خوبصورت لفظن جي خالق سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مونکي 4 مارچ سدائين ياد رهندي آهي، ڇو ته چار مارچ سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاء هڪ تاريخي ڏينهن رهيو آهي ۽ ان ئي چار مارچ تي اسان جي مانواري مهربان ، هڏ ڏوکي، رهنما ، استاد، لفظن جي جادوگر، سنڌ پرست، انسان دوست ۽ پرين پياري سائين نثار ابڙو جو جنم ڏينهن به آهي اتفاق سان اڄ ئي منهنجي هڪ ٻئي استاد ۽ ناول نگار محترم اسحاق انصاريء جو به جنم ڏينهن آهي جيڪو به يونيورسٽيء ۾ منهنجو استاد رهيو آهي۔

    سائين نثار ابڙو مارچ کي عاشقن ۽ سونهن پرستن جو مهينو سڏيندو آهي، ان جو هڪ سبب بهار جا رنگ، سرنهن جي پيلاڻ ۽ سونهن جو سنگم به آهي۔ ان ئي مارچ مهيني ۾ سائين نثار ابڙي صاحب جو جنم ڏينهن آهي۔ سائين نثار انسان دوست ، سچو، کرو ۽ محبتي ماڻهو آهي۔ مونکي سائين نثار جو دوست سڏائڻ تي فخر ٿيندو آهي۔ سنڌ سلامت کي سائين نثار ابڙي جي ليکن ۽ رهنمائي تي ناز آهي۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي سچو سنڌ پرست ، سونهن پرست ۽ يارن جو يار جُڳ جُڳ جيئي ۽ سدائين خوش رهي۔ سندس صحتِ ڪامله ۽ دراز عمريء لاء رب جي حضور دعاگو آهيون۔

    سائين نثار کي سندس 51 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ ٻي به مبارڪباد جو پاڻ اڄ پهرين شاعري پوسٽ ڪئي اٿن ، انڪري کين ٻٽيون مبارڪون۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا اوهان کي اسان جي طرفان پنهنجي زندگي جي نئين سال ۾ پير پائڻ تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔ادا توهان جي معلومات سان ڀريل ليکن۔ٻين جي ليکن تي ڪمينٽس ڏيڻ جي انداز ۽ آمهون سامهون قرب ۽ پرخلوص ڪچهري جي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار نه ٿو ٿئي سگهي۔توهان جي هڪ ٻئي خوبي جيڪا اوهان سان ڪچهري جي دوران اسان کي پرکڻ جو موقعو مليو۔اها آهي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان آوهان جي بي انتها محبت۔توهان هميشه سنڌ کي ترقي جي آسمانن تي ڏسڻ چاهيندا آهيو۔الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهانجي زندگي جو هر ڏينهن توهان لاء تمام گهڻي خوشين جي نويد کڻي اچي۔زندگي کي توهان ان جي پوري جوڀن سان گذاريو۔ڏک توهان جو در نه ڏسي۔توهان جي ذهن ۽ قلم جي رنگ کي الله پاڪ وڏيڪ گهرائيون عطا فرمائي۔لکڻ ته گهڻو ڪجه پيا چاهيون پر اهئي الفاظ جيڪي اوهان جي تعريف جو حق صحيحي ادا ڪري سگهن اسان وٽ وافر مقدار ۾ نه آهن۔ انڪري گهٽ لکيئي کي گهڻُ سمجهندا۔مّختصر الفاظن ۾ توهانجون محبتون ۽ محنتون هن محفل / منڊل کي مچائڻ واريون وڏي آواز ۾ ڳائڻ جهڙيون آهن ۽ لڪائڻ جهڙيون نه آهن۔هميشه خوش رهو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    خدا ڪري زندگي جا سمورا سال خوشيون ماڻيو۔۔۔
    جنم ڏينهن جون لک مبارڪون قبول پون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    آمين ۔۔۔۔۔

    سائين قبلا مون حقير طرف کان به اوهان کي جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    جتي ڳاله هجي محبت جي ۽ سڪ جي پيار جي ۽ پهنجائپ جي سهڻي ڪنهن حقيت تي ڪا گهري نظر وجهڻ جي يا ڪنهن ڏکي شي کي سمجڻو هجي ، سنڌ امڙ سان محبت جي ڳاله هجي يا سنڌي جي سورن جي ڪا داستان بيان ڪرڻي هجي ۔فيس بڪ يا ميڊيا جي دنيا تي بور ٿي وڃجي ڪنهن اهڙي مٺڙي ماڻهون سان ڪچهري تي دل چوي يا وري ڪنهن دنيا جي مشڪل ۾ فاسي پوڻ ڪري ڪنهن مسئلي جو حل نه ملي ۽ پوء مون جهڙو نقلي جهونو جڏنهن ڪنهن اهڙي نيڪ ۽ مخلص انسان جي ڳولا ۾ پهنجون نظرون دوڙائي ته اکيون بنا ڌوڪو کائنيدي اچي سائين نثار ابڙو تي ٽڪجي وڃن من جڏنهن ڪا نيڪ نصيحت گهري پيار ۽ سنڌين سان پيار جي ناتو رشتو رکڻ ۽ نڀائڻ جي ڳالهه ڪرڻي هجي ته به سائين هر ڪنهن کان اڳي اڳي نظر ايندا سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان پيار جو ناتو جوڙي رکڻ ته ڪو هن انسان کان سکي مزاق ۽ دل وندارئنيڊر اانداز ۾ به ڪا نصيحت ڪري وڃن جو فن به هن اسان جي شخصيت جو هڪ تمام سٺو پهلو آهي اڄ جڏنهن سنڌ سلامت ۽ فيس بڪ کوليم ته سائين جن جي سالگره جي ميسيج تي نظر پئي دل ۾ اها ئي دعا نڪتي ته رب سائين اسان جي هن سهڻي پار تي رهندڙ سهڻي دوست کي تمام وڏي عمر عطا ڪري اسان سان هن دوست جي ان محت ۽ چاهتن جي سلسلي کي ڪڏنهن به ختم نهڪري ۽ سائين پهنجي زندگي جا سوين سال ۽ بهارون ماڻي آمين ثم آمين ​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    پيار، سونهن ، سچائي ۽ سنڌ پرستي جي پرچار ڪندڙ پنهنجي ڀاء نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ لفظن جي جادوگري، معامله فهمي ۽ دوستي نڀائڻ به سائين کي خوب اچي۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جو هي هيرو خوش هجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن کي جنم مبارڪون هجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    اها ته خبر آهي ته سائين کي سالگره کان چِڙ آهي ان ڪري ڪا مبارڪ نه پرسائين لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون۔۔
    هونئن ته سائين جو آهي سو آهي، پر سائين جي باري ۾ ڪجهه لکڻ محبت جي دليل آهي

    سائين جن جو جيترو هن مچ کي مچائڻ ۾ حصو رهيو آهي، ان جو ڪو حساب ئي ڪونهي، هميشه قرب ونڊڻ ۾ اڳيان۔۔ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو دڙڪو يا ڪاوڙ جو اظهار ڪو نه ملندو ۔ ها البته شڪايتون، دانهون، ڪوڪون، ايلاز، منٿ، نصيحتن سان دامن ڀريل هوندو آهي۔۔
    ٻروچ سڏرائڻ تي سائين مون سان به شايد رنجيده رهيا ته مان ڇا ڪيان سڄي سنڌ گهمي ڏسو، جتي ڪٿي ٻروچ نظر ايندا، جيڪڏهن هڪڙو ويچارو هتي سنڌ سلامت ۾ اچي دلڙي ڦاسائي ويٺو ته خير آ۔۔
    هن سڄي فورم ۾ جتي سڀ دوست پاڪستانيت جي جذبي سان سرشار آهن، ڪڏهن ڪڏهن مون اندر جي باه ڪڍي ته هميشه سڀني کي برو لڳو پر سائين نثار پنهنجي هم خيالي جو احساس ضرور ڏياريو۔۔ ۽ پنهنجو جذباتي رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو۔۔
    شروع ۾ ڪجهه جذباتي ۽ دونهاندار فقهي اظهارِ خيال جي ڪري سائين ۾ هڪ خطرناڪ مُلو به نظر آيو پر شڪر آهي، بعد ۾ اهو مُلو گم يا قابو ٿي ويو۔۔
    سائين نثار ڪڏهن ته رڍن اڳيان رباب وڄائيندي تمام بزرگ لڳندا آهن، ڪڏهن عشق جون ڳالهيون ڪندي ڪچڙي وهيء جي جهلڪ ڏيندا ته ڪڏهن جوش ۽ همت واريون ڳالهيون ڪندي نوجوان لڳندا۔ شايد ان ڪري سائين کي نه ڪنهن جوان سڏيو، نه ڪنهن جهونو سڏيو، سائين جي پنهنجي دنيا آهي۔۔پنهنجي ڪلاس آهي، ۽ پنهنجي unique سڃاڻپ آهي۔۔
    رب پاڪ کين شادوآباد رکي۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن کي جنم مبارڪون هجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    رات ٻارھين کان فيس بوڪ تي اھا خبر پئجي وئي ته سائين جن جو جنم ڏينھن آھي سوچيان پيو ته سائين جن کي جنم ڏينھن جي حوالي سان ڪھڙي ڀلا ڀيٽا ڏيجي۔؟ سائين جن جي جيتري تعريف ڪبي سان گھٽ آھي مون پاران به سائين جن کي جنم ڏينھن جو واڌايون شل قبول پون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سهڻن دوستن جا قرب ڏسي، ڪڏهن کلان ويٺو، ڪڏهن جملا پڙهي اندر جي اڌمن سبب اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي، ڪڏهن سندن ڪيل تعريف تي فڪرمند ٿيان ٿو ته ڇا اهي خوبيون واقعي آهن يا دوست منهنجي دل رکڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن، ڪڏهن وري لڄي ٿو ٿيان جو شايد دوستن جي ڪيترين ڳالهين تي پورو نه ٿيون هجان

    اصل ۾ ڄمڻ کي آءُ ڪنهن ماڻهونءَ جي خوبي ناهيان سمجهندو ۽ نه وري سندس وس جي ڳالهه، انڪري ڄمڻ جون واڌايون ڏيڻ حيرانڪن لڳندو آهي، ها ڄمڻ کانپوءِ ميدان ۾ مڙس ٿي ملهائڻ جون واڌايون ڏجن ۽ وٺجن، ڏنل ڪمن کي احسن نموني سان نڀائڻ جون واڌيون ڏجن ۽ وٺجن، اهڙا ڪم جيڪي انسانيت، قوميت ۽ سماجي واڌاري جو سبب ٿيا هجن ته پوءِ مٿي تي کڻي هار پارائجن ۽ واڌايون ڏجن ته ڪو مزو به اچي.

    سڀني دوستن جا لک ٿورا، جن محبتن ۾ ياد ڪيو، سليمان وساڻ ته آهي پاڻ سهڻو جو هميشه دوستن جي خوشين کي ملهائڻ لاءِ اتاولو رهندو آهي، دوستين نڀائڻ جو ڪوڏيو، خوشنصيب آهيان آءُ ۽ اهي سڀ جن کي سليمان جي دوستي نصيب ٿي هوندي.

    ٻين دوستن به ايتري پاٻوهه جو اظهار ڪيو آهي جو انکي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ چونڊڻا ٿا پون ... علي علي ته اهڙو ماڻهون آهي جنهنکي ڏسي ئي کل نڪريو وڃي ته انجي لفظن مان ڪيترو قرار مليو هوندو، انجو اندازو ڪرڻ ڏکيو آهي ... علي علي دلبر ماڻهون آهي، ۽ ٻين کي خوش ڪرڻ جو ڏانءُ کائنس ڪو سکي.

    مٿان من جون گهنڊڙيون وڄايون آهن ٻروچ، هي دوست سنڌ سلامت جي ڏاهن دوستن ۾ شمار ٿئي ٿو، هڪ اهڙو دوست جنهنجي موجودگيءَ ۾ سنڌي ٻولي لکڻ وقت احتياط ڪرڻو پوندو آهي ته ڪٿي ڪو اهڙو لفظ نه لکجي وڃي جنهن تي ٻروچ ڏيکاري نه تارا ... سهڻا دوست! بلڪل نه اوهانجي ٻروچ لکڻ تي ڪو اعتراز ناهي، ڇاڪاڻ ته ٻروچ سنڌ جو قبيلو آهي، جيئن ٻيا ... ها، ڏک ٿيندو آهي انهن ماڻهن تي جيڪي صدين کان سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ سندن جو تعلق بلوچستان سان به ناهي پر پوءِ به پڇ ٻڌي مهري ٿيندا آهن ... اوهانجي سچائي ۽ سچ جو اظهار ائين ئي پيارو آهي جيئن اوهان.

    عاشق سولنگي، عبدالرحيم، زاهد سومرو، فاروق، غلام مرتضيٰ وساڻ، آرزو ۽ ٻين سڀني دوستن جو ٿورائتو جن جو پيار منهنجو سرمايو آهي.

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم پياري دوست سائين نثار احمد لا دعا

    السلام عليڪم محترم سڄڻ ، دوست مٺا ، سائين نثار احمد صاحب ڌڻي در دعا آهي ته شال مولا ڪريم توهانکي تندرستي صحت سلامتي ، ايمان جي سلامتي عطا فرمائي . دعا آهي ته الله پاڪ اوهانجون سڀئي جائز مرادون پوريون فرمائي . بلائن کان محفوظ رکي . جيئن مالڪ سائين دنيا ۾ اوهانکي پنهنجو پاڙو ، ويجهڙائي نصيب فرمائي آهي تيئن آخرت ۾ به رب پاڪ توهانکي پنهنجو قرب عطا فرمائي . الله پاڪ توهانجي مغفرت فرمائي . مالڪ سائين توهانکي پنهنجي عشق ۾ بلند مقام عطا فرمائي رب پاڪ اهي سڀئي دعائون اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن ، مسلمانن جي حق ۾ به قبول فرمائي آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: محترم پياري دوست سائين نثار احمد لا دعا

    آمين سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا اوهان کي اسان جي طرفان پنهنجي زندگي جي نئين سال ۾ پير پائڻ تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔ادا توهان جي معلومات سان ڀريل ليکن۔ٻين جي ليکن تي ڪمينٽس ڏيڻ جي انداز ۽ آمهون سامهون قرب ۽ پرخلوص ڪچهري جي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار نه ٿو ٿئي سگهي۔توهان جي هڪ ٻئي خوبي جيڪا اوهان سان ڪچهري جي دوران اسان کي پرکڻ جو موقعو مليو۔اها آهي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان آوهان جي بي انتها محبت۔توهان هميشه سنڌ کي ترقي جي آسمانن تي ڏسڻ چاهيندا آهيو۔الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهانجي زندگي جو هر ڏينهن توهان لاء تمام گهڻي خوشين جي نويد کڻي اچي۔زندگي کي توهان ان جي پوري جوڀن سان گذاريو۔ڏک توهان جو در نه ڏسي۔توهان جي ذهن ۽ قلم جي رنگ کي الله پاڪ وڏيڪ گهرائيون عطا فرمائي۔لکڻ ته گهڻو ڪجه پيا چاهيون پر اهئي الفاظ جيڪي اوهان جي تعريف جو حق صحيحي ادا ڪري سگهن اسان وٽ وافر مقدار ۾ نه آهن۔ انڪري گهٽ لکيئي کي گهڻُ سمجهندا۔مّختصر الفاظن ۾ توهانجون محبتون ۽ محنتون هن محفل / منڊل کي مچائڻ واريون وڏي آواز ۾ ڳائڻ جهڙيون آهن ۽ لڪائڻ جهڙيون نه آهن۔هميشه خوش رهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محترم پياري دوست سائين نثار احمد لا دعا

    آمين سائين

    الله پاڪ کين خوش رکي
    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت لفظن جي مالڪ سائين نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    محترم سائين غلام مصطفيٰ صاحب!

    چوندا آهن ته سٺي انسان جي موجودگي يا انجي لنگهي وڃڻ جي خوشبو ئي پري کان پڌري هوندي آهي ۔۔۔ ائين ئي جڏهن اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تان اچي ڀيرو ڪري ويا هيا ته اوهانجي خوشبو مان ئي پروڙ پئجي وئي هئي ته هي سڄڻ ڪو عام رواجي نه پر هڪ خاص دوست آهي، جيڪو اسانجي وچ ۾ خوشنصيبيءَ سان اچي نڪتو آهي ۔۔۔

    سچ پڇو ته ان ڏينهن کان اوهانجي ديدار جو شوق سنڀاليل هو پر جڏهن هن دفعي ادي سليمان اوهانجي ملڻ جو سڏ ڏنو ته ڊوڙ پائي اوهان سان ملڻ لاءِ نڪتس ۔۔۔ ۽ ڇا ڏسان ته جهڙو سوچيو هو انکان وڌ سهڻو ۽ سلڇڻو انسان اڳيان هيو ۔۔۔ روحاني سڪ ايتري گهري هئي جو ڄڻ سالن جا وڇڙيل مليا هجن ۔۔۔ مون اوهان سان ڀاڪر پائي من ئي من ۾ هي بيت پڙهيو هو ۔۔۔ شڪر گڏياسون جيئري جاني يار!

    رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي، اوهان جهڙن دوستن ۽ سڄڻ ۽ سچن انسانن جو ساٿ نه فقط سنڌ سلامت لاءِ پر اسانجي پنهنجي زندگيءَ لاءِ رهنمائي آهي ۔۔۔ چوندا آهن نه ته ” ماڻهون پاڻ مڙس ماڻهون ٿئي يا مڙس ماڻهونءَ جي ڪنڌيءَ تي وڃي ويهي“ مونکي فخر آهي ته آءُ تمام گهڻن مڙس ماڻهن جي ڪنڌيءَ جو رهواسي آهيان ۔۔۔

    سهڻا سائين مون سوچيو هيو ته هن دفعي دوستن جي ڄم ڏينهن جي واڌاين جو جواب نه ڏبو، پر جڏهن دوستن جي ايتري محبت ۽ ڪشش ڏٺم ته جواب نه ڏيڻ بي ايماني ۽ غير مهذب ٿي لڳو، انڪري سڀني دوستن جي محبتن جا جواب ڏيندو رهيس ۔۔۔ پر اهانکي خاص جواب ڏيڻ لاءِ واندڪائيءَ جي وجهه ۾ هيس ۔۔۔ جو اڄ آفيس ۾ ڪم ايترو وڌيل هو جو بس ڄامشوري واري 4 مارچ ٿي وئي ۔۔۔۔

    اوهانجي دوستيءَ جون تعريفون ته ٿي نه سگهنديون پر پوءِ به ، ٻنهي هٿن جون ٻانهون ٻڌل، اوهانجي نرڙ تي هڪ چمي عزت ڀريي قبول پوي ۔۔۔

    لک لائق جو اوهان هن ننڍڙي انسان کي وڏو مان ڏنو ۔۔۔ چڱا ڪن چڱايون

    رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ اطمينانِ قلب عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محترم پياري دوست سائين نثار احمد لا دعا

    محترم دوست عبدالغني ۔۔۔ اوهانجون دعائون منهنجي خوشنصيبي۔ چيو ويندو آهي ته اي مسلمانو هڪٻئي لاءِ دعائون ڪندا ڪريو ۔ پاڻ کان علاوه ٻين لاءِ دعا ڪرڻ جا ٻٽا فائدا آهن، هڪ ته ان لاءِ جنهن لاءِ دعا ڪئي وڃي ۽ انلاءِ به جيڪو دعا ڪندو آهي۔

    اوهان دوستن جو پيار، عزت افزائي ۽ دعائون، انکان وڏي دولت ڪهڙِي؟
    رب العالمين اوهانکي به پنهنجي امان ۾ رکي ۽ ايمان جي سلامتي قائم رکي ۔۔۔ آمين
     
  18. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ماڻهو ته کوڙ آهي پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هُجن ٿا جن سان رغبت ايتري وڌي ويندي آهي جو سندن ذڪر ايندي ئي اندر باغ بهار ٿي ويندو آهي. اهڙن ئي پيارن، دلگهُرين ۽ محبتين مان هڪ قابل عزت ۽ محترم سائين @نثارابڙو جِن جو به آهي. سائين جن ڪيترا خوشنصيب آهن انهي جو اندازو انهي مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته مولا پاڪ، سنڌ ڌرتي تي سندن آمد لاءِ بهار مُند جي چونڊ ڪئي. جواني تي پُهچي کين عظيم ٻولي ۽ قديم ٻولي سنڌي جي شعبي ۾ اعلىٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو جنهن سان سندن لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ لفظن جي چونڊ جو ڪو مثال نه ٿو مِلي. ۽ وري جڏهن ڄڳ جهڙو ٿيڻ جي وهي تي پُهتا ته کين شمشير الحيدري جهڙي عظيم شخصيت جو نياڻو ٿيڻ نصيب ۾ آيو ۽ جڏهن فڪرِ روزگار جي مهل آئي ته سندن داڻو پاڻي مولا پا ڪ مڪه مڪرمه جهڙي عظيم شهر ۾ لکيو ڪيو. انهن ايترين عطائتن جي عيوض سائين وٽ به شفقت ۽ پيار جي ڪا کوٽ ناهي. . . . ڪير هُجي ڪيئن به هُجي پر سندن ملڻ جُلڻ جو انداز ايئن جو لڳندو ته بس پنهنجي پوري شفقت هتي ئي پيا ارپين.
    مون لاءِ سندن چيل پهريان جُملا منهنجي تعارف جي جواب ۾ هئا جڏهن ٻه سال پهرين مون هي فورم جوائن ڪيو. . .سنڌ سلامت جي کِل مُک ساٿي غلام مرتضىٰ وساڻ جي جواب کان پوءِ جڏهن سائين جواب لکيو ته سندن هي جُملا هئا ”مڪو، بدين ۽ سچل ڳوٺ سان جيڪو ٽڪنڊو ٺهي ٿو ۔۔۔ ان ئي ٽڪندي تي منهنجي حياتيءَ جي گاڏي پڻ ڊوڙندي رهي آهي ۔۔۔ انڪري ائين چئجي ته دير يا سوير اسين پڻ هڪ ئي ٽڪندي تي ڊوڙڻ وارا ساٿي آهيون ۔۔۔“.
    انهي جي وضاحت ڪُجهه هن ريت آهي ته منهنجو ننڍپڻ مڪه ۾ گذريو آهي ۽ سائين جو هاڻوڪو رهائشي هنڌ مڪه آهي. منهنجي هن وقت رهائش سچل ڳوٺ ۾ ۽ سائين جا ٻار به هتي آهن ۽ منهنجو اصلوڪو ڳوٺ بدين ۾ آهي ته سائين شمشير الحيدري جي بدين جي هُجڻ ڪري سائين نثار جو ساهراڻو گهر بدين جو ٿيو.
    ۽ انهي ڏينهن کان پوءِ هر عيدين تي روبرو ۽ هونئن فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت تي سائين سان رابطن جو سلسلو برقرار رهيو آهي. سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي سائين جي تحريرن لاءِ ڪنهن به ڪامپليمينٽ (ڀيٽا) ڏيڻ جي طاقت مون وٽ ڪٿي پر هڪ ڳالهه ضرور ورجائبي .سنڌ سلامت جي سرموڙ ۽ منتظم اعلى @ذيشان رشيد چواڻي ته جڏهن ڪنهن موضوع تي نثار ابڙو جو جواب اچي وڃي ته پوءِ ڪو جواب لکڻ ڏکيو ٿيو پوي. ۽ سندن پوسٽ ڪيل موضوعن جي اهميت جو اندازو به رشيد ئي ڄاڻي جنهن سنڌ سلامت پلانيٽ تي سڀني جا بلاگ ته لڳايا پر سائين نثار جن جي فيس بُڪ پوسٽ کي به آٽو تي اپلاءِ ڪيو. مطلب ته سائين نثار صاحب جيڪا به پوسٽ ڪن اها پاڻ مُرادو سنڌ سلامت پلانيٽ تي اچي وڃي.
    سائين جن اڳي به هتي سچل ۾ ٽي مهينا رهي جڏهن نؤ مهينا مڪه پاڪ ۾ ويندا هِن ته واپسي لاءِ ڏينهن پيا ڳڻيندا آهن پر هن دفعي سڀني محسوس ڪيو آهي ته کين هتان جي اُڪير سوائي ٿي پئي آهي. هن دفعي ڪافي گيت انهي حوالي سان ونڊ ڪيا آهن. انهي حساب سان ديبا سحر جو اسان سرائڪين جي ٻولي ۾ ڳايل گيت سائين لاءِ پيش آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين قبلا ابڙا صاحب اوهان جي قيد جو هڪ سال گهٽجي ويو اوهان کي مبارڪون۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو

هن صفحي کي مشهور ڪريو