ڪَڍِيَا جَي ڪُلَالَ، سَي پَسِي خَالَ خُوشِ ٿِئَي پَاڻِيءَ چِٽَ پُسَائِيَا، ڌَاءَ نَہ جَهلِي ڌَمَالَ سُپَڪَ ڀَانئِيَا سُهِڻِيءَ، جَوڀَنَ جَي جَمَالَ آڪَي جَا اَحَوَالَ، مَعَلُمُ ٿِيَا مِهِرَاڻَ ۾ سُرُ سُهِڻِي ڪُلَالَ = ڪُنڀَرُ پَسِي = ڏِسِي خَالَ = چِٽَ، نقش، گُلَ ڌَاءَ = گيڙو رنگ _ دلي مٿان چِٽَ ڪڍڻ لاءِ ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل رنگُ جَهلَي = سَهِي سگهي ڌَمَالَ = چوٽَ، ڌَڪُ، سَٽَ سُپَڪَ = سُٺا پڪل جَوڀَنُ = ڦوھ جواني، نئين ساماڻيل جَمَالَ = حُسُنُ، سونهَن سوڀيا، سندرتا، حسناڪي آڪَي = ڪچي دِلَي اَحَوَالَ = حَالَ، حالت مَعَلُمُ = معلوم مِهِرَاڻُ = سنڌو درياھ _ تڏهن سنڌ کي واديِ مهراڻ چوندا آهن بيت جو پس منظر ~ ڪنڀر جيڪي دلي کي پچائڻ کان اڳ چِٽَ ۽ گُلَ ٺاهيا هئا تن کي سهڻي ڏسيخوش پئي ٿئي. ~ درياھ جي پاڻيءَ سي سڀ چٽ پسائي ڇڏيا، سڀ رنگ ۽ گل پاڻيءَ جي سَٽَ سهي نہ سگھيا. ~ سهڻيءَ پنهنجي سونهَن ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ سمجهيو هو تہ هي پڪلدلو آهي. ~ کيس درياھ ۾ لهڻ کان پوءِ خبر پئي تہ دلو ڪچو آهي. سمجهاڻي جيئن مکڙيءَ مان گلاب ۽ رابيل ٽڙندا آهن، جيئن انب ٻورُ جهليندا آهن، جيئن سرنهن ڦولاربي آهي ايئين ئي هر شئي فطري ۽ ارتقائي مرحلن مان گذري پنهنجي جوڀن ۽ ڦوھ جوانيءَ کي پهچي ٿي. اڄ سهڻي بہ پنهنجي جوڀن ۽ ڦوھ جوانيءَ کي پهچي چڪي آهي. سندس ناسي نيڻن ۽ خماريل اکڙين ۾ نينهن جا نشا نماياننظر پيا اچن. سهڻيءَ پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ ڪچي دلي تي ڪنڀر جا ٺاهيل چٽ ۽ گل ڏسي سرهائي محسوس ڪئي ۽ سمجهيائين تہ دلو پڪو آهي. جڏهن دلو کڻي درياھ حوالي ٿي تہ سڀ چٽ ۽ گل پاڻيءَ پسي لڙهي لهرن حوالي ٿيا.سهڻيءَ کي پوءِ خبر پيئي تہ آئون پڪي دلي جي بجاءِ ڪچو دلو کڻي آئي آهيان. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛ واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛ ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گھڻو ئِي گھورِيان. سُر سهڻي
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛ رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. سُر سهڻي