خدابخش جويو( تعارف) الطاف ملڪاڻي نامياري صحافي، ڪيليگرافر، سماجي ۽ قومي ڪارڪن خدابخش جويي ولد محمد موسيٰ جوئي سن ضلعي ڄامشوري ۾ 16.5.1961ع تي سن ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول سن مان حاصل ڪئي. اپريل 1981ع مئٽرڪ هاءِ اسڪول سن مان پاس ڪئي. 1985ع ۾ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۽ 1979ع ۾ بي اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. خدابخش جويو ننڍي عمر کان ئي مختلف سماجي ڪمن سان لاڳاپيل رهيو. 1981ع ۾ ٻارڙن جي تنظيم ”لطيف سنگت“ جو پهريون مرڪزي صدر ٿيو. هن 1983ع کان روزانه مهراڻ ۾ ڪيليگرافر طور سراج الدين ڀٽي کان سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ گڏوگڏ صحافت جي شروعات ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ ڪجهه وقت سنڌ نيوز ۽ پوءِ عبرت ۾ شام جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجو ڪيل خطاطي جا نمونا کڻي جناب حميد آخوند (جيڪو ان وقت ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر هو) سان سنڌ ميوزم ۾ مليو ۽ کيس پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريءَ لاءِ عرض ڪيائين. جنهن سندس خطاطي جا نمونا ڏسي پهريان چيو ته اسان وٽ ڪيليگرافي جي پوسٽ ڪانهي. اهو جواب ٻڌي نروس ٿي ويو ۽ واپس وڃڻ لڳو ته جناب حميد آخوند کيس سڏ ڪيو ۽ چيو ته ها ياد اچي ويم اسان وٽ هڪ ڪيليگرافر جي پوسٽ شمش العلماءَ داد پوٽه لائبريري ۾ آهي. حميد آخوند کانئس درخواست ورتي ۽ ان تي نوٽ هڻي چيو ته وڃ. وڃي لائبريري ۾ ڪم ڪر. اهڙيءَ طرح کيس شمس العماءُ دائودپوٽه لائبريري ۾ ڪيليگرافر طور نوڪري ملي وئي. خدابخش جويو ڏينهن جو شمس الماءَ دائود پوٽه لائبريري ۾ ڊيوٽي ڪندو هو ۽ شام جو عبرت اخبار ۾ پڻ ڪم ڪندو هو. ان دوران کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هن ٻاراڻي شاعري به ڪئي جيڪا سندس ٻالڪ پڻ جي دور ۾ عبرت ۾ شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي ٻاري ۾ ڇپجندي رهي. ان کان سواءِ ڪهاڻيون به لکيائين. جيڪي عبرت سان گڏ شايع ٿيندڙ ڪاش مئگزين (جنهن جو ايڊيٽر غني درس هو) ۾ شايع ٿيون. هو هڪ سٺو ڪيليگرافر پڻ آهي. 1986ع کان 1997ع تائين شمس العلماءَ دادپوٽه لائبريري ۾ ڪيليگرافر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1991ع ۾ جڏهن سنڌي ليگويئج اٿارٽي قائم ٿي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ تي هن سنڌي لئگنيج اٿارٽي جو مونو گرام ٺاهيو. خدابخش جوئي، سيد جلال محمود شاهه سان گڏجي باقاعده سماجي ۽ سياسي ڪمن جي شروعات ڪئي. ان ڪري عبرت ۽ شمس العلماءَ دادپوٽه لائبريري جي نوڪري ڇڏي ڏني هئي ۽ 25.6.1996 تي سن شهري ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاه جي دور ۾ سن واري واقعي (29 جون 1996ع سبب) سيد جلال محمود شاهه خلاف رياستي ڏاڍ ۽ ڪاروائي ڪئي وئي. ۽ جنهن ۾ سيد جلال محمود ۽ خدابخش جوئي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. ان وقت خدابخش جويو 5/6 سال روپوش رهيو. جنهن کان پوءِ ممتاز علي خان ڀٽي جي نگران حڪومت ۾ ڪيس ختم ٿيو.97_98 ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ کيس سب ڊويزن ڪوٽري جي خدمت ڪميٽي جو ميمبر ڪيو ويو. ان کان پوءِ خدابخش جويو 2001ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ سيد جلال محمود شاهه جي سنڌ دوست پينل تان مقابلي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽيو. ۽ تعلقي ناظم ڪوٽڙي ٿيو. جنهن کان پوءِ سيد جلال محمود شاهه جي رهنمائي ۾ واٽر سپلاءِ ۽ ٻيا ترقيءَ جا ڪم ڪرايائين. تعلقي ناظم ڪوٽڙي جي عهدي سنڀالڻ وقت تعلقي ميونسپل ڪميٽي کي مرڪز طرفان پهريان صوبي ۽ پوءِ ضلعي ڪائونسل جي معرفت 6 لک 16 هزار لوڪل ٽيڪس ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس جي مد ۾ قسط ملندي هئي جڏهن ته ملازمن جون پگهارون 8 لک ڏيڻيون پيون ٿي. ۽ ادارو خساري هيٺ هو. نئين ناظمي نظام اچڻ وقت اهڙي صورتحال اڪثر سنڌ جي ٻين بلدياتي ادارن جي به هئي. ان ڪري پاڻ سموري سنڌ جي تعلقي ناظمن سان رابطي ۾ رهيو. ۽ آل تعلقا/ ٽائون ناظم الائنس جوڙايائين جنهن جو صدر غلام مصطفيٰ خاصخيلي (تعلقو سامارو) ۽ پاڻ آل تعلقا/ ٽائون ناظم الائنس جو مرڪزي پريس سيڪريٽري ٿيو. ۽ سنڌ جي تعلقن جي ڪاروهنوار هلائڻ جي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اين آر بي ۽ مرڪزي توڙي صوبائي فناننس محڪمن کي محسوس ڪرائڻ جي لاءِ تحرڪ ورتو نتيجي طور 2014ع جي آخر ۾ تعلقن کي صوبي کان سڌيءَ طرح قسط ملڻ جو مطالبو پورو ٿيو. ۽ تعلقن جي بجيٽ ۾ ضرورت مطابق واڌارو ڪرڻ وارو مطالبو به پورو ٿيو سندس ايامڪاري ۾ سڀ کان وڏو بنيادي مسئلو پيئڻ جي پاڻيءَ جو هو. جنهن کي هن محنت ۽ ذاتي دلچسپي سان حل ڪيو جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. (1) ڪوٽڙي شهر کي پيئڻ جي پاڻي جو ذريعو سنڌو ندي هو. جنهن ۾ بدقسمتيءَ سان 10،15 سالن کان درياءَ ۾ پڇڙيءَ جي ڪري پاڻي نه اچڻ ڪري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ڄامشورو وٽ ڪوٽڙي بئراج جا دروازا بند ڪري پاڻي جو وڏو ذخيرو گڏ ڪري ڪراچي فيڊر، ڦليلي واهه ۽ پنڃاري واهه ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو هو جنهن ڪري ڪوٽڙي شهر کي صاف وهندڙ پاڻي ميسر نه ٿي سگهندو هو ۽ ڪوٽري شهر ۽ حيدرآباد وچ تي قائم ريلوي پل جي هيٺان سم جو پاڻي درياءُ ۾ دٻي جي صورت ۾ گڏ ٿيندو هو جيڪو سالن کان وٺي اهو پاڻي شهرين کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ شهر ۽ آس پاس جا ماڻهو اڪثر ڊائريا جي بيماري ۾ ورتل هوندا هئا . 2012ع ۾ ان پاڻي جي واپرائڻ سبب شهر ۽ ان جي آس پاس جي ماڻهن ۾ ڊائريا جي خطرناڪ بيماري پکڙجي وئي. تعلقي اسپتال سميت خانگي اسپتالن ۾ مريضن جي رش وڌي وئي. ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هن شهرين جي گڏيل تعاون سان ميونسپل آفيس کي پڻ هنگامي طور تي اسپتال بنايو ۽ انتظامي طور هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي پڻ تحرڪ ۾ آندو ۽ شهرين پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي دوائون فراهم ڪيون ۽ ڊاڪٽرن 24 ڪلاڪ رضاڪارانه طور تي ڊيوٽيون ڏنيون. شهر ۾ قائم اين جي اوز کان علاوه چونڊيل نمائندن کي انساني همدردي جي بنياد تي سرگرم ڪيائين. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي اتان پاڻي فراهم ڪرڻ جي بجاءِ ڪراچي واه يا ڪي بي فيڊر واهه مان شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتائين. خوشحال پاڪستان اسڪيم فيز III جي رقم سان فيڊر کان پاڻي جي فراهمي جي اسڪيم منظور ڪرايائين. (2) خورشيد ڪالوني ڪوٽڙي ۽ سڪندرآباد ڪالونين ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڻي جي فراهمي تسلي بخش نه رهي هئي، ان جي ڪيپيسٽي وڌائڻ خاطر خوشحال پاڪستان فيز III مان 47 لک 50 هزارن جي لاڳت سان اسڪيم منظور ڪرايائين. (3) ڪوٽڙي کان ٺٽو روڊ ۽ ريلوي پٽڙي جي وچ واري پٽي تي واقع آبادي جيڪا اسدآباد جي نالي سان منسوب آهي، اتي پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت موجود نه هئي، ماڻهو ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي حاصل ڪندا هئا. ان علائقي ۾ پاڻي جي ضرورت کي مدنظر رکندي ڊيرا اسڪيم مان 54 لک روپين جي لاڳت سان اسڪيم منظور ڪرايائين. (4) خدا جي بستي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن سان لاڳاپيل سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٽول پلازه تائين 7 ڪلو ميٽرن تائين پاڻي جي فراهمي 20 سال اڳ پراڻي قائم ٿيل هئي. جنهن جون پائيپ لائينون خراب ۽ خسته حالت ۾ ٿي ويون هنيون مشنري ۾ روزانه فالٽ ۽ پائيپ لائينن جي ڳري وڃڻ جي ڪري پاڻي جي فراهمي ۾ وڏيون رڪاوٽون پئجي رهيون هنيون جيتوڻيڪ ان علائقي ۾ پاڻي پهچائڻ جي ذميواري جو اختيار سيوهڻ ڊولپمينٽ کي هو پر ماڻهن جي ڀلائي خاطر هن سيف اينيول پروگرام جي فنڊن مان 10 لک روپيا منظور ڪرايا. جنهن سان ڪافي حد تائين خراب ٿيندڙ موٽر ۽ بجلي جو مسئلو حل ٿيو. (5) ڄامشورو ڦاٽڪ ڀريا وليج ۾ 20. 26 سال اڳ ان وقت جي آبادي جي حساب سان پبلڪ هيلٿ طرفان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم ٺاهي وئي هئي. ان علائقي ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، ايل ايم سي ڪاليج ۽ سينڊوز جهڙن ادارن سبب اتي تيزي سان آبادي وڌي رهي هئي ۽ پراڻي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ذريعي پاڻي جي فراهمي ناقص ٿيندي پئي وئي. ان ڪري ان جي واڌاري لاءِ سيف پروگرام جي طرفان 46 لک جي رقم جي لاڳت سان واڌو ڪم منظور ڪرايائين. (6) ڪوٽڙي لڳ علوداڻي کوسو ۾ 39 لک جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ڪرايائين. (7) تعلقي ڪوٽري جي ڳوٺ مير محمد کوسو (هن وقت تعلقو مانجهند) ۽ ان سان لاڳاپيل ڳوٺن کي 36 لک 25 هزار جي رقم سان واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ڪرايائين. (8) نورپور، سرائي سولنگي ۾ پبلڪ هيلٿ طرفان 17 لک 30 هزار جي لاڳت سان پاڻي جي فراهمي لاءِ نون بورن جو ۽ ڳوٺن ۾ نيون پائيپ لائينون وجهرايون. (9) ڳوٺ وڏا گائينچا کان ڳوٺ ننڍا ڇڇر تائين پاڻي جي فراهمي لاءِ 6 لک روپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم ڪرايائين ۽ ڳوٺ وڏا گائينچا جي ماڻهن کي 35 لکن سان واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل ڪرائي ڏنائين. (10) قديمي ۽ تاريخي شهر آمري جنهن جا آثار ٻڌائين ٿا ته 7000 قبل مسيح ۾ اتان جا ماڻهو تهذيب يافته هئا، جتان هزارين سال پهرين ڊرينج سسٽم ۽ پڪين گهٽين جا ثبوت مليا هئا. پر سندس دور ۾ اهي سهوليتون ميسر نه هيون. هن ان تاريخي شهر آمري کي بچائڻ لاءِ 35 لکن جي رقم سان ڊرينج سسٽم ۽ پڪيون ناليون ٺهرايون. نئين ضلعي نظام مروج ٿيڻ کان پوءِ جڏهن تعلقي ڪوٽڙي اندر ڪن ڏوهاري ماڻهن ۽ پوليس ۽ سياسي پنڊتن جي ڳٺ جوڙ ذريعي تعلقي جي شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو ۽ سياست جي جاگيردارانه رويي جي پيش نظر ماڻهن جون چوريون ۽ ڌاڙا هڻائڻ ۽ اغوا جي نالي ۾ چٺيون ڏيارڻ، غريبن جي زمينن ۽ گهرن تي قبضا ڪرائڻ، منشيات فروشن ۽ ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پريشان ڪرڻ، جيڪو سرداري نظام ۾ عام معمول هو. جيڪو دادو ضلعي جي پٺتي پيل علائقن ۾ مروج هو ۽ آهي. ان معاملي کي وڌائي ڪري تعلقي ڪوٽڙي جي بتدريج پڙهيل، لکيل ۽ سنڌين مٿان نئين ضلعي نظام جي نالي ۾ مسلط ڪيو پئي ويو ته هن تعلقي ڪوٽري جي متاثر عوام ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏجي ان جي خلاف ”پبلڪ سيفٽي ايڪشن ڪميٽي“ ٺاهي. پبلڪ سيفٽي ايڪشن ڪميٽي ۾ ساڻس گڏ ان وقت جي ناظم يونين ڪائونسل لاکا جو محترم نياز حسين کوسو، نائب ناظم يونين ڪائونسل لاکا محترم يار محمد ميمڻ، ناظم يونين ڪائونسل سن جو محترم سيد عبدالله شاهه، نائب ناظم محترم عبداللطيف سولنگي، ناظم يونين ڪائونسل آمري جو محترم پير بخش ڇڇر نائب ناظم يونين ڪائونسل آمري محترم غلام حيدر ڀچو شامل هئا. ان ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان متاثرين عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي متحرڪ ڪري ايجيٽيشن هلايائين. حقيقت ۾ نئين ضلعي نظام، خاڪي جي پيش نظر ٺاهيو ويو هو ته اختيارات جي منتقلي هيٺئين سطح تائين ٿيندي ۽ يونين ڪائونسلس سطح تائين ماڻهن جي مسئلن کي چونڊيل نمائندن ذريعي فوري طور تي حل ڪيو ويندو پر ان جي برعڪس خاص طور تي پوليس جو نظام وڌيڪ ڪرپٽ ۽ نااهل ۽ وڌيڪ مرڪزي نوعيت جو بنجي ويو هو. ان جي ڪري تعلقي ڪوٽڙي جو عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي ساڳي صف ۾ بيهاريو پئي ويو. عوام جي مال ۽ عزت جو تحفظ ذري گهٽ ناممڪن بنجي ويو هو. جنهن جا چند هيٺيان مثال هئا: 1. ڳوٺ سونهري لڳ آمري ۾ هڪ ماڻهو نالي امير بخش ولد علي رند، نواز علي برهماڻي ولد الهڏتو برهماڻي کي مشهور ڌاڙيل عالي کوسي جي نالي سان چٺي ڏني وئي. جنهن ۾ کانئس 50000 رقم جي گهر ڪيل هئي. ٻي صورت ۾ اغوا ٿيڻ جي ڌمڪي لکيل هئي. بروقت چٺي آڻيندڙ کي پڪڙي آمري پوليس جي حوالي ڪيو ويو. جن کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي. اهڙي رپورٽ ايس ڊي آءِ آمري ۽ ايس پي ڪوٽڙي کي پڻ ڏني وئي. پر نه ڏوهه جي جانچ ڪئي وئي نه ڏوهه خلاف ڪاروائي ڪئي وئي. نتيجو اهو نڪتو جو ان علائقي ۾ شريف ماڻهو چٺين جي ذريعي رقمون ڏئي پنهنجي عزت بچائيندا رهيا ۽ لوفر ۽ چور ماڻهو کليو کلايو ڏوهه ڪندا ۽ گمهندا رهيا. 2. يونين ڪائونسل سن جي حد ديهه ڀنڀرا ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ زمين جي قبضي تي خونريز جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي پوليس ٻنهي ڌرين کي جهيڙي کان پوءِ زمين تي نه وڃڻ جو چيو. نئين پوليس عملدار جي اچڻ سان هڪ دفعو وري ٻيهر هڪ ڌر شروعات ڪئي ۽ فساد جي جڙ کي وڌايو ويو. 3. شالماڻي لڳ سن مان ڪجهه ماڻهن هٿيارن جي زور تي هڪ غريب ماڻهو ڪوڙو برهماڻي جي معصوم نياڻي جو اغوا ڪيو ويو. جنهن جو برقت فرياد پوليس ٿاڻي ڇڇر تي ڪرايو ويو. جنهن ۾ ڏوهارين جا نالا پڻ درج ٿيل هئا. جنهن جي ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي. ۽ ڏوهاري لوفر ماڻهن کي سياسي پٺڀرائي هجڻ ڪري پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. 4. سن جي علائقي ۾ ڪافي عرصي کان منشيات فروش گروهه سرگرم عمل هو. جنهن سڄي علائقي جي نوجوانن، ٻارن ۽ پڻ عورتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو هو. جنهن جون چونڊيل نمائندا، شهري دانهون ڪندا رهيا، ڪجهه وقت منشيات تي ضابطي بعد وري انهن منشيات فروشن پنهنجا ڪر کنيا ۽ وري ماڻهن جو جيئڻ جنجال بنائي وڌو. ڇو ته کين علائقي جي معتبر سياسي ڌرين جي پشت پناهي حاصل ٿي وئي هئي. 5. ڪجهه جاگيردارن ۽ سردارن ۽ انهن جي ڪارندن جي ڳٺ جوڙ سان ديهه ڇڇر جي غريب هر هارين ۽ آبادگارن جي زرعي زمين کي هڙپ ڪرڻ لاءِ هڪ سازش ٺاهي وئي. جنهن ۾ مختيارڪار ڪوٽڙي ۽ پوليس عملدار آمري ۽ ڪجهه علائقي جي بدنام زمانه ڏوهاري شامل هئا. جنهن موجب سانگهڙ ضلعي جي هڪ جاگيردار طرفان لڳ ڀڳ 40 سال اڳ ۾ وڪرو ڪيل زمين کي پرپٺ کاتا مٽرائي آر بي او ڊي نالي ٺهندڙ نالي ۾ وڪرو ڪرڻ جي سازش بنائي وئي. 6. ان سلسلي ۾ ضلعي جي نمائندن جي چوڻ تي آمري پوليس ۽ مختيارڪار ڪوٽڙي گڏجي روينيو مسئلي تي ڪچهري ڇڇر ٿاڻي جي حدن اندر ڪرائي. جنهن مان صاف ظاهر هو ته پوليس کي ان سڄي ڪارستاني ۾ ضلعي جي هڪ معتبر نمائندي جو هٿ صاف نظر اچي رهيو هو. ان تي پبلڪ سيفٽي ائڪشن ڪميٽي چتاءُ ڏنو ته اسان جي عوام کان ووٽ وٺي انهن جي مفادات جي خلاف ڪم ڪندڙ اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪن ۽ عوام خلاف ڪم ڪندڙ ڪنهن به اهڙي ڌر جو ساٿ نه ڏين ورنه عوام اوهان خلاف اٿي کڙو ٿيندو جو روينيو کاتي سياسي حيثيت رکندڙ جي ماتحت ان جي حڪم تي اهڙو عمل ڪيو هو. جيڪو سراسر عوامي مفادن جي خلاف هو. 7. نانگو لائين شهر ڪوٽڙي ۾ ڏينهن ڏٺي 10 وڳي ڪجهه دهشت گرد سنڌي اسڪول ڀرسان ريلوي گارڊ عبدالستار ٻرڙي جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي عبدالستار ٻرڙي بروقت مڙسي ڪري، ٻن هٿياربندن سان هٿين پئجي ويو جنهن ۾ هڪ دهشت گرد مدد علي ولد حاڪم علي کي قابو ڪري ورتو. جڏهن ته ٻيا دهشتگرد کيس زخمي ڪري گهر کان ٻاهر ڀڄڻ لڳا ته پاڙي وارن هڪ دهشتگرد ذوالفقار علي کي پڪڙي ورتو. ٻن دهشتگردن کي بروقت سرزمين تي پڪڙي وٺي ڪوٽڙي پوليس جي حوالي ڪيو. جن کانئس بروقت مالڪن اڳيان جانچ ڪري باقي ٻن ڀڳل دهشتگردن جا نالا معلوم ڪيا. جن مان هڪ نالي راهب ولد غلام علي جيسر سندن پاڙي جو فرد ثابت ٿيو. ان وقت کان وٺي ان ڏوهاري ۽ ان جي مائٽ صوبيدار سليمان جيسر کي پشت پناهي ۽ سرپرستي ڏيندڙ شهر جي معتبر سياسي اڳواڻ ڪيس کي خراب ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ رڌل هو. پر خدابخش جويو (راقم الحروف) پبلڪ سيفٽي ايڪشن ڪميٽي کي متحرڪ ڪري انهن زيادين خلاف جهاد ڪيو. خدابخش جويو جو تعلق سيد جلال محمود شاه سان ذاتي ۽ سياسي آهي. هو هن وقت به سيد جلال محمود شاه سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ آهي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺهڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ضلعي ڄامشوري جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ هن وقت به سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ميمبر آهي ۽ هر مهيني نڪرندڙ مئگزين سنڌ ايڪتا جو چيف ايڊيٽر آهي. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۾ فري لانسر طور لکندو رهندو آهي. (الطاف ملڪاڻي)
ڪي ماڻهون رڳو ڄمندا... زندگي گذاريندا ۽ وفات ڪري ويندا هوندا پر ڪجهه ماڻهون پنهنجي مختصر زندگي کي اهڙو گذارين جو امر ٿيو وڃين... سندن ڪم صدقه جاريه بڻجي کين نه صرف ثوابِ دارين ڏيندا رهن پر سندن نالو ماضي ٿيڻ نه ڏين... محترم خدابخش جويو به اهڙن ئي مهان ماڻهن مان آهي.. کين سنڌ سلامت تي ڀلي ڀاڪرين ڀليڪار ڪجي ٿو... ۽ اميد رکجي ٿي ته حاضري برقرار رکندي پنهنجي قيمتي لفظن سان نه رڳو سنڌ سلامت جرڪائيندا رهندا پر هتي ايندڙ رڪنن کي به زندگي گذارڻ جي اصل فلسفي بابت آڳهي ڏيندا رهندا..
سائين ايتري مڃتا جو ته مستحق ناهيان،اهان جو اهو وڏ پڻ آهي. جو سنهري الفاظن سان نوازيو اٿو. اوهان جا لک ٿورا. مون جيڪي ڪجه لکيو آهي ان مان اهڙيون شيون ”سنڌ سلامت“ تي شيئر ڪندس جيڪي ڪنهن قدر منفرد ، پوشيده ۽ اهم هجن.اها ڪوشش ڪندس.اوهان جي همت افزائي جي مهرباني.
محترم سائين خدا بخش جويي صاحب کي سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي. ان کان اڳ ئي اوهان جا خوبصورت مضمون ۽ لکڻيون سنڌ سلامت جي زينت بڻجي چڪيون آهن. انسان ايندو ته آهي هن دنيا ۾، ڪيئي اچن ٿا پر صرف انهن جو نالو رهي ٿو جيڪي ٻين لاء جيئن ٿا يا ٻين لاء ڪجهه ڪري وڃن ٿا. سماجي خدمت ڪندڙ ماڻهن جو دل سان احترام ڪندو آهيان ۽ اهڙا ماڻهو قابل عزت هوندا آهن. اسان جي خوشنصيبي آهي جو اوهان هن فورم يعني سنڌين جي فورم ۾ سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء جستجو ۾ آهيو. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا شيخ اياز
محترم سليمان وساڻ صاحب، اسلام عليڪم . منهنجي تعارف تي اوهان جا ڪمينٽس پڙهي نهايت خوشي ٿي. اوهان جون لکڻيون،وغيره منهنجي مطالعي هيٺ رهنديون آهن، اوهان جي بلاگ جو به سير ڪيو آهي اوهان جون محنتون قابل تحسين آهن. فيس بوڪ ّذريعي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن جي تصويرن مان به اوهان جي جهلڪ نظر ايندي آهي.اوهان جي جستجو ۽ محنت ساراه جوڳي آهي ، اميد ٿا ڪريون ته اوهان ان اسپيڊ سان ادبي ڪم کي جاري رکندا ايندا. اوهان جا وڏا وڙ ۽ لائق جو مون حقير جي تعارف تي تبصرو ڪيو اٿو. وڏيون مهربانيون.
سائين توهان کي سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. توهان جو تعارف پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. اسان کي توهان جي سنهري لکڻين جو انتظار رهندو. اميد ته علم ۽ عرفان جو هي سفر جاري رهندو. منهنجو بلاگ وزٽ ڪريو
محترم سائين خدا بخش جويو صاحب جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اسان جي سٿ ۾ هڪ سهڻو ساٿي شامل ٿيو آهي، مان سائين جي تعارف پڙهڻ کان اڳ سائين جون مختلف لکڻيون مطالعي هيٺ آنديون ته ان مهل ئي محسوس ڪيو ته سائين جن هڪ غير معمولي شخصيت آهن سائين جي لکڻين ۾ ايڏو رومانس ايتري ڪشش اهو سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو ته سائين خدا بخش صاحب وڏين صلاحيتن جا مالڪ آهن.. کيس الله پاڪ وڏي ڄمار عطا ڪري . آمين ۽ سنڌ سلامت تي اهڙي ريت محبتون ونڊيندا رهن.