ڪرپٽ ڪير....؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    دڪاندار هڪ ماچيس جي ڊٻي مان اڌ تيليون ڪڍي پيسا مڪمل ڊٻي جا وٺندو ۽ گڏ ويٺلن کي چوندو۔۔ ”زرداري وڏو ڪرپٽ آ۔۔“
    ڪلهه تائين سائيڪل تي گهمندڙ ٽي وي اينڪر ڪنهن کان پئسن جون ٻوريون وٺندو ۽ سڄو ڏينهن زرداري حڪومت کي گاريون ڏيندو۔۔۔
    موٽي پيٽ وارو سيٺ هڪ روپيو به ٽيڪس نه ڏيندو ۽ ٻين کي چوندو۔۔ ”پيپلز پارٽي کان ملڪ نه ٿو هلي۔۔ ڪاروبار ڊائون آ۔۔“
    سبزي وارو پيسا پورا وٺي ۔۔ خراب ۽ سڙيل سبزي ڏيندو ۽ گهٽ توريندي چوندو۔۔ ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔۔“
    قاصائي پئسا پورا وٺي ۔۔ گوشت ۾ هڏيون شامل ڪندو۔۔۔ خبر ناهي گوشت حلال جانور جو هوندو يا ڪنهن گڏهه يا ڪتي جو پر چوندو ته ۔۔ ”ڪرپٽ زرداري آ۔۔۔“
    کير وارو پاڻي جي بالٽي کير ۾ وجهندو ۽ روئڻ پٽڻ شروع ڪندو ته ۔۔۔ ”ادا حڪومت ڪرپٽ آ۔۔۔“
    سرڪاري ڊرائيور سرڪاري گاڏي مان ڊيزل چوري ڪندو ۽ گهر ويندي دوستن کي چوندو ” زرداري ڪرپٽ آ۔۔“
    اسڪول جو هيڊماستر اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر جو فنڊ پنهنجي گهر کڻي ويندو پر پٽ تي ويٺل اسڪولي ٻارن کي چوندو ته ”زرداري ڪرپٽ آ۔۔“

    ڇا ڊاڪٽر، ڇا انجينيئر ۽ سرڪاري ملازم ۽ آفيسر ۔۔۔ سڀ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻيندي سوچيندا ته هو ڇا پيا ڪن۔۔۔؟

    جڏهن ته اسان جي پوري معاشري جو مائينڊ سيٽ اهو آهي ته سرڪاري ملازم جو رشتو ويندو ته ڪنواريتا اهو يقين ڪندا ته هي مٿان کان پيسا ٺاهيندو آ نه۔۔۔
    اصل خرابي اسان ۾ آ۔۔۔۔ ياد رکو ته الله جو لڪڻ بي آواز هوندو آهي۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بيشڪ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هههههههههههه ۔۔۔۔ ٿيندو هي آهي ته جڏهن ماڻهون ڪنهن جي ننڍي غلطي پڪڙيندو آهي ته وڏين غلطين جي ڪردار کي سامهون رکي ماڻهون پنهنجي جان ڇڏائيندا آهن ۔۔ اها فطرت آهي ۔۔۔

    مثال؛ ٻار کي چئبو ته پٽ تون کنڊ کائي ٿو وڃين ته چوندو ته بابا به ته کائيندو آهي۔

    خئير اوهانجي ڳالهه صحي ته ماڻهون پاڻ غلط هجي ٿو ته ٻي جي غلطي ڄاڻائي پاڻ کي صحي ثابت نٿو ڪري سگهي۔ انڪري جيستائين اسين پاڻ نه سڌارينداسون تيستائين معاشري جو سڌرڻ مشڪل آهي۔

    هڪ ڳالهه ياد آئي ۔۔۔ قرآن شريف ۾ الله تعالا فرمايو آهي ته ؛ آءُ جڏهن ڪنهن قوم تي عذاب نازل ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهيان ته پهريان ان جي مٿئين طبقي کي هدايت موڪليندو آهيان ۽ پوءِ اهي پٺي ڏيندا آهن ۽ آءُ عذاب نازل ڪندو آهيان“

    ان مان الله تعالا جي چوڻ جو مقصد هڪ ته اهو به آهي ته عام ماڻهون مٿئين طبقي جو پيروڪار ٿئي ٿو، انڪري جيڪڏهن مٿيون طبقو ڪرپٽ ۽ بي ايمان ٿيندو ته عام ماڻهونءَ ۾ به بي ايماني اچي ويندي آهي۔ ۔۔۔ ان جي برعڪس مٿئين طبقي ۾ ايمان ايندو ته هيٺيون طبقو به ايماندار ٿيڻ لڳندو آهي۔

    بس ڙي يار رشيد! گهڻو سوچيندي هي بيت ياد اچي ويندو آهي ۽ وڌيڪ سوچڻ بند ڪري پاڻ کي پولارن مان واپس گهرائي وٺندا آهيون ۔۔۔۔ الله ڏاهي مَ ٿيان ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ڪرپشن ۾ اسان سڀ شامل آهيون ، عام ماڻهون کان وٺي ، سرڪاري ملازم ، ميڊيا ، بيورو ڪريسي حڪومت مطلب ته جنهنجو جيترو وس آهي اهو گهٽ ڪير ڪو نه ٿو ڪري ، تمام گهٽ نه هئڻ برابر ماڻهون آهن جيڪي انهي ذلت کان پاڪ آهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ سچ پڇو ته هاڻي پورو معاشرو ڪرپشن جي ور چڙهندو وڃي۔ هتي اصولن تي هلندڙ ماڻهو کي چريو جڏهن ته ڪرپٽ ۽ ٻه نمبر ڪم ڪندڙ کي هوشيار ۽ چالاڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ هتي هر ڪو پاڻ ته شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ آهي پر ٻين تي آڇريون کڻن ۾دير نه ٿو ڪري بلڪل سنڌي جي ان پهاڪي وانگر۔۔۔۔ مينهن ٿي چوي ڳئونء کي هل ڙي هل پُڇ ڪاري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بلڪل صحيح چيو اَٿوَ.....پر ادا ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومت جي ايمانداري۽ سچائي جو هجڻ به تمام ضروري هوندو آهي...عوام ڪيتري به ڪرپٽ ڇو نه هجي، ان جي ذميداري به حڪومت تي اچي ٿي.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو