راشد مورائي : سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    راشد مورائي : سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر

    سليمان وساڻ

    سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اهڙا ڪيئي شاعر ملندا جن پنهنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو آهي۔ اهڙي ئي عظيم شاعرن مان هڪ سنڌ جي ساهتي پرھڻي جي موري شهر سان تعلق رکندڙ راشد مورائي پڻ آهي۔
    سنڌ جي هن سريلي شاعر راشد مورائي 5 مارچ 1944ع تي مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. راشد مورائي سونهن، عشق، مذاهمت ۽ انقلاب جو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين نقاد ۽ اديب پڻ آهي۔ راشد جا گيت ۽ غزل سنڌ جي سڀني فنڪارن ڳائي داد حاصل ڪيو آهي۔ راشد پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي۔
    سندس شاعري ۽ لکيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن ۽ خاص ڪري نوجوان ، تبديلي پسند ۽ شاگرد کيس پنهنجو شاعر سمجهندا آهن۔ سندس شاعريء جا ڪتاب ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”مينديءَ سندا کيت“، ۽ ”دل جو شهر“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا آهن۔ جڏهن ته راشد مورائي جو سهيڙيل خطن جو ڪتاب - خط خوشيءَ مان کول پڻ ڇپجي چڪو آهي۔ جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل تخليقي مواد تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، ڇپائي جا منتظر آهن۔ راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
    راشد مورائي 11 مارچ 2014ع تي بيماريءَ سبب اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ داخل رهيو پر موت جي فرشتي 24 مارچ 2014ع تي راشد مورائي اسان کان کسي ورتو.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    راشد مورائي

    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
    ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
    انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
    جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
    ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
    جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
    ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
    سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ياد جي روشنيءَ ۾ جرڪندڙ راشد مورائي

    رکيل مورائي

    اهو ته سچ آهي ته ان ڏينهن مورو شهر ايترو ته رنو هئو، جيترو شايد شهيد عبدالرزاق سومري ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ شايد نه رنو هجي.
    ائين سموري سنڌ ۾ ماحول سوگوار رهيو. سنڌ محسوس ڪيو ته سندس هڪ عاشق وفات ڪري ويو آهي ۽ سنڌين جا ڳوڙها اهو ٻڌائي رهيا هئا ته سندن هڪ محبوب شاعر کانئن جدا ٿي ويو آهي، ۽ سنڌ جو علمي ۽ ادبي لڏو ان ڪري اداس هئو جو سنڌ جو هڪ نهايت اهم شاعر ۽ اديب اڄ ساڻن نه رهيو هئو. سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ان ڏک ۾ هئا جو اڄ سندن اهو باغي شاعر الڳ ٿي ويو هئو، جنهن جي نظمن تي هو پروانن جيان قربان ٿيندا هئا، ۽ هو جڏهن اسٽيج تي شعر پڙهندو هئو ته پنڊال جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏيندو هئو، اڄ جا سياسي ڪارڪن جنهن آجپي جي لاءِ وڙهي رهيا آهن ان آجپي جا گيت هو سموري زندگي لکندو رهيو.
    هو يارهين مارچ 2014 کان اسپتال ۾ انتهائي اهم ڊاڪٽرن جي علاج هيٺ رهيو پر موت جي فرشتي ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ آخر هو کيس پاڻ سان گڏ آڪاش ڏي اڏاري ويو، جنهن جو ڏک شايد سنڌ جي مٽي ۽ ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهن. اهو ڏينهن جو پهريون حصو هئو جنهن ۾ هن جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي، دادو روڊ سان گولڊن گرائونڊ جي ڪا به ڪنڊ کالي نه هئي، گهٽين ۾ ماڻهو هئا، روڊ تي ماڻهو هئا، گرائونڊ تي ماڻهو هئا ۽ هر ماڻهوءَ جون اکيون آليون هيون، چهرو اداس هئو ۽ من وياڪل هئو. هيءَ سنڌ جي اڏول شاعر راشد مورائي جي آخري موڪلائي هئي، جيڪا دادو روڊ تي ئي، خليفي سائين جي قبرستان ۾ پڄاڻيءَ تي پهچڻي هئي، هيءُ هڪ اهڙو سفر هئو، جنهن جي پڄاڻي، مقام تي ٿيڻي آهي ۽ ائين ئي هزارين سڏڪن ۾ مٽيءُ ماءُ پنهنجي هن عاشق شاعر ۽ صدوري پٽ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
    ها! هن جو تڏو جنهن هنڌ تي وڇايو ويو، اهو هنڌ دنيا جي گولي تي هڪ ديس ” سنڌ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن نالي کي مٽائڻ لاءِ هزارين سالن جون ڪوششون به ناڪام ويون آهن ۽ اڄ به اهو نالو پنهنجي سوري سونهن ۽ سوڀيان سان سائين راشد مورائي جي شعرن ۾ موجود آهي. موري شهر کان ٻاهر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺايا ويا. سنڌي ادبي سنگت ڏهن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو، سموري سنڌ جا ناميارا اديب شاعر ۽ سياسي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ سندس دوست، ان تڏي تي پهتل هئا، جيڪو رسمي سندس گهر تي وڇايو ويو هئو.
    ها! ڳالهه اها به وسارڻ جهڙي نه آهي ته تڏي تي سائين راشد جا ٻه پٽ تعزيت وصول ڪرڻ لاءِ موجود هئا، پر جيڪو شخص، جنهن سان ڳراٽي پائي، مليو ٿي، ڄڻ اهو ان سان تعزيت ڪندو هجي. ٻيءَ طرح ڄڻ هر شخص پاڻ سان پنهنجي دوست جي ڪلهن تي ڪنڌ رکي ٻه لڙڪ لاڙي تعزيت ڪري رهيو هئو. ان وقت سائين راشد پاڻ موجود نه هئو، پر سندس تعلق، سندس شاعري، سندس بهادري، سندس اصول پرستي، سندس هوڏي شخصيت ۽ سندس گرجندڙ آواز جو پڙاڏو چئني پاسي موجود هئو، جنهن جي گهيري ۾ آيل، هئاسين اسين سڀ!
    سندس آخري سفر وقت، الڳ مذهب به هئا، الڳ نظريا به هئا، الڳ طبعيتون به هيون، پر سڀني ۾ سنڌ جون روايتون به موجود هيون ته هن جو ڏک به موجود هيو اهڙو ڏک جيڪو سنڌ جي سدائين ميراث رهيو آهي ۽ ميراث ٿي رهندو. اها سنڌ جنهن کي سائين راشد سدائين چوندو هئو ته“
    سنڌڙي آنءُ سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت ساڻ.
    اڄ سنڌ سان سائين راشد جي اها نسبت وڌيڪ پڪي ۽ نه ٽٽڻ جهڙي ٿي وئي هئي، ڇو ته اڄ هو ٻئي هڪ ٻئي سان ٻکجي هڪ ٿي ويا هئا. سندس آخري سفر جا ساٿي ڪيئي آيا پئي ۽ ڪيئي ويا پئي، سندس قبر تي ڳاڙهو جهنڊو پنهنجي سرخيءَ سان ڦرڪي رهيو هئو، هيٺ راشد نهايت سڪون جي ننڊ ۾ هئو، مٿان آڪاس مان ڪڪرن جي ڇانو وسي رهي هئي، اندر ۾ سندس يادن جو مينهن اوڙڪون ڪري وسي رهيو جيڪو اکين جي پبڻين کي لڳاتار پسائيندو رهيو، جنهن دوست تي نظر ٿي پئي، روح مان هڪ سڏڪو امالڪ نڪري ٿي آيو. هن جو حسين ۽ ڏيا وارو چهرو اکين کان اوجهل نٿي ٿيو، ذهن ۾ سندس يادن جو انبوهه هر وقت موجود ٿي رهيو ۽ ٻاهر دوستن جا ڪومائل اداس ڳوڙهن هاڻا چهرا وڌيڪ اداس ڪري ٿي ويا. ماڻهن جو اچڻ وڃڻ جاري هئو، پر وقت سڀني کان تيزيءَ سان وڃي رهيو هو ۽ اسان کي به وڃڻو هئو،پر کانئُس موڪلائڻ کان سواءِ اهو ڪيئن ممڪن هئو.
    اسان ڪيترائي دوست آخري ڀيرو سندس قبر تي آياسين، قبر تي ڳاڙهو جهنڊو جيئن جو تيئن هوا ۾ جهولي رهيو هئو، ڳاڙها گلاب جا گل، پنهنجي خوشبوءِ نڇاور ڪري رهيا هئا، آڪاس ۾ سج پنهنجي ڳاڙهي مرڪ ڇڏي گم ٿي رهيو هئو. قبرستان پنهنجي فطرت موجب اداس ۽ خاموش هئو. ٻاهر سڀ ڪجهه ساڳيو هئو، پر سائين راشد نه هئو.

    اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته سموري سنڌ سان گڏ موري مان هڪ اهڙو شخص هليو ويو آهي، جنهن جي صحبت ۾ ويهي اسان سنڌ دوستيءَ جا ڪيترائي سبق پڙهيا. سفر ڪيا، سنڌ جي عشق جا گيت ڳايا، سنڌ جيڪا اسان سڀني جي عشق جو محور آهي ۽ ان عشق جو ئي ڪرشمو آهي جو سائين راشد جي وڇوڙي ٿي سڄي سنڌ جي اکين ۾ لڙڪن جون لارون هيون، سچ ته هن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ اسان جي اڪيلائيءَ جو اهو عالم آهي، دل ڄڻ اوڇگارون ڏيندي هجي ۽ چوندي هجي ته:

    ڏاڍي دير ڪري ٿا يار اچو،
    نٿا سار لهو ته ڪو مئو يا بچو.

    ۽ اڄ محسوس ئي نٿو ٿئي ته کيس وڇڙئي سال ٿي ويو آهي، ڪالهوڪي ڏينهن آهي، پل پَرَ ڪري اڏامي ويا آهن، ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن لمحن ۾ گذري ويا آهن، پر دل اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ۽ سچ دل جي چاهڻ جو محتاج نه هوندو آهي. اهو جيڪي هوندو آهي اهو ئي ٻڌائيندو آهي ۽ اڄ به ٻڌائي رهيو آهي ته راشد کي وڇڙئي سال ٿي ويو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي ، لک قرب ، دعا آهي ته شال مالڪ سائين مرحوم راشد مورائي تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي ۽ بي حساب جنت ۾ بلند مقام عطا فرمائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو