ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڇا آهي..؟

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ دوست ڪافي ڏينهن کان وٺي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جو نالو ٻڌندا هوندا۔۔ اڄ انهن سميت سمورن ساٿين کي ڏسبو ته آخر ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ آهي ڇا؟
    نيٽ ورڪ يا انٽرنيٽ جي ذريعي ڪنهن به هارڊويئر يا سافٽويئر تائين مختلف ماڻهن جي پهچ لاءِ جيڪا سهولت مهيا ڪئي ٿي وڃي ان کي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ چئبو آهي۔۔ ياد رهي ته هن جو جهڙن يا بادلن سان بلڪل به تعلق نه آهي بلڪه هن کي ڪلائوڊ چوڻ جو سبب اهو آهي ته هن جو سوچيندي جيڪو خيالي عڪس بڻجي ٿو ان جي تصوير جهڙن سان ملندي جلندي آهي۔۔۔
    ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جا مختلق قسم آهن۔۔ مثال طور۔۔ پليٽ فارم۔۔۔ سافٽويئر۔۔ اسٽوريج۔۔ ڊيٽا۔۔ ڊيسڪٽاپ وغيره جي سهولتن جي فراهمي۔۔
    هي دراصل ڪمپيوٽنگ جي اها شڪل آهي جنهن جو دارومدار انٽرنيٽ تي هوندو آهي۔۔ جتي توهان کي پنهنجي گهرج مطابق سافٽويئر يا ٻين ضرورت تائين پهچ مهيا ڪئي ويندي آهي۔۔
    ڪلائوڊ (جهڙ) جي شڪل 1990ع جي ڏهاڪي ۾ انٽرنيٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي۔۔ جيتوڻيڪ ان وقت ڪلائوڊ جو تصور واضح نه هو پر ان جي شڪل کي عام طور اهڙن ڪمپيوٽرز يا سرورز يا نيٽ ورڪس سان ڳنڍيو ويندو هو جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجن۔۔۔
    جيڪڏهن ڪلائوڊ جي بنيادي تصور کي ڏسون ته 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ايجاد ٿيندڙ فريم ڪمپيوٽر ان جو واضح مثال هئا۔۔ جن سان مختلف وڏن ادارن جا ڪمپيوٽر ننڍا ننڍا ڪمپيوٽر پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا هئا۔۔ ۽ هڪ مين فريم ڪمپيوٽر ٻين سمورن ڪمپيوٽرن کان ملندڙ هدايتن تي عمل ڪندو هو۔۔۔
    انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان ڊيٽا کي آن لائين محفوظ ڪرڻ جي خيال زور پڪڙيو۔۔ ته جيئن ان ڊيٽا کي جتان به ضرورت پئي محفوظ طريقي سان حاصل ڪري سگهجي۔۔ اڳتي هلي ڳالهه رڳو ڊيٽا کي آن لائين محفوظ ڪرڻ ۽ ڪنهن هڪ جڳهه تي موجود هجڻ نه رهي پر مختلف ايپليڪيشن کي به آن لائين فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو۔۔
    ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي ذريعي ڪافي فائدا ۽ آسانيون ٿي پيون آهن جن مان ڪجهه هتي پيش ڪجن ٿيون۔۔
    • توهان پنهنجي ڊيٽا تائين ڪنهن به ڪمپيوٽر، موبائيل فون يا انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ ٿيڻ وارين ڊيوائيسز ذريعي پهچ حاصل ڪري سگهندا آهيو۔۔
    • توهان کي پنهنجي مطلوبا ڊيٽا آن لائين محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي اي ميل ايڊريس تي موڪلڻ جي ضرورت نه رهندي۔۔ (ائين اڪثر اسان جو دوست عرس پريو ڪندو آهي۔۔)
    • پنهنجي ڊيٽا تائين پنهنجي مرضي سان ٻين دوستن، ساٿين يا عزيزن تائين پڻ پهچ ڏئي سگهجي ٿي۔۔۔
    • توهان جي اجازت مطابق ٻيا ماڻهون ڊيٽا کي صرف ڏسي يا ان ۾ ترميم ڪرڻ جي سهولتن جهڙا فائدا وٺي سگهن ٿا۔۔ اهڙي طرح ٽيم ورڪ يا ملي جلي ڪري ڪم ڪرڻ ۾ سهولت رهي ٿي۔۔۔
    • آن لائين امتحان يا ٻين منصوبن ذريعي وقت ۽ وسيلن جي بي پناهه بچت ٿي سگهي ٿي۔۔۔
    • ڪلائوڊ ۾ محفوظ ڊيٽا توهان لاءِ بيڪ اپ جو ڪم به ڏيندي آهي۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪنهن حادثاتي طور توهان جي هارڊ ڊسڪ ۾ موجدو ڊيٽا خراب ٿي وڃي يا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڊيٽا ضايع ٿي وڃي ته توهان پنهنجي ڪلائوڊ اسٽوريج ذريعي ساڳي ڊيٽا کي ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    هن وقت ڪمپيوٽنگ ڪلائوڊ جي سهولت مختلف ادارا پيش ڪري رهيا آهن جن ۾۔۔
    بيڪ اپ يا اسٽوريج لاءِ: گوگل ڊرائيو، ڊراپ باڪ، فورشيئرڊ، پڪاسا، فلڪر
    ايپليڪيشنس لاءِ: گوگل ڊاڪس، گوگل ايپس، مائڪروسافٽ لائيو
    ٻئي قسم جي مواد لاءِ: ايڇ پي، آئوٽ رائيٽ ڪلائوڊ، ڪلائوڊ پرنٽ

    هاڻي سوال پيو پيدا ٿئي ته مٿي ڏسيل ڪلائوڊ سهولتون ڏيندڙ ادارن مان اسان ڪيئن فائدا حاصل ڪريون۔۔؟ ان سوال جا مختلف حصا آهن۔۔ ۽ ان جي جواب جو انحصار ان ڳالهه تي آهي ته اسان ڪلائوڊ جو ڪهڙي قسم استعمال ڪري رهيا آهيون۔۔۔ جيڪڏهن اسان بيڪ اپ يا اسٽوريج لاءِ ڪنهن هڪ سروس جي چونڊ ٿا ڪريون ته ان صورت ۾ سڀ کان پهريان مطلوبا ويب سائيٽ تي پنهنجو کاتو کولڻ لازمي آهي۔۔۔
    مثال طور اسان گوگل ڊرائيو کي چونڊيو آهي ته سڀ کان پهريان اسان drive.google.com تي وينداسين جتي توهان کي گوگل اڪائونٽ ذريعي لاگ ان ٿيڻ لاءِ چيو ويندو۔۔ جيڪڏهن توهان وٽ جي ميل جو کاتو آهي ته توهان مطلوبا معلومات ڏيندي لاگ ان ٿي وڃو نه ته ٻي صورت ۾ نئون کاتو بڻايو۔۔۔
    گوگل ڊرائيو تي لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ توهان اڳيان گوگل ڊرائيو جو لنڪ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ نظر ايندو۔۔ توهان اتان گوگل ڊرائيو جو لنڪ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    ڊائونلوڊ ۽ انسٽاليشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ گوگل ڊرائيو جي نالي سان هڪ فولڊر بڻجي ويندو۔۔ اهو فولڊر اتي ئي بڻجندو جتي توهان کيس بنائڻ جي اجازت ڏيندو۔۔ مثال طور توهان چاهيو ٿا ته هي فولڊر ان ڊرائيو ۾ بڻجي جتي وڌيڪ اسپيس هجي ۔۔

    [​IMG]
    هاڻي توهان ان فولڊر ۾ جيڪي فائلون رکندا ويندو اهي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو ڪلائوڊ (يعني آن لائين سرورز) ۾ محفوظ ٿينديون وينديون۔۔ جنهن کان پوءِ توهان گوگل ڊرائيو جي مدد سان انهن فائيلن تائين پهچ ڪنهن به استعمال هيٺ ڪمپيوٽر ذريعي حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
    فرض ڪريو ته توهان وٽ مون وانگر هڪ ڪمپيوٽر گهر ۾ ۽ ٻيو ڪمپيوٽر آفيس ۾ استعمال هيٺ آهن۔۔۔ جڏهن ته ليپٽاپ يا سمارٽ فون جي ذريعي به انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهيو۔۔ ۽ توهان پنهنجي گهر جي ڪمپيوٽر ۾ هڪ فائيل تي ڪم ڪيو هو۔۔ ۽ ان فائيل کي گوگل ڊرائيو واري فولڊر ۾ محفوظ ڪيو هو۔۔ هاڻي توهان آفيس وڃي ساڳي فائي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا۔۔ ته جڏهن توهان پنهنجي آفيس جي ڪمپيوٽر تي پنهنجو گوگل ڊرائيو فولڊر کوليندو ته ساڳي فائيل اتي پڻ موجود هوندي۔۔ ۽ توهان ان ۾ آفيس جي ڪمپيوٽر تي ئي رهي ڪري تبديليون ڪري سگهندو۔۔۔ ان کان علاوه سفر جي دوران توهان پنهنجي ليپٽاپ يا سمارٽ فون ذريعي ان فائيل کي حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ اهو ساڳيو طريقو ڊراپ باڪس ۽ فورشيئرڊ تي پڻ استعمال ٿيندو آهي۔۔

    ساڳي طرح جيڪڏهن توهان ڪلائوڊ ايپليڪيشز جو جائزو وٺو ته ان لاءِ گوگل ڊاڪس يا مائڪروسافٽ لائيو جهڙا قابلِ اعتماد ڪلائوڊ موجود آهن۔۔ جتي مختلف ايپليڪيشنز ۽ سافٽويئر تائين پهچ ڏني ويندي آهي۔۔ ۽ انهن ئي پليٽ فارمز تي رهي ڪري مختل ڪم انجام ڏئي سگهجن ٿا جهڙوڪ۔۔ دستاويز، خط، ڊيٽا انٽري ۽ پريزنٽيشن وغيره تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ انهن تائين پهچ ڏئي سگهجي ٿي۔۔۔

    گوگل اپريل 2010ع کان وٺي ڪلائوڊ پرنٽ جي سهولت آڻيندي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ هڪ اهم پيش قدمي پڻ ڪئي آهي۔۔ گوگل ڪلائوڊ پرنٽ جي ذريعي توهان پنهنجي گهر يا آفيس جي پرنٽر کي ويب سان ڳنڍيندي دنيا مان ڪٿان به پنهنجا ڊاڪومينٽس پرنٽ ڪرڻ لاءِ انهن ئي پرنٽرز کي استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔ مطلب ته توهان ڪاٿي به موجود هجو ۽ ڪنهن فائل کي پرنٽ ڪرڻ چاهيو تٿ ته توهان پنهنجي ڪلائوڊ پرنٽر کي استعمل ڪندو ۽ ان طرح توهان جي گهر يا آفيس جي پرنٽر ذريعي ان فائيل جو پرنٽ نڪري ايندو۔۔۔

    جديد ويب برائوزر پڻ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ طرف قدم وڌائي چڪا آهن۔۔ جيئن گوگل ڪروم يا فائرفاڪس۔۔ ڪروم يا فائرفاڪس کي استعمال ڪندي جيڪڏهن توهان لان ان ٿيو ته توهان جي سموري ڊيٽا Synchronize ٿيڻ شروع ٿي ويندي۔۔ مثال طور توهان پنهنجي گهر جو ڪمپيوٽر استعمال ڪندي ويب برائوزر ۾ جيڪڏهن ڪا ويب سائيٽ کولي آهي ۽ اتي کاتو بڻائيندي پنهنجو نالو ۽ پاسورڊ محفوظ ڪيو آهي ته ٻيئ ڪنهن به ڪمپيوٽر تي ويهي جڏهن به پنهنجي ويب برائوزر ۾ لاگ ان ٿيندو ته تمام محفوظ ڪيل تفصيل ان تي موجود ملندا۔۔ يا جيڪڏهن توهان پنهنجي ويب برائوزر ۾ ڪا ايپليڪيشن يا ايڊان انسٽال ڪيو آهي ته توهان جي استعمال هيٺي سمورن ڪمپيوٽرز جي ويب برائوزر تي پڻ اهي موجود ملندا۔۔۔ يعني جيڪڏهن توهان گهر جي ڪمپيوٽر سنڌ سلامت جو تيار ڪيل سوشل نيٽورڪس تي درست سنڌي ڏيکاريندڙ SSRead ايڪسٽينشن انسٽال ڪيو آهي ته اهو آفيس واري ڪميپٽر جي برائوزر تي لاگ ان ٿيندي ئي پاڻ مرادو انسٽال ٿي ويندو۔۔
    ساڳي طرح جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪنهن به ڪمپيوٽر جي ونڊوز ٻيهر ڪئي آهي ته توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي سيٽنگ ٻيهر ڇيڙڻي نه پوندي پر توهان کي رڳو لاگ ان ٿيڻ سان برائوزر پهرين واري حالت ۾ سمورن ايڪسٽينشنس ۽ بوڪ مارڪ سميت واپس ملندو۔۔۔

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]


    ته پوءِ انتظار ڇاجو۔۔۔؟ هاڻي ئي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ مان فائدو حاصل ڪريو۔۔ ۽ ها ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ کي جهڙن يا بادلن واري ڪمپيوٽنگ سمجهندڙن کي به سيکاريو۔۔۔ :)
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين معلومات ادا
    جاري رکجو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين سمجهاڻي آهي ادا ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ بابت

    اهري سمجهاڻي پيس ڪرڻ تي توهان جس لهڻو


    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تمام بهترين۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو