ملير جي ڪميونٽي اسڪولن جي ڪاميابي جو احوال

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2012۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    [​IMG]

    ملير جي ڪميونٽي اسڪولن جي ڪاميابي جو احوال
    ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ (سي ڊي اين ملير) جي ٽيم کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سب آفيس ڪراچي ۾ گھرائي ھڪ سرگرمي (ايڪٽيوٽي) ڏني وئي جيڪا ڊزائين فار چينج (صرف ايڪسل) جي تعاون سان ٿي رھي ھئي. ھن سرگرمي لاءِ ملير ڪلسٽر جي پنج اسڪولن جي چونڊ ڪئي جن کي پنجن مختلف عنوان ڏنا انھن عنوانن تي سي ڊي اين ملير جي ٽيم ، ڪميونٽي اسڪول جي استادن ۽ ٻارن گڏجي سرگرميون ڪيون ۽ انھن جي مووي ۽ فوٽو گرافي ڪئي.
    اسڪولن کي مليل مختلف عنوان:
    ڳڻپ
    اسڪول
    عنوان
    1.
    بلندي ڪميونٽي اسڪول
    گُـٽڪو، پان ۽ سوپاري
    (Gutka, Pan & Supari)
    2.
    ستارا ڪميونٽي اسڪول
    دوائن جو صحيح استعمال
    (Proper Use of Medicine )
    3.
    انمول ڪميونٽي اسڪول
    مُـتوازن غـذا
    (Balanced Diet)
    4.
    علي نواز ڪميونٽي اسڪول
    فن پارا
    (Fun Para)
    5.
    دودو ڪمبير ڪميونٽي اسڪول
    صاف ۽ محفوظ پاڻي
    (Clean & Safe Water)

    اسڪول: بلندي ڪميونٽي اسڪول
    ڳوٺ: محمود ڄاموٽ، يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون ڪراچي
    عنوان: گٽڪو پان ۽ سوپاري Gutka, Pan & Supari:
    گروپ ليڊر ٻار:
    1.اختر محمّد عثمان ڪلاس: ڇھون عمر: 11 سال
    2.فريده مراد علي ڪلاس: ڇھون عمر: 10 سال
    3.شمائلا محمّد عثمان ڪلاس: ڇھون عمر: 11 سال
    4.آسيه محمّد عالم ڪلاس: ڇھون عمر: 11 سال
    5.زيبا شير محمّد ڪلاس: ڇھون عمر: 13 سال
    سرگرمي ڪرائڻ جو مقصد:
    گٽڪو، پان ۽ سوپاري کائڻ سان ٿيندڙ بيمارين جي ڄاڻ ڏيڻ جيڪي انھن جي جسم، صحت ۽ گھريلو زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا.
    ورتل ڪوشيشون(عملي قدم):
    بلندي اسڪول جي ٻارن ڳوٺ جي ھڪ سروي ڪري گٽڪو، پان ۽ سوپاري کائڻ وارن جا انگ اکر معلوم ڪيا ھن سرگرمي ۾ سي ڊي اين ملير ۽ ڪميونٽي اسڪول جي استادن انھن ٻارن جي رھنمائي ڪئي. ٻارن ڪميونٽي کي گٽڪو، پان ۽ سوپاري کائڻ سان ٿيندڙ بيمارين جي ڄاڻ ڏني ته انھن شين سان نڙي، ڦڦڙن ۽ گلي جو ڪينسر ٿئي ٿو. جڏھن جسم جا گھرڙا بي قابو ٿي ويندا آھن ۽ ھڪ اڀار ٺاھيندا آھن جنھن کي رسولي کي چئبو آھي.جنھن سان ڪينسر ٿيندي آھي. ڪينسر جي نوعيت ڏاڍي ڏکي ۽ خراب ھوندي آھي. ڇو جو ڪينسر انسان جي جنھن به حصي ۾ ٿيندو آھي اھو حصو پنھنجو ڪم صحيح طرح نه ڪري سگھندو آھي.
    ٻارن پوسٽرن، ڀينرن جي ذريعي ڪميونٽي تائين پھچايل پيغام :
    ·گٽڪو پان ۽ سوپاري انسان جي صحت لاءِ نقصان ڪار آھن جنھن سان رت جي ڪمي، السر ۽ ڪينسر جھڙيون خطرناڪ بيماريون ٿين ٿيون.
    ·گٽڪي پان ۽ سوپاري جي ڪري وات ۽ گلي ۽ ڦـڦـڙجي ڪينسر ٿيندي آھي.
    ·گٽڪي پان پئسي جو ذيان ، گٽڪو سوپاري رڳو بيماري.
    ·ڏندن جي بيماري ۽ وات ۾ بدبو گٽڪو سوپاري.
    اسڪول: ستارا ڪميونٽي اسڪول
    ڳوٺ: حاجي حسين بلوچ، يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون ڪراچي
    عنوان: دوائن جو صحيح استعمال Proper Use of Medicine :
    گروپ ليڊر ٻار:
    1.انيسه مراد علي رند ڪلاس: چوٿون عمر: 10 سال
    2.ساجد محمّد سليم بلوچ ڪلاس: چوٿون عمر: 10 سال
    3.شمسه جميل احمّد ڪلاس: ڇھون عمر: 13 سال
    4.ماھره محمّد رفيق ڪلاس: ڇھون عمر: 12 سال
    5.جانگھير حاجي مراد ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    سرگرمي ڪرائڻ جو مقصد:
    ڊاڪٽر جي مشوري کان بغير دوائن جو استعمال، ضرورت کان وڌيڪ دوائون استعمال ڪرڻ، دوا جي استعمال کان پھرين مدو چيڪ ڪرڻ.
    ورتل ڪوشيشون(عملي قدم):
    ٻارن ۽ استاد گڏجي ڊاڪٽر جي مشوري کان بغير دوائن جو استعمال، ضرورت کان وڌيڪ دوائن جو استعمال، دوا جي استعمال کان پھرين مدو چيڪ ڪرڻ جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ دوائن جو صحيح استعمال Proper Use of Medicine جي عنوان تي اسڪول ۽ ڪميونٽي ۾ پروگرام ڪيو. جنھن سان اھا بنيادي ڄاڻ ڏني وئي ته جڏھن به اسان دوائون وٺون ته ان ڳالھه جو خيال ضرور رکون ته اسان دوا ڪٿان وٺي رھيا آھيون ۽ ان کي ڪھڙي طرح کائڻ کپي. ٻارن ڪميونٽي ۽ والدين کي اھا ڄاڻ ڏيڻ ته جيئن ھو دوائن جي صحيح استعمال بابت واقف ٿين. عطائي ڊاڪٽرن يا ڳوٺن ۾ موجود دڪانن تان پنھنجي مرضي سان ڪا به دوا خريد ڪري استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. ٻارن ڪميونٽي تائين اھا ڄاڻ پھچائڻ لاءِ ڳوٺ جي سروي ڪئي، عطائي ڊاڪٽر جو ٽيبلو پيش ڪري ڪميونٽي تائين دوائن جو صحيح استعمال Proper Use of Medicine جي ڄاڻ پھچائي ته جيئن ھو پنھنجي ۽ پنھنجي گھر وارن جي صحت کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ملي سگھي.
    پوسٽرن جي ذريعي پيغام :
    ·دوائن جي غلط استعمال سان نقصان ٿي سگھي ٿو.
    ·مدي خارج دوائون موت جو سبب بنجن ٿيون.
    ·دوا ھميشه ڊاڪٽر جي مشوري سان وٺڻ ۽ استعمال ڪرڻ گھرجي.
    ·دوا جي خالي شيشن کي زمين ۾ پوري ڇڏيو.
    اسڪول: انمول ڪميونٽي اسڪول
    ڳوٺ: فقير محمّد بلوچ ، يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون ڪراچي
    عنوان: متوازن غذا Balance Diet :
    گروپ ليڊر ٻار:
    1.عاصمه نظير احمّد ڪلاس: پنجون عمر: 10 سال
    2.سيمه شفيع محمّد ڪلاس: پنجون عمر: 10 سال
    3.رياض احمّد علي حيدر ڪلاس: پنجون عمر: 11 سال
    4.رخسانه غلام نبي ڪلاس: پنجون عمر: 11 سال
    5.فرزانه غلام نبي ڪلاس: اٺون عمر: 13 سال
    سرگرمي ڪرائڻ جو مقصد:
    متوازن غذا جي اھميت ٻڌائڻ، کاڌي جي ڇھن گروپن بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ متوازن جي نه ھئڻ ڪري صحت تي ڪھڙا اثر پون ٿا انھن جي ڄاڻ ڏيڻ.
    ورتل ڪوشيشون(عملي قدم):
    انمول ڪميونٽي اسڪول جي ٻارن ۽ استادن گڏجي ڳوٺ جي سروي ۽ مائرن کان متوازن غذا جي کائڻ لاءِ انٽرويو ڪيا. مليل انگن اکرن کي سامھون رکي ڪميونٽي تائين ’’ متوازن غذا جي اھميت ، کاڌي جي ڇھن گروپن بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ متوازن جي نه ھئڻ ڪري صحت تي پوندڙ اثر۽ انھن جي حل لاءِ ھڪ پروگرام ڪيو ويو جنھن ۾ سڀني مائرن کي گھرائي اھا سُڌ ڏني ته سٺو ۽ صحت مند کاڌو صحيح مقدار ۾ کاڌو وڃي. توھان جي جسم جي ھر نظام کي کاڌي جي ضرورت پوندي آھي. کاڌو اسان کي ڪم ڪرڻ لاءِ طاقت مھيا ڪندو آھي. ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي طاقت جي ضرورت پوندي آھي.
    ھر کاڌي ۾ مختلف قسم جا جزا ھوندا آھن جيڪي توھان کي وڌڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. ڪجھه کاڌا توھان کي طاقت ڏيندا آھن ڪجھه کاڌا جسم ۾ چرٻي (سڻڀ) کي وڌائيندا آھن، ۽ جسم ۾ ڪجھه قسم جي جيو گھرڙن کي وڌڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. جيڪي توھان جي جسم کي جراثيمن ۽ وبائي مرض (Infection) کان بچاءُ ۾ مدد ڏيندا آھن.
    پوسٽرن ۽ گيم (راند) جي ذريعي پيغام :
    ·نشاستا (ڪاربوھائيڊريٽ)
    ·معدنيات
    ·سڻڀ
    ·پروٽين
    ·پاڻي
    اسڪول: علي نواز ڪميونٽي اسڪول
    ڳوٺ: علي نواز جوکيو، ڪائونسل درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون ڪراچي
    عنوان: فن پارا Fun Para :
    گروپ ليڊر ٻار:
    1.نبيلا علي نواز درس ڪلاس: ستون عمر: 11 سال
    2.فيروزه ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    3.شڪيلا علي محمّد ڪلاس: ڇھون عمر: 13 سال
    4.شائسته ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    5.صاحبه نواب ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    سرگرمي ڪرائڻ جو مقصد:
    ڳوٺ ۾ ھٿ جي ھنر جو احساس پيدا ڪرڻ، ھٿ جي ھنر جي ذريعي معاشي تبديلي آڻڻ.
    ورتل ڪوشيشون(عملي قدم):
    اسڪول جي ٻارن ڳوٺ جي ھڪ سروي ڪري معلوم ڪيو ته ڳوٺ ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون اڃان به ڪھڙيون ڪھڙيون شيون تيار ڪرائي سگھجن ٿيون. معلوم ٿيڻ کان پوءِ ڪميونٽي اسڪول جي ٻارن ۽ استاد گڏجي فن پارا ۾ مختلف شيون تيار ڪيون. ڪجھه شيون ڳوٺ جي عورتن کان تيار ڪرائي سڀني شين کي گڏي ھڪ پنھنجي اسڪول جي ڪمري ۾ ڊسپلي لاءِ رکيو ويو. ڪميونٽي جي سڀني عورتن کي گھرائي تيار ڪيل شين جي پريزينٽيشن ڏني. ته جيئن ڳوٺ جي عورتن کي ھٿ جي ھنر جي اھميت اجاڳر ٿي سگھي. انھن ۾ اڃان به وڌيڪ مختف ڊزائين تيار ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
    آخر ۾ ٻارن تيار ڪيل شيون کڻي ڳوٺ ۾ ھڪ ريلي ڪڍي گھر گھر ھٿ جي ھنر جي اھميت ۽ پنھنجي مدد پاڻ پنھنجي معاشي تبديلي جو پيغام پھچايو.
    اسڪول: دودو ڪمبير ڪميونٽي اسڪول
    ڳوٺ: دودو ڪمبير سالار، يونين ڪائونسل گھگھر، بن قاسم ٽائون ڪراچي
    عنوان: صاف ۽ محفوظ پاڻي Clean & Safe Water :
    گروپ ليڊر ٻار:
    1.شبانه ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    2.صائمه ڪلاس: ڇھون عمر: 12 سال
    3.سميره ڪلاس: ڇھون عمر: 13 سال
    4.ڪومل ڪلاس: ستون عمر: 13 سال
    5.فيصل ڪلاس: چوٿون عمر: 11 سال
    سرگرمي ڪرائڻ جو مقصد:
    صاف نظر ايندڙ پاڻي به جراثيمن وارو ٿي سگھي ٿو.گدلو پاڻي استعمال ڪرڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگھن ٿيون گھر ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جا مختلف طريقا ٻڌائڻ
    ورتل ڪوشيشون(عملي قدم):
    ڪميونٽي اسڪول جي ٻارن ۽ استادن ۽ سي ڊي اين ملير جي ٽيم گڏجي صاف نظر ايندڙ پاڻي به جراثيمن وارو ٿي سگھي ٿو.گدلو پاڻي استعمال ڪرڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگھن ٿيون گھر ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جا مختلف طريقا ٻڌائڻ لاءِ ڳوٺ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي سروي ۽ انٽرويو ڪيا مليل معلومات ۽ پاڻي کي گھر ۾ صاف ڪرڻ جا مختلف طريقا ٻڌائڻ لاءِ ڳوٺ جي سڀني عورتن کي ھڪ ھنڌ تي گڏ ڪري کين ٺاھيل تصويرون (جنھن ۾ ٻار پيشاب ڪري رھيو آھي، عورت پاڻي ڀري رھي آھي) انھن ۾ رنگ ڀري انھن تصويرن کي الگ الگ گتي تي چنڀڙائي ھر تصوير کي چئن حصن ۾ ڪٽي ٻارن ۽ ڪميونٽي جي عورتن گڏ گروپن ۾ ويھاري چيو ته انھن کي مڪمل ڪريو ۽ ان تي بحث مباحثو ڪرايو. بحث مباحثي کان پوءِ ھر گروپ پريزينٽيشن ڏني ته صاف نظر ايندڙ پاڻي به جراثيمن وارو ٿي سگھي ٿو. گدلي پاڻي پيئڻ سان ڪيتريون کي بيماريون جيئن: دست، الٽي، پيٽ جو سور، سائي ۽ پيٽ جا ڪيڙا ٿي سگھن ٿا. انھن سان گڏ پاڻي صاف ڪرڻ جا مختلف طريقا ٻڌايا جيئن: ڇاڻڻ، اوٻارڻ، ڦٽڪي سان صاف ڪرڻ وغيره. پيئڻ واري پاڻي کي گھٽ ۾ گھٽ 20 منٽن تائين اوٻارڻ گھرجي.
    پوسٽرن ۽ ڀينرن جي ذريعي پيغام :
    ·صاف نظر ايندڙ پاڻي به جراثيمن وارو ٿي سگھي ٿو.
    ·پاڻي صاف ڪرڻ جا مختلف طريقا: ڇاڻڻ، اوٻارڻ، ڦٽڪي سان صاف ڪرڻ وغيره وغيره
    ·پاڻي رکڻ واري جاءِ صاف ھجڻ تمام ضروري آھي.
    ·پاڻي آب حيات آھي پاڻي جي اھميت کي سمجھڻ ۽ پاڻي کي ضايع نه ڪرڻ گھرجي.
    ·پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڍونگو استعمال ڪندا ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ ھميشه صاف ڪٽورو، پيالو يا گلاس استعمال ڪندا.
    مليل موٽ (ڪاميابي):
    سي ڊي اين ملير ۾ تعليم کي ھٿي ڏيڻ لاءِ گذريل پنجن سالن کان تعليمي رٿائن تي ڪم ڪري رھي آھي جن وسيلي ھو نه رڳو تعليم جي ڦـھـلاءُ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھندي پئي اچي. پر تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ ملير جي ماڻھن ۾ سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ سي ڊي اين ملير پاران اھڙي سرگرميون ڪرائڻ سان نه رڳو اسڪولن ۾ پر ڳوٺن ۾ به وڏي تبديلي محسوس ڪئي پئي وڃي. ڳوٺ محمود ڄاموٽ جي عورتن گٽڪي کائڻ سان ٿيندڙ بيمارين جون تصويرون ڏسڻ کان پوءِ واعدو ڪيو ته اسان آئندا ڪڏھن به گٽڪو نه کائينديوسين، حاجي حسين بلوچ ڳوٺ ۾ ڪميونٽي جي عورتن اھا يقين ڏياري ته اسان ٻڌايل پيغامن تي ئي عمل ڪنداسين ۽ ڪا به دوا ڊاڪٽر جي مشوري کان بغير نه استعمال نه ڪرڻ گھرجي نه ئي اسان ڪنداسين اھي پيغام ٻين تائين ضرور پھچائينداسين.انمول اسڪول ۾ متوازن غذا استعمال ڪرڻ ۽ ان مان ٿيندڙ فائدن عمل ڪرڻ جي يقين ڏياري.ڪميونٽي جي عورتن پنھنجي ٻارن جي ھٿن سان ٺاھيل شين کي ھڪ ھنڌ تي سجائي رکيل ڏسي نه رڳو خوشي محسوس ڪئي پر اھو وچن ڪيو ته اسان ھٿ سان مختلف شيون تيار ڪري پنھنجي ۽ پنھنجي گھر ۾ معاشي تبديلي آڻينديوسين. دودو ڪمبير سالار ڪميونٽي جي عورتن پروگرام ڏسڻ کان پوءِ پنھنجي پنھنجي گھر ۾ پاڻي کي صاف ۽ ڍڪي رکڻ جي يقين ڏياري.
    اھڙين ايڪٽيوٽي ڪرائڻ کان پوءِ ڪميونٽي اسڪولن ۾ تعليمي معيار Quality Education ۾ پڻ واڌارو آيو آھي. ھن سرگرمي سان ٻار کان ٻار ۽ والدين صحت جي بنيادي ڄاڻ، ۽ ھٿ جي ھنر جي اھميت تي گھڻو سکيو مائرن پاران سي ڊي اين ملير کي اھڙيون سرگرميون ڪرائڻ لاءِ چيو پيو وڃي. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو مووي)
    ڊزائين فار چينج صرف ايڪسل جي تعاون سان ڪرائي ايڪٽيوٽي ۾ پوري پاڪستان مان ڪُل 15 سو اسڪولن حصو ورتو. ھر اسڪول پنھنجي پنھنجي ايريا / ڳوٺ ۾ پيش ايندڙ مسئلي جي نشاندھي ڪري جمع ڪرائي. انکانپوءِ نشاندھي ڪيل اشو (مسئلي) تي کنيل عملي قدم ۽ ان جي پوري رپورٽ / ڊاڪومينٽري / فوٽو جمع ڪرايا.
    نمبر کڻندڙ اسڪولن جي نالن جي لسٽ جاري ڪئي ۽ نمبر کڻندڙ اسڪولن کي ڪلفٽن ڪراچي ۾ ھڪ پروگرام ڪري انعام ڏنا ويا.جن ۾ ٻارن کي اسڪول ڪٽ (ڊرائننگ ڪاپي، ڪلر، پينسل، پين) ڏني وئي. ھن ايڪٽيوٽي جا سمورا اخراجات سي ڊي اين ملير (اسڪول ڊيويلپمينٽ فنڊ )مان ڪيا
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساراهه لائق سرگرميون ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي۔

    علم ئي آهي جنهن ذريعي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ ملير ۽ گڏاپ جي علائقن ۾ مان گٽڪي جو آزار ڏسي چڪو آهيان۔ اسان جا پنهنجا ماڻهو پنهنجي ئي ماڻهن جي پئسي ۽ صحت جو زيان ڪري رهيا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين رپورٽ سچ ۾ مون کي پان ۽ گٽڪو کائڻ وارن تي غصو ايندو آهي پر ٽيسٽي مان پاڻ به کائيندو آهيان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    الله ڪري ڪڏهن اسان جي ايريا مان گٽڪو پان ختم ٿيندو۔
     
  5. برڪت علي جوکيو

    برڪت علي جوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 اپريل 2013
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    آفيس بوا سي ڊي اين ملير
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو
    واه تمام وڻندڙ مواد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو