تاريخ جا هِي لعنتي ڪردار! ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2015۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تاريخ جا هِي لعنتي ڪردار!
    مصطفيٰ جتوئي
    (فيس بوڪ)
    ڪراچي ۾ سالن کان رهندي غير سنڌي ماڻهون سان " ڪراچي اور سنڌ" جي اصطلاح تي اڪثر جذباتي انداز ۾ بحث ڪرڻو پوي ٿو، پر اڄ سنڌ جي وزير اعلي اسيمبلي فلور تي بيهي ڪري واضح لفظن ۾ هڪ دفعو نه پر انيڪ دفعا پنهجي سرڪاري تقرير ۾ چوندو رهيو ته " گرمي وگهي نه صرف ڪراچي ۾ بلڪه سنڌ ۾ به کوڙ سارا ماڻهون گرمي وگهي مئا آهن" لعنت هجين انهن جي ٻوٿن تي، جو اچ غير سنڌي به اسان کي ڪاوڙ ۾ پيا چون ته اسان جي اصلاح بعد ۾ ۽ گاريون پو ڏجو پهريان پنهجن سنڌين ۽ حڪمرانن جي اصلاح ڪريو ۽ انهن کي چئو ته سنڌ ۽ ڪراچي کي هڪ سمجهن.
    انسان جي اندر ۾ جيڪو ڪجه هوندو آهي ۽ هو جيڪو ڪرڻ چاهيندو آهي پر اخلاقي مجبورين جي ڪري نه ڪري سگهندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به اهو ڦاٽ کائي وجهندو آهي ۽ لاشعوري طور تي پنهجي ان خواهش جو اظهار ڪري وجهندو آهي، سنڌ جي ڪاري تاريخ جا هي لعنتي ڪردار هاڻ اهڙا لفظ چئي ڪري يا ته سنڌي ماڻهن جو پاڻي ڪڇڻ ٿا چاهين يا پوء هاڻ ان منصوبي لاء سرڪاري سطح تي برين اسٽارمنگ ٿا ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. پي پي پي طرفان اڃاتائين ان معاملي تي ڪوبه پاليسي بيان سامهون نه آيو آهي ۽ نه وري سنڌ پرستي جو ڍونگ ڪندي ماضي ۾ اهڙن لفظن تي نصرت سحر کي اکيون ڏيکاريندڙ نثار کهڙوهن دفعي ڄڻ گونگو ٿي ويو هجي ۽ چار دفعا اها بڪواس ڪرڻ باوجود پنهجي "لاش زده باس" کي درست نه ڪرايو...
    (1) سنڌ جي ٻه ٽڪر ٿيڻ سان پي پي پي کي فائدا:
    سنڌ جي ورهاي سان ڪراچي کي ڇڏي ڪري باقي حصي ۾ پي پي پي مخالف پارٽي نه هجڻ ڪري تاحيات ڀاء ڀيڻ جي حڪومت جو رهڻ.
    (2) ڪراچي کي ڇڏي ڪري باقي علائقن ۾ ميڊيا خاص ڪري اردو ميڊيا جي تعصبانه رويي جي ڪري ڀاء ڀيڻ جي ڪرپشن تي ڪنهجي نظر نه پوڻ.
    (3) ڪراچي اسٽيبلشمينٽ وارن جي حوالي ڪري صوبي جي باقي ٽڪري تي بغير ڪنهن پڇاڳاڇا جي تاحيات ڀاء ڀيڻ جي بادشاهانه حڪمراني ڪرڻ.
    (4) سنڌي ماڻهن جي ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ روڪڻ ڇاڪاڻ ته اربن مائيگريشن سان عام ماڻهو جي شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ اهو ڳالهائڻ جي جرئت ڪري ٿو.
    پروڏيرن جي وچ ۾ رهڻ، مسئلن ۾ جڪڙيل هجڻ سان غريب ماڻهون رئيس جي حاضري نه ڀريندو ته جان نه ڇٽندي، ان لاء اهو پي پي پي جو تاحيات غلام رهندو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    لعنت هجين انهن جي ٻوٿن تي،
    انهن کي ڪهڙي ٿُڪ بجو ڪجي جيڪي ڦري ڦري ووٽ اهڙن ڪمينن کي ٿا ڏين ؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو