جو روپ وٺي سگهن ٿا. سنڌ واسي به انهيءَ گلوبل وليج ۾ گونگا بڻجي رهندا ته رلي ويندا.

    arbabnek@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    سمجهوتا ايڪسپريس جي ”باهه“ پاڪ-انڊيا دوستي تي اثر وجهندي؟



    اڱارو 20 فيبروري 2007ع

    هي ريل ۾ ٻيو اهڙو ڌماڪو آهي، جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ پيار ڪهاڻيءَ کي نئون رُخ ڏيئي ڇڏيو آهي. ”انبالو“ اوڀر پنجاب جو اهم شهر آهي، جتان جو اسان جو يار ”وقار انبالوي“ پنهنجي جنم ڀوميءَ کان سٺ سال اڳ جلاوطن ٿي لاهور پهتو هو ۽ ”سرِ راهي“ جي عنوان سان لکيل سندس ڪالم ”پاڻي پٽ“ سان پنهنجي پيڙهيءَ کي پيوست ڪرڻ جا خواهشي ۽ تمنائي جلوا پسائيندا هئا. پنج سال کن اڳ اهڙو ڌماڪو گجرات صوبي ۾ ”گوڌرا“ اسٽيشن تي ٿيو هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ سٺ ماڻهو سڙي ڪوئلو بڻجي ويا هئا. گوڌرا واري باهه پوري سورٺ راءِ ڏياج جي نگريءَ کي وڪوڙي ويئي هئي. سابرمتي ايڪسپريس واري انهيءَ افسوسناڪ آگ سوراشٽر ۽ مهاراشٽر ته ڇا، پر هندستان ۽ پاڪستان جي هر گهر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو هو.

    ”سمجهوتا ايڪسپريس“ جي تازي آگ ننڍي ننڍ جي حال حيات انسانن کي ”پاڻي پٽ“ ۾ احمد شاهه ابدالي ۽ مرهٽن جي جنگين وارا سانحا به فراموش ڪرائي ويئي آهي. ڌماڪي کان چوويهه ڪلاڪ اڳ جلنڌر ۾ سنڌ رينجرز جي ڊي جي ميجر جنرل جاويد ضيا ۽ بي ايس ايف جي آءِ جي سکرام داس ڪيلا جي وچ ۾ سرحدي تنازعا طئي ڪرڻ بابت امن ڳالهيون ساندهه ٽي ڏينهن هلي پوريون ٿيون هيون. ٻنهي ڪامورن ڪافي فيصلائتا مرحلا پار ڪيا. فيصلا اهي ٿيا ته لوڪل سطح جا ڪمانڊر بارڊر ايرياز ۾ برپا ٿيندڙ جهيڙن جهٽن کي مقامي سطح تي نبيرڻ لاءِ خودمختيار هوندا ۽ سرحدن تي مشترڪه گشت کي وڌيڪ مضبوط بنايو ويندو. هوڏانهن سرڪاري (ق) ليگ جو اڳواڻ چوڌري شجاعت ڌماڪي وقت ”چوان سيدن شاهه“ واري چڪوائي علائقي ۾ هو. هن شو مهاراج جي ”مهاشو راتري“ واري ميلي ۾ اختتامي خطاب ڪيو هو. مندر جو نالو آهي ”ڪٽاس راج“. سال ٻه اڳ لال ڪرشن آڏواڻيءَ کي انهي مندر جي ”تعمير نو“ جو سنگ بنياد رکڻ لاءِ گهرايو ويو هو. فيسٽول ۾ آڏواڻي صاحب جو پيغام به پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته، مون جناح صاحب جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون، آئون بي جي پي جي صدارت وڃائي اڄ به انهن ڳالهين تي قائم آهيان. ”سمجهوتا ايڪسپريس“ واري ڌماڪي کان ڪي ڪلاڪ اڳ چوڌري شجاعت اٽل بهاري واجپائي جيان هڪڙو خوبصورت جملو چوڻ جو اعزاز حاصل ڪري رهيو هو. چوڌري چيو ته ”پاڪستان ۽ هندستان پرٿوي، اگني، غوري ۽ غزنوي ميزائلن وارو ڌنڌو ڇڏي ”محبت ميزائل“ ٺاهڻ جي ڪن ته ٻنهي ملڪن جو ڏيڍ ارب لوڪ آسودگي ڏانهن سفر شروع ڪري سگهي ٿو.“ واجپائي 1999ع ۾ اهڙو ئي جملو چيو هو ته ”سڀ ڪجهه تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر پاڙيسري تبديل نٿا ڪري سگهجن. اسان جون چار جنگيون اسان کي بربادي فراهم ڪري ويون آهن، اچو ته ”نو وار پيڪٽ“ ڪريون.“

    نواز شريف-واجپائي ”لاهور پيڪٽ“ ۾ اندورنِ خانه اهڙن معاهدن تي پهچي چڪا هئا، پر ست سمنڊ پار ملڪ کي دهلي ۽ اسلام آباد جي دوستي ڪا نه وڻي ۽ هنن ڪارگلي ڪونڌر ميدان ۾ آندا، جن يارهان هزار انسانن جي هلاڪت يارهن ڏينهن ۾ ممڪن بڻائي ڇڏي. هن انساني جانين جي هلاڪ ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي کان ڏينهن اڌ پوءِ خورشيد قصوري کي دهلي ياترا تي وڃڻو آهي ۽ پاڪستان ۾ سفارت ڪاري جون ڪامياب کيپون کٽي ڀارت جو سيڪريٽري خارجا ٿيندڙ شو شنڪر مينن عين ڌماڪي وقت چئي رهيو هو ته قصوري جي ڀارت آمد کي لاڀائتو بڻائبو ۽ اسان ائٽمي جنگ جا امڪان ختم ڪرڻ جا معاهدا ڪرڻ سان گڏو گڏ ويزا پاليسين ۾ نرمي، سياچئين، گليشئر ۽ سير ڪريڪ بابت حتمي نتيجن تي پُهچي وينداسين. ڀارتي خواهشن ۽ پاڪستاني آمادگين واري فصل کي لڻڻ کان اڳ ڪن شر پسندن ”سمجهوتا ايڪسپريس“ جي مسافرن کي ماري جيڪو پيغام دهلي ۽ اسلام آباد کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جا ڪي پاسا اهي به قابل غور آهن،

    (1) هن وقت جو انتخاب بين الاقوامي دهشتگرد جي اشارن کان سواءِ ممڪن نظر ڪو نه پيو اچي. تازو ڌماڪي کان يارهان ڪلاڪ اڳ ست سمنڊ پار واري سلطنت جي ”رئيسياڻيءَ“ جو به موقف ميڊيا ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي ته، ”اسان کي وزيرستان واري معاهدي تي عدم تحفظ پيدا ٿي چڪو آهي!“ علي محمد جان اورڪزئي اهڙي معاهدي جي پٺڀرائي پرويز مشرف کان به ڪرائي چڪو، پر ساڳي ٽائيم تي افغان حڪومت جو ڌمڪين وارو بيان به جاري ٿيو، جنهن ۾ لالن چيو آهي ته، افغانستان جو فڪر پشاور کي ڪرڻ ڪو نه ڏبو. اسلام آباد اسان کي ”ڪالوني“ طور سنڀالڻ ڇڏي ڏي.

    (2) ڌماڪو ڀارتي وزير اعظم جي آبائي پرڳڻي ۾ ٿيو آهي. من موهن سنگهه جي خالصتان ۾ ٿيندڙ ڌماڪي مان اهي به انديشا آهن ته ڀارت ۾ ملائم سنگهه ياديو کي يو پيءَ جي وڏ وزارت کان هٽائڻ لاءِ هلندڙ ڪوششن کان ويندي انيڪ ساريون داخلي انتشار واريون دونهيون درد دونديءَ جي ديس ۾ دُکي رهيون آهن. ٻي معنيٰ ۾ اهو ڌماڪو متان من موهن سنگهه جي ساک کي وڌيڪ نقصان رسائڻ لاءِ ڪرايو ويو هجي.

    ڌماڪي واري عرصي دوران پاڪستان الرشيد ٽرسٽ ۽ الاختر ٽرسٽ کي به مُقيد بڻائڻ جا اعلان ڪيا آهن. اهڙ يآپريشن جا ردعمل ڪن خابرو کاتن وٽان مليل ڄاڻ مطابق نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جهڙين باهين جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن ڀارت ۽ پاڪستان ايران کان گيس پائيپ لائين واري معاهدي کي ويجها پُهچي چڪا آهن، جيڪو معاهدو ست سمنڊ پار واري بين الاقوامي سپر پاور کي سُوٽ نٿو ڪري ۽ اهو مست الست ملڪ ٻنهي مولوين کي اهڙي معاهدي مان هٿ ڪڍڻ جون صلاحون ۽ ڌمڪيون به ڏيندو رهي ٿو. آثار اهڙا پيا نظر اچن ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي ملڪن ۾ بم ڌماڪن واري ڌماچوڪڙيءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ عالمي سامراج لوڪل ايجنٽن جي معرفت سان پنهنجيون انسان دشمني واريون حرڪتون تيز ڪندو ۽ دهلي ۽ اسلام آباد جي آزاداڻي دوستي کي پنهنجو مطيع ۽ فرمانبردار بنائڻ جا جتن ڪندو. هي افسوسناڪ حادثو بين الاقوامي دلچسپين کان خالي نظر نٿو اچي. ڏسجي ته قصوري ۽ شيو شنڪر مينن کان ويندي ننڍي کنڊ جا ڏيڍ ارب انسان ۽ سندن اڳواڻ هن خطي کي بديسي آقائن کان آجو ڪرائڻ ۾ ڪهڙي ترڪيب وسيلي ڪاميابي حاصل ڪندا؟

    arbabnek@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ورهاڱي کان پوءِ!



    اربع 21 فيبروري 2007ع

    ”ريڊيو تان خبرون پئي هليون، ملڪ ورهائجي ويو آهي، سنڌ پاڪستان حوالي ٿي آهي. هوڏانهن هندستاني به اچي حيدرآباد ۾ تشريف فرما ٿيا هئا. 5000 جي انگ ۾ پهرين کيپ پهتي. مسلم هاسٽل اسان جي گهر جي ساڄي پاسي واري رستي تي هئي. هند مان آيل هنجڙا انهيءَ هاسٽل ۾ قيام پذير ٿيا. فضا ۾ ڊپ، هوا ۾ حراس ۽ دلين تي دهشت ڇانئجي ويئي. هاسٽل مان نڪري ڪي نوجوان اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. ”هيرآباد جون حورون اسان جي حوالي ڪريو.“ گهرن ۾ سيکاريو ويو ته، جيڪڏهن گهرن ۾ گهڙن ته بجليءَ واري هاف بتي جي ٻن سوراخن ۾ آڱريون وجهي بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ کي ختم ڪجو. گهرن ۾ زهر جون پڙيون پڻ ورهايون ويون ته جيئن ڏکئي وقت ۾ زالن کي ڪم اچي سگهن. شام جا 6 لڳا ته لائوڊ اسپيڪر جو آواز ٻڌي مان پنهنجيءَ گهٽيءَ جي منهن وٽ وڃي بيٺيس. لاريون پوليس سان سٿيل لنگهيون پئي. اعلان جو مفهوم ڪجهه هن ريت هيو، ”دنگو فساد ڪو نه ٿيندو، پوليس پهري سجاڳ آهي ۽ ملٽري به ريڊ الرٽ ۽ سچيت آهي.“ پر جتان جتان لاريون لنگهيون ٿي، اتان اتان در دريون بند ٿينديون پئي ويون. ڄڻ راڪاس پئي ڦيرا ڏنا، گهر اچي ريڊيو کوليم ته اميءَ منع ڪئي ”مُئا سمجهندا ته اسين مزي سان ويٺا ريڊيو تي راڳ ٻڌون...“ هي سٽون انهيءَ پوپٽي رامچند هيراننداڻيءَ جون آهن، جيڪا سال کن ٿيو آهي 2006ع.17.12 تي مام ٻائي هند ۾ وڃي راڻي کي پرتي. پوپٽي علامتي ڪردار آهي، انهيءَ افسوسناڪ ڪهاڻيءَ جو جنهن ڪهاڻيءَ جا سترهان لک سنڌي ڪردار ديس پنهنجو ڇڏي وڃي پرديس ۾ وسيا، پر سنڌوءَ جي سڪ ۾ ”ماهي ۽ بي آب“ جيان نه مئا نه جيا! پوپٽي پاريون ته تا دم مرگ اهي پار ڪڍي پئي رنيون:

    يار فريد! مين ايوين وڇڙي

    جيوين وڇڙي ڪُونج قطاران!

    مرد ٻيجل بڻجي سنڌ سنڌ پنندا رهيا ۽ مايون ”ٻيجلڙيون“ بڻجي لڇمڻ ڪُومل جون اهي سٽون جهونگاري آتش دل تي آب هارڻ جون ترڪيبون جوڙينديون رهيون ته،

    موت وس ۾، نه زندگي وس ۾،

    ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين!

    ”ڀلا مان ڇوڪري! مون وٽ هٿ سان مقيس ڀريل ساڙهي هئي، بادلي سان ساڙهي ڀرڻ شروع ڪئي هيم. جا اڃا اڌ تي هئي، کٽ تي ريٽي سان ڀريل پيئي هئي، جنهن جي چوڌاري اميءَ ڳنڍين واري جهالر هنئي هئي. ريڊئي تي آر سان ڀريل ڪور پيل هو، رنگين ربينون، داڻن سان ڀريل ٽوپي، نين پائلين واريون پڙيون، ڪُنڊ تي نالو ڀريل رُومال، جن پنن تي دل جا اُڌما اتاريل هئا، اُهي ڪاپيون، مورتين وارا ڪتاب، سنگ مرمر واري اسٽڊي ٽيبل، لُڏڻ لاءِ پينگهو، بڪ واري گهاگهري، دڇتيءَ مٿي ڄاري تي ٺهيل مندر، ٽيويهن سالن جي يادگيرين سان ٽمٽار من کي مانوس ڪندڙن اهڙين انيڪ پيارين شين مان ڀلا ڇا ڇڏيان ۽ ڇا کڻان...؟ هُتان حشوءَ جو هُل ته هلو جوڌپور، ريل راجا جي هلڻ واري آهي! جسم تي پاتل ڪپڙن سان هيرآباد کي الوداع ڪيوسين ۽ حيدرآباد به وڃائي سين!“ پوپٽيءَ کي سنڌ شناسيءَ واري تحريڪ جي جهانسي جي راڻي به چيو ويو، پر ”ٻيجلڙي“ تي وڌيڪ سرهي ٿيندي هئي. سنڌ ڪالهه ۽ اڄ، ٻولي منهنجي ماءُ، چرن چڻڪن چِت ۾، ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو، مان سنڌڻ، سنڌي هستيون، سنڌي ٻولي، منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق، سنڌوءَ کان گنگا جمنا تائين جهڙن پنجاهه ڪتابن جي مُصنفه کي هير آباد وارا اباڻا ڪک ڇڏڻ وقت ٻاروتڻ وارين يادگيرين تي مشتمل آتم ڪهاڻيءَ وارا پنا کڻڻ به ممڪن ڪو نه رهيا. ها سومل ماکيجاڻيءَ جي سهڪار سان سندس پهرين لکيت ”هندستان“ نالي واري اخبار ۾ ڇپي هئي، جيڪا ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي، پر جڏهن ”هندستان“ هلڻ وقت حشوءَ ڀاشڻ ڏنا ته: اسان جي وڏي امان هندستان آهي ته مميءَ سميت سموريون ننڍيون وڏيون ٻاڪارڻ لڳيون. ڦُلهيار وڏي ماءُ جي منهن ۾ ۽ رک پئي رهزنن جي وات ۾، جيڪي اسان کي سنڌ جي سرگ مان ڪڍي هند جي نرگ حوالي ڪري رهيا آهن.

    رُوءِ زمين تي منهنجي جنم ڀوميءَ جهڙو ٻيو شهر نظر ڪو نه ايندو. اسڪول ۽ باغ، ڇڻڪار ٿيل رستا ۽ هوا موڪليندڙ مَنگهه، ڦليلي جو واهه ۽ گدو بندر وارو درياهه اهڙو ڪهڙو آنند هو، جو حيدرآباد ۾ ميسر نه هو؟ مون جڳ جهان جا ڦيرا پاتا حيرت ڪدهه ۽ عبرت ڪدهه نظرن مان ڪڍيا، حسن سان مالا مال منظر اکين سان ڏٺم، پر هاءِ ڙي حيدرآباد! ڏانگڙو ديس پرديس ۾ قوس قزح وارا منظر ڏيکاري ٿو، پر جيڪي انڊلٺي رنگ حشوءَ ۽ ڌموءَ سان گڏ ڦليلي پار پسبا هئا، سي ساري جهان کان نرالا آهن. هردوار جون سائيڪل رڪشائون هجن يا لاهور جا پيار ڪندڙ ٽانگي وارا، بنارس جي اڪن هجي يا دهلي ۽ پوني جي آٽو رڪشا، اندور جون جهوليندڙ گهنڊيون هجن يا ميسوريءَ جون ڏوليون ۽ گلن سان سينگاريل گاڏيون، مام ٻائيءَ جون ته زير زمين ٽرينون به چڙهي ڏٺم، پر وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چڙهي گدوءَ تان دادلي درياهه شاهه تائين جيڪي دل پشوريون ڪيونسين، اهي راحتون ۽ فرحتون اتي ئي بس ڪن ٿيون!

    پوپٽي پارن جا پنڌ به کٽا ته سنگ به ٽُٽا، هاڻ ته ٺلهو ڦلهيار ۾ ڦوڪون ڏيئڻيون آهن. هن تحرير لکندي ڪنهن راءِ ڏني! ساڌُو هيراننداڻي جي اها شاگردياڻي جڏهن هند پهتي ۽ بڙودي ۽ احمد آباد ۾ ڪي ”ٿانيڪيون“ ساعتون ميسر ٿين ته سندري ۽ پوپٽي پارين ماين اي ڪي بروهيءَ ڏي رام ڄيٺ ملاڻيءَ هٿان هڪ عرضداشت سنڌ واسين ڏانهن اماڻڻ جي جسارت ڪئي. سنڌ جي شاعرن کي گذارش ڪيل هئي ته مارئي ته عمر جي ڪوٽ ۾ هوندي به سنڌ وطن ۾ ته هئي، اسان ته جيئري جهنم ۾”جلاوطنيءَ جون باهيون ڀوڳي رهيا آهيون. اسان کي ڇو نٿا پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو! بروهي مرحوم جي ايم سيد سميت سنڌ جي علم دوست احبابن کي اها استدعا شاعرن تائين پهچائڻ جي زحمت ڏني. پاڻ دهليءَ ۾ اسلام آباد جو ”هاءِ ڪمشنر“ هيو. مولوي احمد ملاح کي به اها اپيل پهچائي ويئي. مِٺُو ڪڇيءَ جنهن ملاحي شاعريءَ کي ڳايو آهي، انهيءَ سيريز جون هڙيئي ڪاريگريون لک لهن ٿيون، پر شاعر به ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. ”پوپٽي“ اکر ڏهن جاين تي استعمال ٿيل آهي، پر ڏهن ڌار ڌار معنائن ۾! سندس ڪتابن ۾ به اها شاعري ڇپيل ناهي. پر ڪڏهن باادب بڻجي لاڙ جي لعل جون لهواريون اوڀاريون به پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبيون. احمد ملاح کي مارئي سان ”ڀيٽ“ ڪا نه وڻي، پر ”دلبرن“ کي دلاسا ڏيڻ ۽ سنڌ نه ڇڏڻ وارين گذارشن جو به احوال سندس سٽن ۾ موجود آهي. سنڌين جو وڏو تعداد اها راءِ رکي ٿو ته سترهان لک سنڌي جذباتي بڻجي باليءَ ۾ فيصلو ڪري لڏي ويا هئا، نه ته ”تنگ دامانيءَ“ جا هڪ نه پر هڪ سئو هڪ نعم البدل ۽ متبادل رستا به موجود هئا. يو پي سي پي، جهونا ڳڙهه، مشرقي پنجاب ۽ دهلي لکنئوءَ ۾ ته چنابون ۽ گنگائون جمنائون ۽ برهم پترائون رت سان لهو لهان ٿيل هيون، پر سنڌوءَ جو پاڻي خون جي هوليءَ کان پاڪ هيو. سنڌ جو مجموعي مزاج به هندو -مسلم ڪشيدگيءَ دوران متوازن ۽ معتدل رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ ”معاملن“ جو چلن ته هر سوسائٽيءَ ۾ سرد بدران گرم رهڻ وارو اصول ”سماجي اخلاقيات“ به قبولي ٿي. ڪنهن ڪنهن انسان لاءِ ”شُهرت“ جو سامان ازغيبي به ٿيندو آهي. اي ڪي بروهي به لک لهي ٿو، پر هو سرڪاري ”هاءِ ڪمشنر“ هيو، جڏهن ته پوپٽي هند ۾ سنڌ جي اُها هاءِ ڪمشنرڙي هئي، جنهن جو عقد نڪاح به سنڌوءَ سان هيو ته هن جي ضمير ۽ خمير ۾ سنڌ جو وجود ارجن شاد جي انهن سٽن جيان پيو سر سراهٽ ڪندو هو.


    مُنهنجي سنڌ جو نقشو،

    ڪاغذ جو نقشو نه آهي

    اهو مُنهنجي دل جي خون مان چٽيل نقشو آهي.

    قاتلانه وهيءَ ۾ هن جون ساهيڙيون کيس ”ٽهڪن جو ڦوهارو“ ڪري سڏينديون هيون. ”هير آباد جي هير کائي ۽ مامي وارن جا حسب معمول موڪليل قنڌاري ڏاڙهون واپرائي مون جڏهن جوانيءَ ۾ قدم ڌريو، تڏهن منهنجن ڳلن تي گلاب ٽڙي پيا هئا. پاڙي وارا پرهه ڦُٽي به چوندا هئا. سنڌ وطن جي ياد جي سلسلي ۾ محترمه کي ويلي تي لولي کائڻ جي به مهلت مس ملندي هئي. دهلي ۾”اکل ڀارت ساهت سڀا“ پاران سنڌي ٻوليءَ واري ڪانفرنس دوران لڳاتار ٻه راتيون ڊبل روٽيءَ تي لوڻ ڪارا مرچ ٻُرڪي هُن پيٽ کي پائنده باد بنايو هو. سروجنبي نائيڊو کي ”بلبل هند“ چيو ويندو آهي. پوپٽيءَ جو پهريون ناٽڪ به نائيڊو جي ”ڪويتا“ تان ورتل هُيو. امرتا پريتم ”بلبل پنجاب“ بڻي. پوپٽي هن کي به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿيندڙ هلچلن ۾ گڏ کڻي هلي. هن زيب النساءِ مخفيءَ جي ”معاشقن“ کي ڊرامائي تشڪيل ڏني ته حيدرآباد جي ڪمشنر سندس اسٽيج ڊرامي وارو اجازت نامو ڪئنسل ڪري ڇڏيو. امرتا، مخفي ۽ نائيڊو جو پوپٽيءَ سان ڪهڙو سنگ؟ حُسن جتي به هجي، سندس هم جماعتي کيس تلاش ڪري وٺندا آهن.

    جڳ جهان جو چرخو عجب چلي ٿو. سنڌ مان ويندڙ اڪثر سنڌي انڊين نيشنل ڪانگريس جا ازلي ويري رهيا آهن. کين باور ڪرايو ويو آهي ته ورهاڱي جو وڍ ڪانگريس جي ڪُمهلين پاليسين وسيلي ننڍي کنڊ کي نصيب ٿيو هو. هندستان جو مسلمان وري ڪانگريس کي انڊين وحدت جو ”پوتر وڻ“ سمجهي ٿو. ڀُڄ، ٻاهڙ مير، جوڌپور، جيسلمير ۽ آٻومائونٽ جا سنڌي مسلمان به سنڌي هندن جي ايجنڊا تي سٺ سالن کان پوءِ به اچي ڪو نه سگهيا آهن. ويتر اتان جا سمان، آريسر، راهو ۽ منڱريا چوندا آهن ته اسان لاءِ سنڌ مان ايندڙن ”نوان ڏچا“ پيدا ڪيا آهن. ٿلهي ليکي ڏسبو ته سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ اڄ به جاري آهي. موهن جي دڙي مان هٿيار پهنوار مليا هجن، يا نه البت وڏي وقت کان سنڌ جي ”ڪهاڙي“ نيام ۾ ننڊ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. دُنيا جا سنڌيو، گڏ ٿي وڃو! واري ايجنڊا آهي ته لاکيڻي، پر اها دهلي دور ۾ به ڏاڍي آهي. مام ٻائي (ممبئي) کان سنڌ جي آزادي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري مرحلي جي وچ ۾ ڏهاڪو سالن جو تفاوت آهي. ستر سال اڳ جنهن سنڌ کي آزادي نصيب ٿي هئي ۽ ”الوحيد“ پارين اخبارن جا ”سنڌ آزاد نمبر“ به نڪتا هئا. حقيقت ۾ هندو، مسلم تفريق جو جديد ايڊيشن به ساڳي سمي نڪري نروار ٿيو هو. ڏهه سال ممبئي کان آزادي جا ۽ ڏهاڪو سال ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جا ٽوٽل ٿيا ويهارو کن سال، انهن ويهن سالن سنڌ ۾ جيڪي ريهون ڪرايون آهن، اُنهن روح فرسا حالتن جا مقامي جوابدار اُهي آهن، جن کي اڄ ”محسن سنڌ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. سٺ سال ڀوڳي چڪا آهيون ۽ هڪ سئو سٺ سالن واري اوکي منزل اڃان انتظار ۾ آهي. منير نيازي هوشيار پور ڇڏي آيو هو، چوندو هو ته هڪڙي جوڳي ويري مان پار پياسين، ته ٻيو جوڳي ويرو مُنتظر ڏٺوسين.

    ڇا چاليهارو لک کن سنڌي هندو هن وقت سنڌ ۾ ”انفرادي استحقاق“ جا حقدار ناهن؟ ماڊل ڳوٺن اڏڻ واري سرڪار ڪي ڪولهي ڪالونيون، ڪي ڀيل واڙا، ڪي ڪوچڙا هائوسنگ سوسائٽيون، ڪي موچي نگر، ڪي سوچي سراءِ، ڪي ڪبوترا هائيٽس ۽ ڪي ڪاريا ڳوٺ اڏڻ لاءِ ڪڏهن آماده ٿيندي؟ ڇا سٺ سالن جي وڇڙي ويل سنڌين جي ياد ۾ ڪي پيراڻيون گاديون ۽ ميراڻيون سرڪاريون خورشيد قائمخاني جيان لاڏائو قبيلن ۽ پکي راڄ پکيئڙن لاءِ آکيرا اڏڻ جي اسڪيم پنهنجي ايجنڊا تي آڻينديون؟ تون اکيون ٻوٽي ابدي ننڊ وڃي ستين تنهنجو پورهيو ابد تائين زندهه رهندو. پوپٽي! تو اک پو پٽي يا اڳ پٽي! پر اسان کي تون ۽ توسان گڏ ويندڙ سنڌ جو ”هڏائون پڃرو“ ڪڏهن به ڪو نه وسرندو. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل قريب ۾ اهي جاڙا ڀائر، ”اي ڪامرس“ واري وڻج واپار، انٽرنيٽ ۽ اي ميل وسيلي ”کنڊو انگر کير ۾“ جيان پاڻ ۾ حلول ڪندا، تڏهن تنهنجو ”ٻيو جنم“ به عمل ۾ ايندو!
    arbabnek@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ظلِ هما جو ظالماڻو قتل ۽ ايمرجنسيءَ جا اشارا!



    خميس 22 فيبروري 2007ع

    ”ظلِ الاهي“ اکر انهن حڪمرانن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڏاتار جي ڇپر ڇانوَ ۾ ليکيا ويندا آهن. البته ”ظلِ هما“ نالي کي رکڻ ۾ جيڪي راز سمايل آهن، تن کي ٻن اکرن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو: ”جن مردن ۽ ماين جي مٿن مٿان ”هما“ پکيءَ جو سايو ڪرم نوازي ڪري ته پوءِ اهي بادشاهيون ماڻڻ جا مستحق قرار ڏنا ويندا آهن.“

    ”گوجران واري“ شهر ۾ جنهن ”ظلِ هما“ کي پاڳل شخص کوپراٽيءَ ۾ سڌيون گوليون هڻي ظالماڻي طريقي سان قتل ڪيو آهي، اهڙو واقعو اڳ ۾ هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي. مردن ۾ ته پهرين وزير اعظم خان لياقت علي خان سميت ڪافي ”قائدين ملت“ شاهه اڪبر جي گولين جو بک (هلندڙ جلسن ۽ کلين ڪچهرين ۾) بڻجندا رهيا آهن، البت ست قرآن ليکيون ويندڙ نياڻيون انهيءَ ”پاپ“ کان پالهيون پئي رهيون آهن. گوجران وارو شهر پکن ۽ ٽوڪا مشينن کان ويندي هر ۽ گوبل ٺاهڻ جي حوالي سان شهرت رکي ٿو. ٽيهارو سال اڳ نيڪڻ فقير جا به هن شهر ۾ آوارگيءَ وارا ڏينهن گذريا آهن. تڏهن ظلِ هما پنجن سالن جي هئي. اها نياڻي هن وقت اين اي 98-97 تي اليڪشن ۾ اميدوار بيهڻ لاءِ منصوبابندي به ڪري رهي هئي. 1997ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان هن وڪالت پاس ڪئي هئي. پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي اها نياڻي ٽي مهينا اڳ وزيرياڻي بڻي هئي. وزارت ملڻ کانپوءِ نه ته هن ڪو ڪابينا اجلاس اٽينڊ ڪيو، نه وري اسيمبلي سيشن ۾ شرڪت جو کيس موقعو مليو. خوابن جون ڪهاڻيون اڌوريون رهجي وڃن ٿيون ۽ انسان کي اجل اچي استقباليا ڏي ٿو. ظلِ هما جي شادي سندس ويجهي عزيز عثمان حيدر سان تڏهن ٿي هئي، جڏهن هوءَ اڃان ٿرڊ ايئر ۾ علم پرائي رهي هئي. شهادت جو ڏينهن سندس شاديءَ جي سالگرهه وارو يوم هيو. امير حمزو ۽ شهزور نائين ۽ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ظلِ هما جا اهي لخت جگر آهن، جن کي ممتا جي پڄاڻي ڪيترو ملول ڪيو هوندو؟ پاڻ سمجهي سگهون ٿا. سندس ور ڊاڪٽر عثمان حيدر ڪئناڊا ۾ خصوصي تربيت تي ويل هيو. 20 فيبروري تي شادي جي سالگرهه ملهائي محترمه کي 22 فيبروري تي شام جو آمريڪا اسهڻو هيو. ٽڪيٽ به ڪنفرم هئي، آمريڪا ياترا کان پوءِ سندس ور وٽ کيس ڪئناڊا وڃڻو هو، پر جنوني شخص جي جهالت ظلِ هما کي درد وندي جي ديش جو ٽڪيٽ ڪنفرم ڪرائي ڇڏيو آهي. ظالماڻي قتل سان ڪمهلي موت جو پروانو دلين کي پروڻ ڪري ويندو آهي. گوجران واري شهر ۾ ميان ضياءُ الحق جي نالي سان جنهن روڊ تي نيڪڻ سال ٻه رلندو رهيو، اهو روڊ ظلِ هما جي ور جي ڏاڏي سان منسوب آهي. کيس ”باباءِ شهر“ به چيو ويندو آهي.

    ظلِ هما جو قاتل هن کان اڳ هڪ درجن نياڻيون ماري چڪو آهي. رقيا، علينا ۽ عرفه جهڙيون نينگريون ماريندڙ هي لوهار الماڙين ۽ دروازن جا تالا ته ٺاهي ٿو، پر سندس دماغ تي تالا لڳل نظر اچن ٿا. شيرانوالا باغ جي جامع مسجد جو خطيب ابو عمار زاهد الراشدي ٻڌائي رهيو هو ته، سرور سوين ڀيرا عالمن سڳورن سان وڙهيو آهي. هن جو مطالبو هوندو هو ته ”مٿي اگهاڙين ماين کي ماريندس“ مون کي شرعي طور تي اهڙي عمل جي حق هجڻ واري فتويٰ کپي. سرور تي درجن کن ماين مارڻ جا جيڪي ڪيس درج ٿيل آهن، تن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي.

    (1) ڪيس نمبر 554.02، جيڪو 27.12.02 تي رجسٽر ٿيو. ٽوڀو سٽي ٿاڻي تي 324 جو اهو ڪيس سندس فائدي ۾ فيصل ٿيل آهي.

    (2) ڪيس نمبر 50002 ، جيڪو 29.11.02 تي 302 ۽ 324 قلم تحت درج ٿيو. سرور اتان به بري ٿيل آهي.

    (3) ڪيس 1.03 ، جيڪو 02.1.03 تي درج ٿيو. ماڊل ٽائون ٿاڻي جو اهو ڪيس سيشن جج رياض الحسن علوي جي ڪورٽ ۾ هليو ۽ اتان به سرور کي سزا ڪا نه ملي.

    (4) سبزي منڊي واري ٿاڻي تي 03.11.02 تي مٿس 431.02 نمبر ڪيس داخل ٿيو، ايڊيشنل سيشن جج سرور زمان جي ڪورٽ مان هو انهيءَ ڪيس ۾ 06.12.03 تي بري ٿيو.

    (5) ڪيس نمبر 359.02 هن تي 79.20 واري تاريخ ۾ درج ٿيو ۽ ايڊيشنل سيشن جج ثناءُ الله نيازي جي ڪورٽ مان هو 06.12.03 تي بري ٿيو.

    (6) 403.02 واري ڪيس ۾ به هن تي قتل جو الزام هيو. سيڪنڊ سينئر جج عنايت گوندل جي ڪورٽ مان سرور کي 18.06.03 تي بري ڪيو ويو.

    ڪورٽن واري انهيءَ ڪهاڻي مان لڳي ٿو ته استغاثو سرور ڪيس ۾ پاڻ ”ملوث“ آهي. شاهديون ته اڪثر ڪيس ۾ ٺاهبيون آهن ته پوءِ درجن کن دکي دل وارين جو قاتل جڏهن تڏهن بري ڇو ٿيو؟ شهر ڀنڀور کي باهه ڏيندڙ هن ڀڀوت کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائڻ واري راهه ۾ ڪير رڪاوٽ هئا؟ باغبانپوري جو اهو لوهار لڳي ٿو ته ”هٿوڙا گروپ“ جو به ماسٽر مائينڊ هجي. ڏهاڪو سال کن اڳ تائين هٿوڙا گروپ ملڪ ۾ جيڪي ريهون ڪرايون هيون، اهڙا واقعا مسلسل ٿيندا رهيا، پر دانهون، ڪوڪون ۽ ريهون ڪندڙ مخلوق جو آواز رڻ ۾ رلندو رهيو. سرور جهڙا روز روشن وانگر چٽا ۽ پڌرا قاتل ڇوٽ ڇڏبا ته بيشمار ”ظلِ همايون“ حياتيءَ تان هٿ کڻنديون رهنديون. مذهبي فسادن کان ويندي لساني فسادن تائين ٽيهه سيپٽمبر کان ويندي پهرين آڪٽوبر تائين هن اقليم ۾ انجنيئرڊ قتل گاهون برپا ٿينديون رهيون آهن. ظلِ هما جو قتل مٿان اهڙي ڪنهن طي ٿيل منصوبي جو حصو کڻي نه به هجي، پر آپگهاتي حملن جي هن موسم ۾ هڪ وزارت ڌڻيائيءَ جي کلي ڪچهري اندر گوجران واري شهر جو ”مشهور زمانه قاتل“ آزاديءَ سان آخر اندر گهڙڻ ۽ ظلِ هما جي روبرو ڇهن فٽن تان فائر ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيو؟ پهلوانن ۽ لسيءَ جي شوقينن واري شهر گوجران واري ۾ ٿيندڙ اها واردات مسلم ليگ هائوس اندر ٿي آهي. هوڏانهن مستقبل جو سياسي ”پاڻي پٽ“ به پنجاب ۾ برپا ٿيڻو آهي. اي پي سي لاءِ ٽن مهينن جي مسلسل مهي ولوڙ کان پوءِ جيڪو نواز شريف واضح تاريخون ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ان نواز شريف لاءِ ”پنڊي پارٽي“ جي اڪثريت وٽ سوايو احترام موجود آهي. ظلِ هما جو واقعو پنجاب ۾ خوف جي نفسيات واري نئين آڻت جو نقطئه آغاز به نظر اچي رهيو آهي. لڳي ٿو ته اها طوائف الملوڪيءَ کي فروغ ڏيئي ڪنهن ”ايمرجنسيءَ“ جو اهتمام ڪيو ويندو. آپگهاتي حملن واري لامتناهي سلسلن کانپوءِ ٽارگيٽ بڻائي وزيرن کي مارڻ جو جيڪو نئون سلسلو شروع ٿيو آهي، انهيءَ مهم جوئيءَ جو انجام، ايمرجنسي کان سواءِ ٻئي ڪنهن اهتمام جو اهڃاڻ نٿو پسائي.

    پير سائين پاڳاري به هڪ مهيني اندر ٽي ڀيرا چيو آهي ته اليڪشن ڪا نه ٿيندي البت ”ايمرجنسي“ لاڳو ٿيڻ واري آهي! ڇٽيهه سالن جي نياڻي ظلِ هما جي قتل کانپوءِ تشدد واري انهيءَ سلسلي کي بريڪ لڳائڻ جي ڪيتري ضرورت آهي؟ اها ڳالهه رکون ٿا هڪ پاسي، پر اهڙن واقعن ۾ اڳي به ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟ مسجدون، امام بارگاهون ۽ نشتر پارڪ جهڙا ميدان سوين ڀيرا انساني لهوءَ سان لهو لهان ٿيندا رهيا آهن. تحقيقاتي ڪميشنون به قائم ٿينديون رهيون آهن پر ملڪ ۾ طوائف الملوڪي ۽ خونِ انسان جي ارزاني کي ٻنجو اچي ڪو نه سگهيو آهي. سنڌ جو قبائلي جنگي جنون هجي، يا آپگهاتي به حملن جو مقدس نالن وارو پاڳل پڻو، هن اقليم ۾ اٺيئي پهر انساني جانيون ٽياس تي ٽنگيل نظر اچن ٿيون. سرور جهڙا سودائي هن ديس کي ڪهڙي ”ڪُن“ ۾ غرق ڪرڻ چاهين ٿا؟ هر ڪنهن وٽ موتمار اوزار هجن ۽ هر ڪو پنهنجي من پسند حرڪتن لاءِ آزاد هوندو ته پوءِ ملڪ جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟

    پنجاب پوليس جي واکاڻ ڪندي ڪي ڪونڌر ڍاپن ئي نٿا، پر ان ئي پنجاب پوليس هڪ سئو معصوم ابهم ٻارڙن کي تيزاب ۾ ڳاري ماري ڇڏڻ واري جاويد اقبال لاءِ ڇا ڪيو هو؟ کيس جيل ۾ زهر ڏئي ماري ڇڏيو هئائون، متان ”راز“ آئوٽ نه ڪري! هڪ سئو ٻار ته ٻرڙي به ڪو نه ماريا هوندا، پر ”ٻرڙي ڪئي ٻارن سان“ واري ڦٽڪار مٿس سوائي پيئي. جاويد اقبال ته ڇا پهريون پاڪستاني وزير اعظم پنڊيءَ ۾ مارجي ويو، سيد اڪبر افغان کي ڪنهن بڇيو هو؟ اڪبر کي اتي جو اتي ڇو اڏايو ويو؟ ڊاڪٽر خان، ولي خان جو چاچو باچا خان جو ڀاءُ هيو. کيس لاهور ۾ ڪنهن هڪڙي تپيدار هٿان اُڏرائي ڇڏيو؟ پهرين همراهه کي سرخپوشن کان ڌار ڪري ون يونٽ واري دور ۾ مغربي پاڪستان جو وزير اعليٰ بڻايو هئائون. ظلِ هما جي ڪيس کي ماضي واري ڪارستاني مان ڪوري ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حمزي ۽ شهزور جي امڙ سڳوري! تنهنجو درد گوجران واري کان گوگاسر اچي پهتو آهي ۽ سرت مان نڪتل ”اهڙا سلسلا“ ملڪ کي ساڙي برباد ڪري رهيا آهن.

    arbabnek@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    صوبائي خودمختياريءَ لاءِ اي پي سي ۾ سنڌ جي سهڪار وارو سوال!



    آچر 25 فيبروري 2007ع

    سنڌ سرڪار ست مارچ تي صوبائي خودمختياريءَ جي حوالي سان جيڪا آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، ان تقريب سعيد ۾ شرڪت ۽ عدم شرڪت جو بحث هن وقت سنڌ ۾ اهم جاءِ والاري چُڪو آهي. وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي جو صوبائي صدر سيد قائم علي شاهه عدم شرڪت جو اعلان ڪري چڪو آهي. جڏهن ته ايم ايم اي جا سنڌ ۾ اٺ ايم پي اي آهن، سا جماعت اڃا خاموش آهي. پارليامينٽ کان ٻاهر جون جماعتون ٻڏتر جو شڪار آهن. وڏي وزير اهي لفظ به استعمال ڪيا آهن ته پارٽي اڳواڻن کي ”باوقار“ طريقي سان گهرايو ويندو. نيتن جو مالڪ ڌڻي سائين ڄاڻي ٿو ته حڪمرانن جو هن مهل صوبائي خودمختياريءَ بابت اُڀاريل اشو نقلي آهي، يا اصلي؟ تاهم حالتون کڻي ڪهڙيون به خراب ڇو نه هجن، وطن جي ڪيس کي بيان ڪرڻ لاءِ موقعو وڃائڻ عقلمندي هوندي به ”رسمِ زمانه“ جي ابتڙ ڳالهه ليکي ويندي. پيپلز پارٽي صدر آغا محمد يحيٰ خان جهڙي جرنيل جون ڪُل جماعتي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪري چڪي آهي. جنرل ايوب خان جي ”ق“ ليگ جو نالو هو ”ڪنونشن مسلم ليگ“. شهيد ڀٽو اُن پارٽي جو گجراتي چوڌرين کان وڌيڪ گهڻ گهرو هو. ايستائين به چيو هئائين ته ڊي سي ۽ ايس پي ”ڪنونشن ليگ“ جا ضلعي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل هئڻ گهرجن. محترمه بينظير پاڻ بذات خود محمد خان جوڻيجي واري آل پارٽيز ڪانفرنس کي شرڪت جي سعادت بخشي چُڪي آهي. موجوده سيٽ اپ ۾ پ پ ست سال مذاڪراتي لڪ لڪوٽيون معطل ڪري ڪو نه سگهه آهي ته پوءِ سنڌ سرڪار جي APC جو بائيڪاٽ ايترو معتبر ۽ مانائتو فيصلو ڪو نه ليکبو.

    پيپلز پارٽي ايم آر ڊي واري ڊڪلريشن تي دستخط ڪري مڃيو هو ته جيڪڏهن اقتدار ۾ آياسين ته چئن کاتن کان سواءِ سمورا کاتا پرڳڻن حوالي ڪبا. ڇا 1983ع کان پوءِ پ پ ٻه ڀيرا اقتدار ماڻڻ جا مرحلا طئي ڪري سنڌ سميت چئن ئي صوبن لاءِ خودمختياريءَ جي حوالي سان ڪي قابل قدر قدم کڻي سگهي آهي؟ تر جيترو به سفر انهيءَ راهه تي سدورن ڪو نه کنيو آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر جڏهن ون يونٽ 1970ع ڌاري ٽٽو هو ۽ سال ڏيڍ کان پوءِ ڀٽو صاحب اقتدار جو مالڪ بڻيو هو ته ڇا پنجن سالن جي پيرڊ ۾ پ پ صوبن سان حقن جي حوالي سان ڪا سخا ڪري سگهي؟ ون يونٽ جي خاتمي وقت طئي ٿيو هو ته 1955ع کان 1970ع تائين سورنهن سالن ۾ جيڪي به ملازم اباڻي پرڳڻي کان ڪنهن ٻئي صوبي ڏانهن ملازمت لاءِ مقرر ٿيا آهن، انهن صاحبن کي پنهنجي اباڻي صوبي ڏانهن واپس ورڻو پوندو. ون يونٽ ۾ ڇا ڪجهه ڪو نه ٿيو؟ ”لهوريا منڊا“ سنڌ جون سونيون روپيون زمينون، شهرن جا پلاٽ ۽ اتان جي وسيلن جا ڌڻي ٿي ويهي رهيا. ڇڪو ۽ چوڪو هڻندڙ سيالڪوٽي، ساهيوالي سورمن کي سنڌ جون زمينون ٿي مليون. سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي زمينن سان ڪهڙو حشر ٿيو؟ اهڙا هزارين ناجائز ”ڪارناما“ پيپلز پارٽي جائز بنايا. بلوچستان ۾ غوث بخش بزنجي ۽ عطاءُ الله مينگل فقط بديسي پرڳڻن جي صاحب بهادرن کي واپس موڪلڻ واري مرڪزي سرڪار جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پ پ انهيءَ حڪومت جو ڌڙن تختو ڪري ڇڏيو.

    پ پ ته صوبائي خودمختياريءَ کان تڏهن سنڌ کي محروم ڪري چڪي، جڏهن هن بنگال سان ٿيندڙ بيداد ۾ شيخ مجيب بدران بوچر آف بينگال ۽ بوچر آف بلوچستان ٽڪا خان ٽولي جو ساٿ ڏنو. پ پ جو ماضي پنڊي سان سلهاڙيل ۽ صوبن سان ناانصافيءَ جون سوين ڪهاڻيون پاڻ سان گڏ کنيو پيو هلي. خود موجوده سسٽم ۾ پ پ چوندي رهي آهي ته صدر پرويز اسان جي منشور تي عمل پيرا آهي. پوءِ توهان کي ڪنهن صلاح ڏني هئي، جو توهان سنڌ سرڪار جو اسي سيڪڙو اهتمام سنڀالڻ ۽ مرڪز ۾ ففٽي ففٽي حصو وٺڻ واري آفر کي ٺڪرائي ڇڏيو؟ اوهان جي انهيءَ غلطيءَ جو خميازو سنڌ ڀوپالي ۽ بنارسي غلبي جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جو اوهان ان حوالي سان وضاحتن جي اڻت ۾ سئو سيڪڙو ناڪام ويندا. جي يو آئي، ايم ايم اي جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي. سندس ڪردار صوبائي خودمختياريءَ جي حوالي سان ”ڌيان طلب“ قسم جو رهيو آهي. ايم آر ڊي واري ڊڪلريشن تي صحيحن کان ويندي سنڌو ندي جي پاڻيءَ تي سنڌ جي غالب حق کي مڃرائڻ لاءِ مولوي لوڪن بهتر ڪم ڪيو آهي. جماعت اسلامي به 1970ع واري شمسي بدري سوچ کان گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي. مطلب ته ايم ايم اي کي به موقعو نه وڃائڻ گهرجي ۽ مُشترڪه موقف لاءِ موثر رٿن-تجويزن تي ڀرپور تياريءَ سان APC اٽينڊ ڪرڻ گهرجي.

    سنڌ جون ننڍيون وڏيون جماعتون ۽ سول سوسائٽي جا ادارا به هن موقعي کي ضايع نه ڪن ته بهتر رهندو. ماڊل قسم جو معاشرو ڪتابي دُنيا ۾ ته ملي ويندو آهي، پر عملي طور تي تاريخ جي هر دور ۾ انڌا منڊا ۽ جڏا ڦڏا ماحول مٿي ۾ لڳندا رهيا آهن. ممڪن آهي ته ارباب صاحب ڪو ”ڌماڪو“ ڪري وجهي ۽ موصوف پنهنجي دورِ حڪومت جي ”ڪاميابين“ ۾ ڪنهن نئين سنڌ دوستيءَ کي شامل ڪري ڇڪو چوڪو هڻندو نظر اچي! ايم ڪيو ايم به حقيقت آهي، هن جون عملي مجبوريون پنهنجي جاءِ تي، پر لکت پڙهت ۽ تقرير جي حوالي سان صوبائي خودمختياريءَ بابت سندن سوچ سئو فيصد رد ڪرڻ جهڙي هرگز ناهي! سنڌ واڳن جي وات ۾ آهي. ارباب صاحب جي APC سنڌ جي مظلوميت ۽ سٺ سالن وري حساب ڪتاب جي حوالي سان FIR ڪٽرائڻ جو ”اهم قدم“ به ته ٿي سگهي ٿي. مهتاب اڪبر راشدي کي گهرجي ته هو پاڻ محترمه بينظير ڀٽو کان پ پ لاءِ اجازت نامون وٺي ڏيڻ جو ڪريدٽ حاصل ڪري. اوهان جو ڇا خيال آهي؟ سنڌ لاءِ صوبائي خودمختياريءَ جي حاصلات ايترو آسان ناهي. APC ۾ شرڪت کان اڳ پ پ مجيب پيرزادي کي، فنڪشنل ليگ جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم کي، ايم ڪيو ايم سيد سردار احمد کي، جماعت اسلامي غلام قادر جتوئي وڪيل کي، جي يو آءِ عبدالوهاب چاچڙ کي، جي يو پي ميان عبدالخالق ڀرچونڊي شريف وارن کي ۽ (ق) ليگ ڪشنچند پارواڻي کي سربراهه بڻائي اهڙيون ڪميٽيون جوڙڻ لاءِ آماده ٿين جيڪي منتخب موضوع لاءِ سفارشون جوڙين ۽ باقي سنڌي سوسائٽي جون جماعتون ۽ پريشر گروپ عبدالحفيظ پيرزادي ۽ سيد شريف الدين پيرزادي کي چ۾ مڙسائي ڏيئي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو 60 سالن وارو ڪيس تيار ڪن. اهي جماعتون پارٽي بنيادن تي سب ڪاميٽيون قائم ڪري اهم اشوز تي پنهنجا خيال ”پيرزادن“ حوالي ڪن ته اهڙيون ڪوششون ڪنهن متفقه ڊرافٽ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿيون.

    حفيظ پيرزادو 1973ع جي آئين جو اکين ڏٺو شاهد ته ڇا البت محمد علي قصوري سميت جن يحيٰ بختيار پارن هن ميدان ۾ محنتون ڪيون هيون، تن سمورن لاهن چاڙهن کان به باخبر آهي. شريف پيرزادو کڻي اقتداري ڪاريڊور ۾ غير جمهوري سرڪارون جوڙائي ڏيڻ ۾ مهارت رکي ٿو. پر موصوف عدليه، فوج ۽ عالمي ادارن سان به ڏيٺ ويٺ رکي ٿو. ظاهر ڳالهه آهي ته موثر ماڻهو وڌيڪ ڪاميابي سان ڪيس ٺاهي سگهڻ جي صلاحيت رکندا آهن. شريف جا ويجها حلقا ٻڌائين ٿا ته هو به اي ڪي بروهي وانگر صوبن لاءِ سُٺي سوچ رکي ٿو، پر ڪن ٻاهرين ۽ اندرين طاقتن سان راهه رسم کي هو ”رسمِ زمانه ۽ سڪهِ رائج الوقت“ ڪلچر طور اپنائي ٿو. پليجو، سردار ممتاز، جلال محمود شاهه، عبدالواحد آريسر، خالق جوڻيجو، مگسي، قريشي ۽ ٻيو لوڪ به نور الدين سرڪي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر وارن کي اهڙي مناسب ڊرافٽ لاءِ آمادهه ڪري، جنهن سان سنڌ جو ڪيس ڪي ٻرانگهون اڳتي رڙهي سگهي. کين روچيرام وڪيل، رسول بخش اُنڙ ۽ نصير ميمڻ پارن جون به صلاحون آساني سان ملي سگهن ٿيون. سنڌ سرڪار ڪئپٽن (ر) عثمان علي عيساڻي، سيد نور احمد شاهه، محب الله شاهه، ادريس راجپوت، خالد محمود سومرو، نظر محمد لغاري، عبدالوحيد قاضي ۽ نجم الدين شيخ پارن ٽيڪنوڪريٽس کي حتمي ڊرافٽ لاءِ سليڪٽ ڪري ته گهڻي ڀاڱي سنڌ جو ڪيس تحريري طور تي مناسب شڪل ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. ملازمتن جو فيڊرل ڍانچو غير اهم بنائڻ، فورسز ۾ سمورن پرڳڻن جو برابري وارو حصو، اين ايف سي، سنڌ روينيو بورڊ جون زمينون ڏيڻ جو فارمولو، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جا شفافيت وارا سلسلا ۽ ٻيون الاهي ساريون ڳالهيون آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر ”موضوع بحث“ بڻجي پون ته انهيءَ خير کي شر قرار ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي ها!

    اها ٻي ڳالهه آهي ته اسلام آباد وٽ حاتم طائي وارا سخا جا در ڪيترا کليل آهن؟ اهڙيون خبرون به اوپن ٿيڻ گهرجن. اڪرم دراني بجلي جي رائلٽي کان وٺي ”پختو نستان“ جهڙو متنازعه (اسلام آباد وٽ) نالو سرحد پرڳڻي جو تجويز ڪري سگهي ٿو. ڄام يوسف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون بلوچستان لاءِ سب ڪاميٽيون جوڙائي سگهي ٿو ته پوءِ ارباب صاحب کي APC ذريعي سنڌ جو ڪيس کڻڻ کان ڪيئن ۽ ڇو محروم ڪجي؟
    arbabnek@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڊڪ چيني جي پاڪستان ڏانهن ”ڊڪ ڊوڙ ” ايترو ڇو پئي ڊيڄاري؟



    اربع 28 فيبروري 2007ع

    هڪڙا ته اُهي تصويري پوز هوندا آهن، جيڪي اخبارن ۽ چئنلن لاءِ فراهم ڪبا آهن، پر حقيقي معنيٰ ۾ ٻه ٻه هٿ اُنهن اجلاسن دوران ڪبا آهن، جن مجلسن جون سورهان جا ويهه آنا خبرون، اوپن ناهن ڪبيون. ڌُڪن ۽ ڏٽن تي دُنيا جي ڪا به طاقت ”قابل دست اندازي پوليس“ واري دفعه لاڳو ڪري ڪو نه سگهي آهي. سو، سائينءَ کي چوان! جڏهن آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني اچانڪ ميراٿن ريس جيان ڊڪ ڊوڙ ڪندو، پوٺوهاري پٽن تي تشريف فرما ٿيو ته ساري جڳ جهان جي ميڊيا کي دورا پوڻ شروع ٿي ويا. ڪن چيو ته شيڊول کان سواءِ ڪنهن آمريڪي اڳواڻ جي اچانڪ آمد دال ۾ گهڻي ساري ڪاراڻ ظاهر ڪري رهي آهي. ڪن وري احمد فراز جُون اهي سٽون اوڌر تي وٺي پنهنجو مقصد يامن جي مراد پوري ڪئي.

    تُم تکلف کو بهي اخلاص سمجهتي هو فراز،

    دوست هوتا نهين هر هاتهه ملاني والا!

    فرازي ٽولي اهي خبرون ڪيون آهن ته تازي ڊڪ ڊوڙ ”آر يا پار“ واريون فرمائشون کڻي وارد ٿي هئي. جنهن مطابق آمريڪي صدر فرمايو آهي ته افغانستان ۽ وزيرستان ۾ يا اوهان جي هلندي يا اسان جي! جيڪڏهن اسان جي هلڻ ڏيو ٿا ته سندرا ٻڌو ۽ ٻيهر ”مُهم“ ۾ لڳي وڃو، ٻي صُورت ۾ مسافر پنهنجي سامان جا پاڻ ذميوار هوندا. ”نيويارڪ ٽائيمز“ سميت دُنيا جا اڪثر مشهور ميڊيائي مرڪز ٻڌائي رهيا آهن ته واشنگٽن واشگاف لفظن ۾ چيو آهي ته پنڊي اڳ جيان اسان جون هدايتون نٿي مڃي ته پوءِ اسان ايئن سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اوهان پنهنجو جهاز ٻئي رخ ۾ هلائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. شرطن ۽ چتائن جي حوالي سان اها تجويز آئي آهي ته آمريڪا سالياڻو ڦوڙي ڦراهت وارو جيڪو چندو 0 5 8 ملين ڊالرن جي شڪل ۾ توهان کي ڏي ٿو، اول ته انهيءَ ۾ هڪڙي ڌڪ سان 350 ملين ڊالرن جي ڪٽوتي ڪبي ۽ توهان سان افغانستان ۽ هندستان هٿان ملهه ملاکڙا به ڪرائي سگهون ٿا. ڊڪ چيني ڊوڙندو ته ضرور آيو، پر پاڻ سان شاهد گواهه به گڏ کڻي آيو هو. سي آءِ اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اُهي فلمون به اوپن ڪري رهيو هو، جن فلمن وارين ڪيسٽن ۾ قبائلي علائقن اندر ”طالبان“ جي افزائش ڏيکاريل آهي. پاڪستان نائن اليون کان ترت پوءِ جيڪا ”ڦير ڦار“ ڪئي هئي. اُن ”يو ٽرن“ جو هاڻ وري ٻيو نڪ نقشو سامهون آندو پيو وڃي.

    (1) ڊڪٽيشن نه وٺڻ.

    (2) نيٽو ۽ افغان حڪومت کي اڳين مورچن ۾ پاڻ اچي طالبان کي ڪنٽرول ڪرڻ.

    (3) پاڪستان جي سر زمين کي ڌارين ملڪن جي آپريشن لاءِ يوز ڪرڻ جي ”موڪل“ نه ڏيڻ.

    تسنيم اسلم جا بيان ٻڌائين پيا ته ظاهري طرح سان ٽيهر ڪا نئين پرڏيهي پاليسي جڙي رهي آهي، جيڪا حسب معمول ڪو نه آهي ۽ ڪجهه نواڻ جي به خوشبو اچي پيئي. 60 سال جنهن عالمي قوت جي چئي ۾ هڪيا تڪيا حاضر رهياسين، ڇا اچانڪ انهيءَ سموري سنگتي پڻي کي پُٺي ڏيڻ جي پاڻ ۾ ”پاوريت“ آهي؟ جواب سئو سيڪڙو مبني بر انڪار آهي. چينيءَ سان گڏ ساڳئي ڏينهن برطانوي سرڪار جو نياپو کڻي جيڪا مارگريٽ محترمه پُهتي، ان جو آمريڪي ”چينيءَ“ سان گڏ قدم رنجه فرمائڻ اتفاق ۾ شماري ڪري نٿو سگهجي. تهذيبي وار جا مک مهندار ڪهڙيون ڪهڙيون نيون فرمائشون اُڇلي ويا آهن؟ اهي ڳالهيون عملن ۽ نتيجن جو روپ ڌارڻ جهڙيون ٿيون، تڏهن خبر پوندي ته گهڻين ويهين سئو ٿئي ٿو؟ آمريڪي ۽ يورپي يونين جو ”چندو“ بند ٿيو ته چين کي ”چوڌري اعظم“ بڻائي ڪم ٽپائي وڃبو، پر اڌ صدي کان به ڏهه سال مٿي جن جو ساٿ ڏنوسين، سي منهن ورائي پوئتي ڏسڻ لاءِ به تيار ڪو نه آهن. کل ڀوڳ جي ڳالهه ناهي. هن وقت وطنِ عزيز تي دٻاءَ جي حوالي سان جيڪا ڇپ ڪري آهي، انهيءَ کي هٽائڻ لاءِ جيڪي رپ قسم جا راڻا ۽ راڻيون درڪار آهن، اهي اڻ لڀ آهن. واڳ جنين وس آهي، اهڙي واڳ ڌڻي مخلوق ۾ چاڙهو گهٽ ٿو نظر اچي. ٻيڙي جن ڪُنن حوالي ٿي آهي، انهيءَ ۾ قصو پنهنجو آهي، پر الزام ”اورن“ کي ڏيندا وتون ٿا. سوويت يونين ۽ سرمائيداري بلاڪ جي وچ ۾ مُتوازن پرڏيهي پاليسي هلايون ها ته اهي ڏينهن ڏسڻا ڪونه پون ها. پر ”ماضي جا مزار“ رنگڻ سان خوبصورتي ته حاصل نٿا ڪري سگهون.

    ڊڪ چيني ۽ مُحترمه مارگريٽ (ٿيچر نه) اُنهيءَ افغانستاني بُحران کي حل ڪرائڻ لاءِ پنڌ پيا آهن، جنهن بُحران جي اُڻت ۾ برطانيا ۽ آمريڪا ستاويهه سال اڳ ”مين آف دي ميچ“ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. پنجٽيهه لک افغان ستاويهن سالن ۾ سُو مرقد روانا ڪري هاڻ چئو ٿا ته ملڪي حالتن کي ڪرزئي هٿان درست ڪنداسين، پر علي محمد جان اورڪزئي اينڊ سنز اڳين مورچن ۾ پنهنجا ”مجاهد“ فراهم ڪن، جيڪي اسان لاءِ موت جي منهن ۾ وڃڻ قبول ڪن. ڀائي! هزار کن ته ڏکڻ ۽ اُتر وزيرستان ۾ ”هلي چُريا“ باقي ٻيلي، ”اي پُتر هٽان تي نئين وڪدي!“ هن وقت افغانستان ۾ واهوندي جي پُر بهار لالن کي مست بڻائي چڪي آهي. دغا دغا وئي وئي وئي ڪندا، موسيٰ قلعي کان جيڪي عيسيٰ خان موسيٰ ميدانن ڏانهن مائل ٿيا آهن، تن تلوار بازن جون تکيون مٺيون سرگرميون وڌي سگهن ٿيون. مارگريٽي ۽ چيني ”منزلون“ به لک لهن ٿيون، پر گذريل هفتي ڏيڍ اندر ملان عمر وارن تر تپائي ڇڏيو آهي. ”نيوز ويڪ“ جي ليکڪا لکي ٿي ته ملان عُمر جون تازيون آڊيو ڪيسٽون افغانستان ۾ عام جام تقسيم ٿي چڪيون آهن. هن چيو ڇا آهي؟ ملان عمر چوي ٿو، صليبي طاقتن خلاف پنهنجن حملن کي ايترو ته طاقتور ۽ زُود اثر بڻايو، جنهن جو ماضيءَ ۾ به ڪو مثال قائم نه ٿيو هجي. انهيءَ رسالي جي نمائندن انڪشاف ڪيو آهي ته ملان عمر غارن مان ٻاهر نڪتل آهي. جنگي ڪمانڊرن سان سنئون سڌو لهه وچڙ ۾ اچي چڪو آهي. تازو ڏينهن ٻه اڳ هن هلمند ۾ ڪمانڊر گل آغا آخوند سان تفصيلي تبادلهءِ خيال ڪيو آهي، جنهن ۾ جنگي حڪمت عملي تي ڳوڙهو غور ڪيو ويو. گل چوي ٿو ته امير جا احڪامات افغانستان جي اڪناف ۽ اطراف ۾ پهچي چڪا آهن. جڏهن برف ڳرندي ته سياري جي اختتام تي لکين افغاني ”اتحادين“ جا مهمان هوندا. ”نيوز ويڪ“ وڌيڪ لکي ٿو ته، ستن سٽن تي مشتمل ”فرمان امروز“ قسم جو هدايت نامو هٿو هٿ تقسيم ٿيو آهي، جنهن تي ملان عمر جا اوريجنل دستخط موجود آهن. رسالي چواڻي هُن چيو آهي ته، ”جن جان ڏني سي سرها ٿيا، جن ڀاڄ کاڌي سي گيدي بڻيا. سينو ساهڻ وارن کي منهنجا سلام! اڳين سالن جي ڀيٽ ۾ هيل پاڻ کي سڀ ڪسرون ڪڍڻيون آهن، دُشمن کي ديس نيڪالو ڏيڻو آهي. بهشت برين انهن لاءِ آهي، جيڪي وطن کي جنت بنائڻ لاءِ جان تان گُذري ويا. رسالي لکيو آهي ته هن هدايت نامي اتحادين جون متيون مُنجهائي ڇڏيون آهن. ويڙهاڪن ملان عمر جي هٿ اکرن کي”وٽامن“ سمجهي اکين تي رکيو آهي ۽ عنقريب افغانستان ۾ نئون ممڻ مچندو.

    هيءُ ته ٿيو ”نيوز ويڪ“ جو خلاصو، هوڏانهن مغربي ميڊيا ۽ آزاد دنيا جا اطلاعاتي ادارا ملان داد الله جي اُها وڊيو ڪيسٽ ڏيکاري رهيا آهن، جنهن ۾ هو آپگهاتي حملن لاءِ نالا لکرائيندڙن جا انٽرويو ڪري رهيو آهي. قسطن ۾ ڌار ڌار ٽولن کي تربيت ڏيندي ملان کي ڏيکارڻ لاءِ ميڊيا ۾ مقابلو هلي رهيو آهي. نيٽو فوجن جو ترجمان ڪرنل ٽائيم ڪولينز چوي پيو ته اسان ٻارهان هزار فوجي آمريڪي ڪمان ۾ ڏنا آهن. آمريڪا جي تازه دم فوج پندرهان هزار جي انگ ۾ تازو هزاره جات سان هلچل لاءِ هرات ۽ هلمند پهتي آهي، جيڪا ”جت لُڪ لڳي ات اڪ تپن“ جهڙي اورزگان ۽ هلمند جي ريگستانن ۾ رت جي قرباني ڏيندي. ٽائيم دعويٰ ٿو ڪري ته 2006ع ۾ هڪ سال دوران اسان نٽيو وارا ٽي هزار طالبان کي ماري چڪا آهيون، پر اسلحي ۽ سيٽلائيٽ جي بالاتري باوجود هو اسان جو هن کان به وڌيڪ جِڻ ٻچو رولي چڪا آهن. ملان عمر جي ترجمان جو نالو ”نيوز ويڪ“ ملان نيڪ محمد ڄاڻايو آهي. نيڪڻ چوي ٿو ته اسان ڪردار جي اسلحي وسيلي معاشري ۾ احترام حاصل ڪيو آهي. ڪرپشن ۽ اخلاقي برائين ۾ غرق ٿيل اميرن ڪبيرن ۽ ڌارين کي پنهنجي ناپاڪ وجود سميت افغانستان خالي ڪرڻو پوندو! نيڪڻ کان اڳ حنيف ملان سندن ترجمان هيو، جيڪو هن وقت نيٽو وٽ قيد آهي. نيٽو ملان حنيف سان ٿيندڙ تفتيش مان ايترو سو مطمئن آهي ته ملان عمر پاڪستان ۾ ناهي، ڪوئيٽا ۾ ته صفا ڪونهي. ٽائيم جي چوڻ مطابق پنجاهه کن ڪمانڊرن جي حفاظت ۾ رهندڙ ملان عمر غارن ۽ چُرن ۾ رهي پيو. زابل جو ڪمانڊر عبدالرحمان عالمي ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته ملان عمر جو پيغام سموري افغانستان ۾ ڇهن هفتن اندر پهچي ويندو آهي ۽ هوندو به هٿو هٿ آهي. البت اهم حڪم 4 2 ڪلاڪن ۾ سموري نيٽ ورڪ تائين پهچائڻ جي اسان ۾ سگهه موجود آهي. وائرليس سان ليس طالبان وٽ سيٽلائيٽ فون ۽ موبائيل گڏ هوندا آهن. پر ملان عمر پاڻ اهي سهولتون استعمال ڪو نه ڪري. هن سان فقط ملان عبيدالله ۽ ملان برادر سنئون سڌو لهه وچڙ ۾ ايندا آهن. نيوز ويڪ ملان داد الله ۽ ڪمانڊر ذبيح الله جا انٽرويو به ڇاپيا آهن. هو چون ٿا ته اسان جو ”امير“ ڳالهائيندو گهٽ آهي ۽ عبادت کي گهڻو وقت ڏي ٿو، پر سندس فرمان کي اکين تي رکڻ وارا انيڪ! سندس حڪم تي سوين ماڻهو سر تان سانگو لاهي مرد ٿي ميدان ۾ لهندا آهن.

    افغانستان ۾ جنگاڻ جو جيڪو نئون جهنگ ۽ ٻيلو تيار ٿي رهيو آهي. انهيءَ جي شدت کي روس، چين ۽ ڀارت به محسوس ڪيو آهي. تازو هفتو کن ٿيندو دهلي ۾ ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏيا هئا، جن ۾ چين جو زراءِ زنگ، روس جو سرگئي ميناخوف ۽ پاڻ وارو پاڙيسري پرناب مکرجي. هنن گڏيل قومن تي اڪيلي آمريڪي اثر رسوخ کي رد ڪندي مشترڪه بيان ۾ چيو آهي ته، ”ملٽي پولر ورلڊ آرڊر“ جي ضرورت آهي. اقوام متحده کي ڪنهن هڪ ملڪ کي ليز تي نٿو ڏيئي سگهجي. دهشتگرديءَ جي نالي ۾ ملڪن جي سلامتيءَ سان کيڏڻ اوکو ۽ اولو ڪم آهي. ملڪن ۽ علائقائي بلاڪن جي اقتدار اعليٰ ۽ سالميت کي مجروح ٿيڻ ڪو نه ڏبو. شنگهائي سهڪاري سنگت کي وڌيڪ موثر بنائڻ سان گڏ هنن اهو به فيصلو ڪيو آهي ته گهڻ رُخي سفارت ڪاري ۽ معاشي استحڪام لاءِ ”مقامي مفادن“ جو تحفظ ڪبو. ايران واري جوهري تنازعي کي طاقت بدران ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. دهليءَ ۾ ٿيندڙ انهيءَ گڏجاڻي کان ترت پوءِ آمريڪا ڀارت سان ٿيندڙ ائٽمي معاهدي تي ٿڌا ٿڌا اعتراض وارد ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ايران واري گئس پائيپ لائين کي پاڪستان ڀيٽي ڀارت پهچڻو آهي. ٽنهي ملڪن جا ٽن سالن کان هلندڙ هن عنوان تي تنازعا هاڻ تازو ئي ختم ٿيا آهن. آمريڪا انهيءَ معاهدي جو به جاني دشمن آهي.

    هوڏانهن احمدي نزاد کي سورهن مهينن ۾ مغربي ميڊيا جيترو کنيو آهي، ايترو بُش کي به موقعو نٿا ڏين. کيس ”پرسن آف دي ايئر“ ۽ ”مين آف دي ايئر“ جا لقب ڏنا اٿن. هينري ڪسنجر لکي ٿو ته، احمدي نزاد جا ڌمڪين وارا خطبا بش لاءِ نفعي بخش ثابت ٿي رهيا آهن، البت آمريڪي عام سوسائٽي ”سطحيت“ جو شڪار آهي ۽ هو احمدي کي آمريڪا جو سڄڻ سمجهن ٿا. ايراني جوڳين هٿان آمريڪي ڳوهه کي قيمو ٿيڻ نه ٿو ڏي ته مُحسن ته ٿيو نه! اسلام آباد ۾ ستن ملڪن جا پرڏيهي وزير به ساڳين ڏينهن ۾ گڏ ٿيا. انهن فلسطين، عراق ۽ ايران جو ڪيس نئين انداز سان کنيو آهي، پر ايراني، عراقي ۽ فلسطيني نمائندگي هن اجلاس ۾ گهٽ هئي. پندرنهن ڏينهن کان جيڪو ايران صف اول ۾ ميڊيا تي موجود هيو، هاڻ اها ”سعادت“ افغانستان ڏانهن منتقل ٿي آهي ۽ اُڻت ۾ ”ڪوريپو ڪم“ ڪيو آهي بُش بهادر! ايران افغانستان، ڀارت ۽ عراق کان ويندي روس ۽ چين جي پاڙن ۾ ٿيندڙ نئين شورش ۽ پاڪستان جي ناتوان ڪلهن تي کڻايل ڳرو وزن هن خطي ۾ ڪهڙا قهر آڻيندو؟ اهو سوال آهي ڪروڙ جو، ۽ ان سوال تي پاڻ سڀني کي گڏجي سوچڻ گهرجي.
    arbabnek@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    آمريڪا پاران ايران تي جنگ مڙهڻ ڪيترو ”آسان“ آهي؟



    ڇنڇر 3 مارچ 2007ع

    افغانستان ۽ پاڪستان سان ملندڙ ايراني بارڊر سيل ڪيا ويا آهن. پاڪستان جو پرڏيهي وزير چئي پيو ته تهران تي جنگ مڙهڻ جون تياريون سموري جڳ جهان کي ٽين عالمي جنگ حوالي ڪري سگهن ٿيون. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ”پاپولر“ رئيسياڻي به چوي پئي ته ايران کي سيکت ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس گهيرو وڌيڪ تنگ ڪجي. اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندڙ او آءِ سي جي ستن ملڪن وارا بين الاقوامي امور جا ”ماهر“ پرڏيهي وزير به بين السطور ۾ شيراز ۽ تبريز کي تنها پروازي کان روڪڻ جون ڳالهيون ڪري ويا آهن. سندن سرگرميون تهران بدران واشنگٽن ڏانهن ”مائل“ نظر اچي رهيون هيون. قطر ۽ ٻين عرب ملڪن کي ايراني جوهري پروگرام تي شديد قسم جا ”تحفظات“ رهيا آهن. شيعا-سُني فيڪٽر کي به واشنگٽن پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. واشنگٽن جي بلوغت جو عرصو ۽ ٻي مها ڀاري جنگ جو زمانو ساڳيو آهي. هن خوش بخت پنهنجي شجاعت جو آغاز هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ سان ڪيو هو.

    انسان دوستيءَ جي هن بين الاقوامي ”شهرت يافته علمبردار“ هڪڙي ڌڪ سان ايٽم بم وسيلي ڏيڍ لک ماڻهو ماري هيروشيما ۾ خون جي هولي کيڏي هئي. هوڏانهن ناگاساڪي ۾ منو لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. هي سڀاڳو پُٽ پينگهي ۾ پڌرو جڏهن اڌڙوٽ ٿيو ته اٽڪل ويهارو ملڪن ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي پنجاهين سالگرهه تائين هُن پنجاهه کن ملڪ مطيع ۽ فرمانبردار بنائي ڇڏيا. ويٽنام ۾ جيڪا جنگ سورهان سترهان سال هلي، انهيءَ ڪو ديتا ۾ ڏهاڪو لک ماڻهن پنهنجي حياتي تان هٿ کنيو. نائين اليون کان پوءِ افغانستان ۾ هو 2001ع ڌاري تشريف فرما ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن قنڌاري ڏاڙهونءَ جهڙا خوبصورت لالا ڏيڍ لک جي انگ ۾ پنجن سالن اندر سورگ باش بڻائي ڇڏيا. جبلن کي سرمون بڻائڻ وارو سندس سياهه ڪارنامو تهان ڌار آهي. عراق ۾ آمريڪي آفت 3 0 0 2 ع ڌاري پنهنجي آمد واري انٽري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويئي. ٽن سالن ۾ 6 لک کان مٿي ماڻهو لقمهءِ اجل بڻايا ويا. اها رسمِ بد اڄ به شتر بي مُهار جيان جاري ۽ ساري آهي. ايران سندس اڳيون هدف نظر اچي پيو.

    محمود البرادي جي انٽر نيشنل اٽامڪ انرجي ڪميشن کي اسرائيل جي مانيٽري کان مُستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي، پر ايران لاءِ هو به چوي پيو ته تهران سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن کي کنگهي ئي ڪو نه ٿو ۽ شيراز جا شاهه ڪاريگر يورينيم جي افزودگي ۾ صبح شام مصروف عمل آهن. آمريڪا کي برادي جي بيان ڪيل حقيقت موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو ايران کي سوگهو ڪرڻ لاءِ تهران تي چڙهت ڪري. آمريڪا عراق تي حملي لاءِ به اها ئي ٿيوري ڪتب آندي هئي. واشنگٽن واشگاف لفظن ۾ چيو هو ته بغداد موتمار هٿيارن جو مائونٽ بڻجي چڪو آهي، پر لکين ماڻهو مارائڻ ۽ صدام حسين کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ به آمريڪا کي عراق مان مطلوبه مقدار ۾ ته ڇا، پر معمولي موتمار هٿيار به هٿ ڪو نه آيا! آمريڪا چوي ٿو ايران کي، پر پاڻ ڪهڙي چڱائيءَ جو چڱو مڙس بڻجي دُنيا جي آزاد ملڪن کي انتقال پُرملال ڪري رهيو آهي؟ هن وقت جرمني سميت سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن هٿان ٻيهر آمريڪا ايران تي بندشون وجهڻ لاءِ ڪنهن ٺهراءَ جي اُڻت ۾ لڳل آهي. پهريون ڀيرو جڏهن ايران تي گڏيل قومن دٻاءُ وڌو هو تڏهن ايران سرڪار اهڙي پريشر کي ”پائيپ“ ۾ رهڻ ڏنو ۽ ٺهرائن کي ٺڪرائي ڇڏيو هو. آمريڪا، روس، چين، فرانس، برطانيا ۽ جرمن نمائندن سخت ڌمڪين تي ٻڌل نئون ٺهراءُ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. چين جي پرڏيهي کاتي انهيءَ نئين ٺهراءَ واري اُڻتي عرصي ۾ چيو آهي ته بيجنگ تهران تي اجايون بندشون برداشت ڪو نه ڪندو. 07/28 فيبروري تي هاشمي رفسنجاني ۽ منوچهر مُتقي جهڙن ايراني ليڊرن کليو کلايو چئي ڏنو ته آمريڪا ڦٽيل شينهن جيان اسان کي حملي جي زد ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، پر اسان به جوهري پروگرام جاري رکنداسين. ڏسون ته ”صفِ دشمنان“ جاتير تفنگ ڪٿان ٿا اچن! مُتقي ۽ رفسنجاني جا ردعمل ”ڊيلي ٽيليگراف“ ۾ ڇپيل انهن خبرن کان پوءِ سامهان آيا آهن، جن خبرن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ايران جا ائٽمي مرڪز پنهنجن حملن جي زد ۾ آڻڻ لاءِ عراق جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ بابت لکپڙهه ڪئي آهي. هوڏانهن رڍون ٻڪريون چاريندڙ احمدي نزاد هوگو شاويز جيان آمريڪا کي سنڱن تي کڻي ميڊيا واري محاذ تي واشگنٽن کي شڪست فاش ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هُن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان سلامتي ڪائونسل جا ميمبر تقسيم ٿي ويا. هن ”هولو ڪاسٽ“ کي تنقيد جو هدف بنايو. قبله اول جي آزادي ۽ فلسطين جي سرزمين تي قابض اسرائيلي بادشاهه ٽولي کي دنيا جي نقشي تان ميساري ڇڏڻ جون ”ننڍي منهن سان وڏيون ڳالهيون“ ڪري متڪبرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا.

    جيڪڏهن اسرائيل هٿان آمريڪا ايران تي ڪاهي ٿو اچي ته ايران هڪ هفتي کن ۾ ڍير ٿي سگهي ٿو. ايٽمي تنصيبات جو پهرو به ايترو مضبوط ناهي، پر احمدي نزاد جي خطابتي جوهر سان ايران آمريڪا اينڊ ڪمپنيءَ کي سست روي تي مجبور ضرور ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت آمريڪي پاليسي کي پڳون پارائيندڙ پهلوان جنهن ”جُرم“ جو ايران کي ”مجرم اول“ ڪوٺين ٿا، ان ڏوهه جي شروعات سيپٽمبر 2006ع ۾ ٿيندڙ انهن ڳالهين کان ٿئي ٿي، جن ڳالهين ۾ يورپي ملڪن طرفان هاوير سولانا ۽ ايران پاران علي لاريجاني شريڪ ٿيا هئا. انهن رهاڻين ۾ ابتدائي طور اهو فيصلو ٿيو هو ته ايران يورينيم جي افزودگي وارو ڪاروبار ڪنهن حد تائين معطل ڪندو، البت سدائين لاءِ بند ڪو نه ڪندو. هن وقت سولانا وارا سورما چوڻ لڳا آهن ته ايران اهڙن واعدن تان نامُڪر ٿي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪا جو معاون پرڏيهي وزير رچرڊ برنس چوي ٿو ته هاوير سولانا ۽ علي لاريجاني وارا معطل ٿيل مذاڪراتي عمل ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿا. برنس کي ايراني ماڻهن ۾ وڏيون اميدون آهن ته اُهي احمدي نزاد جا مخالف ٿيندا پيا وڃن. ثبوت خاطر برنس اُهي بيان اوپن ڪيا آهن، جن ۾ اڳوڻي صدر هاشمي رفسنجاني هاڻوڪي صدر احمدي جي حڪومتي عرصي کي اقتصادي بدحاليءَ جي حوالي سان ايران لاءِ تباهه ڪن قرار ڏنو آهي. برنس ايراني پارليامينٽ جي ڏيڍ سئو ميمبرن جو اهو خط به اوپن ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن ميمبرن طرفان صدر نزاد خلاف طويل چارج شيٽ ۾ کيس سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو حريص ڪوٺيو ويو آهي. علي لاريجاني ۽ ٻيا اهم پاليسي ساز اڳواڻ ۽ ايران جي پاپولر ميڊيا به صدر کي ”ٿڌو ٿي“ واريون پٽيون پڙهائي رهي آهي. خود آمريڪي سوسائٽي افغانستان ۽ عراق واري تجربي کان پوءِ ڪنهن نئين محاذ کولڻ لاءِ بش جي توسيع پسنديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پينٽاگان ۽ سي آءِ اي جهڙا پاليسي ساز ادارا ان نتيجي تي پهتا آهن ته ايران جي کس کان پاسو ڪيو وڃي ۽ افغانستان ۽ عراق مان به باعزت واپسيءَ جو رستو تلاش ڪجي! فوج جا هڪ درجن کان وڌيڪ سينيئر آفيسر ايران تي ڪاهي اچڻ کان اڳ مستعفي ٿيڻ جون ”پيشڪشون“ ڪري چڪا آهن. بش کي ملڪ جي منتخب ايوانن منجهان ”ايران ڪاهه“ لاءِ منظوري وٺڻ اوکو پيو لڳي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ان نتيجي تي پُهتي آهي ته صدر بش جون بي سروپا باتيون هوبهو مڃيندا وينداسين ته پوءِ هيءُ سربراهه ته پوري سوسائٽيءَ کي رڻ ۾ رولي سگهي ٿو.

    ”مرگ بر آمريڪا“ جو نعرو جنهن تهران اڄ کان اٺاويهه، ٽيهه سال اڳ متعارف ڪرايو هو. اڄ ٽيهارو سالن جي طويل وٿيءَ کان پوءِ وري به آمريڪا کي ”مرگ بر...“ جي نعرن سان ايران ۾ وڌيڪ شدت سان ياد ڪيو پيو وڃي. ايران جا فارس تهذيب تي فخر ڪرڻ وارا ماڻهو عزت ۽ وقار کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، هو ته عربن تي به ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن. تاريخ جي اٺ سئو سالن واري دور جو هڪڙو فقيراڻو مثال ايرانين کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙن جي مدد ڪري سگهي ٿو. شيخ سعدي سيلاني جوڳي هيو، ڀلي پار تان پانهون وطن ورڻ ۾ هن کي ڏهاڪو سال لڳي ويا. واپس اچڻ شرط تبريز جو قصد ڪيائين، جتي سندس جگري يار خواجا شمس الدين رهندو هو. هلاڪو خان جو دار السلطنت رهندڙ اهو شهر تنهن وقت ۾ ”اباقان“ جي بادشاهيءَ جا مزاماڻي رهيو هو، هيءُ هونهار هلاڪو جو لخت جگر هو. سعدي هڪڙي مسيت ۾ نماز پڙهي ٻاهر ٿي نڪتو، ڇا ڏسي ته ماڻهن ۾ هٽو بچو جا هوڪرا لڳا پيا هجن. سعدي ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته سامهون بادشاهه جي سواري لنگهي پئي. شمس الدين ۽ علاءُ الدين هن جا ساڄا کاٻا مشير بڻيل ساڻس گڏ سفر ڪري رهيا هئا. سعدي ته ڪنڊائتو ٿي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي شاهي سواري جي اکين مان اوجهل ٿيڻ جي انتظار ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ڪا مهل اوچتو ٻه ڄڻا گهوڙن تان لٿا ۽ اچي سعدي ”مُرشد“ جي دست بوسي ڪرڻ لڳا. ”اباقان“ کان اهو منظر سٺو ڪو نه ٿيو، جو شاهي آداب به ته ڪا شيءِ ٿين ٿا. سعدي سنگت کي اشارو ڪيو ته هتان ٽرو، متان بادشاهه اوهان کي نوڪري مان ڪڍي نه ڇڏي. فقير اوهان کي اوهان جن ”دولت خانن“ تي اچي اُتي دست بوسي جو شرف بخشيندو.

    اباقان سعديءَ جي مريدن کان بزرگ جا احوال پڇيا. ظل الاهي! هيءُ ابو به آهي ته مرشد به آهي، جنهن کي توهان سوڌو جڳ جهان سعدي شيرازي جي نالي سان سڃاڻي ٿو، گلستان بوستان جو مصنف! بادشاهه چيو ته، هيءُ ته شيراز جو رهاڪو آهي. چيائون، تبريز کي شرف روحاني بخشڻ لاءِ اڄ هتڙي آيو آهي. بادشاهه چيو ته، هي بُزرگ ته قصر شاهي ۾ آڻڻ جهڙو آهي، توهان وڃو ۽ مهرباني ڪري هن کي وٺي اچو. علاءُ الدين ۽ شمس الدين بادشاهه سلامت جو پيغام پهچايو.

    ”فقير فقيرن ڏانهن اسهيو آهي، اميرن ۾ اسان جو ڇا؟ عالمي مرتبت کي چئجو ته سعدي ”درٻاري راڳ“ ڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. پيغام آڻيندڙن کيس چيو ته بادشاهه جي حڪم جي انحرافي مصلحت جي خلاف آهي. سعدي چيو ته، مصلحت اهو ڪري جنهن کي سلطانِ وقت مان حصول زر جي اُميد هجي. درٻارين وڌيڪ وضاحتون ڪندي چيو ته هو ته اوهان جو قدر دان آهي. سعدي چيو هو ان هلاڪو خان جو پٽ آهي، جنهن بغداد کي برباد ڪيو هو. منهنجو ضمير اهڙن بادشاهن جي دولت خانن تي حاضري ڀرڻ گوارا نٿو ڪري.

    اڄ ايران انهن بغداد کي برباد ڪندڙن سان ”داد فرياد“ ڪري رهيو آهي، جن هلاڪو خان ۽ چنگيز خان کي به شرمائي ڇڏيو آهي.
    arbabnek@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عدالتي سيٽ اپ کي ڇو اپ سيٽ ڪيو ويو؟



    ڇنڇر 17 مارچ 2007ع

    عدالتي بحران جي عروج واري موقعي تي آمريڪا مان عالي مرتبت رچرڊ بائوچر اسلام آباد پُهتل آهي. راڻو ڀڳوان داس ”الچپ من الماٺ“ لڳو پيو آهي. هاڻوڪي عدالتي بُحران ۾ به اڳ جيان حبيب وهاب الخيري جو وڏو ڪردار آهي. معطل افتخار چوڌري ميان نواز شريف لاءِ جيڪي ريمارڪس ڏنا هئا، پنهنجي معطليءَ کان ٻارهان ڪلاڪ اڳ جيڪي سرڪار ابد پائيدار کي به ڇرڪائي ويا هئا ۽ اُهي خيري واري ڪيس سان تعلق رکن ٿا. چوڌري افتخار وٽ حبيب خيري لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس افتخار حسين بابت دانهي ٿيو هو. معُطل افتخار، لاهوري افتخار ۽ ڳاڙهي موري واري ڏوگر تي عدم اعتماد جو به اظهار ڪري چڪو آهي. اهو به چيو اٿس ته انهن مُعزز ججن بابت مون وٽ ريفرنس آيل هئا ۽ اهي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ويٺل رهيا ته پوءِ مون کي انصاف پلئه ڪو نه پوندو. نواز شريف بابت حبيب خيري واري پٽيشن جي ٻڌڻي دوران چوڌري افتخار ”ايمرجنسي“ کي اوپن ڪندي چيو هو ته چاغي واري ائٽمي ڌماڪي وقت تڏهوڪي صدر رفيق تارڙ جيڪا ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي، اها پاڻ مرادو حالتن جي تبديل ٿيڻ سان اختتام پذير ٿي چڪي آهي. افتخار اهو به چيو هو ته نواز شريف جيڪڏهن صدر تارڙ کي هنگامي حالتن جي امڪاني وجود پذيريءَ کي ملحوظ خاطر رکندي ”ايمرجنسي“ نافذ ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ته اها ڪا غلط ڳالهه ڪا نه هئي. افتخار جي انهيءَ راءِ زني واري ڏينهن تي اهي به افواهه اُڀاريا ويا ته ميان نواز شريف چيف جسٽس سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارا راهه و رسم پيدا ڪري چڪو آهي. انهيءَ افواهه تي نواز ليگ جي صديق الفاروق وضاحت ڪئي ته ارسلان افتخار سان ته نواز ڳالهيون ڪندو رهندو آهي. البت چيف جسٽس (معطل) سان سنئون سڌو رابطو ڪو نه ٿيو آهي.

    ترديد ۾ تصديق جا سنئوڻ ساٺ موجود آهن. هڪڙي پرڏيهي چينل اهي به افواهه اُٿاريا آهن ته پنڊي جي پاورفل جماعت جو ميان نواز سان معاملو طئي ٿي چڪو هو ۽ اها ”ڪوديتا“ نهايت پُرامن طريقي سان تڪميل پذير ٿئي ها. چيف جسٽس فيصلو ڏي ها ته رفيق تارڙ صدارتي تسلسل کي برقرار رکي سگهي ٿو، وچيون دور غير آئيني آهي. انهن ٻن سٽن واري فيصلي تي عملدرآمد سان ملڪ ٻيهر آئيني ٽريڪ تي اچي وڃي ها. ساڳي ٿيوري جا ”سوداگر“ وڌيڪ چون ٿا ته رفيق تارڙ کي عبوري سرڪار جوڙڻ ۽ ڪنهن امڪاني ”ڪوديتا“ جو سر قلم ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو پابند بنايو وڃي ها، ايئن جيئڻ بنگلاديش ۾ تازو ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي آهي. تارڙ لاءِ اها به رعايت رکي هئائون ته هو 8 9 9 1 ع واري صورتحال کي ”جُون ڪا تون“ بحال رکڻ لاءِ آئيني طور آزاد هوندو. اها ايمرجنسي چوڌري افتخار جي ريمارڪسن کان پوءِ به اڄ سوڌو زير بحث آهي. ٻارهين آڪٽوبر 9 9 9 1 ع تي هاڻوڪي سيٽ اپ پنهنجا فرض سنڀالڻ شروع ڪيا ئي مس هئا ته چوڏهين آڪٽوبر تي ٻن ڏينهن کان پوءِ عبوري صدارتي فرمان جاري ٿيو. مسلح افواج جو چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجن ڪور ڪمانڊرن جي صلاح سان حالتن جي تفصيلي جائزي کان پوءِ ان فيصلي تي پهتو آهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪجي. اهو فرمان امروز ٻارهين آڪٽوبر کان روبعمل آڻڻ جوڳو قرار ڏنو ويو هو. مولوين سڳورن جي معاونت سان 3 0 0 2 ع ڌاري آئين ۾ جيڪا سترهين ترميم آندي هئائون، ان تحت اهو فرمان عاليشان آئين جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ کيس ڪنهن ڪورٽ ۾ چئلينج به نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ آئيني باريڪ بينيءَ جو هڪڙو ٻيو شاهڪار پوءِ ظاهر ٿيو. 0 7 2 الف الف جو واڌارو ڪري قرار ڏنو ويو ته انهيءَ آرٽيڪل کي پارليامينٽ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ختم ڪري سگهي ٿي. ٻي صورت ۾ هي آئين جو حصو رهندو. دلچسپ صورتحال اڃا به اڳتي هلي ظاهر ٿئي ٿي.

    سپريم ڪورٽ ۾ سال کن پوءِ ڪن ماڻهن جون بنيادي انساني حقن بابت درخواستون آيون. ڪورٽ سڳوري جا ست فاضل جج 8 2 جولاءِ تي اهو فيصلو ڏين ٿا ته بنيادي حق بحال ڪجن ٿا، البته ايمرجنسي به بحال رهندي. انهيءَ ايمرجنسي کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ”توثيق“ وارا ويس وڳا به پارايا ويا. صدر پرويز مشرف جي سرڪار ”مارشل لا“ هوندي به نان مارشل لائي روپ ۾ هلائڻ پويان عالمي ادارن جي صلاح کي رد نٿو ڪري سگهجي. دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي ۾ هلايل مهم جي پارٽنرشپ لاءِ جيڪي ”مايائون“ مطلوب هيون، اهي يورپي يونين ۽ آمريڪي اتحادي ملڪ پنهنجن ملڪي قانوني پيچيدگين جي مدِ نظر مارشل لا واري مملڪت لاءِ مُهيا ڪري ڪو نه سگهن ها. ڪهڙا به سبب اسباب هجن، پر ملڪ ۾ موجود هن ست اٺ سال واري سرڪار کي ”آڌا تيتر آڌا بٽير“ سمجهڻ گهرجي ۽ هاڻ هن سرڪار وٽ اهي ترپ جا پتا ظاهر ڪرڻ جو مناسب وقت به نڪري نروار ٿيو آهي. ڇا خيال آهي اوهان جو ته پير سائين پاڳاري واري پيشن گوئي پائندهه باد ٿيندي، يا مولانا فضل الرحمان جي اڳڪٿي روبعمل ايندي؟ مولانا ڏهاڪو ڏينهن اڳ چيو هو ته پير سائين پاڳارو هاڻ ”فنڪشنل“ گهٽ رهيو آهي، ان حوالي سان موصوف جي اها ڳالهه ايتري وزني ناهي، جيتري اڳ ۾ هوندي هئي. پر هفتي ڏيڍ ۾ مولانا پنهنجي راءِ تان رجوع فرمايو آهي ۽ چيو اٿس ته ايمرجنسي ۽ اليڪشن جو التوا هاڻوڪي ڪهاڻي جا اهم عنوان آهن. صدر پرويز سان ٻي مهرباني سندس مهربان مشيرن اها ڪئي آهي جو عدالتي سيٽ اپ کي اپ سيٽ ڪرڻ لاءِ جنهن قانوني موشگافين جي گهرج هئي، اها سندس تن تنها وجود مان اخذ ڪئي اٿن. سائين سجاد علي شاهه بادشاهه سان جيڪا هلت هلي هئائون، اُن ڪهاڻي جا ظاهري سمورا ڪردار ڪورٽ سڳوري مان چونڊيا ويا هئا.

    مثال طور جسٽس ارشاد حسن خان جي سامهون هڪڙو ماڻهو اٿي بيهي ٿو، هن کي نه ڪنهن ڏٺو نه ٻڌو، پر سندس رڙ تي ارشاد الرٽ ٿي ويو. مون ڪورٽ سڳوري جي هڪڙي ڪلرڪ کي ڪا درخواست ڏني، پر اها اوهان اڳيان پيش ناهي ٿي. ارشاد ڪلرڪ کي هلندڙ شنوائي دوران گهرائي ورتو. ڪلرڪ چيس ته قبلا! اها درخواست سائين جن جي ٻڌڻ جوڳي ناهي. جج آگ بگولوٿي ويو ته تون ڪير ٿيندو آهين، مون کي پٽيون پڙهائڻ وارو! بهرحال درخواست خوش قسمت هئي ۽ پيشيءَ ۾ پڙهي ٻڌائي ويئي. پنجن ستن سٽن واري اها اپيل ارشاد حسن کي استدعا ڪري رهي هئي ته اوهان کي خبر آهي الائي نه، پر سائين سجاد علي شاهه پاڻ کي چيف جسٽس ته ڪوٺائي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته موصوف جونيئر آهي ۽ کيس سينئرز کي ڪراس ڪرائي چيف بڻايو ويو آهي، ان ڪري هن عهدي جو اهل ناهي. ارشاد به سالن تائين ساڻس گڏ ڪم ڪري چڪو هو، پر اوچتو مٿس ”آورد“ ٿي هن قانون جا گم ٿيل پيرا تلاش ڪري ورتا. لارجز بنچ به جوڙي ويئي ته سعيد الزمان صديقي پاڻ مرادو چيف به بڻجي ويو. جسٽس اجمل ميان کي راڻو ڀڳوان داس بڻائي ڌار ڪيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ”اهم“ ذميواريون سنڀالڻيون هيون. پشاور هائي ڪورٽ کان ويندي بلوچستان جا بهادر ميدان ۾ لٿا ۽ سنڌ جي سيد سڳوري کي نهايت تڪڙي ڪارروائي وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. شريف ملڪي سربراهه به هئا ته قانوني پيچيدگيون به شريف زادن هٿان تڪميل پذير ٿيون هيون. ٿلهي ليکي سمورو ”ڊرامو“ داخلي عنصرن هٿان اسٽيج ٿيو هو، جڏهن ته چوڌري افتخار واري سموري قانوني گرما گرمي پنڊي هائوس ڏانهن منتقل ٿيل آهي. حڪم امتناعي به دهلي ڄائي جو ان کان جاري ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته سجاد علي شاهه واري ڪيس ۾ حڪم امتناعي ارشاد حسن خان کان جاري ڪرايو ويو هو. قائم مقام چيف جسٽس به تڏهوڪن ڏهاڪو ججن جي گڏيل فيصلي سان مقرر ڪيو ويو هيو، پر جاويد اقبال جي تقرري جنرل مشرف هٿان ٿي آهي.

    جاويد به چوي پيو ته حلف نه کڻان ها ته سمورو سيٽ اپ اپ سيٽ ٿي وڃي ها. مطلب ته چوڌري افتخار واري معطلي ۾ ”فرد واحد“ جو ڪردار نڪري نروار ٿيو آهي، جڏهن ته سجاد علي شاهه واري ڪهاڻي جا اڪثر ڪردار سندس هم جماعت هئا. سپريم ڪورٽ تي تڏهوڪي سياسي جماعت حملي آور ٿي هئي، جڏهن ته هن تازي واقعي ۾ ڪورٽ جا ڪاريڊور وڪيلن ۽ سندس اهڙن همنوائن ”استعمال“ ۾ آندا آهن، جيڪي وقت جي سلاطين سان ها ۾ ها ملائڻ لاءِ تيار آهن. جڏهن هڪڙو فرد واحد هيترو سارو ”نيڪ نامي“ وارو ڪريڊٽ وٺڻ جو حقدار بنائبو ته پوءِ هو نهلي تي دهلي کي ڦهڪائي ”ايمرجنسي“ به اوپن ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته نئين ”باشقند“ واري ٿيلهي مان اها ٻلي ٻاهر ڪڍڻ وطن عزيز جي ريتن رسمن جو اهم آئٽم اڳي به رهيو آهي ۽ هاڻ به رهي سگهي ٿو. رهيو راڻي ڀڳوانداس جو مسئلو ته هتي چيف جسٽس اي آر ڪارنيلس يارهان سال چيف جسٽس رهيو، پر وٽس ذاتي گهر به ڪو نه هو. هن لاهور جي فلٽيز هوٽل جي هڪڙي ڪمري ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. ايئن جيئن ڪاڪو گرداس واڌواڻي ڪراچي پريس ڪلب واري ڪمري ۾ گذاري ويو هو.

    arbabnek@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو