السلام عليڪم دوستو۔اميد ته خوش هوندو۔يو ايس بي فليش جي عام دستيابي سان ڊي وي ڊي ۽ سي ڊيز آهستي آهستي ختم ٿي ويندو۔هاڻي توهان آسان سان ونڊوز يو ايس بي ذريعي ڪري سگهو ٿا۔هونئن ته سي ڊيز جلد خراب ٿي وينديون آهن پر يو ايس بي ۾ ڪوبه مسئلو نه هوندو آهي۔ونڊوز انسٽاليشن فائيلز کي يو ايس بي ۾ منتقل ڪندڙ wintoflash سافٽوير موجود آهي۔هي سافٽوير ڊي وي ڊي يا سي ڊيز کان آسان سان تمام فائيل مڪمل طور يو ايس بي ۾ منتقل ڪندو آهي۔ان کان علاوه يو ايس بي کي بوٽ ايبل به ڪندو آهي۔ سافٽوير wintoflash
طريقي ڪار: هن جي لا توهان وٽ هيٺ ڏسيل شيون هجڻ لازمي آهي۔ يو ايس بي گهٽ ۾ گهٽ 4 جي بي جي هجي۔ ۽ ونڊوز جو آئي او ايس فائيل سڀ کان پهرين سافٽوير کي ڊائونلوڊ ڪري پو انسٽال ڪريو۔پو جنهن يو ايس بي کي بوٽ ايبل بنائڻ چاهيو ٿا اها پي سي ۾ پلگ ان ڪريو پو سافٽوير کي رن ڪريو۔وڌيڪ اسڪرين شاٽ ۾ سمجهاڻي ۾ ڏسو۔ اميد ته توهان هاڻي هاڻي آسان سان يو ايس بي ذريعي ونڊوز ڪري سگهو ٿا۔ ڏيو اجازت الله حافّظ
ان کانسواءِ هيٺين سافٽويئر ذريعي پڻ يو ايس بي بوٽيبل بڻائي سگهجي ٿي۔۔۔ 1. Rufus 2. WinToBootic 3. RMPrepUSB 4. Universal USB Installer 5. WinSetUp From USB 6. XBoot
توهان جي مهرباني ائين توهان جا ڪجھ ڏسيل آزمايا آهن۔باقي ڪجھ نوان لڳن ٿا۔سو اهي به آزمايا ٿو متان ونڊوز ٿي وڃي۔۔ توهان جو پهريون ڏسيل سافٽوير Rufus اهيو بوٽ وٺڻ دوران بلو اسڪرين به ڏسي ٿو ان جو حل۔؟
توهان جي ڏسيل سافٽوير به آزمايا پو به ساڳيو مسئلو۔۔۔۔۔۔بلو اسڪرين يا ته مسنگ فائيل۔ هاڻي بس آخري دفعو پنهنجي دوست جي پي سي تان بوٽ ڪرايان پو نه ته سي ڊي روم ئي وٺڻو پوندو۔۔۔۔
ريم ته ٻه لڳل اهن پر ان سان مسئلوحل نه ٿيندو۔بس هاڻي سي ڊي روم ذريعي ڪندم۔گهڻو ئي مٿو هنيو۔گهڻيون ئي سي ڊيز ورتيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسان کان زور آ سائين۔