اوهان اڪثر محسوس ڪيو هوندو ته اوهان جڏهن مائي ڪمپيوٽر کوليندا آهيو ته اهو ڪجهه سست رفتاري سان کلي ٿو ان جو سبب هي آهي ته ايڪس پي ونڊو ۾ جڏهن به ايڪسپلورر کلي ٿي ته اها پاڻ مرادو نيٽورڪنگ فائيلز ۽ پرنٽر جي ڳولاهه ۾ رڌل رهي ٿي ، اوهان هيٺين طريقي سان ايڪس پي جو پاڻ مرادو ڪم بند ڪريو ته اوهان جي مائي ڪمپيوٽر جي سستي دور ٿي ويندي۔ 1۔ مائي ڪمپيوٽر کوليو 2۔ ٽولز مينيو تي ڪلڪ ڪريو 3۔ فولڊر آپشن تي وڃو 4۔ ويو ٽيب تي ڪلڪ ڪريو 4۔سڀ کان پهرين Automatically search for network folders and printers لکيل هوندو ان کي ان چيڪ ڪريو 5۔ اپلائي ڪريو ۽ اوڪي ڪريو لازمي فرق پوندو، آزمائي ڏسو۔
جواب: مائي ڪمپيوٽر جي اوپن ٿيڻ جي اسپيڊ وڌايو مهرباني ادا تجربو ڪري ڏسان ٿو بهترين ڪوششون آهن جاري رکجو سدائين گڏ