بدلي وٺڻ جو انداز

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2012۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪنڌڪوٽ ويجهو جهوني رئيس جان محمد باجڪاڻي سان 1988ع ۾ ملاقات ٿي ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ سلجهيل گفتگو ڳالهه ۾ دليل ۽ وزن ۔ اڪثر نوجوان اهڙن بزرگن جي ڪچهري کان لنوائيندا آهن ۔ پر مان ڳولهي شوق سان ڪچهري ڪندو آهيان ۔ ڪچهري دوران ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي وڃي ڀڳت ڪنوررام تائين پهتي ۔ هن ٻڌايو ته ڀرچونڊي وارو پير جيڪب آباد شهر ۾ پنهنجن مريدن کان اوڳاڙي تي لٿل هو ، پير صاحب جي ڪچهري اوج تي هئي جو ڪنهن اچي چيو ته ڀڳت ڪنوررام جيڪب آباد پهچي ويو آهي ۽ هو لولي پڙهندو ۔ جنهن سان ماتا بيماري ورتل پڪا پوڙها ۽ ٻارڙا ٺيڪ ٿيندا هئا۔ ( مشهور ڪيو ويو هو ) بحر حال ڀڳت ڪنوررام جي اچڻ جو ٻُڌي پير صاحب جي مريدن سوڌو سڀ اوڏانهن روانه ٿي ويا ۔ پير صاحب کي ڪاوڙ آئي جنهن جو هن اظهار به ڪيو هو ۔ اتي ئي پير صاحب جو هڪ مريد خان محمد جلباڻي ويٺل ڳوٺ الله بخش جلباڻي به موجود هو ، جنهن پير صاحب جي ڪاوڙ کي دل ۾ سانڍي رکيو ۽ ٽئين ڏينهن تي رۡڪ جي اسٽيشن تي بندوق جو فائر ڪري ڀڳت ڪنوررام کي راهه رباني ڏيکاري ڇڏي۔ رڪ اسٽيشن کان پنڌ ئي پنڌ سکر پهتو ۽ رات درياءَ جي ڪناري ڪنهن مڪان ۾ ترسي پيو ٻئي ڏينهن منجهند جو هن جي نظر مسلمانن جي ڪٽر دشمن پٻناڻي وڪيل تي پئي هن پنهنجي بندوق جو نشانو ان کي به بڻايو ۽ اتان ڊُڪي پنهنجي ڳوٺ پهتو ۔ گرفتاري جي ڀوَ کان مرندي مري ويو پر ڳوٺ کان ٻاهر نه نڪتو ۔ اتان کان هندو ۽ ڀرچونڊي وارن جي ويڙه جو سلسلو شروع آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلندو اچي پيو ۔ ان جي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي الله پاڪ بهتر ٿو ڄاڻي ۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    معنى فيس بوڪ تي متل باهيون۔۔۔ ۽ نفرت جي شعلن جا ڪارڻ ۔۔۔ دراصل هن واقعي سان تعلق ٿا رکن۔۔۔
    افسوس پيو ٿئي ته ڪنهن مطلب پرست ماڻهن جي ڪري مذهب جو به مذاق پيو اُڏي۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا رضوان علي جمالي صاحب سڀ کان پهرين ته توهان جي مهرباني جو توهان ان اهم واقعي کي سامهون آندو آهي، پر ادا هڪ عرض ڪندو هلان ته ۔۔ ادا اسان ۾ اهيا ڳالهه تمام عام ٿئي وئي آهي (خاص ڪري موبائل سيٽ تي ايس ايم ايس عام ٿيڻ کانپوء ) ته اسان ڪنهن به ڳالهه کي تصديق ۽ تحقيق ڪرڻ کانسواء اڳتي ٻين تائين پهچائيندا آهيو، ۽ اڄڪلهه ته ايس ايم ايس ذريعي ڪيترائي اهڙا ميسيج به بنا تصديق ۽ تحقيق ڪرڻ جي اڳتي ڪيا وڃن ٿا،( جنهن سان هڪ عام ماڻهون ڪجهه سکڻ جي بجاء ًگهڻو ڪجهه وڃائي ٿو ويهي ) جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ڪونهي، ( خاص ڪري حديثن ۽ بزرگن جي اقوال جي حوالي سان ) جڏهن ته حضور سائين جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته جنهن ڪا اهڙي ڳالهه مون ڏانهن مڙهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي ان ڄڻ ته مون تي تهمت هئي، ۽ پنهنجو ٺڪاڻو جهنم کي بڻايو، سو ادا توهان به اگر ان ڳالهه جي تحقيق ڪيو هان ته ڪيتري قدر اهيا ڳالهه درست آهيته اهو بهتر ٿئي هان، ادا سنڌ جي ماياناز سچي عالم اديب ۽ سياستدان محترم سائين جي ايم سيد صاحب پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته " ڪن نا عاقب انديش سکر جي نوجوان هندن ( ڀرچونڊي جي پير جي پٽ ميان عبدالرحيم ) سندس وڏي فرزند ميان عبدالرحيم ( ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جو والد ۔۔۔ وگهيو ) کي بنا سبب جي بي عزتي ڪئي، جنهن مامري تي پير صاحب جي مريدن ۾ جوش پيدا ڪيو، ديهاتي ۽ قبيلائي گروهه جي ماڻهن ۾ قديم دستور موجب رواج آهي ته ڪنهن وڏي عزت واري ماڻهو جو قتل يا بي عزتي ٿيندي آهي ته ان جو عيوضو ڏوهاري کان هرو ڀرو وٺڻو نه آهي پر قتل ٿيل يا بي عزتي ٿيل ماڻهوءَ جي شان ۽ شوڪت جي مد نظر مخالف ڌر جي ايڏي ئي عزت واري ماڻهوءَ کان بدلو وٺبو آهي، عرب، بلوچ ۽ پٺاڻ قومن جي ڪيترن ئي قبيلن ۾ اڃا اهو رواج هلندو پيو اچي. سنڌ اڃان قبيلائي دستورن کان آزاد نه ٿي آهي ۽ ڪيترائي قديم دستور هلندا پيا اچن.“ جي ايم سيد وڌيڪ لکيو آهي ته ”مريدن فيصلو ڪيو ته هندن جي ڪنهن بزرگ کان بدلو وٺجي ( جنب گذاريم جن سين ص 21 ، 22 سن 1979ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد) سو ادا رضوان صاحب توهان جيڪو لکيو آهي ته ڀرچونڊي وارو پير جيڪب آباد شهر ۾ پنهنجن مريدن کان اوڳاڙي تي لٿل هو ، پير صاحب جي ڪچهري اوج تي هئي جو ڪنهن اچي چيو ته ڀڳت ڪنوررام جيڪب آباد پهچي ويو آهي ۽ هو لولي پڙهندو ۔ جنهن سان ماتا بيماري ورتل پڪا پوڙها ۽ ٻارڙا ٺيڪ ٿيندا هئا۔ ( مشهور ڪيو ويو هو ) بحر حال ڀڳت ڪنوررام جي اچڻ جو ٻُڌي پير صاحب جي مريدن سوڌو سڀ اوڏانهن روانه ٿي ويا ۔ پير صاحب کي ڪاوڙ آئي جنهن جو هن اظهار به ڪيو هو ۔ اتي ئي پير صاحب جو هڪ مريد خان محمد جلباڻي ويٺل ڳوٺ الله بخش جلباڻي به موجود هو ، جنهن پير صاحب جي ڪاوڙ کي دل ۾ سانڍي رکيو ۽ ٽئين ڏينهن تي رۡڪ جي اسٽيشن تي بندوق جو فائر ڪري ڀڳت ڪنوررام کي راهه رباني ڏيکاري ڇڏي۔ سو ادا ان ڳالهه تي پهرين تحقيق ڪريو تنهن کانپوء ئي اهڙيون پوسٽون پوسٽ ڪريو،
    محترم سائين جي ايم سيد وڌيڪ لکيو آهي " مسجد منزل گاهه جي عمارت سان هندن جو ڪو واسطو نه هو پر انهيءَ عذر ۽ بهاني تي ته اها جاءِ سندن ساڌ ٻيلي جي سامهون واقع هئي ته منزل گاهه جي مسلمانن کي موٽي ملڻ جي مخالفت ڪري رهيا هئا توڙي جو ساڌ ٻيلو درياءَ جي وچ ۾ پري هو، پر اها حقيقت هئي ته هندو عوام تي پنڊتن ۽ مسلمانن تي مُلن جو اثر ويٺل هو جن جي تصور موجب سناتي هندن کان سواءِ سڀ مسلمان مليڇ هئا ۽ شريعتي مسلمانن کان سواءِ سڀ مسلمان ڪافر. تنهن ڪري هندن ۾ ان وقت ڀائي ڪنور رام ڀڳت کي عزت وارو ۽ هندن جي گروءَ جهڙو سمجهي ان کي قتل ڪرڻ جي سِٽ سِٽي." ڇاڪاڻ ته هڪ مسلمان، پير طريقت جي فرزند جي توهين دين اسلام جي بي عزتي هئي ۽ ان جو بدلو مذهبي فرض هو. اهوڪم حاجي جان محمد جلباڻي سرتي کنيو. (جنب گذاريم جن سين جن 23، 22 ).
    سنڌ جو ان دور جو وڏو سياستدان ۽ محقق پير علي محمد راشدي لکيو آهي ته "هڪ ڏينهن هندن طرفان مسٽر پمناڻي شاهد بڻجي آيو هو. پاڻ روهڙي جو رهاڪو هو. ڏاڍو تيز طبيعت هو. مسلمانن تي حد کان وڌ ناراض رهندو هو. پنهنجي شاهدي جي دوران پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي باري ۾ ڪجهه ناشائسته ڳالهيون به ڪري ويو هو. سندس بيان پورو ٿيو ته مون ڪورٽ کي عرض ڪيو ته مسٽر پمناڻي جو بيان اخبارن ۾ ڇپجڻ کان روڪيو وڃي، ورنه موجوده اشتعال جي حالت ۾ ممڪن آهي ته سندس جان خطري ۾ پئجي وڃي. پريس رپورٽرن کي درخواست ڪئي ته پمناڻي جو بيان اخبارن ۾ نه ڇاپين پر ان زماني جي هندو اخبار نويسن جي آڪڙ ئي اور هئي. ڪهڙي به چڱي نيت سان کين ڪنهن حرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ته هو زور ڏيئي اها حرڪت ۽ شرارت ڪندا هئا. ان خيال کان ته روڪڻ جو سبب مسلمانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ هڪ بهانو هوندو.ٻئي ڏينهن مسٽر پمناڻي جو بيان وڏين سرخين هيٺ سمورين اخبارن ۾ ڇپجي ويو ٽئين ڏينهن ڪي شاهينگ پمناڻي کي پستول هڻي غائب ٿي ويا. وڏو هنگامو ٿي ويو.( اهي ڏينهن اهي شينهن جلد ٻيون ص 300.)
    ڀرچنڊي جي درگاهه ڪيترائي عالم پيدا ڪيا آهن باقي هر گروپ گروهه ۾ اڇين رڍن سان گڏ ڪاريون رڍون به هونديون آهن، جڏهن تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته حضور سائين جي محفل ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهون ويهندا هئا، جيڪي ظاهر ته پاڻ کي ايمان وارو سڏرائيندا هئا، مگر حقيقت ۾ اهي منافق هئا، جن ماڻهن حضور سائين جي جدو جهد کي نقصان پهچائڻ جي ڪئي جٿن ڪيا، ادا اها درگاهه ڀرچونڊي واري گھوٽڪي ضلعي۾ موجود آهي جنهن درگاهه جو عظيم عالم ۽ بزرگ مرشد حافظ محمد صديق جهڙو درويش ڪامل انسان هو، جنهن جي هٿان نه فقط مولانا سنڌي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو سک مذهب تياڳي مسلمان ٿيو هو پر ڀرچونڊي جي ڪري ئي هن جو تخلص سنڌي پيو هو. جنهن شخص لاء امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جيڪو اصل ۾ ملان ۽ پير جي پيٽوڙي پاپي توڻي انتهاپسندن جي اسلام جي متبادل ڊسڪورس هو تنهن چيو هو، ته مون جهڙي ماڻهو کي وطن ڇڏڻ به نه رئاري سگھيو هو پر آئون ٻن عظيم ۽ پيارين هستين جي موت تي پنهنجا ڳوڙها نه روڪي سگھيو هوس، اهي هستيون هيون هڪڙي منهنجي امڙ ۽ ٻيو منهنجو مرشد حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو. سو ادا اهڙن برگن ته هميشه قرآن ۽ حديث جي تعليم ڏني، آهي، ياد رهي ته هي اهي مرشد نه آهن جيڪي مريدن کان ڏن وٺڻ يا اوڳاڙي ڪرڻ ويندا هجن هي ته انهن جي خلاف رهيا آهن، جن لاء شاهه صاحب چيو آهي ته ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي ) ادا اڄڪلهه ته اهيو وڏو ڌنڌو آهي هڪ حلوي کائو ملان جو ۽ ٻيو قبرن جو مال کائيندڙ مجاور جو، مجاور ته اهڙو ڌنڌو آهي جو اسان جي ڳوٺ اميناڻي شريف ۾ هڪ پير آهي پنهور امير پير جي نالي سان ۽ ان جا مجاور وري اتان جا سيد آهن، صرف قبر جو پيئسو کائن لاء، جڏهن ته ذات تي ناهي ڏات، مگر ادا اسان جي سنڌ ۾ سيد ڀلي چور هجي ڌاڙيلن جو پاٿاريدار هجي وياجي هجي، ٻين جي نياڻين جي عزت سان کيڏندو هجي ماڻهون جو رت پيئندڙ هجي مگر ماڻهون بنسبت ان کي اهميت ڏيندا آهن ڪنهن ٻئي ذات واري نيڪ ۽ شريف ماڻهون جي، ۽ وري به چوندا آهن ته يار هي ته سيد آهي نه ۽ سيد جي حيثيت مٿي آهي وغيره وغيره ، جڏهن ته سرور ڪائنات سردار دوجهان حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو آهي ته ڪنهن به ڪاري کي گوري تي ، يا گوري کي ڪاري تي عربي کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربي تي فوقيت حاصل نه آهي اگر آهي ته اها آهي تقوا ۔۔ سو ادا مان ان ڪري ٿو چوان، باقي الله واري ٿيڻ لاء ذات جي ڪا پرواهه ڪانهي،۔ ( جي آيا سي اگهيا، ڪو نه پڇي ڪو ذات۔۔۔ شاهه )
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    مانوارا ممتاز علي پروردگار هميشه اوهان کي ممتاز رکي آمين ثم آمين مان پنهنجي لکڻي ۾ ڪنهن ايس ايم ايس جو حوالو نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري چَمڪي تي بندوق جو ٺَڪا ڪيو آهي ، مان اهو به ڪو نه لکيو آهي ته پير آف ڀرچونڊي جي ڪا بي عزتي ڪئي وئي ۔ پر توهان جي مٿين لفظن مان جيڪي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب تان اوهان حوالي طور ڏنو آهي ظاهر ڪري ٿو ته هندو نياڻين کي زوري مسلمان ڪري انهن سان شاديون ڪري هندن کان اڃا تائين اُن بي عزتي جو بدلو ورتو پيو وڃي ۔ دينِ اسلام دينِ فطرت آ ، جيڪو به ڪنهن سان ڪنهن به قِسم جي زيادتي ٿو ڪري بدلي وٺڻ جو پورو پورو حق آهي پر صرف ان کان جيڪو زيادتي ڪري ٿو نه ڪِ ان مذهب وارن ، ذات وارن يا ان جي مِٽن مائٽن کان به تا قيامت چُڪايو وڃي ۔
    سائين جي ايم سيد جي ڪتابن لاءِ مون وٽ في الحال تبصري لاءِ ڪجهه به ڪونهي ۔ رهي پير علي محمد راشدي جي ڳالهه ته ان جي ڪتابن لاءِ سنڌ جي نقاد ۽ بگٽي قبيلي جا اصل لٺ سردار قربان بگٽي جا ڪتاب پڙهو جنهن ۾ هِن اهي ڏينهن اهي شينهن ڪتاب جو جيڪو پوسٽ مارٽم ڪيو آهي نه صرف حقيقت کان باخبر ٿيندو پر پير علي محمد راشدي جي لکڻين کان به بيزاري ٿيندي ۔
    تاريخ لکڻ وارن ڪتاب سهيڙڻ وارن وڏيون مزاقون ڪيون آهن ۔ جنهن به تاريخ لکي ان پنهنجي پسند ئي ٺوڪي آ ۔
    جنهن به ڪتاب سهيڙيو آ ان به مرضي ڪٺي ڪئي آهي ۔
    سنڌ ۽ هنڌ جي ڪهڙي درگاهه آهي جِتي ڏَن نه ٿو ورتو وڃي ؟؟؟ 1980 ع واري دور ۾ لاڙڪاڻي جي هِڪ سنگت هئي ( انڊس بوڪ اسٽور ) هتڙي هر قسم جا طبقاتي نظرياتي دوست ڪٺي ٿيندا هئا ۔ لاڙڪاڻي جا تمام ٽئڪسي ڊرائيور به هن ڪچهري جا ڪوڏيا هوندا هيا ۔ تمام جا تمام ڊرائيور به اوهان وانگر ايئن ئي چوندا هيا هِن هُن درگاهه تي ڏن نه ورتو ويندو آهي انهن تمام دوستن کي ساڻ ڪري باقاعده عملي طور تي هڙان ڏوڪڙ ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريو هيم ته هر درگاهه تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڏن اوڳاڙي جو سلسلو آهي ئي آهي ۔
    مان اوهانجو ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجي ليک کي نه صرف پڙهيو پر جواب سان به نوازيو
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا ايس ايم ايس جو مون ڪڏهن لکيو آهي ته توهان ايس ايم جو حوالو ڏنو آهي مون ته هڪ عام ڳالهه ڪئي آهي، توهان منهنجي تحرير کي وري ٻيهر پڙهي ڏسو، ۽ مون ائين به ناهي لکيو ته توهان چيو آهي ته پير آف ڀرچونڊي جي ڪا بي عزتي ڪئي وئي، پر مون توهان کي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب مان حوالو ڏئي ٻڌايو آهي ته ڪنور رام جو قتل اصل ڪارڻ اهيو هو، جو پير آف ڀرچونڊي جي ڪا بي عزتي ڪئي وئي، نه ڪي توهان جو ٻڌايل واقعو۔۔۔۔۔۔پر ان بي عزتي واري تعصب جي ڪري هڪ فقير صفت انسان کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي اسلام اسان کي ڪڏهن به اجازت نه ٿو ڏئي، جڏهن ته توهان ڪنهن وڏي عمر واري پير مرد جو حوالو ڏئي اهيو ثابت ڪيو آهي ته ڪنور رام جو قتل ٻين سبب جي ڪري ٿيو آهي، جنهن جو ذڪر توهان ڪيو آهي، ادا باقي توهان مون کي مشورو ڏنو آهي ته سنڌ جي نقاد ۽ بگٽي قبيلي جا اصل لٺ سردار قربان بگٽي جا ڪتاب پڙهو سو ان لاء ڀاءُ عرض ته قربان بگٽي صاحب خود هڪ مذهبي ماڻهون هو ۽ عالم ۽ اديب هو، هڪ سچو ماڻهون هو، جنهن سنڌ جي ڪنهن به عالم اديب ۽ ليکڪ کي ناهي ڇڏيو سندس تنقيدون مون به پڙهيون آهن، قربان صاحب ته سائين جي ايم سيد ، شيخ اياز ، عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين ڪيترن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ اهو کيس حق آهي، ۽ تنقيد ٿيڻ گهرجي تنقيد به ادب جو حصو آهي، باقي ادا سردارن جو ڪردار اسان جي ملڪ ۾ ڪو چکو ناهي رهيو، جنهن کي اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو، اصل فسادات توهم پرستي، ڪارو ڪاري جون رسمون، ماڻهن کي اغوا ڪرائڻ غريب مٿان ظلم ڪرڻ قبائلي جهيڙا ڪرائڻ انهن کان ڏنڊ وٺڻ انهن جو ئي ڪم رهيو آهي، ادا رضوان صاحب اوهان لکيو آهي ته ۔۔۔ ( هندو نياڻين کي زوري مسلمان ڪري انهن سان شاديون ڪري هندن کان اڃا تائين اُن بي عزتي جو بدلو ورتو پيو وڃي ۔ دينِ اسلام دينِ فطرت آ ، جيڪو به ڪنهن سان ڪنهن به قِسم جي زيادتي ٿو ڪري بدلي وٺڻ جو پورو پورو حق آهي پر صرف ان کان جيڪو زيادتي ڪري ٿو نه ڪِ ان مذهب وارن ، ذات وارن يا ان جي مِٽن مائٽن کان به تا قيامت چُڪايو وڃي ۔رضوان ) سو ادا ان ڳالهه کان ته مان به انڪار نه ٿو ڪريان ۽ مان ڪڏهن به ان ڳالهه جي حمايت نه ڪندس، ۽ نه ئي وري سائين جي ايم سيد صاحب ان ڳالهه جي حمايت ڪئي آهي پر سائين به اسان جي معاشري جي حالت ۽ حقيقت ٻڌائي آهي، افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پيري مريدي به هڪ وڏو ڪاروبار آهي، ۽ هڪ وڏي طاقت آهي جيڪا غريب ماڻهون ۽ ڪمزور ماڻهون تي استعمال ڪئي ويندي آهي، ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ پيري مريدي جو ڪو تصور ئي ڪونهي، پر هت هنن کي پنهنجا پيٽ به ته ڀرڻا آهن، ادا اهي پير فقير ۽ درگاهن جو مجاور اگر حق سچ ٿا ٻڌائين ۽ قرآن جي حقيقي تعليم ٿا عوام کي ڏين ته سندن حلوا، ڏن پٽ ۽ نظرانه بند ٿا ٿين سو هرو ڀرو واعظن ۾ به شور شرابو ڪري ابتا سبتا عام ماڻهن جا شعر ٻڌائي يا قصا ڪهاڻيون ٻڌائي ماڻهون ڦاسائيندا آهن، ۽ مزي جي ڳالهه ته اهي اگر عوام ۾ واعظ ڪرڻ به ايندا آهن ته ان واعظ جي ان مجلس جي هزارين ۽ ڪي ته لکين رپيا في ٿا وٺن، خاص ڪري اهم ڏينهن جي حساب سان۔ ادا مون ته سنڌ جي ڪافي اهڙن عالمن ۽ مولوين کي به ٻڌو آهي جنهن جو تڪيو ڪلام اهيو هوندو آهي ته ۔۔۔ آواز آئي، ته ڦلاڻو ڪم هيئن ڪريو، يا آواز آئي ته هي ڳالهه هيئن آهي، ۔۔ جڏهن ته اسلام اسان جو قرآن ۽ حديث سان ٻڌل آهي ( ڌڪن تي يا آواز آئي تي ٻڌل نه آهي ) ۽ انهن عالمن ۽ مولوين کي به قرآن ۽ حديث مان حوالو ڏيڻ گهرجي، نه ڪي ائين ڌڪي تي چوڻ گهرجي ته آواز آئي، ۔۔۔ ادا مان هن فورم جي رستي انهن عالمن مولوين کان اهيو پڇان ٿو ته قبلا سائين اهيو ته ٻڌايو ته اهيا آواز آئي ڪٿان، ڪنهن جي آواز هئي، توهان سان گڏ ڪنهن ڪنهن اها آواز ٻڌي، ان آواز جي ڪيفيت ڇا هئي، ڪجهه اسان کي به ته خبر پوي خدارا ڪجهه پنهنجو پاڻ تي ۽ ڪجهه هن اٻوجهه عوام تي رحم ڪريو،۔۔۔۔۔ادا رضوان مون تمام گهٽ عالم ۽ مولوي ڏٺا آهن جيڪي قرآن جي ڪا آيت ٻڌائي ۽ ان جي صحيح ترجمو ۽ تشريح سان ماڻهن کي سمجهائيندا هجن، جنهن مان عام ماڻهون ڪجهه حاصل به ڪري، باقي رڳو شور شرابو ٻڌي، پنهنجو وقت نه وڃائي، ادا توهان ته هي به ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو ته اڪثر مولوي رڳو ماضي جي ڪتابن مان حوالا ڏيندا آهن جيڪي حواله قرآن ۽ حديث سان ٽڪر کائيندا آهن۔ بس ادا دعا آهي ته اهڙن مذهبي ٺيڪيدارن کي (جيڪي ماڻهن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۽ حلوو کائڻ لاء بيوقوف بڻائيندا رهن ٿا ) الله ڪو صحيح واٽ ڏيکاري، جنهن سان هو به صحيح واٽ تي اچن ۽ هن اٻوجهه عوام کي به گهمراهي کان روڪين۔۔۔ ادا باقي ڳالهه رهي ته هندو نياڻين کي زوري مسلمان ڪري انهن سان شاديون ڪجن، ۔۔۔۔ ادا ان لاء ته مان اهيو چوندس ته اسلام ۾ زبردستي ته آهي ئي ڪا نه باقي رضا ّخوشي سان اگر ڪو مسلمان ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي، ۽ دنيا ۾ جيترا به مسلمان آهن انهن مان ڪافي اهڙا ئي آهن جيڪي پهرين مسلمان نه هئا ۽ پوء پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به ٿيندا رهن ٿا، جنهن جو مثال به مان هيٺ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس انشاءالله، باقي اهيو فيصلو ڪير ڪري ته هندن کي زبردستي مسلمان ڪيو ٿو وڃي اهو تحقيق طلب آهي، ( جيڪو هڪ وڏو بحث آهي ۽ هر ماڻهون جو پنهنجو رايو آهي، ۽ مان اهيا به ڪوشش ڪيان ٿو ته رينڪل ڪماري واري ڪيس جا ٻئي پاسا سامهون آڻيا جنهن ۾ ڪو حقيقي پهلو نظر به اچي، ۽ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ته حقيقت ڇا آهي، ڪنهن سان ناانصافي ته نه ٿئي آهي اگر ڪنهن نا انصافي ڪئي آهي ته ان کي ان جي سزا ملڻ گهرجي، ۽ اسان جو مذهب ڪنهن سان به زيادتي ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، )۔ ادا اگر ڏٺو وڃي ته لازمي اسان به ته غير مسلم هئاسين ( جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ مسلمان سنڌي آهيون )جيڪي پوء مسلمان ٿيا آهيون، پوء اهو هڪ الڳ مسئلو آهي ته اسان جي ڪهڙي پيڙهي مسلمان ٿي، ،۽ هندو مان مسلمان ٿيڻ ڪو ڏوهه ڪونهي پر شرط اهيو آهي ته هندو مان مسلمان ٿيندڙ جي رضا خوشي هجي، ۽ ان سان زبردستي ٿيل نه هجي، ۽ رينڪل ڪماري به پنهنجي زبان سان ته اهيو اڪرار ڪيو آهي جنهن کي توهان وڊيو ۾ ڏسي سگهو ٿا، باقي ڳالهه اڃان به تحقيق طلب آهي۔ ادا رضون جمالي صاحب باقي ته سردار دو جهان حضور سائين جن صلي الله واله وسلم جن به هن دنيا ۾ آيا ئي ان ڪري هئا ته غير مسلمانن کي مسلمان بڻائين، ۽ توحيد جو ڪلمو عام ڪن، شرڪ ۽ بدعت کي ختم ڪن، ظالم ۽ نا انصافي جي پاڙ پٽين، ۽ ان عمل جي ڪري ئي مڪي جا ڪافر ۽ مشرڪ سندن جان جا دشمن ٿئي پيا هئا، ورنه 40 سالن تائين ته اهي ساڳا ڪافر ۽ مشرڪ حضور سائين کي امين ۽ سڄڻ تسليم ڪندا ٿي آيا، مگر صرف ان عمل جي ڪري اهي ڪافر ۽ مشرڪ دشمن ٿئي پيا، ۽ کين قسمين قسمين جون تڪليفون ڏيندا رهيا، مگر پوء به حضور سائين ان عمل کي نه روڪيائون، مگر اهو عمل حڪمت ۽ دانائي سان عمر جي آخري ڏينهن تائين ڪندا رهيا، ۽ دعوت ڏيڻ جو ڪم هر مسلمان تي فرض آهي، دعوت لاء قرآن ۾ ڪيترين جاين تي هن ريت فرمايل آهي، ( باقي ادا اهيو توهان جو به تجربو هوندو ته حق تي رهڻ سان ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، )

    (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو جنهن کي ماڻهن لاءِ ظاهر ڪيو ويو آهي، چڱي ڪم جو حڪم ڪريو تا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ چڱو هو. ڪي انهن مان ايمان وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (آل عمران -110)

    ۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي ڀلي جماعت ڪيو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي. (البقره- 143)

    ۽ اوهان مان هڪ جماعت اهڙي هئڻ کپي جي ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (آل عمران – 104)
    ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ (ڪيترين) جماعتن کي برباد ڪيو جڏهن ظلم ڪيائون، هوڏانهن وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا ۽ اهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. ڏوهاري قوم کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو هن لاءِ ته ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪيو ٿا. (يونس – 13/14)
    جن کي جيڪڏهن زمين ۾ طاقت ڏينداسون ته نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي. (الحج- 41)

    الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي چڱن مان آهن. (آل عمران- 114)

    معاف ڪرڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ! ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرفان ڪو وسوسو توکي ڀڙڪائي ته الله کان پناهه گهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الاعراف- 199/200)
    تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي. جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، ان کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهو ئي رستي تي هلندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. (النحل – 125



    دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کان سواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي محڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کان سواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. (سورة البقرة ...257)



    رينڪل ڪماري بابت ڪجهه وڊيوز رپورٽس​






     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    رينڪل ڪماري بابت ڪجهه وڊيوز رپورٽس​


     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    پنهنجي رضا خوشي سان نوان مسلمان ٿيندڙ ماڻون ​



     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا ممتاز اوهان کي مبارڪون هجن

    حقيقت حال کي تمام سهڻي نموني پيش ڪري مٿان وري قرآن مجيد جي آيتن مبارڪن جا حواله ڏئي جهڙي نموني مضمون کي سهيڙي ونڊ ڪيو اٿو يقينن اوهان جي محنت جي ساراه نه ڪرڻ ظلم جي برابر سمجهان ٿو ،

    اوهان جو ادب سان به سٺو لاڳاپو آهي جنهن کي اڳتي جار رکجو ، اوهان جي ذهن جي وسعت هاڻي ماشاء الله روز روز وڌندي پئي وڃي جو ادب سان محبت انسان جي عقل کي جلا بخشي ٿي ،
     
  9. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    سائين قبلا اڄ اوهانجو جواب پڙهيو اٿم ڏاڍو مزو آيو ، هينئر ڪلاڪ ڏيڍ ۾ ڪوئيٽه لاءِ نڪرڻ وارو آهيان ۔ پنجن ڇهن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ڪوئيٽه پهچبو ۽ سڀاڻي سوير اوسته محمد لاءِ نڪرندس جتي ٻه ٽي ڏينهن لڳندا ۔ انشاالله جيئن ئي ڪوئيٽه واپسي ٿي اوهان کي تفصيل سان ئي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس۔ دعائن ۾ ياد رکجو
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا افتخار صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن مضمون تي پنهنجا تاثر ته پيش ڪيا، ورنه هت ته هڪ سٽ شعر لکڻ تي به تاثرن جا ڍير لکي ويندا آهن، ۽ هر ڪو ( جنهن کي اهو شعر صحيح طريقي سان سمجهه به نه ايندو آهي ) انهيء شعر تي ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، ۽ ان شعر جون معنائون ڪڍڻ شروع ڪندو آهي۔ پر هيتري وڏي بحث تي اسان جا دوست ڪو تاثر ڏيڻ کان به ڪيٻائي رهيا آهن، خبر ناهي ڇو؟ ۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    دوستو سلام

    اسان انڪري چُپ آهيون جو هميشه اسان جي موقف کي انتظاميه ۽ فورم جو موقف سمجهي فورم تي آڱريون کنيون وينديون آهن۔ ان جا ڪيئي مثال موجود آهن۔ هن موضوع تي اسان گهڻو بحث ڪري سگهون ٿا ۽ گهڻو ڪجهه ڄاڻون به ٿا پر ڪي ڳالهيون ڪري فورم کي تقراري بڻائڻ نه ٿا چاهيون۔ هتي هڪڙن اسان تي شيعا هجڻ جو ٺپو هنيو ته ٻين وري اهل حديث جو ٺپو هنيو، هڪڙن اسان تي ڪميونسٽ هجڻ جو بهتان لڳايو ته وري ٻين اسان تي ڪي ٻيا بهتان لڳايا ۔۔۔۔۔

    تنهنڪري مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪنهن به تڪراري موضوع جو حصو نه بڻجان ۽ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪيان۔ مان هرروز عجيب ڪيفيت مان گذرندو آهيان، بلڪل هنن سٽن وانگر

    ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا فتوائون ۽ الزامات ته وڏن وڏن عالمن ۽ دانشورن تي به لڳيون آهن، فتوائون ۽ علمي اختلافات ته سيد عبدالقادر ۽ امام غزالي جهڙن عالمن جي حصي ۾ به آيون آهن، ۽ ادا سچل سائين توهان جي ونڊ ڪيل سٽ ( ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر ) به واهه جو سٽ چئي آهي، مگر انهيء طرح سچل سائين جي هي سٽ به واهه جو آهي (سچ ٿا مرد چون ، پوء ڪنهن کي وڻي نه وڻي ) الله حافظ
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    پيارا ممتاز لک ٿورا ۔۔۔۔

    ڀاء ڪٿي سيد عبدالقادر ۽ ڪٿي مان غريب، ڪٿي امام غزالي ۽ ڪٿي سنڌ سلامت جو فورم ۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري ڀاء پاڻ تڪرارن کان پاسو ڪرڻ شروع ڪيو آهي۔
     
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا ممتاز علي وگهيو صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان جا پهريان ڪمينٽس رضوان جمالي صاحب جي ليک تي پڙهڻ کانپوء اسان انهن جي مطعلق پنهنجي راء ڏيڻ پيا چاهيون پر ان کان اڳ ۾ ئي ادا رضوان ڪجه وڌيڪ ڪمينٽس توهانجي ڪمينٽس جي جوابن ۾ ڏنا ۽ توهان ۽ رضوان جمالي صاحب جي وچم، شڪوه جواب شڪوه وارو سلسلو شروع ٿي ويو،انڪري اسان ّخاموش تماشائي وانگر انتظار ڪندا رهيا سين ته ڏسون اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ته پوء اسان پنهنجي راء ڏئي سگهون،ايئن نه آهي ته ڪنهن جي جيڪڏهن شاعري جي هڪ سيٽ کي سهرايو ٿو وڃي ته ٻين جا ڪنهن سنجيده موضوع تي لکيل ليکن تي راء نه ٿي ڏني وڃي۔توهان جا ليک هميشه معلومات سان ڀريل هوندا آهن جن جو اعتراف ڪافي ميمبرن اسان سمت پنهنجي ڪمينٽس ۾ ڪيا آهن۔قران پاڪ جي حوالي سان اوهان تمام سهڻي انداز ۾ ان ڳالھ جي پرچار ڪئي آهي ته اسان جي پياري مذهب ۾ زبردستي ڪنهن کان دين مٽائڻ جي نه رڳو منع ڪئي ويئي آهي پر ان کي ظلم ۾ شمار ڪيو ويو آهي۔رنڪل ڪماري يا ٻين ڇوڪرين جن پنهنجو مذهب مٽائڻ کانپوء پنهنجي پسند جي شادي ڪيون آهن۔سپريم ڪورٽ جي راجسٽر وٽ پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائيندي ان ڳالھ جي تصديق ڪئي آهي ته انهن کي زوري مسلمان نه ڪيو ويو آهي پر هو پنهنجي مرضي سان دين الاهي کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيو اٿن۔جنهن مهل هنن جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو هو۔هو پناه شليٽر هائوس مان آيون هيون ۽ ڪنهن جي به اثر هيٺ نه هيون جنهن جي تصديق جناب راجسٽر عزت ماب سپريم ڪورٽ ڪيو هو۔ 

    ادا ممتاز معذرت سان هن اڳڻ جو هر ميمبر پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي ۽ پنهنجي خوشي سان هن ساٿ ۾ گڏيو آهي،هن کي جنهن شيء ۾ دلچسپي هوندي ان ڏي توجھ ڏيندو ،توهان يا اسان ان کي مجبور نه ٿا ڪري سگهون ته هو اسان ۽ اوهان جا هرليک کي پڙهي ان تي پنهنجي راء ڏئي۔ايترا ڪيترا اسان جا ۽ ٻين ميمبرن جا اهم ليک آهن جن تي ڪافي ساري ميمبرن ۽ ڪجه تي ته اوهان به پنهنجي راء کان اسان کي مستفيد نه ڪيو آهي،پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان به ٺٺول واري انداز ۾ ٻين ميمبرن جي دل ڏکائيندا ورتون۔توهان جهڙو ڏاهو جڏهن مٿين قسم جا تبصرو ڪندو آهي ادا افتخار چوهاڻ جي ڪمينٽس جي جواب ۾ پنهنجي وڌيڪ ڪمينٽس ۾ ته سچ مچ اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي۔اسان جي ڳاله تي ناراض نه ٿيندا پر ٿڌي دل سان غور ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔ڇاڪاڻ ته اسان کي ان ڳالھ تي ڪامل يقين آهي ته اسان ۽ اوهان کي ٻين ميمبرن جي دل آزاري ڪرڻ جو ڪوبه قانوني حق نه آهي۔
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔۔۔ مان ويندي ويندي هڪ نماڻو عرض ڪيو ٿو وڃان، عرض اهو آهي ته دوستو اگر منهنجي ڪنهن به لکڻي جي ڪري ڪنهن دوست ڪنهن ساٿي جي دل آزاري ٿئي هجي، ته مان ان کان هٿ ٻڌي معذرت ٿو ڪريان۔ باقي سنگت هاڻ لڳي ٿو ته پاڻ هن فورم جي قابل يا اهل ناهيون رهيا سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته راند رتي ڇڏجي، ميلو متو ڇڏجي، سو ان لاء سنڌ سلامت جي مڙني ساٿين کان ( پوء اهي سنڌ سلامت جا ميمبر دوست هجن يا اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جي فورم تي مهمان طور شامل ٿيندا آهن ) پنهنجي هميشه لاء الوداع، الوداع۔الوداع۔۔ الله نگهبان،
     
  16. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    بھترين ليک
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ڀاء ممتاز سلام

    ادا اسان ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ڪئي جنهن مان ناراض ٿيڻ يا وري الوداع ڪرڻ جا ڪي سبب هجن۔ مون اڳ به انڪري جواب نه پئي لکيا جو دوست هر ڳالهه کي ذاتي سمجهي ناراض ٿيندا آهن۔ جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به ڳالهه مان اوهان کي ڪا ناراضگي پهتي آهي ته ان لاء معافي، باقي اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏينداسين۔ ڪو ايئن به ٿيندو آهي ڇا؟ گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ رسندا به آهن ته پرچندا به آهن ۔۔۔ هر ڪنهن جو نقطه نظر پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو، مذهبي سوچ الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي، سماجي سوچ جدا ٿي سگهي ٿي ۔۔۔۔ پر ڀاء رشتا ته ناهن ٽوڙبا۔

    تنهنڪري اسان وري به هٿ ادب جا ٻڌي معافي جا طلبگار آهيون۔

    هوت ڪجان نه حسابُ، آئون ته ڏوهي آهيان
    مَيري سَندي مَنَ ۾، ناهي ڪو ثَوابُ
    جَانِبَ ڪهڙو جَوابُ، ڏِيندِيَس هر هڪ ڏوهَه جو
     
  18. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    ادا ممتاز السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

    پيارا ممتاز يقينن پنج اڱريون برابر ناهن ، هر ڪنهن جي سوچ جو مدار به جدا جدا آهي ، معاشري ۾ هر شخص ٻئي شخص کان ڌار ڌار خوبين ۽ خامين جو مرڪب هوندو آهي پر پوءِ به معاشري لاءِ اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي توڙي جو هو ڪردار منفي هجي يا مثبت پر معاشرو جو ڪڏهن به ڪو بائڪاٽ ڪري وڃي جهنگ نه وسائيندو آهي بلڪه هن کي خوشي يا ناچاڪي ۾ به هن معاشري ۾ رهي پنهنو ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو آهي ، بلڪل اوهان سنڌ سلامت کي به ائين کڻي سمجهو ته اسان جو هڪ معاشرو آهي ائين هتي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي پوءِ اهو ضروري ناهي ته اوهان کي پنهنجي ڪردار جو صلو ملي يا رڳو اوهان کي ڪاميابيون ۽ داد ملي ائين ته هرگز نٿو ٿي سگهي ۽ جهڙي نموني اوهان ڪجه تمنائون رکيو ٿا بلڪل اوهان جي برعڪس ڪي دوست وري ٻي زوايي سان ۽ اوهان جي متعين واٽ کان علاوه ٻي واٽ تي هڪ بهتر ۽ سٺي نموني ڪردار ادا ڪندو رهندو آهي يا وري هن جي برعڪس ته اهو به ساڳي نموني پنهنجي محنتن جو صلو ملڻ جو متمني هوندو آهي پر ڪڏهن هن کي به داد ملي ٿو ته ڪڏهن نه ،
    دوست اصل ۾ اسان کي پنهنجو پيغام جيڪو خلوص تي مبني هجي دوستن اڳيان رکڻو آهي پوءِ داد ڏيڻ يا نه ڏيڻ يا ڪنهن بحث ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ کي ڇڏي پنهنجي ڪوششن کي اڳتي وڏائڻو هوندو آهي
    آئون پنهنجي حيثيت سان هڪ ڳالھ ڪريان ٿو ها مونکي شاعري جو ڏائون نه آهي مان سٺي ۽ خراب شاعري جو معيار کان بلڪل اڻڄاڻ آهيان هاڻي جڏهن آئون ڪنهن دوست شاعر کي موٽ نٿو ڏيان ته هن مان اهو مراد نه ورتو ويندو ته آئون شاعري جو مخالف آهيان يا وري شاعري هن فورم ۾ ڪا سٺي نه ٿي رهي آهي ، پر هر انسان پنهنجي سوچ آڌار ڪو نتيجو ڪڍي ڪو حتمي فيصلو ڪري ته اهو هن جو عمل آهي ،
    ٻي ڳالھ ته واقعي ڪي اهڙا عمل آهن جيڪي واقعي ۾ مون کي هن بابت پنهنجي وس آهر ڄاڻ آهي ۽ آئون هن ڳالھين کي تسليم نٿو ڪري سگهان پر آئون برائي راست مخالفت جو اظهار ڪري ٻين جي دل ڏکائي جو سبب به نٿو بڻجڻ چاهيان پر دليلن جي بنياد تي مزاحمت ڪرڻ آئون پنهنجو حق ٿو سمجهان ، ۽ اهڙو ڪردار اوهان به پنهنجي لکڻين مان ڪندا رهندا آهيو ،

    آخر ۾ اوهان کي هڪ همدرد جي حيثيت سان صلاح ڏيندم ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندا ، اوهان اسان لاءِ ڪو معمولي حيثيت رکندڙ شخص ناهيو ، اوهان جهڙن دوستن جو ساٿ ڇڏڻ صرف سنڌ سلامت جي ميمبرن لاءِ نه بلڪه پوري سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن خساري کان گهٽ ڪون هوندو ، اسين اوهان مان وڏيون اميدون رکيون آهن ، سنڌ جي عوام اڳئي علمي ميدان ۾ پويتي آهي جيڪر اوهان جهڙا دوست ائين ساٿ ڇڏيندا ويا ته انجام ڇا ٿيندو اوهان کان ڳجهو ڪونهي ، آئون سو فيصد نه بلڪه ٻه سو فيصد اميد رکيان ٿو ته انشاء الله العزيز اوهان جو ساٿ اسان سان نه ٽٽندو ۽ اهي ميلا مچندا رهندا ، والسلام عليڪم
     
  19. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    مٺڙا ممتاز سائين هي ڇا آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ايڏي اُسهپ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ سڄڻ هت هِن اڱڻ تي سڀ ڪٺي انهي لاءِ ٿيا آهيون ته هڪ ٻئي کي سمجهون ۽ پَرکيون هڪ ٻئي جي مدد لاءِ چوويهه ڪلاڪ تيار رهون ۔ جي توهان جي نظر ۾ مان غلطي تي آهيان مان انڌ تي آهيان ۽ توهان مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا پر مان پنهنجي اجايو ضد تي ڄٽن وانگر اڙيو بيٺو آهيان ته ڇا توهان مونکي وڌيڪ سئين راهه هلائڻ بجاءِ اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو ؟ ته مان وڃي کوهه ۾ ڪري پوان ؟ يا راهنمائي ڪندو ؟ منهنجو ايمان آ مان وري ورجايان ٿو ته منهنجو ايمان آ ته هي اڱڻ ، سنڌ سلامت جو اڱڻ سکيا جو اڱڻ آ سهپ جو اڱڻ آ بغير ڪنهن شۡڪ جي وِڇايو وساڻ ۽ ابڙو صاحب آ ڪيڏي نه پيار قرب اُڪير منجهان سڀني سنڌين کي ڪوٺ ڏني وئي آ اچو ته گڏجون نه نه ڪِ وِڇڙون ۔ لک اختلاف سهي پر ما ته هڪ جي اولاد آهيون ؟؟ هِڪ گهڻاونجي تي به دِلا ٺهڪندا آهن !! هي سنڌين جو گُلدستو آهي جنهن ۾ گلاب رابيل موتيو مگرو رتن جوت مٽر گينڊو زنگي جهڙو مٿي ۾ سور وجهندڙ گل به هوندو ۔ ڇا اِن گل جا انڪاري ٿيون ؟؟؟
    يقين ڪريو نمازِ جمعه ۾ گوليون وسيون خودڪُش حملو ٿيو بولان ميل ۾ اسانجي بوگي مٿان فائرنگ ٿي ايڏو ڏک نه ٿيو جيڏو اوهانجي مٿين سِٽن ڏک ڏنو آهي ۔ ڇا آئنده ايئن ڪجي ته ڪو دوست پنهنجا خيال ونڊ نه ڪري ؟ يا ڪچهري مان اُٿيو هليو وڃجي ؟؟ مان حجت ڪري هنن لفظن کان به لکڻ کان ڪو نه ٿو ڪِيٻايان ته محفل کي ايئن ڇڏي وڃڻ به بَد اخلاقي آهي ۔
     
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

    يارو سچ پڇو ته هڪ عجيب ڪيفيت آهي هن موضوع ۽ ان جا جواب پڙهي_ حيرت پئي ٿئي ته ڪٿان جي ڳالهه وڃي ڪٿان نڪتي هاڻي لکجي ته ڇا لکجي؟

    ڇا ممتاز سان سهمت ٿجي يا سليمان وساڻ جي خيال جي صحيح وضاحت ڪجي؟ ڇو ته ممتاز جنهن لحاظ کان هن موضوع ۾ جواب ڏنو ته بنا تصديق ڳالهه نه وڌائجي جيڪا اڄڪلهه ايس ايم ايس ۾ عام آهي ته انهي ساڳي حوالي سان آئون به ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ موضوع جي جواب ۾ لکي چڪو آهيان ۽ سليمان وساڻ به مذهبي بحث کان ايترو پاسو ڪندو آهي جو مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته هن جا ڪهڙا خيال آهن پر الاءِ ڇو جيترو هو ڀڄي ٿو اوترو هو ڦاسي ٿو جيئن هڪ موضوع ۾ ساڻس اها ڪار ٿي جنهن جي جواب ۾ به مون ان وقت ئي لکيو هو ته اها جٺ الاءِ ڇو آهي هن يار سان؟

    پر هتي ڳالهه ڪنهن جي تائيد يا نفي جي ناهي پر هڪ ڪڙي حقيقت جي آهي ته اسان جو اهو دوست اسان کان ناراض پيو ٿئي جنهن جا جواب موضوع موڪليندڙ کي پنهنجي موصوع جي وزن جو اندازو ڏياريي ڇڏيندا آهن سنڌسلامت جا سڀ ساٿي هن اڱڻ جي سونهن آهن پر جهڙا تبصرا ”خاص ڪري حوالن سان“ ممتاز ڪيا آهن اهڙا شايد ئي ڪنهن ڪيا هجن دوست عبدالرسول ڪولاچي جيڪو هن فورم جو هڪ غير حاضر ميمبر آهي تنهن ممتاز جي واکاڻ ان وقت ڪئي هئي جڏهن مون سنڌ سلامت تي لکڻ شروع نه ڪيو هو پر جيئن ئي هتي آيس ته خبر پئي ته ممتاز واقعي ونهنجي نالي جو مان رکي ڄاڻي

    پر هي پهريون دفعو هن پاران هڪ الوداعي پيغام پڙهي ڏاڍي مايوسي ٿي آهي، يار موضوعن جي پسند نا پسند کان وٺي ڪڏنهن ڪنهن مصلحتن جي آڏو اچڻ ڪري ماڻهو ڪٿي ناهي به لکي سگهندو ۽ جي سڀ لکن ته شايد هي فورم ننڍڙو ٿي پوي يا پڙهڻ وارا پڙهي پوري نه پون، باقي جيستائين شاعري جي ڳالهه آهي ته تازو فيس بوڪ تي هلندڙ هڪ بحث ڏسو جتي ڪافي دوستن حق ۾ ته ڪافي دوستن خلاف به راءِ ڏني آهي، ڪجهه مون جهڙن ته مذاق ۾ به جواب لکي، سو اهو ضروري به ناهي ته رڳو شاعري تي ئي جواب ايندا آهن ۽ جيڪي موضوع اوهان اهم سمجهو ٿا ان تي جواب نه ٿا اچن ايئن ناهي سو ڳالهه اها آهي ته سڀ موضوع اهم آهن ۽ سڀ غير اهم به، ترجيحات سڀني وٽ پنهنجيون آهن، ۽ اوهان جي ڪاوڙ انهي ڪري به جهڪي ٿيڻ کپي ته اوهان جيڪا شڪايت ڪئي دوستن انهي جي تمام سڍي نموني وضاحت ڪئي، انهي کان پوءِ بنا راءِ ڏيڻ جي الوداع کي خود اوهان ڪيئن بيان ڪندئو؟

    سو هاڻي سڀني جيان منهنجي به اپيل آهي ته مهرباني ڪري موٽي اچو اسان کي اوهان جي لکڻين جو اوسيئڙو آهي
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو