/ لالا پٺاڻ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    آءُ گذريل ڏينهن پڙهه ڪاريءَ ۾ ويٺو هوس ته منهنجو پُٽُ موريو آيو ۽ چپ چاپ منهنجي ڪرسيءَ جي پويان بيهي رهيو، موريو منهنجي مطالعي دوران ڪمري ۾ اچڻ بعد تيستائين خاموش رهندو آهي جيستائين آءُ کائنس اچڻ جو سبب معلوم نه ڪيان، موريو ڪجهه ڊنل هو، کانس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“،
    ڪجهه نه چيائين، موريي جي اهڙي خاموشي منهنجي لاءِ فڪر جو باعث ٿي پئي ۽ اڻتڻ ۾ کانس معلوم ڪيم“ پُٽَ موريا، تون منهنجو بهادر پُٽُ آهين، ٻڌاءِ ڇا، ڳالهه آهي؟“،
    چيائين، ” بابا، پاڙي ۾ چون ٿا ته سارنگ کي لالا پٺاڻ کڻي ويا آهن ۽ سارنگ جي ماءِ به ڏاڍيان پيئي روئي“،
    موريي جي اهڙي ڳالهه مون کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٻاهر نڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته ايتري ۾ اُميدان به پڙهه ڪاريءَ ۾ آئي، کائنس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“،
    اميدان به چيو، ” چون ٿا سارنگ کي لالا پٺاڻ کڻي ويا آهن، جو پاڙي جي ڪجهه ٻارن سارنگ کي ٻوريءَ ۾ وجهندي لالن پٺاڻن کي ڏٺو ۽ اچي گهر ٻڌايائون“،
    مونکي، اميدان جي ڳالهه بعد پڪ ٿي ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪيم ته موريو منهنجي قميص جي پٺ کي جهلي بيهي رهيو ۽ چيائين، ” بابا، توهان سارنگ کي واپس وٺي اچو ۽ لالن پٺاڻن کي سنڌ مان ڪڍي اچجو نه ته هو مون کي به کڻي ويندا“.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: / لالا پٺاڻ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ننڍڙي موريي جي ڳڻتي جائز آهي ۽ سندس فرمائش به جائز آهي ۔۔۔ سنڌ جڏهن کان پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿي آهي ته اڻڳڙيون مصيبتون ۽ برايون اچي سنڌ جي ڳيچيءَ ۾ پيون آهن ۔۔۔ پاڪستان ۾ شامل سڀني قومن جي خرابين سنڌي معاشري کي ڊنواڊول ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ پنجابين ۽ پٺاڻن جي بي ايمانيءِ سان ڀرپور ۽ چڪلائي ثقافت اسانجي سماج کي تمام گهڻو ڌڪ رسايو آهي ۔۔۔

    پاڪستان ٺهڻ سان سنڌ ۾ چڪلا قائم ٿيا ۔۔۔ آفيم، چرس ۽ هيروئن جا اڏا قائم ٿيا، ٻارن کي اغوا ڪرڻ جا گروهه سنڌ ۾ اچي ويا ۔۔۔ خطرناڪ هٿيارن جا انبار اچي ويا ۔۔۔ مٿان وري رهي ڪهي ڪسر آيل مهاجرن پوري ڪئي جيڪي پڻ پاڻ سان گهٽيا قسم جو ٻولي ۽ ثقافت پاڻ سان گڏ کڻي آيا ۽ هاڻ ويٺا سنڌين کي جاهل ۽ اڻ پڙهيل چون ۔۔۔۔ کانئن سنڌ جو پائن سنڌ جو ، گلا به سنڌ جي ۔۔۔

    سچ چئون ٿا ته اسانجا ئي ڪجه سنڌي ان تي منهن ڀڪوڙين ٿا ۔۔۔۔” پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي ۔۔۔“

    پنهنجي ڪيل آهي ۽ هاڻ ان جو ويڄ يا ڪو طبيب هٿ نٿو اچي ۔۔۔

    اميدن تي جهان قائم آهي، ڪي اهڙا سنڌي پئدا ٿين ۽ ڪي اهڙا سگهارا گروهه ٺهن جيڪي سنڌين جي مالڪي ڪن ۽ ڌارين جي نڪ ۾ نڪيلي وجهي سنڌين جي جان ڇڏائن ۔۔۔!!!!

    ادا زاهد اوهانجي قومپرست سوچ ۽ ان سوچ جي اثر ۾ لکيل سهڻيون مختصر آکاڻيون ڪمال جون آهن ۔۔۔ ممڪن اوهانجي قلم مان ڪا تبديلي اڀري انڪري عرض ته ڪاوشون جاري رکو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو