ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ ملير ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ (سي ڊي اين) ملير ھڪ غير سرڪاري تنظيم آھي. ھن جو بنياد سن 2002ع ۾ پيو. پنھنجي جوڙجڪ واري شروعاتي دور کان پوءِ ھيءَ تنظيم ھن وقت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ـ حڪومت سنڌ جي مالي ۽ فني سھڪار سان ملير ۾ 18 ڪميونٽي اسڪول ھلائي رھي آھي، جن ۾ موبلائزيشن ۽ مانيٽرنگ کان سواءِ، جن ڳوٺن ۾ اھي اسڪول آھن انھن ۾ شعور ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ مختلف سرگرميون ۽ پروگرام ڪرائڻ پڻ سي ڊي اين ملير جي ذميوارين ۾ شامل رھندو پئي آيو آھي. ان حوالي سان جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي سي ڊي اين ملير ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪولن واري خول کان نڪري ھاڻ سموري علائقي ۾ پنھنجن تجربن آڌار ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي. انھيءَ ڏس ۾ سي ڊِي اين ملير وٽ ھڪ جامع پروگرام آھي جنھن تحت ان جا ساٿي پاڻ پتوڙي رھيا آھن سي ڊي اين ملير جو تصور : ” ملير جي ماڻھن ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل وسيليايتري جاڳرتا پيدا ڪرڻ، جو ھُو ھاڪاري سماجي تبديليءَ جي ڌارا ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ توڙي اقتصادي طور پاڻ ڀرو ٿيڻ جي قابل ٿي پون‛‛ سي ڊي اين مليرجا متا ۽ مقصد: · ملير ۾ موجود ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪولن جي تعليمي معيار، مالي سھائتا ۽ انھن کي مستقل تعليمي اداري جي حيثيت ڏيڻ لاءِ گھڻ پاسائين جدوجھد ڪرڻ. ·گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائونن ۾ تعليمي جاڳرتا ۽ معيار لاءِ اُپاءُ وٺڻ. ·گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائونن ۾ صحت جي تعليم ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪرڻ. ·وقت ۽ گھرج آھر تعليم۽ صحت بابت (استادن، شاگردن، والدين ۽ علائقي جي ماڻھن لاءِ) سِکيا جو بندوبست ڪرڻ. ·سماج جي پيڙھيل طبقي خاص طور عورتن ۾ شعور ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ. ·سي ڊي اين ملير پاران علائقي جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن سان گڏجي سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ صحت بابت جاڳرتا لاٰ ءِ جاکوڙ ڪرڻ. ·سي ڊي اين ملير پاران علائقي جي ماڻھن جي اقتصادي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ وِتَ ۽ وَسُ آھر اُپاءُ وٺڻ. سي ڊي اين ملير جون ماڻيل ڪاميابيون: 1.مين بازار درساڻو ڇنو ۾ مرڪزي آفيس جو قيام 2.درساڻي ڇني ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جو قيام 3.مڪاني ادارن ۽ تعليم کاتي سنڌ سان ويجھو رابطو 4.ايس اِي ايف جي ڪميونٽي اسڪول پروگرام سان ھر اھم سرگرميءَ ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيڻ 5.ملير جي ڪميونٽي اسڪولن جي استادن جا سکيا پروگرام ڪرائڻ 6.ڪميونٽي اسڪولن ۾ استادن لاءِ ڪلاس روم سپورٽ سکيا 7.آغا خان يونيورسٽي جي ھيلٿ ايڪشن اسڪول پروگرام پاران قائم ٿيل ھيلٿ ايسوسيئشن جي ميمبرشپ 8.سُڌ سماءَ جي ادارن، پي ٽي وي ۽ سي اين بي سي تان ملير جي زراعت، ثقافت ۽ تعليم بابت پروگرام نشر ڪرائڻ 9.فن پارا پروجيڪٽ ۾ مختلف فن پارا تيار ڪرڻ 10.ڊزائين فار جيج پاڪستان ۾ پنجن اسڪولن جو 1500 اسڪولن ۾ ونر اچڻ 11.ڪميونٽي اسڪولن جي ٻارن ۽ استادن جي آواز ۾ تعليمي گيتن جون آڊيو ڪيسٽون تيار ڪرائڻ بن قاسم ٽائون ۾ يونين ڪائونسل وائيز اسڪول: يونين ڪائونسل گھگھر، بن قاسم ٽائون 1.دودو ڪمبير سالار ڳوٺ: دودو ڪمبير سالار 2.وليداد سالار ڳوٺ: وليداد سالار 3.روشني ڳوٺ: عبدالرحمان جوکيو 4.ٽنڊو کوسو ڳوٺ: ٽنڊو کوسو 5.ابراھيم آباد ڳوٺ: حاجي ابراھيم 6.بي بي فاطمه ڳوٺ: يوسف بلوچ ۽ ڪارو خاصخيلي يونين ڪائونسل گلشن حديد ، بن قاسم ٽائون 1.روشن تارا ڳوٺ: محمّد آچار جوکيو 2.مخدوم محمّد ھاشم ڳوٺ: عيسب جوکيو يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون: 1.انمول ڳوٺ فقير محمّد بلوچ 2.ستارا ڳوٺ: حاجي حسين بلوچ 3.بلندي ڳوٺ: محمود ڄاموٽ 4.علي نواز ڳوٺ: علي نواز جوکيو 5.خوشبو ڳوٺ: حاجي مھيار جوکيو 6.حاجي ناٿو جوکيو ڳوٺ: ڏھيسر خان جوکيو 7.شاھ عبداللطيف ڀٽائي ڳوٺ: عبدالحڪيم رند يونين ڪائونسل گڏاپ، ٽائون گڏاپ 1.سچل سرمست ڳوٺ: علي محمّد گوڌڙ جوکيو 2.سيد سلطان شاھ اصحابي ڳوٺ: راھو گھورام جوکيو 3.جيلاني ڳوٺ: مريد جوکيو
ايس ايم درسلـــڪا ڀڻن لـــوڪ ۾ امام بخش ڄاموٽ انھن مرد مجاھدن مان آھي جن کي ھر وقت پنھنجي ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم لاءِ اونو رھي ٿو. ھو پاڻ سي ايس ايس بلندي اسڪول جي وي اي سي جو چيئرمين آھيلڪا ڀڻن لوڪ ۾
ملير جي ڪميونٽي اسڪولن جي ڪاميابي جو احوال ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ (سي ڊي اين ملير) جي ٽيم کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سب آفيس ڪراچي ۾ گھرائي ھڪ سرگرمي (ايڪٽيوٽي) ڏني وئي جيڪا ڊزائين فار چينج (صرف ايڪسل) جي تعاون سان ٿي رھي ھئي. ھن سرگرمي لاءِ ملير ڪلسٽر جي پنج اسڪولن جي چونڊ ڪئي جن کي پنجن مختلف عنوان ڏنا انھن عنوانن تي سي ڊي اين ملير جي ٽيم ، ڪميونٽي اسڪول جي استادن ۽ ٻارن گڏجي سرگرميون ڪيون ۽ انھن جي مووي ۽ فوٽو گرافي ڪئي. اسڪولن کي مليل مختلف عنوان:
مهرباني سائين وساڻ صاحب۔ بس لنڪ ڏيڻ سکي رهيو هوس مختلف موضوع ۾ سي ڊي اين ملير جون رپورٽون هيون انهن جا لنڪ ڏئي سکيا به حاصل ڪئي ته هڪ جا تي گڏ به ٿي ويون۔
سائين جي هر علائقي ۾ اهڙا ماڻهون اٿي پون تي هوند اسان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن اسان لاشعوري جهڙي بيماري مان نڪري شعور ڀريئي صحت مان هوند فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا ان سلسلي کي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي ۔ هر ماڻهون پنهنجي ڪميونٽي ۾ اهي ڪم شروع ڪري ۽ اسان جو فرض آهي ته هي پروگرام کڻي اڳتي هلون ۔ وسلام
بلڪل سائين اسان کي پنهنجي وس آهر نه گهٽائڻ گهرجي بس دعا ڪجو جيڪو سڀني دوستن ڀائرن گڏجي قدم کنيو آهي اهو سدائين هلندو رهي۔