اسان جو تعليمي سرشتو تباه ٿي چڪو آهي. قابل ۽ فرض شناس استادن جي نئين پيڙهي تيار ڪرڻ ۾ جيڪو وقت لڳندو تيستائين دنيا ڪٿي جو ڪٿي وڃي پڄندي. پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم ڏيڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ جلد نتيجا برآمد ڪندڙ، سڀني کان گھٽ وسيلا طلبيندڙ، بهترين ذريعو اڄڪلهه آهي نون، سستن، تيزرفتار ننڍا ڪمپيوٽر جن کي ٽيب، ٽيبليٽ پي سي يا هينڊ هيلڊ ڊيوائس ڪوٺيو وڃي ٿو، تن کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ. مستقبل ۾ اها ٽيڪنالاجي جيڪو دنيا ۾ ڪردار ادا ڪندي تنهنجو اندازو بدقسمتي سان نه رڳو اسان جي ارباب اقتدار کي ڪونهي بلڪه چڱا ڀلا پڙهيل ڪڙهيل ذهن به ان کي مناسب طريقي سان سمجھڻ کان قاصر آهن. جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ تعليم جي باري ۾ سنجيده آهيون ته اسان انهن بدلجندڙ زماني جي تقاضائن ۽ انهن نوين ٽيڪنالاجين جي اهليت جي استعمال جي ممڪنات جو احاطو ڪري انهن کي پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. ايندڙ ورهين ۾ بحيثيت قوم اسان جي وجود ۽ ان جي بقا جو انحصار انهن ٽيڪنالاجين مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائيندي پنهنجين ايندڙ نسلن کي بهترين تعليم ڏيڻ ۽ انهن کي نئين چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۾ آهي. جڏهن آفريڪا جي پٺتي پيل ملڪ ۾ ان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويو ان جا نتيجا حيران ڪن نڪتا ۽ ان جي باري ۾ هيئن رپورٽ آهي: جڏهن هڪ هزار ٽيبليٽ پي سي اٿوپيا ۾ اهڙن ٻارن ۾ ونڊيا ويا جن اڄ تائين ڪتاب ته پري ڪو ڇپيل لفظ به ڪونه ڏٺو هو ته ڇا نتيجو نڪتو؟ ۵ مهينن اندري اهي ٻار پاڻ کي انگريزي سيکارڻ لڳا، ۽ ڪمپيوٽر ۾ اهڙيون تبديليون تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا جو انهن جا جيڪي فيچر بند ڪيل هئا سي به کولي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا! هڪ ليپ ٽاپ هر هڪ ٻار لاءِ منصوبو اهڙن ملڪن ۾ شروع ڪيو ويو جتي تعليمي سرشتو نه هئڻ برابر هئو، ته جيئن تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ٻارن تائين، ارزان ڪمپيوٽرن وسيلي، پهچائي وڃي. هن پروجيڪٽ (منصوبي) ذريعي پنجن ڇهن ورهين ۾ اسان کي اهو احساس ٿيو ته ٻاراڻي تعليم ڏيڻ ايتري اهم ڪانهي جيترو ٻارن ۾ اها اهليت پيدا ڪرڻ آهي ته هو پاڻ نيون شيون سکڻ چاهين. هن باري ۾ هيٺين لنڪ ڏسو. http://www.dvice.com/archives/2012/10/ethiopian-kids.php ماهر تعليم متفق رهيا آهن ته تعليم پنهنجي ٻولي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. هن نئين ٽيڪنالاجي کي سنڌي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ضرورت آهي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جو حق ادا ڪندي ان جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيون ته جيئن ان کي بين الاقوامي ٽيڪنالاجي ڪمپينين ۾ به مڃتا ملي ۽ اهي ان لاءِ پنهنجن ڪمپيوٽرز وغيره ۾ سپورٽ ڏين. هي صرف ٻولي جو سوال ڪونهي، اهو اسان جي قوم جي وجود ۽ بقا سان لاڳاپيل معاملو آهي جنهن کي انهي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. عبدالماجد ڀرڳڙي http:bhurgri.com
اهو سچ آهي ته اسان وٽ اهو تعليمي نظام موجود ڪونهي جو اسان پنهنجي قوم جي ٻارن جو مستقبل سنواري سگهون نه ئي اهڙا جديد طريقا اسان وٽ آهن جن وسيلي اسان ٻارن جي ذهني اوسر جي واڌ ويجهه لاءِ ڪي اپاءُ وٺون، اهو سڀ حڪومت جو فرض بڻجي ٿو۔ ۽ ان سان گڏ والدين، استاد ۽ تنظيمن کي پڻ پنهنجو ڪردار وڌيڪ بهتر نموني نڀائڻو پوندو۔
علم جي اهميت کان ڪير به اِنڪار نٿو ڪري سگهي۔۔قومن جي ترقي تعليم جي سُڌارن ۽ اُنهن وسيلن کي مهيا ڪرڻ سان ممڪن ٿيي ٿي جيڪي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ جي ضرورت بنجي چُڪا آهن۔ اُنهن وسيلن ۾ اڄ مختلف قسمن جا پاڪيٽ ڪمپيوٽر سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا آهن. اسان جي قوم جي اِها بدقسمتي رهي آهي ته اسان اڄ به تعليم کي اوتري اهميت نه ڏئي سگهيا آهيون، جيڪا ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اِن خراب صورتحال جي ذميواري نه صرف وقت جي حڪومت پر اسان جي سِول سوسائيٽي تي به اچي ٿي. اسان جي شهرن ،ڳوٺن ۾ هر ماڻهو روزگار کي اهميت ته ڏئي ٿو پر پنهجن ٻچن کي پڙهائڻ تي سنجيدگيءَ سان ڪڏهن به ڪوشش نٿو وٺي....ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته علم حاصل ڪرڻ جي اهميت ايتري ته اُجاگر ڪئي وڃي جو هر ماڻهو بُکون ڪاٽي به علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃي.