• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زاهد ميراڻي طرفان موجوده مواد

  1. ز

    / اربيلو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    اربيلو ڳوٺ کان شهر آيو آهي، پوري سوري تعليم واري اربيلي جي هڪڙي خاصيت آهي ته هو هڪ اهڙي قسم جو مهذب سماجي ڍور آهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ ماڻهن سان تعلقات رکڻ جو خواهشمند هوندو آهي، اربيلو اڄڪلهه موجن ۾ نظر ايندو آهي جو هن موبائل فون ورتي آهي، جيڪا ڏينهن جو گهڻو وقت ڪن تي ٿورو وقت هٿ ۾ ۽ باقي وقت سندس...
  2. ز

    / شفن توبچي / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    شفن توبچي آهي، سندس پري جي نظر گهڻي ڪمزور آهي تنهنڪري چست وٺڻ وقت هو عينڪ جو استعمال ڪندو آهي، جيڪڏهن عينڪ وقت تي نه مليس ته پوءِ چاٻي تي دَڦ ۾ بندوق وهائي ڪڍندو آهي، هو تجربي جي آڌار تي چوندو آهي، ” بندوق ڀل چاٻي تي هڻو، هنياءَ جي سوجهري تي هڻو، يا دڦ ۾ هڻو، گولي ڪنهن نه ڪنهن کي لڳندي ضرور، بس...
  3. ز

    / لوڊ شيڊنگ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    پرڏيهي دوري تان موٽڻ بعد سائين ڳورپٽ سرڪار تمام گهڻو پرجوش هو، مصروفيتن مان جان ڇڏائي شام جو اوشاقي پيالي تي رضوءِ سان حال احوال ڪيائين، کيس چيائين رضو، ” خبر اٿئي“، رضوءَ اوشاقي پيالو سندس ڏانهن وڌائيندي چيو، ” ٿڌڪار ٿئي سرڪار، لوڊ شيڊنگ هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ساوڙي نه جي ها ته اسان مولائن جا...
  4. ز

    / ايس ايم ايس / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    رات جو ڪجهه دير ڀرو ڪنهن کڙڪي تي سندس اک کلي ته پُٽَ جي ڪمري طرف نگاهه ڪيائين، سندس ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، اڳتي وڌ درَ کي هلڪو کولي ڏٺائين ته سندس پُٽُ جاڳي رهيو هو، کائُنس پڇيائين، ” پُٽَ ڇا، ٿو ڪري؟“، هن جواب ڏنس، ”امان پڙهان پيو“، ماڻهنس چيو، ” صدقو وڃان پنهنجي پٽڙي تان، ڪيڏي نه محنت ٿو...
  5. ز

    / قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ”ڇو، ابا تون ڪجهه ڏينهن کان اسڪول کان جلدي، جلدي پيو اچين“، صدوري جي ماءَ کائنس پڇيو، صدورو ڳوٺ جي اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ پڙهندو آهي، جنهن جو اڌ ڀوتار جي قبضي ۾ آهي جنهن ۾ سندس ڪجهه شڪاري ڪتا ۽ چور رهندا آهن، چور ڀوتار جي سؤٽاڻي آڪهه مان آهن ۽ ڪتاب ڀوتار جي ڏاڏاڻڪي آڪهه مان آهن، جيڪي کيس تمام گهڻو...
  6. ز

    / لالا پٺاڻ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    آءُ گذريل ڏينهن پڙهه ڪاريءَ ۾ ويٺو هوس ته منهنجو پُٽُ موريو آيو ۽ چپ چاپ منهنجي ڪرسيءَ جي پويان بيهي رهيو، موريو منهنجي مطالعي دوران ڪمري ۾ اچڻ بعد تيستائين خاموش رهندو آهي جيستائين آءُ کائنس اچڻ جو سبب معلوم نه ڪيان، موريو ڪجهه ڊنل هو، کانس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“، ڪجهه نه چيائين، موريي جي اهڙي...
  7. ز

    / لالا پٺاڻ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    آءُ گذريل ڏينهن پڙهه ڪاريءَ ۾ ويٺو هوس ته منهنجو پُٽُ موريو آيو ۽ چپ چاپ منهنجي ڪرسيءَ جي پويان بيهي رهيو، موريو منهنجي مطالعي دوران ڪمري ۾ اچڻ بعد تيستائين خاموش رهندو آهي جيستائين آءُ کائنس اچڻ جو سبب معلوم نه ڪيان، موريو ڪجهه ڊنل هو، کانس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“، ڪجهه نه چيائين، موريي جي اهڙي...
  8. ز

    / ڪَڃَرَ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    کوچري اڄ هڪ عجيب خبر آندي آهي، هو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان جي لاءِ ڄڻ ته مارڪ ٽيلي ٿي پيو آهي، سرائي قربان ۽ سندس ساٿين جي رياستي قاتلن هٿان سندن گاڏيءَ مٿان شديد فائرنگ بعد ڪيميڪل هاري ساڙڻ واري سانحي کان وٺي ڪراچيءَ ۾ حريفتي مڪڙن هٿان سنڌين جي قتل جون خبرون آڻيندو رهيو آهي، هاڻوڪي خبر ۾...
  9. ز

    / دهشت دمُ ڪراچي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    اڄ 12 مئي آهي، هڪ چينل دستاويزي فلم پيئي ڏيکاري جنهن ۾ فقط لاش هئا، گاڏين ۾ پيل لاش، گاڏين کان ٻاهر پيل لاش، فوٽ پاٿن ۽ باغيچن ۾ پيل لاش، ۽ رپورٽ ۾ چيو پيئي ويو، ” اڄ 12 مئي 2011 آهي ۽ هي قتل عام 12 مئي 2007ع جي انهيءَ اڀاڳي ڏينهن جو آهي جڏهن چيسف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي اچي...
  10. ز

    / هاڻي ڪهڙو ڀئُـــه/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    سائين ڳورپٽ سرڪار عوامي مهم تي نڪتل هو، سندس ناني ويڙهي جو خيال هو ته عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪري چڪا آهيون، بهتر ٿيندو ته سندن سُکَ ۽ آسائشون اکين سان ڏسجن، تنهن لاءِ هڪ طوفاني عوامي مهم تي نڪرجي، هو عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، سائين ڳورپٽ سرڪار چئي رهيو هو، ” منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو...
  11. ز

    / صدارتي ٻلو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    اسان شهر جو آزادي چؤنڪ ڏيئي اڳتي پئي وياسين ته اسان کي سامهون هڪ جلسو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو بظاهر ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو نه هو، جو اڄڪلهه سياسي پارٽين قومي مسئلن تي جلوس ڪڍي عوام کي تحرڪ ۾ آڻڻ جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هو فقط پنهنجي پارٽيءَ جا سياسي جلسا ڪڍن ٿا جن ۾ سندن جي من پسند ايجنڊه...
  12. ز

    / وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    مون کي گهر اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، جڏهن گهر پهتم ته اميدان جاڳي پيئي ۽ موريو به ساڻس گڏ ٿي جاڳيو، اميدان منهنجي هٿن ۾ ڪتاب ڏسي سمجهي ويندي آهي ته آءُ ڪنهن قومي پروگرام ۾ ويو آهيان ۽ هميشه وانگر ڌوتل ٽوال واش بيسن جي هينگر ۾ ٽنگي هٿ منهن ڌوئي تازي ٿيڻ جو چوندي ۽ پاڻيءَ جو نيم ٿڌو گلاس پري ٽيبل تي رکي...
  13. ز

    / منافق ماهيءَ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    [justify]مان لوڪي سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب کان گذري رهيو هوس ته ماڻهن جي پيهه نظر آئي، معلومات ڪرڻ تي پتو پيو ته منافق ماهي حيدرآباد آيل آهي، استاد ولي ۽ دل پسند انقلابيءَ وٽ سندس دعوت آهي، مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، لوڪي کي چيم، ” گرمين جي ههڙن هاڙي وارن ڏينهن ۾ جڏهن اسان کان به ٽرسو...
  14. ز

    / جلترنگ/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    شيبا جي اڏي تي ولائتي مال جو مزو سستي ۾ وٺڻ جو ڏس هن کي الائي ڪنهن ڏنو جو وڃي شيبا جي اڏي تي پهتو، هونئن به کيس شهر جي سڀني اڏن جي سٺيءَ پر ڄاڻ آهي، پر شيبا جو اڏو شهر جو نامي گرامي اڏو آهي، جتي فقط ۽ فقط والائتي، پيتي پيڪ ۽ سيل بند مال ملندو آهي، اهو به هن مهانگائيءَ واري دور ۾ رعائتي اگهه تي،...
  15. ز

    / ڀائو مزني جو جواب/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ڀائو مزنو پارٽيءَ جي هڪ جهوني اڳواڻ سان ڪچهري ڪري رهيو هو، ڪچهريءَ جو موضوع سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ نجات جو رستو جي پيرائي ۾ هو، ڪچهريءَ ۾ ڪجهه ٻيا به جهونا ۽ نوان دوست ويٺل هئا ۽ ڳالهيون بحث مباحثي بعد سنجيده دور داخل ٿيون هيون، سندس جهوني ساٿيءَ کائنس سوال ڪيو، ” ڀائو، هن صورتحال ۾ ڪهڙي جدوجهد...
Back
Top