انشا الله تمام جلد اوهان اڳيان اڊاب ۾ اينيميٽڊ تصوير ٺاهڻ جي وڊيو سکيا اپلوڊ ڪندس۔ مون هڪ اينيميشن ٺاهيو آهي۔ توهان جي را جو منتظر : عبيدالله عبيد ٿهيم
مٿيون اينيميشن وڻيو پر ان ۾ گرامر جي حساب سان جملن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي۔ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪارڪجي ٿي۔ يا وري انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڀلي ڪري آيا۔
آئون گرامر جي ڪلاس کان لهرائيندو هئس اُن جو نتيجو توهان جي سامهون آهي۔۔۔۔ هاڻ نئين سر ان کي ٺاهيندس۔ ۽ جلد کان جلد وڊيو سکيا به موڪليندس۔۔۔
ادا فاروق سومرو ڊيلي موشن کان علاوه ڪا ٻي ويبسائيٽ آهي جنهن تي آئون وڊيو اپلوڊ ڪريان ۽ پو ان وڊيو جو رزلٽ ساڳيو هجي جيڪو مون وٽ اوريجنل آهي۔ ڊيلي موشن تي اپلوڊ ڪرڻ سان رزلٽ خراب ٿي ويو آهي، وڊيو ڌنڌلي نظر ٿي اچي۔
ادا فاروق سٺو ٺاهيو اٿو۔ پر اهي اکر جيڪڏهن مٿي ڏجن ها ته وڌيڪ بهتر لڳي ها۔۔ ڇا توهان ”ڀلي ڪري آيا“ کي متحرڪ ڪري سگهو ٿا ؟؟
ادا توهان جي محنت ته داد لائق آهي پر آ هڪڙو عرض ڪندس سو هي ته جڏهن توهان سکيا جي لا وڊيو ٺاهي رهيا آهيو ته ان ۾ ڪم ايترو جلدي ناهي ڪبو جيترو توهان هن وڊيو ۾ ڪري رهيا هئاسو آئندا ان شئي جو خيال رکندا توهان جي هي محنت جس لهڻي آهي قرب اميد ته اسان لا ڀي هي وڊيو ڪار آمد ثابت ٿيندي. ٻيو آ هي سوال ڪندس ته هي وڊيوز ڪيئن ٺاهيون وينديون آهن اسان پنهنجي ناليج شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته تصويرن کان وڊيو بهتر رهندي.