ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2010۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    نوٽ: هي مضمون فهد رند جي موڪليل ٿريڊ ”ٽورينٽ سرچ“ ۾ ”وحيد سمي“ جي سوال تي ترجمو ڪيو ويو آهي.


    ٽورينٽ جي تعريف:
    ٽورينٽ ٽيڪنالوجي فائل شيئر سسٽم P2P ”يعني پيئر ٽو پيئر سسٽم“ کي چئبو آهي. هي FTP يعني فائل ٽرانسفر پروٽوڪول کان ڪجهه مختلف آهي.

    ٽورينٽ جي مختصر تاريخ:
    جون 1999ع ۾ شون فيننگ Shawn Fanning نالي هڪڙي پروگرامر Napster نالي هڪڙي سافٽويئر کي متعارف ڪرايو. انهيءَ سافٽويئر مارڪيٽ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو. انهيءَ سافٽويئر جي ذريعي يوزرز هڪ ٻئي جي ڪمپيوٽر مان گانا، فلمون ۽ ٻيو مواد ڊائونلوڊ يا اپ لوڊ ڪري سگهندا هئا. انهيءَ نئين قسم جي فائل شيئرنگ سسٽم جي مقبوليت وڌندي وئي، ايسيتائين جو سن 2001ع جي شروع ۾ نيسپٽر جي رجسٽرڊ يوزرز جو تعداد 26.4 ملين تائين پهچي ويو. جولائي 2001ع ۾ عدالتي جنگ جي فيصلي جي نتيجي ۾ Napster کي پنهنجي سروسز بند ڪرڻي پئي ۽ ائين فائل سسٽم جي هڪڙي سنهري دور جو خاتمو ٿيو.

    Napster جي موت کان پوءِ به P2P جي مقبوليت گهٽ نه ٿي ۽ هڪ ٻئي سافٽويئر KaZaA، Napster جي جاءِ والاري ورتي. ڪازا کي هڪ کاپي رائٽ باڊي Buma/Stemra طرفان عدالت ۾ حاضري ڀرڻي پئي. پر هن ڀيري قسمت ڪمپيوٽر يوزرز جي حق ۾ هئي. گهڻن ئي مهينن جي ڪارروائي کان پوءِ عدالت ڪازا سافٽويئر ۽ انهيءَ جي سروسز کي غير قانوني قرار ڏيڻ کان انڪار ڪندي، انهيءَ سافٽويئر جي استعمال کي جائز قرار ڏنو. اسان ڪازا ۽ نيپسٽر کي شروعاتي دور ۾ P2P سافٽويئر ۾ شمار ڪريون ٿا. انهيءَ سافٽويئر جي مدد سان ڪمپيوٽر يوزرز کي پنهنجي مطلب جا گانا، فلمون يا ٻيا سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هفتن جو انتظار ڪرڻو نه پوندو هو، بلڪه اهو ڪم هاڻي ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳو هو.


    ٽورينٽ شيئرنگ سسٽم ۽ FTP جو بُنيادي فرق:
    FTP سسٽم ۾ فائل ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ توهان ڊائريڪٽ هڪڙي سرور سان ڪنيڪٽ هوندا آهيو ۽ جيڪڏهن اهو سرور بند هجي يا خراب ٿي وڃي ته توهان پنهنجي مطلوبه فائل حاصل نه ڪري سگهندا. انهيءَ طرح جيڪڏهن هڪڙي ئي سرور تي ڪنهن وڏي سائز جي هڪ مخصوص فائل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هڪڙي ئي وقت ۾ سَوَن يا هزارن جي تعداد ۾ يوزرز ڪنيڪٽ ٿي وڃن ته سسٽم سست ٿي ويندو آهي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ”اوور لوڊ“ ٿي، عارضي طور تي بند ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقيءَ جي ڪري هاڻي ائين گهٽ ٿيندو آهي، پر ونڊوز ايڪس پي جي ”سروس پيڪ 2“ جي ڊائونلوڊنگ دوران ان قسم جون شڪايتون ٻُڌيون ويون آهن. FTP پروٽوڪول ۾ توهان جي ڊائونلوڊنگ جي اسپيڊ جو تعلق توهان جي ڪنڪشن جي اسپيڊ ۽ سرور جي اسپيڊ تي منحصر هوندو آهي.

    Torrent فائل سسٽم ۾ توهان ڪنهن هڪ سرور ۽ مشين بدران سَوَن، بلڪه اڃان به وڌيڪ ڪمپيوٽرن سان ڪنيڪٽ هوندا آهيو. اهي مختلف ڪمپيوٽر هڪڙي ئي وقت ۾ هڪ يا گهڻا ئي فائل ڊائون لوڊ يا اپ لوڊ ڪري رهيا هوندا آهن. انهن ڪمپيوٽرن سان ڪنيڪٽ ٿيڻ کان پوءِ توهان جو ڪمپيوٽر به انهيءَ نظام جو حصو بنجي ويندو آهي. ائين کڻي چئجي ته توهان جو ڪمپيوٽر به هڪ وقت ۾، هڪ يا مختلف فائل ڊائونلوڊ يا اپ لوڊ ڪرڻ لڳندو آهي. انهيءَ طريقي ڪار سبب ڪنهن هڪڙي ڪمپيوٽر تي وزن ناهي پوندو، بلڪه انهيءَ عمل جي نتيجي ۾ ڊائونلوڊ يا اپلوڊ ڪرڻ جي رفتار وڌي ويندي آهي.


    موجوده دور جا P2P سافٽ ويئرَ:
    انٽرنيٽ تي ڪيل سروي مطابق هن وقت درجنن جي حساب سان مختلف قسم جا P2P سافٽويئرَ دستياب آهن. هتي تجربي ۽ ٻين ذريعن سان حاصل ڪيل معلومات جي بنا تي هيٺيان سافٽ ويئرَ تجويز ڪيا وڃن ٿا:
    (1) FlashGet هڪ پسنديده سافٽويئر آهي. هي FTP، HTTP کان سواءِ Torrent کي به سپورٽ ڪري ٿو.
    (2) Free Download Manager پڻ Torrent کي سپورٽ ڪري ٿو.
    (3) uTorrent ”يو ٽورينٽ“ هن وقت ٽورينٽ جي ديوانن جو پسنديده سافٽويئر آهي. هن ۾ اُهي تمام خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪڙي سٺي ٽول ۾ هجڻ گهرجن. هن کي انسٽال ڪرڻ لاءِ صرف هڪڙي ايم بي جي هارڊ ڊسڪ اسپيس گهربل آهي ۽ هي سسٽم جي ريسورسس به تمام گهٽ استعمال ڪري ٿو.
    (4) Azureus ”اَزورس“ پسنديدگيءَ جي لحاظ سان ٻئي نمبر تي اچي ٿو. هي جاوا ٽيڪنالوجي کي بيس بڻائي ٺاهيو ويو آهي. ”يو ٽورينٽ“ کان پهريائين هن کي ”ڪنگ آف ٽورينٽ“ چيو ويندو هو.
    (5) BitLord
    (6) TurboBT
    (7) BitComet
    (8) The Original BotTorrent Client

    ٽورينٽ جي استعمال جو طريقو:
    ٽورينٽ فائل ٽريڪرز جي انفارميشن تي مشتمل هڪڙي ننڍڙي فائل هوندي آهي. انهيءَ فائل جو ايڪسٽينشن .torrent هوندي آهي. جڏهن توهان هن کي ڊائونلوڊ ڪريو ٿا ته توهان جو ڊيفالٽ ٽورينٽ ڪلائينٽ آٽوميٽڪ به کُلي ويندو آهي ۽ ٿورڙي ئي دير ۾ توهان جي مطلوبه فائل ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.

    مشهور ٽورينٽ ويب سائيٽون:
    Demonoid.com
    mininova.org
    Torrentportal.com
    Isohunt.com
    YouTorrent.com
    Torrentz.com
    Torrentscan.com
    BiteNova
    Torrents.to
    FileMP3.org
    Torrentmatrix.com

    ٽورينٽ سان لاڳاپيل ڪجهه اهم اصطلاحون:
    ٽورينٽ استعمال ڪرڻ وارن لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاحون ڄاڻڻ ضروري آهن:
    (*) Seeders مان مراد اُهي ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن فائل کي اپلوڊ ڪن.
    (*) Leechers مان فائل ڊائونلوڊ ڪرڻ وارا مراد آهن.
    (*) Peers مان اُهي يوزرز مراد آهن، جيڪي ڪنهن فائل کي هڪ ئي وقت ۾ اپ لوڊ ۽ ڊائونلوڊ ڪن.
    (*) Trackers مان نگرانيءَ جو نظام مراد آهي. جنهن ذريعي اهو معلوم ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن يوزر وٽ مڪمل فائل آهي ۽ ڪنهن وٽ اڌوري فائل.
    (*) Sharing Ratio هيءَ تمام اهم شيءِ آهي. ريشو مان مراد آهي ته هر يوزر جيتري مقدار ۾ فائل جو مڪمل يا اڌورو حصو ڊائونلوڊ ڪيو آهي، اُن کي ايترو ئي حصو ٻين سان به شيئر ڪرڻ گهرجي. يعني ايتري ئي مقدار ۾ مطلوبه فائل اپ لوڊ ڪرڻ گهرجي.



    ٽورينٽ جي باري ۾ ڪجهه ضروري ڳالهيون:
    (1) عين ممڪن آهي ته جڏهن توهان ڪابه ٽورينٽ ڪلائينٽ/ سافٽويئر انسٽال ڪريو، ته انهيءَ سان گڏوگڏ ڪو سپائي ويئر/ ٽروجن هارس به انسٽال ٿي وڃي. انهيءَ ڪري هميشه مستند سائيٽ جو ئي انتخاب ڪجي.
    (2) ٽورينٽس جي تلاش به ڪنهن مستند ويب سائيٽ تي ئي ڪجي.
    (3) توهان جو ريشو 1.00 هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو هن کان گهٽ هوندو ته ڪجهه ويب سائيٽون توهان کي بلاڪ ڪري ڇڏينديون.
    (4) ڪڏهن ڪڏهن مڪمل فائل ڊائونلوڊ ٿيڻ کان پوءِ به ائين لڳندو آهي ته اها فائل Fake يعني جعلي آهي. انهيءَ ڪري ٽورينٽس جي باري ۾ ڏنل ٻين يوزرز جا ريمارڪس پڻ پڙهڻ گهرجن.
    (5) آخري ۽ اهم ڳالهه: ٽورينس سائيٽن تي توهان کي نامناسب فحش مواد پڻ ڏسڻ لاءِ ملي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري الله جو خوف ڪري، صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ فحاشي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    جزاڪ الله خيرا
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    سائين ابو زين الله تعالي توهان کي سلامت رکي توهان تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي آهي ڪافي ڏينهن اڳ اوهان قاري باسط جي قرات جا ٽورينٽ لنڪ ڏنا هئا ڪافي ڪوشش ڪئي هئي ڊائون لوڊنگ لاء ليڪن ڪاميابي نه ٿي هاڻي شايد اهو ممڪن ٿي پوي۔
     
  4. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟


    ٽورينٽ جو هڪڙو وڏو مسئلو اهوئي آهي ته توهان جيتري ڪيپيسٽيءَ جي ڊيٽا ڊائونلوڊ ڪريو ٿا، ايتري ڪيپيسٽيءَ توهان کي اپ لوڊ به ڪرڻي پوندي. نه ته آئي پي بلاڪ.

    مون ڪالهه تقريبا 1.37 جي بي جي ڊيٽا ٽورينٽ سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪئي هئي، ۽ هينئر منهنجي ريشو 0.355 آهي. هاڻي وري مون کي ڪجهه اپلوڊنگ ڪرڻي آهي ته جيئن منهنجو ريشو 1.000 ٿي وڃي. ٻيءَ صورت ۾ منهنجي آئي پي بلاڪ ٿي ويندي ۽ آئون ٽورينٽ تان ڪابه ڊائونلوڊنگ نه ڪري سگهندس.

    بهرحال عبدالباسط عبدالصمد جي تلاوت جا ٽورينٽ توهان مٿي ڄاڻايل ڪنهن به سافٽويئر جي ذريعي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا. جڏهن توهان ڊائونلوڊنگ ڪندا ته خود به خود اپلوڊنگ به ٿيندي رهندي. يعني جنهن فائل کي توهان ڊائونلوڊ ڪريو ٿا، اهوئي فائل پاڻهي اپلوڊ به ٿيندو رهندو آهي. پر انهيءَ جو ريشو تمام گهٽ هوندو آهي. انهيءَ ڪري ڊائونلوڊنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪا به ڊيٽا (چاهي ساڳيو ڊائونلوڊ ٿيل فائل ئي سهي) اپلوڊ ڪريو، ته جيئن توهان جو ريشو ڊائونلوڊ ٿيل ڊيٽا جي برابر رهي.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    ادا ابوزين تمام بهترين شيئرنگ آهي، توهان جي
    پر ادا سائين جيتري تائين مون ٻڌو آهي ته پاڪستان جي سرورز جون آءِ پي ايڊريسون هر ڪلاڪ کان پوءِ تبديل ٿينديون رهنديون آهن ۔
     
  6. فهدرند

    فهدرند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2010
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    ادا تمام گهڻي مهرباني تمام بهترين ڄاڻ ڏني توهان
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    اهڙي بهترين قسم جي معلومات اسان اٻوجهن سان ونڊ ڪرڻ تي اسان ابو زين صاحب جا ٿورائتا آهيون
    ادا ابو زين توهان جون ڪوششون سنڌ سلامت فورم لا۽ مثالي آهن خدا پاڪ توهان کي شاد ۽ آباد رکي

    آمين

    ادا توهان جي اهڙي بهترين قسم جي معلوماتي شيئرنگس جو انتظار رهندو
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    تمام بهترين شئيرنگ آهي مهرباني ادا.... جاري رکجو....
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    ادا بهترين شيئرنگ آهي .
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٽورينٽ فائل شيئرنگ سسٽم ڇا آهي؟

    جزاڪ الله خيرا
    ڪافي بهترين معلومات ملي، لک لائق۔۔۔۔
     
  11. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا تمام بهترين ۽ زبردست معلومات آهي اسان جهڙي اڻڄاڻ ماڻهن کي به باقاعده آساني سان سمجھ ۾ اچي ويو اوهان جي وڏي مهرباني۔۔۔۔
     
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادل ! معلومات اهڙي آهي اصل ڪڇ تي کڻي نچائجي ؟؟؟
    ادا برو نه لڳيوَ۔ مان مذاق ٿو ڪريان باقي معلومات تمام تمام تمام بيسٽ آهي ۔۔۔۔
    اميد ته اهڙيون ٻيون معلومات اسان تائين پهچائيندا رهندا ۔

    ڪجهه مهينن لا اجازت وٺندس ، الله نگهبان۔
    سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Muhammad Muslim Jokhio

    Muhammad Muslim Jokhio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 نومبر 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    تمام تمام تمام بهترين ونڊ آهي، سائين مهرباني....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو