جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
صدارتي چونڊ ۾ ميڊيائي مهم ۽ هڪ ”ميثاقِ برداشت“ جي ضرورت!
خميس 4 سيپٽمبر 2008ع
آصف زرداري هن وقت ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي جنهن ميڊيائي محاذ آرائيءَ جو ”شڪار“ بڻيل آهي، پهتل پرين ائين بيان پيا ڪن ته هنن صحافتي توپن جو مال مصالحو ”ماڊل ٽائون“ مان تيار ڪيو ويو آهي. ”احسن“ کي خدا شل بلند ”اقبال“ بڻائي....پر هي نه ته اوڻيهه سئو ستر آهي ۽ نڪ وري ستهتر جو سن، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ اسلامي ۽ غير اسلامي شناختن وارا بم گولا بارود ڀري مارڪيٽ ۾ اڇلايا ويا هئا.....خورشيد بيگم جو نسبي سلسلو جيڪڏهن واڻين سان ٿي مليو ته ڇا شيخ عبدالمجيد سنڌي آچاريا ڪرپالاڻيءَ وارن جي آڪهه مان ڪو نه هو؟ سر شاهنواز کي شڪست ڏيندڙ سابق واڻيو ته هيرو آهي، پر سر شاهنواز کي رشتو ڏيندڙ راندهه ۽ درگاهه بڻجي وڃن ته پوءِ ناانصافي وري ٻي ڪا ٿيندي آهي...سر شاهنواز جي لختِ جگر لاءِ ميڊيائي فتني سامانيون ايتريون ته مزيدار بڻجي ويون هيون، جو پاڪستان هيئر ڊريسر ايسوسيئيشن واري اسلام سلماني به چئي ڏنو نه، ”ختني“ کي اسان تائين رهڻ ڏيو...اهو موضوع مارڪيٽ ۾ هونئن به ازڪارِ رفته بڻيل آهي.....پر تڏهن الطاف حسين قريشي، مجيب شامي ۽ مولانا صلاح الدين پارن نهايت خشوع ۽ خضوع سان اهڙا ته نازيبا الزام مڙهيا هئا، انهيءَ ڀٽي شهيد تي جنهن کي عالمي سامراج اسلامي بلاڪ جي امڪاني اڻت ۽ سامراج کي راجا بازار راولپنڊيءَ ۾ بيهي ڪري سفيد هاٿي چوڻ جهڙين جسارتن تي شهيد ڪرائي ڇڏيو هو.
هن وقت ميڊيا ئي محاذ آرائيءَ جا بيشتر ورق سياهه ڪري رهيو آهي. شاهين صهبائي ۽ ارشاد احمد حقاني هڪڙي کي شايد محترمه صهبا جي ايوانِ صدر مان الوداعي خطبو پڙهڻ تي تنهائي محسوس ٿي رهي آهي ته ٻيو وري فاروق لغاريءَ کي ٻيهر نگران سيٽ اپ ۾ آڻڻ لاءِ چشمِ براهه آهي...جنهن سيٽ اپ ۾ موصوف ماضي ۾ مملڪتِ خداداد جو ميڊيائي وزير به رهيو هو....شاهين جي پرواز جو عروج تڏهن ڏٺوسين جڏهن سوا مهينو اڳ يوسف رضا گيلاني واشنگٽن اسهيو هو...وزير اعظم جي دوري کي مڪمل طور ناڪام قرار ڏيڻ ۾ هن ”باز“ جي پرواز واري رفتار بحري باز کان به تيز هئي...جڏهن ته پرائم منسٽر جو اهو ئي دورو هيو، جنهن دوري دوران واشنگٽن کي اسلام آباد قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته جيڪڏهن ايوانِ صدر مان مشرف چڪ شهزاد ڏانهن ڪوچ ڪيو ته به خير آهي، امورِ مملڪت ملتاني پير به سنڀالي سگهي ٿو....مشرف جي داغِ مفارقت کي شاهين صهبائي سهي ڪو نه سگهيو ۽ هن مخدوم حسن محمود جي ڀاڻيجي کي هدف تنقيد بڻائڻ ۾ سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون هيون....هن وقت اها ئي مخلوق ملڪي ۽ بين الاقوامي محاذ تي ”چمڪ“ جي سهاري سان مسٽر آصف زرداريءَ کي هدفِ تنقيد بڻائڻ ۾ اخلاقيات کان مٿڀرائپ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن...کين مشاهد حسين سيد جي آمريت نوازي ۽ صديقي صاحب جي جنرل يحيٰ خان جي دور ۾ شريف الدين پيرزادي هٿان سول ججي جي حصول واري ”نيڪي“ نظر ئي نٿي اچي....چئي ايوان صدر ۾ ڪو سنڌي اچي ويو ته ائٽم بم انڊيا کي ڏيئي ڇڏيندو ۽ پاڪ سينا کي ناپاڪ بڻائيندو...آصف زرداري بشر آهي، فرشتو ڪري کيس سرخاب جا پر لڳائينداسين ته اها اشرف المخلوقات سان زيادتي ٿيندي، کيس ديانتداريءَ سان تنقيد جو ”شڪار“ بڻائڻ وارو عمل ساراهڻ جوڳو آهي، پر ”ماڊل ٽائون“ واري مڪروهه ميڊيائي جنگ ڪنهن به صورت ۾ سياسي اخلاقيات جي دائري ۾ داخل ڪرڻ جهڙي ناهي. نواز شريف ڏهن سالن کانپوءِ به اتي ئي بيٺو آهي، جتي هن اختر رسول ۽ طارق عزيز جي ڪمان ۾ سپريم ڪورٽ جا چاپڙ لهرائيا هئا...مشاهد حسين سيد ڪلديپ نيئر کي ڊاڪٽر عبدالقدير سان ملائي ٿو ۽ ”ائٽم بم“ واري ڪهاڻيءَ کي قبل از وقت اوپن ڪرائي ٿو، تڏهن به ”سيڪيورٽي رسڪ“ ناهي، ڇاڪاڻ ته موصوف جو خاندان سپاهه گريءَ ۾ سالن کان مصروف عمل آهي، سندس والد بزرگوار به هڪڙي برگيڊ جي ڪمان سنڀالي چڪو آهي...نواز شريف جون ڪافي شڪايتون جائز آهن، پر ڳنڍ ٻڌي جيڪڏهن ”ججز“ اشو تي بيهي رهبو ته ملڪي ڪاروهنوار جا ڪروڙين شعبا متاثر ته ضرور ٿيندا.
بئريسٽر اعتزاز احسن چار مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ پاڻ چئي ويو هو ته ٻارهين مئيءَ کي فراموش ڪرڻو پوندو...موصوف جو تڏهن منهن لٿل نظر پئي آيو، جڏهن هن اسلام آباد واري ڌرڻي کي عين عنفوانِ شباب تي پوڙهو بڻائي ڇڏيو...خود وڪيلن واري تحريڪ هاڻ ”مدعي سست ۽ گواهه چست“ واري دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي. وڪيلن جي مڙسيءَ کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي به نٿو سگهجي، پر آصف زرداري آغاز ۾ کين چيو هو ته صرف لائيرز جي آڌار تي انقلاب نٿا آڻي سگهو...سياسي دوستن کي شريڪِ سفر بڻايو...پر وڪيلن سولو فلائيٽ کي ترجيح ڏني. هاڻ ته ڪي ڌريون کلم کلا چون پيون ته هي به هڪ متبادل قيادت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب هئي...ائين جيئن بنگلاديش ۾ آمريت ۽ جمهوريت جو ترياق تلاش ڪرڻ لاءِ ”ٽين جنس“ کي ميدان ۾ لاٿو اٿن...کڻي اهڙي ڪنهن راءِ کي بدگمانيءَ جي دائري ۾ ئي داخل ڪرڻ گهرجي، پر هاڻ ته وڪيل به چون پيا ته....”مري ٿي جن کيلئي وهه توجا کر مسندِ عدالت پر براجمان هو گئي...“ همه گيريت هر تحريڪ جو جز هوندو آهي، محدود ايجنڊا ۽ ٺلهي پروپيگنڊا جي ڄمار مختصر هوندي آهي.
هاڻي نواز شريف جي ننڍڙي ايجنڊا ۽ اعتزاز احسن جي پروپيگنڊا پنهنجي منهن موت ڏانهن ته محڪوِ پرواز ناهي...ججز اشو مهيني اڌ کانپوءِ ايترو ته ٻودو ٿي ويندو، جو خود ڌڻي اهڙن ڪانن کي باهه ڏيڻ ۾ عافيت محسوس ڪندا...خود قاضي القضات لاءِ اسلامي شريعت ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن موصوف ”غضبناڪ“ آهي ته کيس عدالتي ذميوارين کان ترت آجو ڪجي، نه ته همراهه انصاف جو ٽڀو اونڌو ڪندو...ملڪ کي آصف زرداري جي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، موصوف دهشتگرديءَ جي نالي ۾ جاري جنگ کي ڪنهن ”جدت“ ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
بلوچستان جي سموري زخمي جسم تي پها رکڻ جو به کيس تمام گهڻو احساس آهي، صوبن کي خودمختياريءَ جي حوالي سان به پ پ ڪي تڪڙا قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿي...پاڙيسري ملڪن خاص طور ڪابل ۽ دهليءَ سان از سرِ نو تعلقات استوار ڪرڻ ۽ واپاري سرگرمين ۾ اضافي بابت به ڪي دور رس فيصلا ٿيڻ وارا آهن...جيتوڻيڪ نواز ليگ جو الحاق پ پ سان ٽٽي چڪو آهي ۽ اهو سانحو به ڪنهن حادثي کان گهٽ ناهي...نواز ليگ آزاد ۽ قائد ليگ کان ويندي سنڌ جي اتحادين تائينءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جمهوري مزاج واري جماعت هئي، پر تڪڙ نواز شريف جي طبيعتِ ثانيه بڻيل آهي. سمجهي ته سدورو خوب ٿو، پر ڪي ”باز“ سندس ”ڳيرن“ کي مفتوح بڻائي ويا آهن. احسن اقبال ٽائيپ ماڻهن جا جذبا ته قابلِ قدر آهن، پر دنيا ۾ پاڻ هڪڙي اهڙي سمنڊ جي مخلوق آهيون، جنهن کي ماگر مڇن جو جمِ غفير ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. اهڙن اسٽيڪ هولڊرز کان توهان ترت ڪنڌ آجو نٿا ڪرائي سگهو. نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي وچ ۾ هڪڙو نئون ”ميثاقِ برداشت“ مرتب ٿيڻ گهرجي...نون ليگ مرڪز ۾ اپوزيشن ۾ هلي وڃي ۽ پ پ پنجاب ۾ حزبِ اختلاف جو ڪردار ادا ڪري. اڍائي سالن تائين ڪو به ڪنهن کي ”چهنڊڙيون“ نه پائي ۽ تمام ميمبرن کي ميرٽ جي بنياد تي صوبن ۽ مرڪز ۾ مڃتا ملڻ گهرجي...ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني چئنليجز کي خوش اسلوبيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي پهلوان باهمي اشتراڪِ عمل ۽ صلاح مصلحت سان پيش قدمي ڪن...اسفند يار ولي، مولانا فضل الرحمان، اي پي ڊي ايم ۽ ايم ڪيو ايم کان ويندي ٻين وڏين توڙي ننڍين جماعتن ۽ گروهن کي به ملڪي مامرن ۾ صلاح مشوري جو حقدار قرار ڏنو وڃي ۽ پنهنجين پنهنجين پارٽين کي به جمهوري انداز سان منظم ڪري ملڪ ۾ نئون سياسي ڪلچر پيدا ڪجي...
نواز شريف پنهنجي صدارتي اميدوار کي جذبهءِ خير سگاليءَ جي فروغ خاطر دستبردار ڪرائي ۽ پ پ سلمان تاثير ۽ منظور وٽو هٿان شهباز شريف کي....”دورون دورون اکيان ماري منڊا پٽواري دا...“ واريون اکيون ڏيکارڻ کان باز اچي...اها سنگت اڍائي سال هلڻ گهرجي، سنگت کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ الاهي بخش سومرو، اعتزاز احسن، عطاءُ الله مينگل، محمود اچڪزئي، خورشيد قصوري، افتخار گيلاني، بئريسٽر مسعود ڪوثر، بلخ شير مزاري، غلام مصطفيٰ جتوئي پارن سينيئرن جي سپريم ڪائونسل جوڙجي...اڍائي سالا ڪارڪردگي جو جائزو وٺي تڏهوڪين حالتن مطابق جيڪڏهن مڊٽرم چونڊون به ڪرائي ڇڏجن ته ٻنهي پارٽين جو بخار هلڪو ٿي سگهي ٿو...نواز شريف، اعتزاز احسن ۽ سندن همنوائن کي عوام الناس جي ها ۾ ها ملائڻ گهرجي، جيڪو چوي پيو ته،
”غم اور بهي هين پاکستان ۾ ”عدالت“ کي سوا...“
arbabnek@yahoo.com