جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
ڇا بينظير جي رت ۾ رنڱيل هٿن کي بان ڪي مون وائکو ڪري سگهندو؟
جمع 6 فيبروري 2009ع
چليءَ جي اقوامِ متحده ۾ مستقل ميمبر مسٽر ”هيرالڊو منوز“ جي سربراهيءَ ۾ جيڪا ڪميشن محترمه بينظير ڀٽو جي ”شهادت“ ۾ ملوث مڪروهه ڪردارن کي وائکي ڪرڻ لاءِ ڪجهه مهينن کانپوءِ پنهنجو منصبي فريضو ادا ڪندي، ان ٽي رڪني ٽيم ۾ انڊونيشيا جو نمائندو عثمان دار به شامل آهي، ٽيون ميمبر سوئيڊن سان واسطو رکندڙ آهي. خرچ پکي لاءِ پنجاهه لک ڊالرن جو بندوبست پاڪستان ڪندو، جڏهن ته اخراجات جو تخمينو تمام گهڻو لڳايو پيو وڃي. باقي رقم جي فراهميءَ لاءِ گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ ”ڦوڙي“ ڪري گهربل ڏوڪڙ مهيا ڪندا. اقوامِ متحده جو معتمه اعليٰ ”مسٽر بان ڪي مون“ جڏهن اهي لفظ اچاري رهيو هو، تڏهن سنڌ سميت سمورو خطو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن عجيب قسم جي سرور ۾ مسرور پئي ڏٺو ويو....مسٽر مون چيو ته، ”بينظير جو قتل اهڙو ڏوهه آهي، جنهن دنيا کي رنجايو، انسانيت کي ڌوڏڻ واري انهيءَ افسوسناڪ قدم جا پيرا کڻڻ لاءِ گڏيل قومن فيصلو ڪيو آهي ته چند مهينن اندر قاتلن جي چٽائيءَ لاءِ ڪميشن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي.“
توهان کي ياد هوندو ته پ پ جي هاڻوڪي گود ورتل ڪيو ليگ جي معتمه اعليٰ مشاهد حسين سيد اقوام متحده جي ڪنهن ڪميشن جوڙڻ واري مطالبي جي تمام سخت مخالفت ڪئي هئي...ڇا هاڻي چوڌري برادارن ۽ سندس لي پالڪ ليڊر انهيءَ مطالبي تان هٿ کڻي ويا آهن، يا هن وقت ۾ سندن ذهن پرفتن ۾ ساڳيا شعلا دکي رهيا آهن؟ آيا اهي سدورا اڄ به ساڳئي پليٽ فارم تي موجود آهن ته پوءِ پ پ ۽ گجراتي گامن پهلوانن جو نئون امڪاني ڳٺ جوڙ عوام وٽ مقبوليت ماڻڻ جهڙو قدم ثابت ٿي سگهي ٿو يا نه؟ اهي ۽ ٻيا اهڙا انيڪ سارا سوال ”بان ڪي مون“ جي نئين اعلان کانپوءِ نئين سر مارڪيٽ ۾ پنهنجو وجود وڌيڪ سگهاري انداز سان سامهون آڻيندا. ٻئي پاسي صدر زرداريءَ جون مارڪون مقبوليت جي حوالي سان وڌي سگهن ٿيون، جنهن محترمه جي ٽيجهي تي چيو هو ته: اسان اقوامِ متحده هٿان شهيد سنڌوءَ راڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻائينداسين...صرف پنجاهه ڪلاڪن کان پوءِ سوڳوار زرداريءَ جو اهو اعلان اڄ جڏهن هڪ سال ۽ مٿي فقط چاليهه کن ڏينهن جي وقفي سان عملي روپ ڌاري رهيو آهي ته ضرور سندس بصيرت ۽ بصارت بابت دوربين نگاهون رکندڙ مبصر ”حيران“ ته پڪ سان ٿيا هوندا...اٺ مهينا اڳ جڏهن اقوامِ متحده جي اداري وٽ حڪومتِ پاڪستان باضابطه درخواست دائر ڪئي هئي، تڏهن ڪن ڪم فهم قسم جي ”ڪارڪنن“ چيو پئي ته هي سڀ ڪم اصل حقيقتن تان پردو هٽائڻ وارا آهن. پر جيئن چئبو آهي ته صبر جا سئو ڀاڱا...شهيد راڻيءَ جي ٻارهي تي مسٽر زرداري جڏهن اهو اعلان پئي ڪيو ته، مون کي قاتلن جا مهانڊا ساريا پيا آهن، آئون وچن ٿو ڪريان ته قاتل منظرِ عام تي ضرور آڻينداسين، کڻي ان مهم ۾ اسان جو وجود ڇو نه قربان ٿئي...تڏهن به انصار عباسيءَ کان ويندي لاڙڪاڻي جي ڪلهوڙي ڊاڪٽر ۽ سندس لڏي چيو پئي ته اسان اهڙي ”اعلان“ کي حقيقت تي مبني نٿا سمجهون. پ پ جي ”سڄڻ“ ميڊيا ته صدر صاحب جي مٿين اعلان تي اصل ڪات ڪهاڙا کڻي ميدان ۾ لٿي هئي...پر جڏهن گهر جا ماڻهو رڌڻي ۾ رولو وجهڻ وارو ڪردار ادا ڪن ته پوءِ ميار ته پڪ سان پنهنجن جي لاءِ ئي مخصوص ڪري سگهجي ٿي. پ پ اقوام متحده کان تحقيق ۽ تفتيش لاءِ هن وقت تائين جيڪي پاپڙ ويليا آهن، تن صبر طلب مرحلن جو ذڪر ئي دماغ کي داغدار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي...پرويز مشرف کي ڪهڙي تڪڙ هئي، جنهن متاثرين جو موقف ٻڌڻ بدران قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪندي پهرين ته ڪلاڪ ٻن ۾ سمورو جاءِ واردات وارو منظر تبديل ڪرائي ڇڏيو...کيس ڪنهن چيو هو ته تون گورڊن برائون جي ”گائون“ کان اسڪاٽ لينڊ يارڊ جا صوبيدار گهراءِ؟ آصف زرداريءَ پرويز مشرف طرفان برطانوي پوليس هٿان شروع ڪرايل تحقيق کي ببانگ دهل رد ڪندي ڏيساوري ڏيهه ڏانهن غير جانبدار مبصر موڪليا هئا، جن محترمه جي قتل ڪيس جي تفتيش لاءِ گڏيل قومن کان تحقيقات ڪرائڻ واري ٿيوريءَ کي ثبوتن سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ستن ميمبرن تي مشتمل جيڪا برطانوي ٽيم پاڪستان پهتي هئي، ان جا سدورا ميمبر تڏهن ئي وائکا ٿي چڪا هئا، جڏهن انهن اچڻ شرط اعلان ڪيو هو ته، اسان جو دائرو محدود آهي، لنڊن ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ اهڙو معاهدو موجود آهي، جنهن مطابق اسان ٺلهو سهڪاري هونداسين، اصل تفتيش ڪمال شاهه جي ڪمان ۾ پاڪستان پاڻ ڪندو! سندن مدد ۽ امداد جو پول تڏهن کلي چڪو، جڏهن هنن اڌو گابرو تعاون آڇي مزيد جاچ لاءِ ”جمعدار حڪم داد“ تي ڀاڙيو. ڌڙ ريڍي ۽ ٻاڪريءَ سسيءَ جهڙي سندن تفتيش کان پاڻ سڀ واقف آهيون.
ان دوران عالمي فورمن تان پريشر وڌڻ لڳو ۽ پرويز مشرف ڪن ڇٻا ڪري ڪن لاٽاري گفتگوءَ ۾ مزيد اڳتي وڌندي نظر آيو...هن فرانسيسي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي وڏي پڪائيءَ سان چيو هو ته، بينظير پاڻ ڏوهارين کي موقعو فراهم ڪيو هو، ٻاهر ڇو نڪتي، هن کي ته پاڪستان اچڻو ئي ڪو نه هو. هن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ڪراچيءَ ۾قدم رکيا هئا. هن جو قتل ”سادو“ معاملو آهي، ملڪي ادارا ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جا ماهر گڏجي ڪري اصل حقيقت تائين پهچي سگهن ٿا. گڏيل قومن ذريعي تفتيش جي ڪا به ترڪيب عمل ۾ اچڻ ڪو نه ڏيندس. اڄ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ 8 فيبروري 2008ع تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) حامد نواز کي وزارتِ داخلا جي فيڊرل منسٽر طور جيڪا تحقيقاتي رپورٽ برطانوي ٽيم حوالي ڪئي هئي، ان ۾لکيل هو ته، بينظير جي مرڊر ۾ گوليءَ جو ڪو به عمل دخل ناهي، ڌماڪي سان سندس موت واقع ٿيو آهي...پرويز مشرف ۽ سندس باقيات پنهنجي سياهه ڪاريءَ ۾ مصروف هئي، پر پ پ صبر سان اڳتي رڙهندي رهي. اپريل جي چوڏهان تاريخ تي پ پ قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ واري کيپ کٽي هئي، جنهن قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته محترمه جي شهادت جي تفتيش لاءِ اقوام متحده کي آکيو وڃي...چئن ئي صوبائي اسيمبلين مان به ساڳيا ٺهراءَ منظور ٿيا هئا...نيويءَ جي چيف نعمان بشير جي ڀاءُ سلمان بشير کي يوسف رضا گيلانيءَ رياض محمد خان جي جاءِ تي پرڏيهي سيڪريٽري ڇا لاءِ بڻايو هو؟ سندس پيشرو ان خيال جو هو، جيڪو خام خيالي وارو خوراڪو پرويزمشرف فراهم ڪيو هو. رياض اقوامِ متحده ڏانهن درخواست رواني ڪرڻ جي راهه ۾ روڙا اٽڪائي رهيو هو. پرويز اينڊ ڪمپني ائين به چيو پئي ته جيڪڏهن اقوامِ متحده ڏانهن هن مقدمي کي موڪليو ويو ته پوءِ پاڪستان جي سلامتيءَ کي شديد خطرا گهيري ويندا. چور جي مٿي تي چڙو ڇا لاءِ تشريف فرما ٿيندو آهي؟ ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار...ڀلا رفيق حريريءَ جي قتل ڪيس ۾ اقوامِ متحده جي ملوث ٿيڻ سان اتي آخر سندس وطن جا ڪهڙا ڀاڱا ڌار ٿيا هئا يا ملڪ ڪهڙي بحران جو شڪار ٿيو هو؟ ”دروغ گورا بهانا بسيار“ واري فارسي چوڻيءَ جيان مهراڻ جون ٻئي ڪنڌيون پنهنجي پنهنجي موقف کي مڃرائڻ لاءِ عازمِ سفر رهيون. اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جو مستقل مندوب ماتليءَ ڏانهن موجود ”اڪرم واهه“ جي پيچ تان زمينون آباد ڪندڙ سنڌي آهي. هن به رياض محمد خان وارا راڳ پئي آلاپيا. حسين هارون کي حڪومت منير اڪرم جي جاءِ تي مستقل مندوب مقرر ڪيو ۽ رياض جيان منير به گهرن ڀيڙو ٿيو. پرويز جا گهر تڙ دهليءَ ۾ آهن، موصوف وطن مالوف ڏانهن مستقل طور تي عازمِ سفر به ٿي سگهي ٿو...راهوالي ۽ گوجرانوالا ڏانهن جيڪو شينهن مڙس ”ڪور“ اڳواڻ آهي، موصوف انهن ڏينهن ۾ جڳ مشهور اداري ۾ جهڙوڪر حميد گل جو ”گادي نشين“ هو. خيرن سان سندس جاءِ تي ”پاشا“ کي آندو ويو...اداڪار نديم جوهم نام ”تاج ِخسرويءَ“ پائي مهم هلائي رهيو هو ته اقوام متحده کي بينظير شهيد جي ڪيس ۾ اختيار مليا ته ٽڀو اونڌو ٿي ويندو. هو شور مچائيندا رهيا، وقت اڳتي وڌندو رهيو ۽ ڪالهه پاڻ ٻڌو ته ”فيڪٽ فائيڊنگ ڪميشن“ قائم ٿي چڪي...منهن هيڊ ٿيا آهن قاتلن جا ۽ سرهائي ماڻي آهي سوگوارن.“ هاڻ هڪڙو مرحلو ته خيرن سان پايهءِ تڪميل تي پهتو، اڳتي جا اهڃاڻ به ڌڻي خير ڪندو ظاهر ٿيندا ويندا رک مولا تي! هي ڪيس پاڪستان مان ”نديم“ نالي وارن حميد گلي ”تاج“ پائيندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهي ٿو يا نه؟ انهيءَ ڳالهه لاءِ چار پنج مهينا صبر طلب آهن.
پ پ سميت سمورن آزاد هوائن جي گهورن ۽ آزاد فضا جي همنوائن تي تمام گهڻيون جوابداريون لاڳو ٿي رهيون آهن. مخدوم امين فهيم ڪجهه ڏينهن اڳ انڪشاف فرمايو آهي ته مون دبئي ۾ اهي ”دستاويز“ به سنڌ جي سياڻي نياڻيءَ جي حوالي ڪيا هئا، جن حقائق تي مبني ڪاغذن ۾ ”قتل“ جي منصوبي بنديءَ جا اشارا پڌرا ۽ چٽا موجود هئا...ڪمال شاهه هجي يا سلمان تاثير، ڊاڪٽر عبدالله رياڙ هجي يا سليم عباس جيلاني، نگران دور جا اهي غيرت مند فرد به ”چپ“ چورڻ شروع ڪن ۽ شير پائو کان وٺي فيصل صالح حيات تائين ۽ رائو سڪندر اقبال کان ويندي خورشيد محمود قصوريءَ تائين ”اولڊ پيپلا“ به سچ آکڻ لاءِ سندرو ٻڌن ۽ ”پاشا پارٽيءَ“ کي به ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ”نديمي تاجي“ ملڪ دشمنيءَ کي وائکو ڪرڻ جي شل خدا سگهه ڏي ته شهيد بينظير جي قاتلن تائين پهچڻ لاءِ راهه هموار ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن شهيد ملت کي گولي نه هڻن ها، جيڪڏهن مادر ملت کي ڪسمپرسيءَ جي عالم ۾ نه ڪٺو وڃي ها، جيڪڏهن نواب نوروز کي ڦاهو نه ڏنو وڃي ها، جيڪڏهن شهيد ڀٽي جو عدالتي قتل نه ٿئي، جيڪڏهن اڪبر بگٽيءَ کي نه ماريو وڃي ها، ۽ جيڪڏهن بنگال، سنڌ، پنجاب، پختونخواهه ۽ بلوچستان جي لکين غريب ”رعيتي راڄ“ جي قيام لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي جرم ۾ ڦاهين ۽ ڦٽڪن جي حوالي نه ٿين ها ته اڄ وطنِ عزيز پاڪستان جنتِ نظير ديس هجي ها.
شهيد ڀٽي جو درد چار اپريل 1979ع تي کڻي گهٽ ظاهر ٿيو هو، پر 1983ع ۾ اهو غم وارو سمنڊ اٿلي پيو هو ۽ توهان شهيد سنڌوءَ راڻيءَ کي گهرائي ملڪ ۾ ٺاپر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ”نالي ماتر آزادي ۽ جبر واري نام نهاد ”جمهوريت“ لاءِ وڌيڪ قربانيون ڏيڻ جي اميد توهان به گهٽ رکو...توهان اها ڳالهه ٻڌڻ گوارا ڪريو ته جڏهن شهيد سنڌوءَ راڻي جو غم سيلاب بڻجي سياهه ڪارن کي ”غرق طوفان“ ڪندو، تڏهن توهان لاءِ ڪو به ساحلي باقي ڪو نه بچندو.
اي اهليان سنڌ، اي باشندگانِ پاڪستان، اي آزاد دنيا جا انسانو! توهان کي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ريٽي رت جو قسم آهي، ڇا اها ننڍڙي ٻرانگهه پنهنجي زخمن تي ٿورو يا گهڻو مرهم ناهي رکي وئي؟ رکو موليٰ تي راهزنن جون راهون تاريڪ ٿينديون. اهي ئي رولاڪ هاڻ ”راهيري“ ڪرڻ جا اهل هوندا، جن سان عوام جون دعائون ۽ داور جو دلاسو شاملِ حال هوندو.
ماندي مَ ٿي مارئي، تنهنجو الله به آهي،
سون ڏينهن جا ڏکڙا، هڪ لحظي ۾ لاهي،
اهڙو الله آهي، جو ماڳ پهچائيندئي مارئي!
arbabnek@yahoo.com