چوندا آهن ته ڪنهن کي مڇي ڏئي کارڻ کان بهتر آهي ته ان کي مڇي پڪڙن سيکارجي۔ هاڻي اوهان پڇندا ته ڪٿي بلاگنگ ڪٿي مڇي! هههه۔۔۔ مڇي پڪڙڻ سيکارڻ مان منهنجي مراد آهي پنهنجو بلاگ پاڻ ٺاهي ان ۾ پنهنجي ضرورت موجب تبديليون ڪرڻ جڏهن ته مڇي پڪڙي ڏيڻ مان منهنجو ٺهيل ٺڪيل بلاگ جو ٽيمپليٽ پيش ڪرڻ آهي جنهن کي صرف اپلوڊ ڪري سنڌي بلاگنگ شروع ڪجي۔ بلاگنگ سيکارڻ وارو عمل اڃان جاري آهي ۽ نيون نيون شيون سکڻيون آهن. پر دوستن جي بلاگنگ ۾ دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته وقت سان گڏو گڏ ٽيمپليٽ پڻ پيش ڪجن. سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگر جو پهريون سنڌي ٽيمپليٽ سائين ذيشان رشيد جن اڳيئي پيش ڪري چڪا آهي. جنهن کي شاندار موٽ ملي هي ٻي ننڍڙي ڪوشش منهنجي طرفان. اميد سٺي موٽ جي آهي. بلاگر جو هي ٽيمپليٽ پڻ بلاگر جي ويب سائيٽ تي موجود هڪ بلاگ ٽيمپليٽ Ethereal کي سنڌي ترتيب ڏئي ٺاهيو ويو آهي. هن ٽيمپليٽ ۾ تبديلي جي گهڻي گنجائش آهي، اميد ته دوست استعمال ڪري هن ٽيمپليٽ ۾ سامهون ايندڙخامين کان آگاه ڪندا. هن ٽيمپليٽ ۾ هيٺيون خصوصيتون شامل ڪيون ويون آهن. * سنڌي بلاگنگ لاءِ تحريرن توڙي تبصرن جو رخ ساڄي کان کاٻي پاسي ڪيو ويو آهي * گوگل ڪروم، اوپيرا ۽ سفاري ويب برائوزر ۾ سنڌي فونٽس ڪنهن به قسم جي انسٽاليشن کان سواءِ نظر ايندا. فونٽس ۾ ايم بي لجپت راءِ، شبير ڪنڀار ايم بي سوکڙي، ايم بي سپرين بولڊ شامل آهي. * سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هڪ نئي پاپ اپ ونڊو ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي جو سنڌي نويس شامل ڪيو ويو آهي. * بلاگر جي نيويگيشن بار مائوس جي ڪرسر رکڻ پاڻمرادو ظاهر ٿي ويندي، ٻي صورت ۾ غائب رهندي اسڪرين شاٽ ڊيمو جي لاءِ منهنجو بلاگ حاضر آهي انسٽاليشن جو طريقو مان سائين ذيشان رشيد رشيد جي مٿي بيان ڪيل تحرير مان جيئن جو تيئن پيش ڪري رهيو آهيان: انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔ موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔ ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تازا ترين: (ڊسمبر 12، 2012) پهريان اپلوڊ ڪيل بلاگر ٽيمپليٽ ۾ ڪجهه نقص هجڻ ڪري نئون ٽيمپليٽ اپلوڊ ڪيو اٿم۔ هن ٽيمپليٽ ۾ بنيادي فونٽ ”عوامي“ ۽ ”سارم سامي“ استعمال ڪيا ويا آهن۔ هاڻي اوهان ڪنهن به ويب برائوزر ۾ فونٽ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحريرون بالڪل ٺيڪ طرح سان ڏسي سگهو ٿا۔
تمام سٺو ۔۔۔۔ مطلب ته هاڻي سنڌي بلاگنگ ۾ اسان خود ڪفيل ٿي وينداسين۔ اوهان دوستن کي جس هجي جن سهڻا ٽيمپليٽ ۽ ترجما اسان جي سهولت لاء آندا آهن۔ مون پنهنجي بلاگ تي تجربو ڪيو ۔۔۔۔۔ هي ڏسو تاريخ جي ورقن مان
تازا ترين: (ڊسمبر 12، 2012) پهريان اپلوڊ ڪيل بلاگر ٽيمپليٽ ۾ ڪجهه نقص هجڻ ڪري نئون ٽيمپليٽ اپلوڊ ڪيو اٿم۔ هن ٽيمپليٽ ۾ بنيادي فونٽ ”عوامي“ ۽ ”سارم سامي“ استعمال ڪيا ويا آهن۔ هاڻي اوهان ڪنهن به ويب برائوزر ۾ فونٽ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحريرون بالڪل ٺيڪ طرح سان ڏسي سگهو ٿا۔ نئون ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
ادا ھي مسئلو اچي ٿو ، ھن جو ڪو حل ڪڍو، موبائل مان بلاگر تي سنڌ سلامت جي ھر ٽيمپليٽ ۾ ھيٺيون مسئلو اچي ٿو، We were unable to save your template. Your template could not be parsed as it is not well-formed. Please make sure all XML elements are closed properly. XML error message: Content is not allowed in prolog.
ادا مسئلو حل ٿي ويو، سنڌ سلامت جي ٿورن اصل ۾ مسئلو فارميٽ جو ھو زپ مان ايڪس ايم ايل تي ٽيمپليٽ کي ڪنورٽ ڪرڻو ھو، ڳالھ سمجھ م اچي وئي، اميدون ٽيمپليٽ بلاگ تي لڳايو آھي