1376 اٽيچمينٽ ڏسو تاجل بيوس جي چوٿين ورسي جي موقعي تي کيس ياد ڪندي، مان سندس هڪ تمام پراڻي ۽ مشهور نظم جيڪو 1972 ۾ هن ٽوڪيو جپان کان لکي موڪليو هو ۽ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو هو، تڏهن اسان جي موجوده نوجوانن مان گھڻا اڃان ڄاوا به نه هوندا. پيش ڪيان ٿو. ان نظم ڇپجڻ کان ٻن ڏينهن کان پوءِ مون تاجل بيوس کي ورندي جي عنوان سان هڪ جوابي نظم لکيو هو جيڪو پڻ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو هو. پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ موقعي جي مناسبت سان مان اهي ٻئي نظم پيش ٿو ڪريان. وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن هاوطن ويڙھ واڙيون ۽ ولهار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها ٿڪن جا ڪٿي ٿاڪ ٿاڻا ڏٺئه ڪيپنهنوارن جا پکڙا پراڻا ڏٺئه ڪيرتولن ۾ راڻيون ۽ راڻا ڏٺئه ڪيولر ڪونجڙين جا اڏاڻا ڏٺئه ڪيسنڌوءَ جا ڪنارا اکين ٺار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها انبن ۾ ڀلا ڏس ته ٽپڪا پيا هاگليلن ۽ ڳوڙهن جا وسڪا ٿيا هاڪڏهن مينهن مارن تي ڇڇڪا ڪيا هاڇپر هيٺ ڇيرين جا ڇمڪا ٿيا هاکٿيرين جا کوهن تي کجڪار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها ڪٿي چيلهه سنهڙي تي گھاگھر ڏٺئه ڪاڇلا، ويڙھ، بولا ۽ جھالر ڏٺئه ڪاڪٿي جرڪندي جيءَ جي جھانجھر ڏٺئه ڪالڳل حسن وارن جي بازر ڏئئه ڪا سهيلين ۽ سرتين جا سينگار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها ڀلا ڏس ڀٽن تي بهاريون ڏٺئه ڪيمٿن تي مهاڻين جي کاريون ڏٺئه ڪيهندورن ۾ لڏندي ڪماريون ڏٺئه ڪيعجيبن جون اکڙيون خماريون ڏٺئه ڪيهنڌن تي وڇايل ڀنڀا وار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها پون ياد پلپل وطن ۽ ولهاريونمڪئي، ٻير مٺڙا ، کبڙ ڄار ڄاريونرتن جوت رابيل ٽانگر ۽ ٽاريونمکڻ کير ماهيا ، ڪنڍيون چال ڪاريونوڇون. ڇيلڙا، ٻوڪ ٻڪرار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها اتر وارا ڪيئن ها، ڏکڻ وارا ڪيئن هاگنجيءَ گوڏ وارا، سٿڻ وارا ڪيئن هاسڄيءَ رات سيءَ ۾، سڪڻ وارا ڪيئن هارئڻ وارا ڪيئن ها، کلڻ وارا ڪيئن هابهر حال ويڙهيون ۽ ولهار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها خُدن جي خبر ڏي، گلڻ جي خبر ڏياڱڻ، باغ، آچر، علڻ جي خبر ڏيپريل جي پُٽن ۽ ولڻ جي خبر ڏيادي عرس، سارنگ، سڄڻ جي خبر ڏيلنگھا، ليل، لوڌي ۽ لوهار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها ڪمن، ڪوڏ، پرڀوءَ، پمن جي خبر ڏيچمنداس،چوهڙ، چتن جي خبرڏيجيئين شال جوڳي جتن جي خبر ڏيفقط مونکي منهنجي وطن جي خبر ڏيوطن ۾ هليا وڻج واپار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها مُلن جي پيو پيٽ ۾ تور ڪيئن هورقيبين جو دشمن ڪفن چور ڪيئن هوڪٿي ديڳ کڙڪي تي ٿيو شور ڪيئن هودرودن ۽ ختمن سندو زور ڪيئن هوموالين جا ٻيڙا ٿيا پار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها پون ياد پل پل وطن ۽ ولهاريونڇپر، ڇيڄ، ڇلڙا ۽ گھر گھر گھڙوليونگھڙا، ٿال، گھنگھرو ۽ پڳ پڳ پروليون سُرن جي صدائن ۾ ٻيجل جون ٻوليونڪچهرين جا ڪوڏيا ڍنگر ڍار ڪيئن هاوڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها تاجل بيوسٽوڪيو، جپان ---------------------------------- هدايت بلوچ جو جواب : وڄن وار ڇوڙيا ته برسات پئي هئيپٽن تي پنهوارن سندي رات پئي هئيوڄن وار ڇوڙيا ته برسات پئي هئي سڀئي ٿاڪ ۽ ٿاڻا اجڙيل ڏٺاسونسي راڻيون ۽ راڻا به نکڙيل ڏٺاسونولر ڪونجڙين جا به وڇڙيل ڏٺاسون۽ ساٿي پراڻا به بگڙيل ڏٺاسوننه سي مور آهن، نه سي ڪنگ آهننه سي راز آهن ، نه سي رنگ آهن انبن ۾ ته ٽپڪا برابر پيا هاگليلن جا وسڪا برابر ٿيا ها۽ ڇيرين جا ڇمڪا برابر ٿيا هاسي کوهن تي کجڪا برابر ٿيا هامگر سي خوشيون سڀ پيا ڌاريا ملهائنسي باغن جا مالهي ۽ مالڪ نه آهن ڀٽن تي بهارين ڏٺي ڏينهن ٿي ويامهاڻين جي کارين ڏٺي ڏينهن ٿي وياسنهي چيلهه وارين ڏٺي ڏينهن ٿي وياڪجل ساڻ ڪارين ڏٺي ڏينهن ٿي وياِبهارين جي باقي هتي کوٽ ناهي اڃان تائين پنهنجن ۾ ڦرُڦوٽ ناهي اتر يا ڏکڻ ، هر طرف هئي اداسيگنجي گوڏ وارا مڙئي ديس واسيگذارن پيا ڄڻ ته گگدام ساسينه ڪا مرڪ منهن تي نه ڪا راند راسينه واڙيون نه ولڙين سندو واس آهيگھمي ويو هتي ڄڻ ڪو راڪاس آهي خدن کي بخارن، ڪيو اڌ مئو آاڱڻ کي به پارن، ڪيو اڌ مئو آ۽ آچر کي ٻارن ڪيو اڌ مئو آسپاهين جي مارن ڪيو اڌ مئو آپريل جا سڀئي پٽ ها ٿاڻي ۾ سوگھاڏٺاسون سڀن جي ڳچين منجھ گھوگھا ملن کا اها ئي اُلي اڄ به آهيپيو پيٽ تن جو ڇلي اڄ به آهيويو تن جو لاشو رلي اڄ به آهياڳٺ ڍوُ کان وين کلي اڄ به آهيموالين جا سُوٽن تي سوٽا ڏسين هابکئي پيٽ جھوٽن تي جھوٽا ڏسين ها وطن کي نه ڪر ياد پل پل او پيارانه روئي پسائج پنهنجا ڳل او پياراضرور ايندو وارو ذرا جھل او پيارااجھا مارئي کي ٿي موڪل او پيارانه هاڻي ڪي عمرن جا آزار سهبانه هاڻي ڪي مارن مٿان بار سهبا وطن جا ڏسي وڻ ، تون روئي نه پئين شل !اڃارا ڏسي ڌڻ ، تون روئي نه پئين شلجھڳا سڀ ڏسي جھڻ، تون روئي نه پئين شلڏسي ڳوٺ ، واهڻ ، تون روئي نه پئين شلاسان جو وطن پر اسان آهيون بيوس هي مهراڻ جو پيو سدا مُرڪندو هومٺا گيت ڳائي پيو سرڪندو هومهاڻن جون ٻيڙيون وڃين ڌر ڪندو هوهي ٻنڙيون ۽ ٻارا پيو پُر ڪندو هونه ڪا موج مانڌاڻ مستي انهيءَ ۾ نه ڪا هوڏ هيبت نه هستي انهيءَ ۾ هدايت بلوچ ڪراچي__________
1970 کان 1978 تائين هڪ اهو به رواج هو هڪٻئي جي لکڻي کي جواب ڏيڻ ۔ طرحي مشاعره جو زوال به اهو ئي عرصو هو۔ مارشلا سڀ وڃائي ڇڏيو هو۔