جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
ريفرنسز جي راند، عمران خان ۽ مقامي دانشور!
ڇنڇر 23 جون 2007ع
صدر مشرف پاران چيف جسٽس خلاف آرڊيننس جاري ڪرڻ کان پوءِ اڃا تائين آرڊيننس واري سياست جاري آهي ته مٿان ريفرنس واري سياست شروع ٿي وئي آهي. سڀ کان پهرين ايم ڪيو ايم عمران خان خلاف ريفرنس داخل ڪيو، جنهن کان پوءِ اپوزيشن وارن وزير اعظم خلاف ريفرنس اسپيڪر وٽ جمع ڪرايو آهي. عمران خان خلاف ريفرنس ته اسپيڪر اليڪشن ڪميشن ڏانهن به روانو ڪري ڇڏيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن جي خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ريفرنس اسپيڪر تائين ته پڄندا رهيا آهن، پر اتي ئي دٻجي ويندا هئا. عمران خان خلاف ريفرنس شايد ان ڪري تڪڙو اليڪشن ڪميشن وٽ پڄي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو جنرل مشرف کان وٺي ”پرديسي پير“ تائين سڀ ان جي خلاف ٿي بيٺا آهن. هتان جي ”شهري تنظيم“ ان ڪري به ايتري انتها تي پهتي آهي، جو اهو به پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن ان تنظيم جي حيثيت کي قانوني طور تي چيلينج ڪيو آهي. انهن ريفرنسز جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ ان لاءِ ته شيخ رشيد چئي ڇڏيو آهي ته ”ان کان اڳ ئي اليڪشن جو بغل وڄي ويندو.“ ان ڪري پاڻ انهيءَ ڳالهه کي اتي ڇڏي وڌون ٿا ان ڪهاڻيءَ ڏانهن ته عمران خان جيڪو ڪجهه لنڊن وڃي ايم ڪيو ايم خلاف ڪري آيو آهي، تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سرفراز نواز جي مدد مان ڇا ماڻيو؟
هنن ڏينهن ۾ ”جيل خانه جات“ واري داروغي شپ کان ويندي ”لڪڙ تار کاتي“ جي مهتممي جا پراونشنل پاور ٻارهين مئي واري ”نيڪيءَ جي“ جي نعم البدل طور پرديسي پير جي پروانن حوالي ڪيا ويا آهن. پرديسي پير جو هن وقت تائين وڪيلِ اعظم سرفراز نواز هيو، پر سرفراز بابت نار مان نڪرندڙ اخبار ”گلف ٽائيمز“ لکي ٿي ته، ليجنڊ اسٽار عمران خلاف جنهن طُمطراق سان اڳوڻو فاسٽ بالر سرفراز نواز ثبوتن جا کوکا ڀري ”آگري“ جي حضور ۾ ظاهر ٿيو هو، ساڳي تيز رفتاريءَ سان موصوف ناڪام ۽ نامراد ٿي پانهون وريو آهي. هن هيٿرو ايئرپورٽ تي عمران کي قانوني نوٽس ته ڏنو، پر پرديسي پير جي چرنن ۾ چوڌري شاهه نواز ٽي ڀيرا ويٺو، فائل ڏيکاريائين، وڪلين سان مشورا ٿيا، پر نتيجو ”کهودا پهاڙ نکلا چوها...“ وارو نڪتو. 28 مئي تي هڪڙو مملڪتي وزير سرفراز کي لنڊن لاهي آيو. پنج جون تائين پردسي پير سان هن جون ٽي طويل ميٽنگون ٿيون. پير صاحب فرمان جاري ڪيو ته، ”جائو اور جاکر جمائما خان کو قائل کرو تاڪه وه عمران کي خلاف هماري مدد کيلئي ميدان ۾ آئين...“ سرفراز نوان رابطه قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، پر مائي چيو ته، مونکي اهڙي ڇڇور پائي ناهي وڻندي. سرفراز جمائما کان ناڪام واپس موٽيو ته هن کي شارجا ميچز ۾ سٽي بازي واري الزامن کي آءِ سي سي ۾ آڻڻ لاءِ مواد گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ مليو، پر وڪيلن مواد ڏسي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. سرفراز سيتاوائيٽ وارن ڏانهن آمريڪا نياپا ڪيا ته عمران خلاف بيان ڏيو، پئسا جيترا کپنوَ اوترا کڻو. اُتان به موچاري موٽ ڪا نه مليس، ڇاڪاڻ ته عمران اينڊ ڪمپنيءَ جي ڪوششن سان پير صاحب بابت ٽورنٽو، نيو جرسي، نارٿ ڪيرولينا، ورجينا ۽ وسڪ نسن کان وٺي وهائيٽ هائوس ۽ ڊائوننگ اسٽريٽ لنڊن جهڙن هنڌن ماڳن تي ڪامياب مظاهرا ٿي رهيا هئا. ”سانا به عمران سان سهڪاري آهي ته ”ن“ ليگ ۽ ايم ايم اي جا حامي حلقا به سندس سپورٽ ڪري رهيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي، جيڪو توهان مٿي پڙهي آيا. سرفراز نواز جي ناڪاميءَ کان پوءِ هاڻي ڏسڻو آهي اهو ته ملاکڙي جي ميدان ۾ ”مولوي صاحب“ جن پاڻ ملهائڻ لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگهن ٿا؟ نواز شريف چئي پيو ته حڪيم سعيد جي شهادت کانپوءِ مون ”پير صاحب“ کان پالهو رهڻ جو فيصلو ڪيو. لياقت جتوئي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪري پارٽيءَ کي نقصان ڏنم، پر هنن کان رستو ڌار ڪيم. پرويز الاهي کان وٺي شهباز شريف تائين چون پيا ته هن همراهه ”جنگ“ جي تقسيم کي ناممڪن بنايو. ڊان، نواءِ وقت ۽ جرئت کان وٺي پريس جو هر هڪ ادارو سندن ”واچ“ هيٺ رهيو آهي. تڪبير رسالي کي ڪراچي جي ڪنهن به پريس ۾ ڇپجڻ کي ناممڪن بنايو ويو ۽ صلاح الدين لاهور مان رسالو ڇپرائڻ تي مجبور ٿيو. حصول ۽ وصول ڪلچر جو وچور بيان ڪبو ته ڄامشورو، ٽنڊو ڄام ۽ قاسم آباد ۾ موجود ”ڪيٽيون“ وسري وينديون.
جڏهن پنهنجي ”مقامي ڪيٽين“ جو ذڪر کليو آهي ته ڇو نه مان پنهنجي ڳوٺ ڀائي جو ذڪر به ڪريان، جيڪو تازو نائين زيرو تي پڌاريو. هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن سواءِ جنرل مشرف جي ٻيو ڪير به ايم ڪيو ايم جو دفاع نٿو ڪري، ۽ جڏهن سواءِ ايم ڪيو ايم جي ٻيو ڪير به جنرل مشرف جو دفاع نٿو ڪري تڏهن نائين زيرو تي وڃڻ واقعي به وڏي ”بهادري“ جو ڪم چئبو. رڳو ايترو ئي نه، پر اسان جا ”مقامي دانشور“ سندن 2 1 مئي واري عمل جو دفاع به ڪري رهيا آهن...۽ ونگي جي نام نهاد ڄام جي ثنا خواني پڻ.
آريسر صاحب جي ارشاداتِ عاليه کي ٻڌڻ کان پوءِ ”ڪراچي“ جي چڱن مڙسن فرمان جاري ڪيو آهي ته: هاڻي جڏهن ٻيهر چيف جسٽس تشريف فرما ٿيندو، تڏهن اسان جا ”ماڻهو“ سندس شاندار سواگت ڪندا ۽ کيس ڪجهه به ڪو نه چيو ويندو...لڳي ٿو ته آريسر صاحب جون نصيحتون آگري کانپوءِ ”کيتلاري“ تي به اثر انداز ٿيون آهن. نائين زيرو جي توسط سان سائين جي ايم سيد جي ”مولوي صاحب“ سماٽي سرواڻ کي هوڏ تان لاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سرواڻ جو بيان اخبار بين حضرات پڙهي چڪا هوندا. پاڻ عدالتِ عاليه جي توهين کان توبهان تائب ٿيا آهن، ۽ فرمايو اٿن ته ڪورٽن سڳورين لاءِ توهين آميز ريمارڪس جنهن به مون ڏانهن منسوب ڪيا آهن، اهي منهنجا آکيل ناهن.
ٻارهين مئي جا ذميوار ”مولوي صاحب“ جي توسط سان ڪورٽ مارشل کان بچي ويا. رندڪي رند رهي اور هاٿ سي ”سنڌ دوستي“ ڀي نه گئي! ڪراچي کي ”جليانوالا باغ“ بنائيندڙ جديد جمهوريت جي شارحين جي ”گلو خلاصي“ کي مبارڪ هجي! جڏهن برطانوي ملٽري طرفان جنرل ڊائر جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ وارو هو، تڏهن به ڪن جبه و د ستار جي صاحبن ”هر دلعزيز“ جنرل جي جان آجي ڪرائڻ واريون اپيلون ڪيون هيون. ڊائر تيرهين اپريل اوڻيهه سئو اوڻويهه عيسوي واري ڏينهن اوڀر پنجاب جي ”جليانوالا باغ“ ۾ موجود هندن، مسلمانن ۽ سکن تي سڌيون گوليون هلايون هيون. فائرنگ جو سلسلو تڏهن ختم ڪيو هئائين، جڏهن گوليون ختم ٿي ويون هيون. فائرنگ هلندي ماڻهن ۾ ٽاهه پيو ۽ ڪي ديسي لوڪ بديسي ظلم کان تنگ ٿي هڪڙي کوهه ۾ ڪرندا ويا. جڏهن ٺاپر ٿي تڏهن ان کوهه مان 129 انساني پويتر جسم ڪڍيا ويا هئا. هتي واري جليانوالي ۽ رام باغ ۾ گذريل چوٿا ئي صدي جي عرصي ۾ ويهارو هزار اشرف المخلوقات کي ”اُس پار“ واري پاسپورٽ تي سورگ باشي جي جهان ڏانهن موڪليو ويو آهي. مُرشد جي غدارن کي موت جو حقدار بنايو ويو، ٻورين ۾ بند لاشن جو لامتناهي سلسلو اڄ سوڌو تحفي طور اماڻڻ وارو ”ڪارِ خير“ جاري آهي. يقين نه اچيوَ ته اقبال ڪاظمي کان ساڻس ٿيل حشر جو تازو احوال وصول ڪري سگهو ٿا. ترڻ تارڻ کان هڪڙو همراهه برطانيا ڏانهن روانو ٿيو، سندس نالو هو ”رام محمد سنگهه“ هن وڏي ڳولها ڦولها کان پوءِ جنرل ڊائر کي هٿ ڪيو ۽ اُتي جواتي ”نرگ باش“ ڪري ٿاڻي تي پهتو. انگريزن کيس ڦاهو ڏنو، پر هن کان پڇيائون ته تنهنجي نالي ۾ جيڪا تثليث آهي اُها ڪهڙي فڪر جي آبياري ٿي ڪري؟ چيائين: ڊائر جي هٿان هندو-مسلم ۽ سک قتل ٿيا هئا آئون انهن ٽنهي ڌرمن جي ديسي ۽ پاڙيسري پوئلڳن جي نمائندگي ڪندي ”بديسين“ کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ آيو هئس. سکن جا چريائي وارا انتقام به عجيب و غريب آهن. ڀڳت سنگهه کي ڦاهي اچڻ کانپوءِ انگريزن کي ته گهوٽو ڏنائون، پر ديسي جاسوسن جي به خوب خبر ورتائون. ديسي ايجنٽن کي انگريزن ٽنڊي جان محمد لڳ زمينون الاٽ ڪري بستي ملوڪ سنگهه جي نالي سان ”پڊ“ به منظور ڪري ڏنو، ڀڳت سنگهه جا ساٿاري نيٺا نيٺ منزل مقصود تي اچي رسيا...ڳوٺ جي مُذڪر مخلوق کي ٻاهر نڪرڻ جو حڪم ڏنائون. گرينٿ صاحب تي ساک ورتي ويئي، تيرهان کن سکن اقرار ڪيو ته بديسي آقائن جي دلالي ۾ اسان پاڻ ملهايو هو. چيائون: ديسي آهيو گولين جو کاڄ ته ڪو نه ٿا بنايون، پر توهان جي نڪن جون ٽسيون وڍي ايندڙ نسل کي عبرت حاصل ڪرڻ جو نادر موقعيو فراهم ڪريون ٿا. پوءِ اها بستي ملوڪ سنگهه بدران ”نڪ ڪٽان دي بستي“ جي نالي مشهور ٿي. ڀڳت سنگهه جا ڀڳتي ڪارڪن ويندي ويندي اها سٽ جهونگاري رهيا هئا:
برهم گياني سدا ترليپ،
جيسي جل ۾ ڪمل اليپ!
(جنهن جو من گيان ڌيان جو مرڪز هوندو آهي، اهو دنيا ۾ رهندي به ”رسمِ دنيا“ کان نرالو رهندو آهي. ايئن جيئن ڪنول پاڻيءَ ۾ هوندي به خشڪيءَ سان همڪنار رهندو آهي) عشق ليکي چوکي جو قائل ڪو نه هوندو آهي، تڏهن ته چوٿين دنيا جو چوڌري فرمائي پيو: ڪير به اچي مون کي چوي ته نائين زيرو ۽ وائوڙي جي وچ ۾ ويڇا وجهڻ ضروري آهن ته به آئون اهڙيون صلاحون...رد ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ ته ديهي-شهري ”دودن“ جي دوري سان سنڌ ٻه اڌ ٿي ويندي. اهڙي ماڻهو جي فرمان جي حڪم عدولي تي توبهان ڪري سگهجي ٿي. سنڌ ٻه اڌ ٿي ويئي ته اهڙي چڪناچوري کي ٻيهر ڳنڍڻ جي ڪا به ترڪيب دنيا ۾ پنهنجو وجود نٿي رکي...شابس هجي امام الهند مولانا ابو الڪلام آزاد جي ”شارح اعظم“ کي!
مولانا آزاد ورهاڱي وقت هند جي تقسيم لاءِ جيڪي تاريخي جملا چيا هئا، ”مولوي صاحب“ اُهي جملا سنڌ جي هاڻوڪين حالتن تي مُنطبق ڪيا آهن. حضرتا! سمجهاڻي ته عنايت فرمايو، لفظن کي مُڇ جي وارن جيان پنهنجي من پسند فڪر لاءِ مولوي صاحب کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ٻيو ڪير ٿو استعمال ڪري سگهي. تفصيل اهل ذوق حضرات جي اکين اڳيان آهي. ”قندِ مڪرر طور ٻيهر اهڙن وچورن جو ورجاءُ مناسب نٿو لڳي. ساڍا ويهه هزار آدم زاد جنهن سياست جي ”ڀينٽ“ چڙهيا آهن، اهڙي قتلِ انساني کي شادي واري چئونري چڙهڻ جهڙي خوشيءَ سان مدغم ڪرڻ وارو ملهه ”مولوي صاحب“ توهان واقعي ماري ويا آهيو، اوهان ئي رستم سنڌ آهيو.
آريسر صاحب جي اکين سان ڏسنداسين ته اڪبر بگٽي جي شهادت ۽ سنڌڻ نياڻي ڊاڪٽر شازيه خالد واري مامري ۾ پير صاحب واري وارننگ عمل پذير نظر ايندي. جناح جي پوئلڳي، شهيد ڀٽي جي مشن جي تڪميل، باچا خان جي باجگذاري، سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ترويج ۽ اشاعت ۽ علامه اقبال سان عقيدت مندي کان وٺي ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي غلامي تائين سڀ جا سڀ فڪري محاذ ”مولوي صاحب“ جو منظورِ نظر آگرو سنڀالڻ ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي چڪو آهي. فيصل ملڪ (گبول) ڪٿي آهي؟ اهڙا الجهيل سُٽ به ”مولوي صاحب“ سُلجهائڻ جي زحمت گوارا ڪري ته سنڌ جي سياست کي نيون راهون ۽ نوان رستا هٿ اچي ويندا. سرفراز به ڇا ياد ڪندو؟ خورشيد ميموريل هال ۾ ساجد چنيسراڻي (سومرو نه) جي ڀرسان ”مولوي صاحب“ کي ڊيسڪ مهيا ڪري ڏجي ۽ موصوف ”مُستقل قومي مصيبت“ جي نالي سان نئين جماعت به جوڙي وجهي ته جديد ”محسنِ سنڌ“ جي مالي معاونت ۽ ”جويا برادران“ جي فڪري ساٿ سان چوٿين دنيا جو ”مفڪرِ اعظم“ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سوراج جو چنڊ چند ڏينهن اندر اڀاري سگهي ٿو. مجلس شوريٰ لاءِ مدد، جوڻيجو، منگي، ناريجو، ڀرڳڙي، ڏاهري ۽ نائچ سودمند ثابت ٿيندا...
arbabnek@yahoo.com