جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
منتظر زيديءَ جو متعارف ڪرايل ڪلچر ۽ اسان جو خطو!
خميس 17 سيپٽمبر 2009ع
صحافي گذريل نون مهينن کان انهيءَ هڻ وٺ ۾ لڳل آهي ته ميڊيائي اخلاقيات ۾ منتظر زيديءَ جي متعارف ڪرايل ”پادر پروف“ ڪلچر کي ڪٿي فٽ ڪجي؟ ڇا صحافتي ڌريون اها اجازت ڏيڻ فرمائين ٿيون ان ڳالهه بابت ته جرنلسٽ کي جيئن جيءَ ۾ اچي تيئن ”هڻي ڪڍي“ يا پنهنجا پسند ۽ ناپسند وارا خيال پاڻ تائين محدود رکي ۽ هٿ کس جي کيس ڪنهن به صورت ۾ موڪل نه ملڻ گهرجي...اهي بحث گذريل هفتي تڏهن ماڳهين چوٽ چڙهي ويا، جڏهن بش جو پادرن سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ جڳ مشهور جرنلسٽ منتظر زيديءَ لاءِ اهي خبرون نشر ٿيڻ لڳيون، جن ۾ معلومات مهيا ڪئي پئي ويئي ته موصوف کي قبل از وقت آزاد ڪيو پيو وڃي، پر نوري المالڪيءَ سميت عراقي سرڪار کي اميد آهي ته بش کي بيهوش ڪندڙ هي بهادر بغدادي اسان لاءِ وڌيڪ پرابلم پيدا ڪو نه ڪندو ۽ خيرن سان ديس پنهنجو ڇڏي وڃي پرديس وسائيندو ۽ پنهنجي شهرت جو کٽيو کائڻ لاءِ ڪنهن نئين نشرياتي اداري سان منسلڪ ٿي ويندو.
منتظر جي انتظار ۾ موجود سندس همنوا کيس کيڪارڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ پهچن ها، پر امن امان ۽ عالمي اسٽيڪ هولڊرز جي دل رکڻ لاءِ عراقي سرڪار سندس آزاديءَ واري ڏينهن کان چوويهه ڪلاڪ اڳ چئي ڏنو ته زيديءَ جا ڪاغذ پٽ مڪمل ناهن، ان ڪري کيس آزاد ڪرڻ جي راهه ۾ ڪي رنڊڪون اچي ويون آهن. حڪومتي وضاحت کانپوءِ به جيتوڻيڪ همراهه کي ترم مان ڪڍڻ لاءِ ساڳيو مقرره ٽائيم ڪتب آندو ويو، پر استقبالي هجوم جي انگ کي محدود ڪرڻ وارين ڪوششون ڪنهن حد تائين ڪامياب ويون. منتظر جيئن ٻاهر آيو ته کيس سندس همشيره نراڙ تي چمي ڏني ۽ پوءِ ٻين آڌر ڀائي ڀائرن ۽ ڀينرن کيس سهڻي سواگت سان نوازيو....زيديءَ مختصر گفتگو ۾ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته آئون ”يونان“ هليو وڃان، ڇاڪاڻ ته عراق مان آمريڪي فوجون ۽ ٻاهريون مداخلتي ڪارروايون هلڻ هارا گيت ڳائي رهيون آهن. منهنجي موجودگيءَ سان ممڪن آهي ته سندن الوداعي عرصو محدود ٿيڻ بدران طوالت جو شڪار ٿي وڃي. آئون ڪو به اهڙو جذباتي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهيان....زيديءَ کي ٻاهر نڪرڻ سان ئي کنڀي کنيو اٿن. بيشمار حسينن ۽ نازينين نڪاح جا پيغام موڪليا آهن. واضح رهي ته منتظر شب عروسيءَ کان اڄ سوڌو محروم رهيو آهي. سندس عشق عراق سان آهي ۽ بغداد سان محبت واريون فرحت بخش لذتون موصوف کي رفيقهءِ حيات جي تلاش کان باز رکنديون پئي آيون آهن.
عراق ۽ عرب دنيا ۾ سندس رهائيءَ تي جيڪي خوشيون ملهائيون پيون وڃن، تن شادمانين تي لکين شاديون قربان ڪري سگهجن ٿيون. سندس ڀاءُ ”عودي“ چوي پيو ته، ماڻهن منهنجا ڪن کائي ڇڏيا آهن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جا مشهور ادارا کيس ناقابل يقين حد تائين پگهاري پيڪيج آڇي رهيا آهن. الاهي سارن سرمائيدارن ته اها به پيشڪش ڪئي آهي ته جيڪڏهن زيدي ڪو نئون نيوز چينل کولي ته سيڙپ جي پرواهه نه ڪري. نوجوان نارا ۽ ناريون زيديءَ جي تصويرن وارا شرٽ ۽ گنجيون پائي نچي رهيا آهن. اردن جو مشهور پاپ سنگر کيس منظوم خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۾ هڙني کان گوءِ کڻي ويو آهي. مقبول ڌنن تي ڳايل سندس گيت جون هزارين ڪيسٽون هٿو هٿ وڪرو ٿي رهيون آهن. زيدي جڏهن بش سان پادريشن ذريعي مخاطب ٿيو هو، تڏهن ڪلين شيو ۽ هاڻي سندس خوبصورت چهري تي چانپئي سونهاري موجود آهي. جيل مان نڪرڻ مهل ”سن گلاسز“ سان به موصوف مزين هيو...سندس ڪلهن تي ياسر عرفات جيان خوبصورت رومال رکيل هو ۽ انهيءَ شال کان ننڍي چادر تي عراقي پرچم اڪريل هو. زيديءَ کي دنبي (گهيٽي) جي صدقي سان گهر ۾ داخل ٿيڻ جا مرحلا طي ڪرايا ويا. هن ٻڌايو ته، منهنجيون پاسراٽيون، نڪ جي هڏي، هٿن جون ڪرايون ڀڳل آهن. تشدد سان منهنجو جسم چڪنا چور آهي، پر صدقي وڃان نجف اشرف ۽ ڪربلا معليٰ تان....هن مقدس سرزمين تان پليتن جا پير اکيڙڻ لاءِ جان به هلي وڃي ها ته ان کي آئون پنهنجي خوش قسمتي ڀانيان ها. هن کي وڌيڪ تشدد جو نشانو تڏهن بڻايو ويو، جڏهن هن بش سان معذرت ڪرڻ واري پيشڪش کي ٿڏي ڇڏيو هو. سندس مدر اداري ”البغداديه چينل“ چيو آهي ته اسين موصوف کي ماضيءَ جون بقايات بمع اضافي الائونسز ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. زيدي چوي ٿو ته هاڻ نوان جهان تلاش ڪبا ۽ البغداديه لاءِ ڏچو بڻجڻ به پسند ڪو نه ڪندس. کيس سياست جو به شوق ناهي ۽ سستي شهرت مان هو ڪنهن مالي منفعت لاءِ به منصوبه بندي ڪرڻ بابت سرد مهريءَ جو شڪار آهي.
زيدي ڪنهن وڏي اداري جوڙڻ جا جتن ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. چوي ٿو ته مسڪينن ۽ غريبن لاءِ ڪنهن لاڀائتي ٽرسٽ جو قيام منهنجي پيشِ نظر آهي ته جيئن جنگ زده زخمي عراقي عوام لاءِ ڪنهن حد تائين مرهم تلاش ڪري سگهان. ٽرسٽ لاءِ سونا زيور، نقد رقم، بنگلا، ڪارون ۽ ٻيون گهربل ضرورتون کيس فراهم ڪرڻ لاءِ ”ٽڪيٽ ڪٽائو، لين بڻائو، اسان تي جاڻا منتظر زيدي دي ڪول“ جيان لکين ماڻهو زرِ ڪثير عنايت ڪرڻ لاءِ چشم براهه آهن.
زيديءَ جي متعارف ڪرايل ”پادر ٽيڪنالاجي“ ممڪن آهي ته وڌيڪ مقبوليت ماڻي ۽ اهڙو وايومنڊل تهان مٿي مروج ٿي وڃي، جنهن ڪلچر ۾ جوتي کي ڇٽيهه لکڻو چيو پئي ويو آهي...اهو ڪلچر توڙي جو عالمي شهرت تڏهن ماڻي جڏهن منتظر زيديءَ بش کي جوتو هنيو، پر ان کان اڳ پاڻ سنڌ ۾ اهو منظر تڏهن ڏسي چڪا هئاسين، جڏهن 2008ع ۾ ٿيل اليڪشن کان پوءِ نون چونڊيل نمائيندن سنڌ اسيمبليءَ ۾ حلف پئي کنيو. يعني بش کان اڳ ”پنهنجي ڳوٺ وارو همراهه“ ان ڪلچر جو نشانو بڻيو. ٻنهي سان ٿي اهڙي، جو هڪڙو اقتدار کان ٻاهر هليو ويو، ۽ ٻيو ملڪ ئي ڇڏي ويو. پادر پروف پارٽيون به جنم وٺي سگهن ٿيون. لبرٽي جي سڪل کيٽر، موجي جتي ۽ وينڌولي جتيءَ جا وارا نيارا ٿي ويا آهن...بش بدناميءَ جون هڙيئي ملامتون ماڻيون ۽ زيديءَ کي خراجِ تحسين جا خلعت زرين عطا ٿيا. سچ پچ دل چاهي ٿي ته اهو ڪلچر فروغ وٺي، پر جيستائين صحافين ۾ اهي بحث مڪمل نٿا ٿين، جن مذاڪرن ۾ ”پادر اخلاقيات“ جي جواز ۽ عدم جواز بابت متفقه فتويٰ مرتب نٿي ٿئي، تيستائين ڪنهن صحافيءَ ڪو ”ڪڌو يا چڱو“ ڪم ڪيو ته مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ ذميوار هوندو.
بهرحال منتظر زيديءَ وارو واقعو پنبهنجي جاءِ تي، پر هاڻي اهي شيون واضح ٿي رهيون آهن ته واشنگٽن ڏينهون ڏينهن پوئتي آهي، ان ڪري هن خطي جي حڪمرانن کي به پنهنجيون پاليسيون بدلائڻ گهرجن. اسان جيڪا 47ع ۾ آزادي ورتي هئي، ان کان پوءِ به ٻاهرين قوتن جي هتي وڏي مداخلت رهي آهي. ان لاءِ اسان کي هڪ ڀيرو وري جسونت سنگهه جي لکيل ڪتاب جي ٽڪرن جو ٿورو سهارو وٺڻو پوندو. ڪتاب ۾ هن راڻي راجپوت مواد فراهم ڪيو آهي، (1) ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان هي خطو واشنگٽن، بيجنگ ۽ ماسڪو جي مفادن لاءِ وڌيڪ استعمال ٿي رهيو آهي. (2) ورهاڱي جو گهڻي ۾ گهڻو نقصان مسلمانن کي پهتو، جيڪي ٽن حصن ۾ تقسيم ٿيا ۽ هندستان ۾ ”ڪمزور“ بڻجي ويا. هندستاني اشرافيه کين ٽئين درجي جي شهريءَ واريون مراعاتون ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي. جسونت کي گمان هو ته مسلمانن کي ورهاڱي جي مخالفت ۽ سندن طاقت جي تتر بتر ٿيڻ واري ٿيوري ڪانه وڻندي ۽ هو ڪتاب کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا، پر ٿيو سندس خيال جي ابتڙ. سندس ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي مختلف مڪاتبِ فڪر جا مفڪر گهرايل هئا، پر ڪٽر هندو تواجا ارون شوريءَ جهڙا اڪثر مقرر بائيڪاٽ ڪري غير حاضر رهيا. ايم جي اڪبر، لارڊ ميگهانند ۽ رام جيٺ ملاڻيءَ پاران ڪتاب تي خوبصورت پيرايهءِ بيان ۾ خيالن جو اظهار ڪيو. ملاڻي چيو ته هندستاني سياست کي ”ارٿ شاستر“ ۽ چانڪيا ڪوٽليا جي دائري مان ٻاهر نه ڪڍيو ويو ته هي خطو سدائين سورن ۾هوندو. جسونت سنگهه جو ڪتاب ”ارٿ شاستري“ بنياد پرستي کي ترڪ ڪرڻ جو گس نروار ڪري ٿو. ايم جي اڪبر چيو ته، ڪتاب جو مصنف ”سرد جنگ“ سان سلهاڙيل تڏهوڪن ٻنهي بلاڪن واري ورهاڱي بابت پاليسيءَ کي وڌيڪ تفصيل سان بحث هيٺ آڻي ها ته بهتر ٿئي ها. لارڊ ميگهانند جو خيال هو ته ممبئي واقعن وارن زخمن جي تازگيءَ ۽ ڪتاب جي اجراءَ جي ٽائيمنگ ۾ مماثلت تلاش ڪندڙ نقاد جسونت سنگهه جي پرخلوص ڪوشش کي وڌيڪ متنازعه بڻائي سگهن ٿا. ڪتاب تي هندستان ۾ جيڪو ٻڙڌڪ متو آهي، تنهن لارڊ ميگهانند جي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. مورخ جنهن ارٿ شاستر کي هندستاني سياست جو ”مئنيفيسٽو“ قرار ڏئي رهيا آهن، ان پنڊت بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته هو چندر گپت موريا خاندان جو ”درٻاري“ هو. چار سئو سال قبل مسيح واري زماني ۾ پيدا ٿيندڙ ڪوٽليا چانڪيا جو ڪتاب ايڪهين صدي ۾ به سناتن ڌرمي اسٽئبلشمينٽ وٽ ”مئنيفيسٽو“ جو مقام ماڻيندڙ هجي ته پوءِ رجعت پرستيءَ کي ڇا ڪي سڱ ٿيندا آهن؟
”ارٿ شاستر“ جو فلسفو عبادتن، روين ۽ جنگ توڙي امن جي حالتن لاءِ ڪتب آڻيندڙن تي هروڀروءَ جي ارهائي به نامناسب آهي. پسند ۽ ناپسند جي حوالي سان انساني حقن جو چارٽر ”آزاد خياليءَ“ کي تسليم ڪري ٿو پر چانڪيا ڪوٽليا جا هي فرمان ڪيڏانهن ڪبا، جن حڪم نامن ۾ هو چوي ٿو ته (1) پاڙيسريءَ کي سدائين دشمن سمجهڻ گهرجي. (2) بهتر نتيجن جي حصول لاءِ ڪڌا طور طريقا ۽ ناجائز ذريعا/وسيلا استعمال ڪرڻ ضروري آهن. هيءُ سڪندر-اعظم جي واپسيءَ کانپوءِ جو زمانو آهي.ميڪاولي ۽ ارسطا طاليس جي ڀيٽ ۾ چانڪيا کي سناتن ڌرمي اشرافيه ڇا لاءِ وڌيڪ اهميت ٿي ڏئي؟ هن سياست کي تمدن ۽ معاشرت سان مطابقت ڏياري آهي ۽ ڪلچر کي ڪليدي ڪردار طور اپنائڻ بابت نوان لاڙا ۽ خوبصورت خيال پيش ڪيا آهن. جنگي اصولن لاءِ ”ارٿ شاستري“ نظرين کي پرکڻ لاءِ هن هڪڙي مثال کي سامهون رکي سگهجي ٿو. موريا خاندان جو بادشاهه چانڪيا ڪوٽليا سميت لائو لشڪر وٺي شڪار لاءِ نڪتل هجي، پري پري تائين جو پنڌ جهاڳي لشڪر پڙاءُ ڪيو. نوڪر نوابان دي خيما هڻڻ ۽ رڌ پچاءَ واري ڪرت کي لڳل هجن. چانڪيا اوسي پاسي جا چوراڻا گس گهيڙ ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو. اچانڪ ڪانڊيرن تان لهندي کيس ڪنڊا لڳا. ڪانڊيرا ولين جيان زمين تي آهليل هئا. پنڊت ترت شربت ٺهرائي مٿن مٺي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرائي ڇڏي. صبح جو بادشاهه لوٽي تي ويو ته ڇا ڏسي ته راتوڪي پهر واري جهنگل جي سرسبزي ۽ شادابي غارت تيل هجي. ڪيڙن ماڪوڙن ۽ ٻئي حشرات الارض هڻي ڪانڊيرن جي پاڙ پٽي ڇڏي هئي. بادشاهه پنڊت کان پڇيو ته هي ڪهڙي ماجرا آهي. چانڪيا چيس ته ”دشمن“ کي مٺي زهر سان مارڻ ۾ ئي موزونيت هوندي آهي.
جسونت سنگهه جي ڪتاب ۾ جناح صاحب کي ”مسلم ليگ“ ٺهڻ وقت تڏهوڪي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي صدر دادا ڀائي نوروجيءَ جو سيڪريٽري ڏيکاريو ويو آهي. اوڻيهه سئو ڇهه کان وٺي اوڻيهه سئو تيرهان تائين پونجا ڀائيءَ جو لختِ جگر مسلم ليگ کي ناموزون سياست جي علمبردار قرار ڏيندڙ آهي. سندس هم نام مولانا محمد علي جوهر کيس زور بار سان اوڻيهه سئو تيرهان ۾ مسلم ليگ ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو، پر جناح ڪانگريس جي رڪنيت کي قائم رکڻ جو شرط جوهر صاحب کان مڃرائي وٺي ٿو. اوڻيهه سئو ٽيهه تائين به جهرڪن ڄائو جهانگي ٻنهي جماعتن جو ٻن ٻن آنن وارو ميمبر رهيو ۽ ٻنهي پارٽين کي قريب ڪرڻ ۾ مگن پڻ. سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ دوران کيس سناتن ڌرمي اشرافيه کان سخت مايوسي ٿئي ٿي ۽ موصوف قومي نظرئي جي ڌميمي ڌميمي وڪالت لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏي ٿو. 1946ع ۾ ليگ-ڪانگريس مشترڪه اميدوار بيهارڻ تي پڻ نواب اسماعيل خان ۽ آئي ايڇ اصفهانيءَ جي ٽڪيٽن کان ويندي پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ننڍپڻ جي بيشمار واقعن کيس ورهاڱي جي حتمي فيصلي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
ڀٽ ڌڻي بادشاهه جيڪو سامين جوڳين سان گڏجي ستن سالن جو طويل لانگ مارچ ڪيو هو، انهيءَ پنڌ جو اختتام بالي رام ڀڳت جي آشرم تي ٿيو هو. ڀڳت جو آشرم جسونت سنگهه جي ”جسول“ ڳوٺ لڳ اڄ به موجود آهي. جسونت سنگهه جناح صاحب جي تلاش ۾ ٽي سال پهرين ڀٽ ڌڻي جي نگري ڀيٽي ويو آهي. هند مان سنڌ ڏانهن تشريف فرما ٿيندڙ سنڌي وفدن ۾ جسونت سنگهه جو قافلو اهو واحد وفد هو، جنهن ۾ هند جي سنڌي مسلمانن جي مڪمل نمائندگي موجود هئي. جسونت سنگهه کي ننڍي کنڊ جي آئيندي بابت خوبصورت خواب لهڻ تي جس هجي.
arbabnek@yahoo.com