زندگي ڇا آهي؟ محترم ميمبرس ڪجه ڏينهن اڳ ۾ اسان کي ميرپور خاص وڃڻ ٿيو ۽ اتي ڪجه شاگردن سان مٿين موضوع تي ڳاله ٻوله ٿئي۔ هڪ ٿري شاگرد ممتاز علي سميجو زندگي کي ڪيئن ڏٺو،اچو ته اوهان کي هنن جي الفاظن ۾ ٻڌايون :_ مٿين سوال جو جواب ته ڪوبه هڪ هئڻ گهرجي هان جنهن تي سڀ ڏاها ۽ دانا ماڻهون متفق هجن هان پر ايئن نه ٿيو،هر انسان زندگي کي مختلف انداز ۾ پرکي ان سوال جو جواب مختلف ڏنو۔اسان جهڙو ڪم فهم شخص پنهنجي بصيرتي مشاهدي جي آڌار تي زندگي کي راحت ۽ رنج جو گڏيل ميلاپ ٿو سمجهي۔اهو اندازو هوندو آهي ته جهڙي طرح اڄ جو ڏينهن گذريو آهي،انهي طرح سڀاڻي وارو ڏينهن به گذري ويندو۔ هن مختصر زندگي ۾ ماڻهون زنده رهڻ لاء ڇا ڇا نه ٿو ڪري۔ پنهنجي خوشين جي لاء ٻين جون خوشيون ڦري ٿو وٺي۔ پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاء ٻين جو پيٽ ڦاڙي ٿو ڇڏي۔پنهنجي رعب ؤ شان جي لاء ٻين ماڻهن کي هروڀروبي عزت ٿو ڪري۔ امير ماڻهون پنهنجي ضرورت جي لاء موسم بدلي ٿو ڇڏي، سياري ۾ هيٽر ۽ اونهاري ۾ اي سي استعمال ٿو ڪري۔ غريب ماڻهون کي هڪ وقت جي ماني به نصيب نه آهي، جڏهن ته امير ماڻهون جو پٽ هڪ ڏينهن ۾ هزار رپئي جا رانديڪا ٽوڙي ٿو ڇڏي۔ امير ماڻهون پنهنجي دولت تي نازان هوندو آهي جڏهن ته غريب ماڻهون پنهنجي بي بسي تي روئندو آهي۔ زندگي ان جو نالو آهي ته هڪ ماڻهون وڏا ٽهڪ ڏئي کليندو آهي جڏهن ته ٻيوماڻهون لڪي لڪي ڳوڙها ڳاڙيندو آهي ۔ هي زندگي مختصر آهي۔منهنجي آقا حضرت محمد مصطفئ صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ فرمان جو مفهوم آهي:_ ” غريب ۽ امير اعمال ۾ برابر هوندا ته امير ماڻهون کان غريب ماڻهون پنج سوء سال اڳ ۾ جنت ۾ ويندو ڇو ته ان جي زندگي تڪليف ۾ گذري آهي“ _________ _________ هڪ ٻئي شاگرد ولي داد مري جي مطابق :_ ” ڪڏهن لاها ته ڪڏهن چاڙها، ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک ،ڪڏهن ڇانو ته ڪڏهن اس ، انهي جو نالو زندگي آهي ۔ ڪڏهن ڪٿي ويهي واري جو گهر ٺاهيوهو ۽ وري ان کي پنهنجي هٿن سان ڊاهيو هو۔پيڪڙيون پتڪڙيون خواهشيون هيون ۽ معصوم جذبا هئا يا وري بقول حاجي احمد ملاح جي ڪو ” خواب هو يا خيال “ ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهندا هئاسين ۽ وري جهٽ پرچي پوندا هئاسين۔اڄ اهي ڳالهيون ۽ جذبا الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهن؟ شايد پنهنجي حقيقي اها ئي زندگي هئي ، جنهن کي ياد ڪري اکيون ڀرجي اچن ٿيون۔ ____ _____________ ____________ زندگي جي باري ۾ ڪجه سنهري ڳالهيون اوهان جي نظر:_ ” جيڪڏهن زندگي ۾ خوش رهڻ ٿا چاهيو، ته ان شي جي خواهش نه رکو جيڪا توهان جي پهچ کا ٻاهر هجئي“ ” زندگي هڪ اهڙو تجربيگاه آهي جنهن ۾ نوان نوان رستا ڳولهڻ سان منزل پري ٿئي ويندي آهي“ ” زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي“ ” زندگي هڪ امانت آهي جنهن کي واپس ڪرڻ هڪ اذيت ناڪ عمل آهي“ ” زندگي فقير جي ڪشڪول وانگر آهي جنهن ۾ هر انسان کي پنهنجي ئي مقدر جي ڀيهڪ ملندي آهي“ _________ __________________ ____________ زندگي سٺي نموني گذارڻ گهرجي ،ورنه زندگي ته ڪتن ٻلين ۽ گيدڙن جي به گذري ويندي آهي۔ زندگي ان طرح سان گذارجي جو ايندڙ نسل اسان تي فخر ڪري ۽ تاريخ اوهان کي چومي وٺي، توهانجي ۽ اسانجي زندگي گذارڻ جو طريقو ڏسي گهڻيون زندگيون سڌري وڃن۔ جيڪڏهن زندگي گذاربي ظالم ؤ جابر طور تي پهريون ايندي لعنت ملامت ۽ پوء نالو۔جيڪڏهن سٺي زندگي گذارڻي آهي ته وڻ وانگر هر گرمي ۽ اس جي ستايل لاء ڇانوء ٿئي پوء يا ڏيئي جي روشني وانگر هر ڀٽڪيل راهگيرکي روشني جو رستو ڏيکار۔ آخر ۾ زندگي اسان جي نظر ۾ :_ زندگي حقيقت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي تسليم ڪيو۔ زندگي حسين آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان سان پيار ڪيو۔ زندگي محبت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان جي پرستش ڪيو۔ زندگي چيلنج آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان سان مقابلو ڪيو۔ زندگي راند آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي کٽيو۔ زندگي سفر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي مڪمل ڪيو۔ زندگي ڏک آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان تي ڪنٽرول ڪيو۔ زندگي خوبصورت آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان مان لطف اندازو ٿيو۔ زندگي تمام ٿوري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي ايئن ضايع نه ڪيو۔
محترم سائين غلام مصطفى صاحب سلام زندگي ڇا آهي ؟ ڇو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان تمام سهڻا ۽ خوبصورت خيال ونڊ ڪيا آهن۔ گهڻو عرصو اڳ سنڌ سلامت تي مان پڻ هڪ سروي ۽ دوستن جا رايا پيش ڪيا هئا ۔۔۔ جيڪي زندگي ڇا آهي؟ ڌاڳي ۾ شامل ڪيا هيم۔ مسلسل جدوجهد جو نالو زندگي آهي، ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“زندگي ڏکن ۽ سکن جي تسلسل جو نالو آهي. ] منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي معنى رڳو ”اِنساني حياتي“ نه آهي، پر اها زندگي – اُها هڪ ۽ جهڳ مڳ جا مون کي جت ڪٿ نظر اچيٿي ۽ جنهن جو اِنساني حياتي پڻ هڪ حصو آهي![ نرمل جيوتاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ امر فياض لکي ٿو : لهر لهر زندگي ڦڙو ڦڙو تلاءُ جيئن ساهه منهنجو بندگي ڇاڇري جي واءُ جيئن مان مري جي ڀل ويس وري به تنهنجي ڪوک مان نئون جنم ٿي موٽندس لهر لهر زندگي ڦڙو ڦڙو تلاءُ جيئن _____________ استاد بخاري چوي ٿو : بخاري، زندگي محبوب آ، هڪ هڪ ادا هنجي، ڪڏهن سهڻي سُکي گذري، ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گزري. ______________ جاويد نواز لکي ٿو : ڪڏهن ته آ اک جو ڪجل زندگي ڪڏهن ته آ ڪينجهر ڪنول زندگي ڪڏهن ٿي هو موهن دڙي جان لڳي ڪڏهن آ ته مومل محل زندگي ڪڏهن جنوري رات جان هو ٿڌي ڪڏهن شمس وانگي تتل زندگي ڪڏهن ته هو ڀرندي ڀُري ٿي وڃي ڪڏهن ته آ پختو جبل زندگي ڪڏهن شرم ٻوٽي جان بند ٿي وڃي ڪڏهن مکڙي وانگي کليل زندگي ڪڏهن ته هو خارن جان ٿي لڳي ڪڏهن آ گلاب جو گل زندگي ڪڏهن ٽوهه جان هو زهر ٿي لڳي ڪڏهن ته آ مٺڙي ڪتل زندگي ڪڏهن ٿي هو ڀونئري جان ڦرندي وتي ڪڏهن ته جاويد آ ستل زندگي
انور پيرزادي لکيو آهي ته؛ زندگي ڪيڏي به ڏُکي ، ڪيڏي به رُکي، ڪيڏي به بُکي۔ پر جي سچ پڇو ته موت کان پياري آ۔
لاجواب ونڊ آهي سائين توهان جا اهڙي قسم جا معلوماتي ٿريڊ پڙهي ڪري اسان اٻوجهه پنهنجي معلومات وڌائيندا آهيون سدائين گڏ
اصل حيانءُ ئي ٺري پيو ۔۔۔۔ زندگيءَ جي بابت ايترا سارا قول ۽ خيال ۽ وري مٿان جاويد نواز جي شاعريءَ ته اصل لاجواب ڪري ڇڏيو ۔۔۔ سمورو جيوت جيئي ٿو، زندگي گهاري ٿو پر انسان ۽ حيوان ۾ فرق آهي ۔۔۔ فرق ڇو آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟ اهو فرق معلوم ٿي وڃي ته اصل ٻيڙا پار ۔۔۔ زندگي هوش سڀالڻ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هڪ امتحان آهي ۔۔۔ ڪڙو امتحان مومن لاءِ سڪون ۔۔۔بي ايمان لاءِ آزار زندگي مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا! ائين چون، متان پاند پسائين۔ انسان هن معاشري جي سمنڊ ۾ آهي، جنهن ۾ بڇڙاين جا ڪئي درياهه وهن ٿا ۔۔۔ انهن مان لنگهڻو به آهي پاند به بچائڻو آهي ۔۔۔ اهو ئي امتحان آهي ۔۔۔ هرڪو پنهنجو امتحان پاڻ پاس ڪري پر جڏهن معاشرا سنورجي ويندا آهن ته ٻين کي به زندگيءَ جي امتحان مان پار پوڻ ۾ آساني ٿيندي آهي ۽ جڏهن معاشرا بگڙيل هوندا آهن ته امتحان وڌيڪ سخت ٿي ويندو آهي۔ الله تعالا اسانکي ان امتحان مان پاس ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جهڙو ميمڻ صاحب محبوب ماڻهون تهڙو عظيم موضوع ۔ زندگي جا هڪ ئي وقت ڪيترائي ئي منهن هوندا آهن هر منهن پنهنجو طالب هوندو آهي انساني قدرن جي اقتدار جي اونچائي هجي يا هيٺائين انسان هر وقت هر سمت ۾ سفر ڪندو ٿو رهي ۔ انسان جو هر پل هر ساه هن زيان خاني ۾ متحان آهي ۔ جيئن علامه اقبال فرمايو آهي قُلزمِ هستي سي اڀرا هي مانندِ حُباب اس زيان خاني ۾ امتحان هي زندگي۔ قُلزم اونهون دريا حُباب بلبلو جي زندگي کي ڏسجي ته انسان جو وجود هن قائنات تي ڪجھ به ڪونهي جن دوستن سمنڊ جو سفر ڪيو هوندو سي ان مثال کي آساني سان سمجهي سگهن ٿا ته جڏهن جهاز سمنڊ وچ ۾ هوندو آهي تا حدِ نگاه سمنڊ ئي سمنڊ هوندو آهي ان سمنڊ ۾ ان جهاز جي جيڪو جي ڪنهن بندر گاه تي لڳي ته ڪئي منزله ماڙ جيان نظر ايندو آهي پر اتي سنڊ ۾ ان جي حيثيت هڪ مک جيتري به ناهي هوندي ۔جنهن کي جهاز کي سمنڊ جون بي لغام ڇوليون هيڏانهن کڻي هوڏي اڇلينديون آهن ۽ ان سمنڊ ۾ ان جي حيثيت ڪا ئي نظر ناهي ايندي پر حقيقت ان جي رعڪس هوندي آهي ان تي حضرت علي سائين جو هڪڙو قول ياد پيو اچي ته اي انسان تون پاڻ کي هڪڙو جيوڙو ٿو خيال ڪرين جڏهن ته تو ۾ عالِ اڪبر موجود آهي ۔ وسلام وسلام