سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران شمشير الحيدريءَ کي ڀيٽا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران شمشير الحيدريءَ کي ڀيٽا
    محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي ناليواري شاعر، ايڊيٽر، آزاد نظم جي بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري خود دار انسان ۽ سماجي ورڪر شمشيرالحيدري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء 7 سيپٽمبر تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي پاران ڀيٽا پيش ڪئي وئي. صبح جو يارهين بجي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي فنڪارن، اديبن ۽ صحافين جي وفد چوڪنڊي قبرستان پهچي سندس مزار تي حاضري ڀري ۽ فنڪار ٽرسٽ ملير جي دوستن پاران قرآن خواني ۽ لنگر جو انتظام ڪيو ويو. شام جو چئين بجي اسٽاف ويلفيئر آڊيٽوريم گارڊن ۾ قرآن خواني ڪرڻ سان گڏ دعا پڻ ٿي. ان کانپوء سائين شمشير کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ادبي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ زندگيء جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ دوستن شرڪت ڪئي. هن ميڙاڪي ۾ فنڪارن، اديبن ۽ صحافين جي وڏي انگ ۽ شمشيرالحيدري جي خاندان جي ڀاتين پڻ شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سوشل ڪميٽي جي چيئرمين نظرمحمد ڳاهو ڪئي جڏهن ته محترمه نسيم حيدري خاص مهمان هئي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ناليواري شاعر ۽ سنڌ فنڪار ٽرسٽ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بهڻ ڪئي. ان موقعي تي فنڪار علي گُل ملاح چيو ته شمشيرالحيدري وڏو اديب هوندي به اسان سميت ننڍن فنڪارن تي به شفيق رهندو هيو ۽ رهنمائي ڪندو هو. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ڪراچي ڊويزن جي صدر الطاف سومرو آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي شمشير جي يادن جو ورجاء ڪيو.ناليواري اديب ستار ڀٽي چيو ته شمشير ڪراچي جي ادبي سرگرمين جو مور هوندو هو ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ثقافتي ميڙاڪن ۾ سدائين شرڪت ڪري منتظمين جي همٿ افزائي ڪندو رهندو هو. هن چيو ته شمشيرالحيدري جي وڇوڙي ڪراچي جي ادبي ميڙاڪن کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي. سينيئر صحافي شبير لاشاري سندس صحافتي ڪردار تي روشني وڌي ۽ چيو ته شمشير هڪ بيباڪ ۽ دلير صحافي هو، جنهن هميشه سچ لکيو ۽ سچ جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته هو خوشنصيب آهي جو هو شمشيرالحيدري کان صحافتي قدر سکيو. مومل اخبار جي چيف ايڊيٽر ۽ صحافي محترمه حسينه آزاد جتوئي چيو ته مان خوشنصيب آهيان جو شمشيرالحيدري زندگيء جي آخري ساهن تائين مومل اخبار جو ايڊيٽر رهيو. هن چيو ته خبر ٺاهڻ ۽ صحافت جون ذميواريون نڀائڻ هن شمشير کان ئي سکيون.

    سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ شمشير جي ڇپيل ڪتابن تي روشني وجهڻ سان گڏ چيو ته شمشيرالحيدري جتي عظيم ليکڪ ۽ بيباڪ صحافي هو اتي هو هڪ عظيم ۽ خود دار انسان پڻ هيو. هن چيو ته شمشير سدائين نوجوانن لاء اتساهه ، اميد ۽ حوصلي جو سبب رهيو آهي. شمشيرالحيدري جي ناٺي ۽ سنڌ سلامت جي نثار ابڙي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شمشير اسان لاء رهنما هو. هن چيو ته شمشير لاء ادبي ۽ عام ماڻهن لاء تمام گهڻي عزت ۽ احترام هو. هن ڪڏهن به پاڻ لاء ڪونه سوچيو پر سدائين سندس سوچ جو محور سنڌ هئي، هو سنڌ سان عقيدت ۽ عشق ڪندو هو. پي ٽي وي جي سابق پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر نعيم بلوچ سندس پي ٽي وي تي ڪيل ڪم تي روشني وڌي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جو سهرو شمشير جي سر وڃي ٿو. هن بيشمار گيت ، اسڪرپٽ ۽ ڊراما لکيا. هن چيو ته شمشير جي گيت منظر پروگرام ۾ ڪيل منظوم ترجمي وارن گيتن عالمي شهرت ماڻي. ناليواري اديب ۽ ليکڪ الطاف اثيم چيو ته شمشير الحيدري هر رنگ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو، هو هڪ عظيم شاعر ۽ عظيم صحافي هو. هن چيو ته شمشير سنڌ جي هر ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ نوجوانن جي رهنمائي ڪندو هو. هن ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان برتر ڪونه سمجهيو، هن چيو ته شمشير جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. ناليواري شاعر هدايت بلوچ چيو ته هن زندگيء جا چاليهه سال شمشير سان گڏ گذاريا آهن، هن چيو ته مون سڀ ڪجهه شمشير کان سکيو. هدايت بلوچ چيو ته ڪيترن ئي شاعرن جا ڪتاب هن پورا پورا پاڻ ٺيڪ ڪري ڏنا، مهراڻ ۾ رهندي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن جي لکڻين کي سنواريو ۽ سينگاريو. هن چيو ته شمشير کي ڪيترن موقعن تي پلاٽن ۽ ٻين مراعاتن جون آڇون ٿيون پر شمشير سڀني کي ٺڪرايو ۽ سچ جو ساٿ ڏنو.

    سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ۽ ناليواري اديب تاج جويي چيو ته شمشير وڏو اديب هو، هن جو ادبي ڪم تمام وڏو آهي.هن چيو ته ادبي بورڊ ۾ رهندي شمشير ڪيترن ئي ماڻهن جا ترجمو ڪيل ڪتاب ٻيهر ترجمو ڪيا پر پنهنجي نالي ڏيڻ بدران انهن ئي ماڻهن جي نالي تي ڪتاب ڇپرايا. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ 11 سال رهندي هن ون يونٽ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شمشير جي ڪارنامن تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو سائين شمشيرالحيدري جي فني خدمتن ۽ ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته شمشير ننڍي هوندي کان ئي فلمن ۽ ڊرامن جو شوقين هيو، هن ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ان سان گڏ هو ساز وڄائڻ ۾ بهترين بينجي نواز پڻ هو. پي ٽي وي تي ڪيل سندس ڊرامن جو ڪم اڻ کُٽ آهي، هن 100 کان مٿي ڊراما لکيا ۽ فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ ڊرامي دوران موجود رهي انهن جي رهنمائي به ڪندو رهيو. تقريب جي مهمان خاص محترمه نسيم حيدري صاحبه سندس سارون اوريندي چيو ته بابا اولاد لاء ته شفيق هيو ئي پر هو جنهن سان به مليو ان کي پنهنجو ڪري ڇڏيائين. هن چيو ته بابا پئسي ۽ ملڪيت ۾ ته غريب هو پر هو دل جو امير ۽ سخي هيو ۽ پنهنجي غربت تي فخر ڪندو هو. هن چيو ته بابا تمام گهڻو صابرين هو ۽ تڪليفن هوندي به ان جو ڪنهن سان ذڪر ڪونه ڪندو هو. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سوشل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وزير اعلى جي سياسي صلاحڪار نظر محمد ڳاهو سائين شمشير الحيدري جي سياسي جدوجهد تي ڳالهائيندي چيو ته شمشير سنڌ جو عظيم ۽ بهادر صحافي ۽ ليکڪ هيو جنهن ايوب جي مارشلا ۽ ايم آر ڊي دوران بغير ڪنهن خوف جي سچ لکيو. هن ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت تان ڀرپور مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ضياء الحق جي مارشل لا خلاف هن مهراڻ جهڙي اخبار ۾ ايڊيٽر ۽ ڪالم لکي سچ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن شيخ اياز ۽ ٻين مزاحمتي ليکڪن کي شايع ڪندي سنڌ سان پنهنجي وفا جو ثبوت ڏنو. پروگرام جي آخر ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران لنگر جو به انتظام ڪيو ويو هو۔



    نظر محمد ڳاهو، نسيم حيدري، هدايت بلوچ، ستار ڀٽي، نثار ابڙو، تاج جويو، حميد ڀٽو، حسينه آزاد جتوئي، سليمان وساڻ ۽ ذوالفقار بهڻ ڳالهائي رهيا آهن​
    [​IMG]
    الطاف سومرو، شبير لاشاري، علي گُل ملاح ۽ نعيم بلوچ​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سُڪار جي هفتيوار ادبي صفحي ڏات جي 13 سيپٽمبر 2012 واري شماري ۾ ساجد سنڌي جي مهربانيء سان ڇپيو
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سٺو پروگرام ٿي گذريو، جيتوڻيڪ مينهن پاڻي سبب پروگرام ڪافي ننڍڙو ۽ مختصر رهيو پر حاضرين جو جوش ۽ اهم مهمانن جي ڳالهين مان جيڪا سائين شمشير کي ڀيٽا ملي سان قابل تعريف هئي ۔۔۔

    شمشير الحيدري جون خدمتون سنڌ فن جي مد ۾ ڳائڻ جوڳيو آهن، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون۔

    آ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سڀني دوستن، ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي کين واڌايون ڏيان ٿو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين پيرائتي تفصيلي رپورٽ پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي، جيتوڻيڪ ان ڏينهن سارو ڏينهن سنڌي چينل اوهان جي ئي پروگرام جي ڪوريج ڏيکاري رهيا هئا، ۽ مون سارو پروگرام سنڌ ٽي وي تي ٻه ٽي دفعا ان ڏينهن ڏٺو۔۔۔
    آءُ اوهان کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو