جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
ڇا حڪومتي جوڙجڪ ۾ ”پرڏيهي قوتون“ دير ڪرائي رهيون آهن؟
سومر 3 مارچ 2008ع
خيرن سان اليڪشن ته ٿي وئي آهي، پر حڪومت سازيءَ ۾ دير اهڙي ڪڏهن نه ٿي، جيئن هن ڀيري ٿي رهيو آهي، ۽ غير يقيني پڻ اهڙي نه ڏٺيسين، جيئن هاڻ پيا ڏسون. سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن پارٽين جي اڪثريت به واضح آهي، ۽ اهي اڪثريتي پارٽيون گهڻن معاملن تي متفق به آهن ته پوءِ نيٺ سرڪار ڇو نه پئي ٺهي؟ ڇا اها دير صدر صاحب کي بچائڻ لاءِ آهي، يا ان جي ”شاندار الوداع“ لاءِ آهي؟ اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته عوام اسان جي پارٽين کي ڀلي ڪيترو به وڏو مينڊيٽ ڏئي ڇڏيو هجي، پر پارٽيون ڪنديون وري به ايئن ئي جيئن ”پرڏيهي ڀوتار“ چوندا. اعتزاز ڀلي پيو عدليه جي آزادي لاءِ نظربنديون ڀوڳي، ڀلي 3 نومبر کان اڳ واري عدالتي سرشتي لاءِ تقريرون ڪري، پر ڇا ايئن ٿي به سگهندو؟ هن کي بظاهر اهڙي پڪ پ پ کان وڌيڪ کڻي نواز ليگ مان ئي هجي، پر ”ستارون سي آگي جهان اور بهي هي“ کي سمجهڻ جي ڪري...ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ وارا ڪارندا اڃا ڪي ٻيا آهن. حڪومتي سيٽ اپ ۾ دير سان جيڪا اپ سيٽ واري صورتحال آهي، اها به انهن ئي پرڏيهي پيارن جي پيدا ڪيل ٿي لڳي...ڪالهه زرداري صاحب اوچتو عرب امارات اُسهيو آهي، ڏسجي ته اتي جا ”شيخ صاحبان“ ڪهڙيون ٿا فرمائشون رکن.
”جهمراڙي“ امراڻي ۽ ارباب اسٽيٽ جي سنگم تي موجود ٿر جي هڪڙي ڳوٺ جو نالو آهي. سترهين ۽ ارڙهين فيبروري وارا ٻه ڏينهن نيڪڻ فقير هن ڳوٺ ۾ ”پناهه گزين“ هيو. امراڻي مان وقت جي حمير سومري جا مست هاٿي به ”بن“ جي تلاش ۾ ڪپلور، دينور ۽ کوکرو پار جي چٽيل ميدانن ڏانهن پنڌ پيا هئا. وقت جو اورنگزيب عالمگير ارباب آباد ۾ لٿل هو. دادو جي نوابشاهه جي گهوٽڪي جي شهري سنڌ جي شاهه زورن ۽ ڪنري جي دوستن جيڪي يارهان کن معصوم انسان ”شهيد“ ڪيا، انهن سڀني شهيدن واري دور حاضر جي ”ڪربلا“ برپا ڪرائڻ جو سمورو ڪريڊٽ ارباب عالمگير جي کاتي ۾ لکجي چڪو. ابن انشاءَ چوندو هو ته، ”اورنگزيب عالمگير ني نه تو کوئي نماز چهوڙي ٿي اور نه هي کوئي ڀائي زنده چهوڙا ٿا.“ رياض سهيل ناڪرايو، ڇاپردين شاهه، جليي جو تڙ ۽ کينسر کي مانيٽر ڪري رهيو هو، کوکرو پار کان گڍڙو تائين وارو رڻ جهاڳڻ جو ذمو هن جوڳي کنيو هو. ڳوهون جوڳين جا ته گهر تاڙينديون رهيون آهن، پر جوڳين نانگن جا افعال مشاهدي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري گويا گولين کي قتل جي دعوت پئي ڏني. لاکڻيون ڳوٺ هجي يا جيتراڙ جي جوءِ ٿر ۾ هر هنڌ گوليون ائين پئي وُٺيون جيئن اوڙڪ مينهن وسندو آهي، ٻڍڙيون مايون جڏهن گوڏن ڀر گسڪنديون لوڙهن ۾ لڪڻ لاءِ رئندي پولنگ اسٽيشنن ڏانهن روانيون پئي ٿيون تڏهن سچ پچ ته هن بيت جو يادگيرو تمام تيزيءَ سان دماغي ڦرهي تي تري آيو هو...
آهه جاتي هي فلک تک، رحم لاني کيلئي،
بادلو هٽ جائو، راهه دو جاني کيلئي!
وقت جي مغلِ اعظم اڳيان سندس نو رتنن مان ڪنهن اها راءِ الائي ڇو نه رکي ته جيڪي اورنگزيب عالمگير کي ووٽ نٿا ڏين، تن جي ڳوٺن تي بمبارمنٽ ڪرائجي. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو جهاز به سندن تحويل ۾ هو، ريگستان جون ڀٽون وزيرستان جي جبلن جيان انساني رت سان رنگين نظر اچن ها. طارق جميل جي تربيت جو چٽو ثبوت جن لعل وڻجارن فراهم ڪيو، ان تي حاجي عبدالوهاب به حيران ته ضرور ٿيو هوندو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊون سئو فيصد آمريڪي مفادن جي تڪميل جو ايجنڊو آهن، درِ پرده آمريڪي تيل ڪمپنيون ڪيتري سيڙپ ڪري چڪيون آهن ۽ معدنيات کان ويندي سيڙپ ڪاري جي ميدان جون آفت قيامت قسم جون ڪمپنيون ”سياست“ جي نالي ۾ ٿيندڙ سياهه ڪاري کي سفيدي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ”زر پهينک تماشا ديکهه“ وارا ناٽڪ ڪهڙي ڪاريگري سان ڪري رهيون آهن؟ ٿر ۾ 150 ارب ٽن ڪوئلي جي ماليت سٺ کرب ڊالرن کان مٿي آهي. ”ڪڪ بيڪي“ ۾ ڪوئلي جي واپار ۾ هٿ ڪارا ڪندڙن ڪهڙي روهه سياهي جو مظاهرو ڪيو آهي؟ ميڊيا جي آزادي واري دعويدار دور ۾ اُهي شيون اٺ آنا به ظاهر ٿي ڪو نه سگهيون آهن، اکيون ڪڍرائڻ کان بچائڻ خاطر مٺي جا سمورا ”خاطو“ مهر بلب رهيا، چپ چورڻ سان پريس ڪلب وارو شاهي قلعو مسمار ٿيڻ جو خوف هئن، نه ته تاريخ ساز ڌانڌلا رپورٽ ٿيڻ کان رهجي ويا هجن، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ البته هيل ٿر ”گليان هو وڻ سڃيان، تي وچ مرزا يار ڦري!“ واري سڃ ۽ ڀينگ کي راڪاسي ريتن ۽ برڙباڪسي پريتن سان پنهنجو پاڻ کي ٽٻاٽپ ٽمٽار ڏٺو، چوڌرين جي چوڪڙي پوءِ به ڦٻڻ کان محروم رهي. جنهن جو ڏک ڏسڻو هجي ته آمريڪي ايوانن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڪراچي واري قونصل خاني به حڪم فرمايو آهي ته، ”لال قلعي گرائونڊ“ وارن جو مئنڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ڀوڳيندي. سنڌين کي دهلي جي لال قلعي جي مورڙي جي ماڳن ۾ تشريف فرمائي تي مٺايون ورهائڻ گهرجن. اڳي نعرا ٻڌبا هئا، ”دهلي تيري لال قلعي پر هوگا نشان همارا...“ هاڻي ويهه لک جانيون قربان ڪرڻ جي دعويدارن دهلي جي پچر ڇڏي ڏني آهي.
ڪراچيءَ وارو آمريڪي قونصل خانو ”نوي“ جو نوانوي فيصد سرپرست ٿو محسوس ٿئي، اسلام آبادي سفارت خانو ته اتان جي ”همراهه“ لاءِ اٺيئي پهر اوجاڳن ۾ لڳو پيو آهي. ڇو نه لڳي انهن انتخابي ناز نخرن جي شروعاتي ڏينهن ۾ به ته آمريڪي وفدن جي آمد ۾ اچانڪ بي تحاشا اضافو ٿي ويو هو، ملڪ جا مڙيئي مهربان قدردان قسم جا سياستدان دل ئي دل ۾ ”ٽڪيٽ ڪٽائو لائين بڻائو، اسان تي جاڻا ڪونڊي دي ڪول...“ ڳائي رهيا هئا.
سڀني اڳواڻن قول قرار ڪيا آهن ته هو صدر مشرف کي گهر موڪلي ئي ساهه پٽندا، هاڻ ڏين منهن! فقير بيان ڪجهه هن ريت ٿو ڪري ته ”آقا“ کي چيو وڃي ته ٺلهو هڪڙو مهانڊو مهمل ڪري ڏيو، توهان محمد علي بوگرو به ته آمريڪا مان براهه راست موڪليو هو، موڪليل ته معين قريشي ۽ شوڪت عزيز جهڙا الاهي سارا آهن، پر هن وقت نيو يارڪ ۾ بوگري جو جيڪو جانشين آهي، اهو ته پڪ سان واشنگٽن جو پسنديده هوندو، رٽائرڊ ميجر جنرل آهي ته مڙيوئي خير....اوهان پهريون صدر به ته ميجر جنرل اسڪندر مرزا عنايت ڪيو هو، بوگري جو جاءِ نشين ته اهو هر دلعزيز هيرو آهي، جنهن جي ئي سار سنڀال ۾ بهاولپور واريون مشقون هيون ۽ توهان ڪهڙي نه سان پنهنجو سفير ۽ ملٽري اتاشي گڏ چاڙهي بستي لال ڪمال اماڻيو هو. صديق سالڪ جهڙو رباني آگري ۽ اڪبر سومري جو دوست به ”شهيد“ ٿيو هو ته ان حادثي کان پوءِ پ پ سميت ايم آر ڊي ۽ جمهوريت پسند ٻين جماعتن لاءِ اوهان ”ڊيموڪريسي“ وارو تحفو عنايت فرمايو هو، پ پ ته مرزا اسلم بيگ کي ”تغمهءِ جمهوريت“ عنايت ڪري چڪي آهي، محمود علي دراني لاءِ صدارت واري ڪرسي جو فيصلو مڃرائڻ ته ڏائي هٿ جو کيل آهي. هلو ان تي به اتفاق راءِ نه ٿئي ته پوءِ خيرن سان جهانگير ڪرامت به جهان ۾ موجود آهي. اوهان وٽ هاءِ ڪمشنر به رهي آيو آهي ۽ آهي به مڪمل جرنيل. نواز شريف به هن شينهن جي ڪري اقتداري ٻيلي کان ٻاهر رهندو، ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ هن سينائي سرواڻ اختلافن کانپوءِ استعيفيٰ ڏني هئي. ”آمريڪي برانڊ“ اليڪشنون به ٿي ويون آهن، سائين سجاد علي شاهه بادشاهه کي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻائي سگهو ٿا، ججن واري بحالي جو شور به ٿڌو ٿي ويندو، برطرف ججن جي شروعات ته سائين روشن علي شاهه جي لختِ جگر کان ٿي هئي، نانگ به مري ويندو ۽ لٺ به پرزا پرزا ڪا نه ٿيندي. ارباب غلام رحيم صاحب جون لٺيون ته گم ٿي ويون آهن، ٻيو ڄام صادق ونگي جي ڄامن نه سهي البت ”ڏنڊي“ جي ڄامن جيان سڳوري سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان ظهور پذير ٿي سگهي ٿو...ديکو او انتظار ڪرو....
اچون ٿا ”جهمراڙي“ ڏانهن... ٻوڙاٻهه ڳوٺ پهتاسين ته ”ڪوسوو“ جي آزادي واري خبر هلي رهي هئي. اتان جا سومرا ابرهه جي هاٿين سان ٿيندڙ ويڌن بابت ته ڪُڇن ڪو نه پيا البته چون پيا ته سردار شاهه وارن جي فقيراڻي جهولي وقت جي حمير سومري واري هاٿي کي دسي ويندي. ٿيو به ائين پر پ پ لاءِ وري به آمريڪي هاٿي رستا روڪ ڪري رهيو آهي. ارڙهن فيبروري تي جنهن ”ڪوسوو“ کي آمريڪي آشيرواد سان آزادي ملي، ان ملڪ جو وزيراعظم هاشم ٿاچي آزاد هوائن ۽ آزاد فضائن جو جڏهن اعلان ڪري رهيو هو، تڏهن ڏيهه جي ڏکڻ اتر اوڀر اولهه ۾ تڙا ماشا واريون سرهائيون موسمِ بهار جا سمورا خوبصورت خوشبو وارا لطف فراهم ڪري رهيون هيون، برف پوش جبلن جي دامن ۾ موجود ”پرسٽينا“ جهڙي تفريحي ماڳ تان اعلان آزادي ٿي رهيو هو، وزيراعظم چيو پئي: اسان جمهوري طريقي سان چونڊيل عوامي نمائندا پنهنجي وطن جي آزاديءَ جو اعلان ڪريون ٿا...۽ خومختياري جو پڻ....اسلام آباد ۾ موجود ملڪه آمريڪا ليڊي پيٽرسن جي دولت خاني مان مليل پيغامن، سندس در دولت تي حاضري، ايوانِ صدر مان طارق عزيزي طعنا ۽ هن ”هيڊ ڪوارٽر“ مان هدايتون ۽ نصيحتون ملندي ڏسي ته ائين ٿو لڳي اڃا به سٺ سال کن وڌيڪ لڳي ويندا، اهڙو ڪو اعلان ٻڌڻ ۾...
ڪنهن پوڙهي ڪوسوائي بي بي سي کي چيو پئي: اسان کي صديون لڳيون آهن، هن سرهائي واري چوٽي سر ڪرڻ لاءِ....ڪوسوو يورپ ۾ البانيا سان سلهاڙيل آهي.10877 چورس ڪلو ميٽرن ۾ پکڙيل هن ديس ۾ ويهارو کن ماڻهو رهن ٿا، نوي سيڪڙو مسلمان اڪثريتي آبادي واري هن ملڪ ۾ سترهن هزار نيٽو جا فوجي موجود آهن. سربيا خلاف سندن لبريشن آرمي طويل محاذ آرائي ڪئي، تيرنهن هزار ماڻهن آزادي جي راهه ۾ جاني قرباني ڏني، لکين دربدر ٿيا ۽ مقدونيا کلان به پري وڃي نڪتا. بلغراد جيڪو سورگ باش ٿيندڙ يوگو سلاويا جو دارالحڪومت رهيو آهي، سرب سهڻن اتي آمريڪي ايمبيسي کي زخمي ڪيو آهي، پر يورپي يونين ۽ آمريڪا جي آشيرواد سان هن نئين اسلامي ملڪ آزادي ماڻي آهي. انڊونيشا به کيس تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سلامتي ڪائونسل ۾ روس ويٽو ذريعي آزادي کي سوگهو ڪري چڪو آهي ۽ کيس اقوامِ متحده جو ميمبر به ٿيڻ ڪو نه ٿو ڏي.
تهذيب جو قدر ڪندي ڇا آمريڪا پاڪستان کي پابندين کان آجو ڪندو، يا ٻٽي پاليسي جون ڪا تون جاري رهندي....؟
arbabnek@yahoo.com