تاج محمد ميمڻ ( تاج صحرائي ) سنڌ جو باڪمال شاعر۔ ۔ آزاد انور ڪانڌڙو شڪارپور ۽ دادو علمي،ا دبي، ثقافتي، صحافتي، ديني، سماجي ۽ سياسي حوالي سان زرخيز ضلعا رهيا آهن. شڪارپور ۽ دادو ضلعن ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مثالي ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري نه صرف پنهنجو پر پنهنجي جنم ڀوميءَ جو نالو روشن ڪيو آهي.سنڌ جي نامياري اديب، محقق ، تاريخدان، صحافي سائين تاج صحرائي جو جنم هو ته شڪارپور ۾ 14 سيپٽمبر 1901ع تي نورمحمد ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو پر هن زندگي جو وڏو عرصو دادو ۾ گذاريو. ( بلڪ پوري زندگي دادو ۾ گذاري ۔۔۔ ممتاز ) پاڻ صحافتي زندگي جي شروعات 1948ع کان ڪئي. سندس هفتيوار اخبار ”آواز“ ان دور ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. پاڻ ان دور ۾ تعليم جي اڻ هوند واري صورتحال کي ڏسندي تعليمي حوالي سان دادو ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ دادو ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو. جيڪو اڄ به قائم ۽ دائم آهي.۔۔۔سائين تاج صحرائي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”تصوير درد 1946ع“ ، ”سر سارنگ جو مطالعو 1954ع“ ، ”سنڌو تهذيب 1989ع“، ”پڻي لوڪ 1996ع“، ”دادو ضلعو جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾ (کيرٿر جبل-گورک چوٽي) 1997ع“، “lake Manchar 1997”، ”نيڻن ننڊ اکوڙ 2000ع“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مرزا غالب، ڌرتيءَ جا زخم ۽ ٻيا شامل آهن اهڙي ريت شاهه عبداللطيف، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، منڇر ڍنڍ ۽ دادو ضلع جا آثارن بابت سندس تحقيقي مقالا ۽ مضمون ٽڙيل پکڙيل آهن۔۔۔۔۔ ( جڏهن مان ننڍو هئس ۽ دادو ۾ رهندو هئس ته منهنجي دوستي محترم استاد سائين حافظ خليل احمد صاحب رح سان هئي ۽ مان روزانه حافظ صاحب وٽ سندس چانورن واري ڪاروباري مرڪز ( وڏيري علي شير پهنور جي ڪارخاني ) تي ڪچهري لاء ويندو هئس، ۽ تاج صحرائي صاحب به سائين حافظ صاحب وٽ ايندا هئا، ۽ منهنجي پهرين ملاقات صحرائي صاحب سان اتي ٿئي هئي، حافظ صاحب وٽ تمام وڏي ۽ سٺي علمي ادبي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ دادو جا ڪيترائي عالم اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ انهيء ڪچهري ۾ سنڌ جو هي عالم، اديب، تعليمي ماهر ۽ شاعر محترم تاج صحرائي صاحب هميشه مون کي تعليم حاصل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا هئا، ۽ پاڻ هميشه جڏهن سنڌ جا آثار گهمڻ ويندا هئا ته حافظ صاحب کي ساڻ کڻندا هئا، ۽ حافظ صاحب به عربي فارسي ۽ سنڌي ادب جا وڏا ڄاڻو هئا، ۽ حافظ صاحب به گهمڻ ڦرڻ ۽ سنڌ جا آثار ڏسڻ جا شوقين هوندا هئا انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته جڏهن مان (ممتاز علي وگهيو ) ننڍو هئس. ء ان وقت دادو جيل سامهون ڪچهري روڊ تي هڪ وڏي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ استاد بخاري ، امام بخش گهرياڻي، حاڪم علي شاه بخاري(استاد بخاري جو ڀاء) محمد عثمان ميمڻ تاج محمد صحرائي.آندل خان حليو، سيد عبدالله شاه سابقه سنڌ جو وڏو وزير ۽ سائين حافّظ خليل احمد ملاح صاحب شامل ٿيندا هئا. ۽ هڪ علمي ادبي ۽ تمام سهڻي قرب محبت واري محفل مچندي هئي. ۽ انهن ڏينهن ۾ جڏهن سيد عبدالله شاه سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اچي دادو جيل سامهون وڪيل امام بخش گهرياڻي جي آفيس اڳيان گاڏي کي بريڪ هڻائيندو هو پنهنجي دوست اما بخش گهرياڻي سان ملڻ لاء ۽ ان ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاء جنهن ڪچهري جو مرڪز تاٍج صحرائي صاحب هوندا هئا۔ تاج صحرائي صاحب سابقه وڏي وزير عبدالله شاهه صاحب جا به استاد رهيا آهن تاج صاحب لاء مشهور آهي ته تاج صاحب تمام گهڻا سخت هوندا هئا، ۽ انهيء سختي جو هڪ اهيو به نتيجو سامهون آيو هو ته هن پنهنجي پٽ کي امتحانن ۾ پڻ ريسٽيڪيٽ ڪيو هو، ۔۔ممتاز علي وگهيو ) سائين تاج صحرائي صاحب 28 آڪٽوبر 2002ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.سنڌ جي نامياري محقق، تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”شاعري هر زبان يا ٻولي جي ادب جو بنياد آهي ڇو ته شاعر پنهنجي شعر کي ملڪي زبان جي نهايت پيارن ۽ انوکن محاورن جو جامعو پهرائي ٿو“.۔۔۔۔سائين تاج صحرائي محقق، مورخ ۽ تاريخدان جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ متعارف ٿيو ۽ مثالي ڪم ڪيو، سندس گهڻو لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو. پر تحقيق ۽ تاريخ سان خاص دلچسپي رکڻ سان گڏ سندس شاعراڻه عظمت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هو ادبي دنيا ۾ نه صرف هڪ محقق جي حيثيت سان پر هڪ شاعر جي حوالي سان به سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو.۔۔۔سنڌ جي سدا حيات عالم، دانشور، نقاد مولانا غلام محمد گرامي مهراڻ جي شاعر نمبر 1969ع ۾ تاج صحرائي جي شاعري بابت لکيو آهي ته ”تاج صاحب نذرالاسلام، خليل جبران ۽ ٽيگور جي ادب لطيف کان گهڻو متاثر آهي. تاج صحرائي جي شاعري ۾ جوش ۽ جذبو موجود آهي.،،،،سائين تاج صحرائي پنهنجي دور جو هڪ باڪمال شاعر هو. هن شاعريءِ جي مختلف صنفن ، غزل، گيت، نظم ۽ رباعيون لکيون سندس شعرن ۾ ٻولي پياري آهي. نوان نوان خيال ۽ تجربا ملن ٿا. سندس شاعري قديم ۽ جديد رنگ جو خوبصورت سنگم آهي. سندس شاعري ۾ اصلاحي ۽ تنقيدي رنگ نمايان آهي.۔۔۔۔حادثن جي خوف کان غمگين به ٿي تون نوجوان،،،،،،،،ياس حرمان سان لڙڻ آ تنهنجي فطرت نوجوان.،،،،،،،،،سائين تاج صحرائي جو پنهنجي حياتيءَ ۾ مشاعرن ۾ سندس شعر پڙهڻ جو انداز نرالو ۽ دل کي وڻندڙ هوندو هو. سندس انداز بيان مشاعري ۽ محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي موهيندو هو. تاج صحرائي جي شاعري وطن ۽ ڌرتي جي پيار سان سرشار آهي. سندس شعر دلين ۾ جاءِ ولارين ٿا.۔۔۔۔۔وري سينگاريو ، ايوانن کي آزاديءَ جي پروانن،،،،،،پر معلوم آ دل کي ته پروانن تي ڇا گذريو.،،،،،،،نون قدرن ، نون فڪرن ۽ علمي لاڙن شعر کي نوان نوان اسلوب ڏنا آهن. سائين تاج صحرائي پنهنجي دور جو اهڙو شاعر هو جنهن نه رڳو پنهنجي تخليق کي اعليٰ مقام تي پهچايو ۽ نه رڳو پاڻ کي پر پنهنجي فن کي به امر ڪري ڇڏيو. سندس شاعريءَ ۾ حقيقت بياني سان گڏ رواني آهي. هن شاعريءَ ۾ ماحول ۽ زندگي جي اهم مسئلن جي ترجماني ڪئي آهي. سندس بيان ۾ سادگي ، سچائي ، نماڻائي به آهي ته قلندرانه بيباڪي به جيڪا پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿي.،،،،،،اڃا تقدير جو ماتم، اڃا زندان باقي آ،،،،،،،،اڃا فطرت نه بدلي آ، اڃا ارمان باقي آ،،،،سفينن سان ٿو ٽڪرائي اڃا طوفان باقي آ ،،،،،توکي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت ڪٿي آهي؟،،،،،،،.سائين تاج صحرائي جي شاعريءَ، فني لحاظ کان پختگي آهي ۽ سندس شاعري ۾ جدوجهد جاکوڙ جو ڏس ۽ گس آهي. هو هڪ پر اميد پرجوش شاعر آهي.سحر آئي، اذان آئي، پهاڙن تان صدا آئي،هزارن گرم لڙڪن سان صبا گل ٿي قضا آئي،حياتي جي فضائن مان اها هر هر ندا آئي،توکي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت ڪٿي آهي؟.سائين تاج صحرائي جي ادبي ، تحقيقي ، علمي ۽ شاعرانه خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ، هو سنڌ جو مثالي ۽ اڻ وسرندڙ ڪردار آحي، جنهن کي سنڌ ۽ سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن. شڪريه عبرت