اسلام عليڪم سائين محترم سليمان وساڻ صاحب۔( سنڌ سلامت فورم ) سائين محمد سليمان وساڻ صاحب عرض احوال اهيو آهي ته توهان جون پوسٽون، سنڌ سلامت توڙي فيس بڪ تي ڏسندا ۽ پڙهندا رهندا آهيون، ماشاءالله سان تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو، خاص ڪري ڪتابن جي حوالي سان، ۽ ان کان علاوه چونڊ شاعري جي حوالي سان، ڀاء عرض اهيو آهي ته مون کي ڪجهه تفصيل سان سمجهائيندا ته توهان چونڊ شاعري ۽ تصوير وارو ڪم ڪئين ڪريو ٿا، ۽ مان ڪئين ڪري سگهان ٿو،( چونڊ شاعري ڊزائين ۾ لکڻ وارو ڪم ) مثلن هن هيٺ ڏنل تصوير جو آهي، اميد ته وقت ڪڍي ڪري مون کي اهيو ڪم سيکاريندا ۽ سمجهائيندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي. اميد ته مون کي توهان نااميد نه ڪندا. توهان جو دعاگو......................ممتاز علي وگهيو. ڪراچي.
اهو ڪو ڏکيو ڪم ناهي .... مان ته ڪو ماهر ڊزائنر ناهيان. ڊزائننگ جو بهتر ڪم فوٽوشاپ يا ڪورل ۾ ٿيندو آ ۽ مان ٻنهي کان واقف ناهيان. مان ته بس ڪم ڪڍڻ لاءِ ايم ايس پاور پوائنٽ ۾ ڪم ڪندو آهيان، جيڪو سادو ۽ سولو آ. ان سلسلي ۾ اوهان پنهنجي پاڙيسري عرس پريي کان به مدد وٺي سگهو ٿا. يا مون وٽ ڪڏهن به سچل ڳوٺ هليا اچو. ڪجهه بنيادي ڳالهيون سمجهي وڃو باقي پوءِ نيٽ تي پڇندا رهو.
سليمان وساڻ ادا ممتاز علي وگهيو کي ڪا به آنلائن ٽپ نه ڏجو. مس ته بهانو مليو آهي. هاڻي کيس سچل اچڻو ئي پوندو. ڪي ورهيه ٿيا جو ملڻ نه ٿو اچي.
ها مس ته همراهه جو وارو آيو آهي بهنجي موجوده رهائش ٻڌائي............ يار شابس هجي سليمان وساڻ کي جواسان جو قدر ڪيو باقي عبدالحفيظ لغاري ء ذيشان رشيد جي لا کڻي سون ٿي پو پر پوء به قدر نه ڪن
ڀاء انشاءالله ڪنهن ڏينهن اوهان دوستن وٽ حاضري ڀربي، ۽ خاص گذارش وساڻ صاحب کي ته جڏهن به امر جليل بابت ڪو پروگرام سچل ۾ رکن ته مون کي ٻڌائيندا ته اوهان جي نوازش ٿيندي،