لفظ ۽ لهجو نصيب ٺاهين ٿا...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]

    حضرت بهلول رح پنهنجي دور جو مشهور دانا ۽ الله لوڪ ماڻهو هو، حضرت امام جعفر الصادق عه جو شاگرد ۽ وقت جي خليفي هارون رشيد جو سوٽ هو. هڪ ڏينهن جنابِ بهلول هڪ صحرا ۾ پنهنجي مستيءَ ۾ ويٺا هئا ته سندس شهر جي هڪ تاجر جو اتان گذر ٿيو، تاجر جي دل ۾ بهلول لاءِ عزت هئي، گهوڙي تي ويٺي ويٺي ان بهلول کي چيو : ”اي دانا ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو، ڪجهه مشورو ڏي ته مان ڇا خريد ڪريان جنهن سان مون کي منافعو ملي.“
    حضرت بهلول دانا رح چيو: ”بهتر اٿئي ته ڪارو ڪپڙو خريد ڪر..“
    تاجر ان مشوري تي عمل ڪيو ۽ يمن مان وڏي تعداد ۾ ڪارو ڪپڙو وٺي آيو، اتفاق سان ڪجهه ڏينهن اندر هڪ وڏي شخصيت جي وفات ٿي پئي، جنهن جي ڪري ماڻهن ڪارو ڪپڙو سٺي انگ ۾ خريد ڪيو، شهر ۾ ٻئي ڪنهن وٽ ڪارو ڪپڙو نه بچڻ جي ڪري هن تاجر کان سڀني ڪارو ڪپڙو خريد ڪيو ۽ هن به پنهنجي دل تي منافعو ڪمايو. پئسي جي وڌيڪ اچڻ جي ڪري سندس طبيعت ۾ تڪبر اچي ويو.
    ڪجهه ڏينهن بعد وري هو يمن ڏانهن تجارت لاءِ سنڀريو، هن ڀيري به رستي تي هن کي بهلول دانا گڏجيو.
    هن چيو: ”اي چريا ! تجارت لاءِ وڃان پيو، ٻڌاءِ ته ڇا خريد ڪريان“
    بهلول دانا وراڻيو: ”هن ڀيري تون ڇانهينءَ ۽ گدري جي خريداري ڪر“
    تاجر بهلول جي لفظن تي يقين ڪري پنهنجي سڄي دولت مان رڳو ڇانهين ۽گدري جي خريد ڪئي، پر گدرو ۽ ڇانهين هفتي جي اندر خراب ٿي وئي ۽ کيس ايترو نقصان ٿيو جو پهرين کان به پوئتي پوئجي ويو.
    هن بهلول دانا کي ڳولي هٿ ڪيو ۽ کيس چيائين: ”واهه جو مشورو ڏنئي، سڄي ڀينگ ڪرائي ڇڏيئي“
    بهلول دانا وراڻيس: ”اها ڀينگ مان نه پر تنهنجي لفظن ۽ لهجي ڪرائي آهي، پهرين تون مون کي اي دانا ! سڏيو هو ته مان توکي دانائي وارو مشورو ڏنو هو ۽ ٻيو ڀيرو تون مون کي اي چريا ! سڏيو هو تو مان توکي چرين وارو مشورو ڏنو هو، ان ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ناهي“
    ان ڪري ته چوندا آهن ته لفظ ۽ لهجو نصيب ٺاهين ٿا
    ٻين لفظن ۾ اها ئي زبان آهي جيڪا کٽ تي ويهاري ٿي ته پَٽ تي به..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 فيبروري 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    نصيحت آموز حڪايت آهي !
     
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    زبان ۾ شيري ته مُلڪ به ڪشميري ♥♥♥♥♥♥♥
    زبان ۾ ڪنڊا ته مُلڪ به لٺيون ۽ ڏنڊا. °°°°©°°°°`®
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي خوبصورت شيئرنگ دل سان وڻي .... انسان کي ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ۽ هيٺين سٽ کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبردست ادا تمام بھترين حڪايت آھي .ٻُڌو آھي ت دين جا ٽي حصا ڪيا وڃن انھن مان ٻ حصا ادب آھي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو