/ لوڊ شيڊنگ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    پرڏيهي دوري تان موٽڻ بعد سائين ڳورپٽ سرڪار تمام گهڻو پرجوش هو، مصروفيتن مان جان ڇڏائي شام جو اوشاقي پيالي تي رضوءِ سان حال احوال ڪيائين، کيس چيائين رضو، ” خبر اٿئي“،
    رضوءَ اوشاقي پيالو سندس ڏانهن وڌائيندي چيو، ” ٿڌڪار ٿئي سرڪار، لوڊ شيڊنگ هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ساوڙي نه جي ها ته اسان مولائن جا الائي ڪهڙا حال ٿين ها“،
    رضوءَ سائين ڳورپٽ سرڪار کي سندس پڇيل سوال جي موٽ ۾ چيو، ” ڪهڙي خبر سرڪار، حڪم ڪيو ته خبر پوي“،
    چيائينس، ”منهنجو هي پرڏيهي دورو ڪامياب ثابت ٿيو آهي، ان جو ڦل جلد قوم کي ملندو“،
    رضوءَ کيس عرض ڪيو، ” سرڪار ڪيئن؟“،
    چيائينس، ” منهنجي چين جي دوري دوران هڪ نئين تحقيق معلوم ٿي آهي!“،
    رضوءَ هٿ ٻڌي عرض ڪيس، ” سرڪار اها وري ڪهڙي نئين تحقيق آهي جنهن اوهان کي متاثر ڪيو آهي“،
    چيائين، ” ساوڙيءَ متعلق تحقيق آهي، چينا ٿا چون ته، ” ساوڙيءَ جو هڪ جڳ ماڻهوءُ جي گرم دماغ کي ڏيڍ ٽن اي/ سيءَ جي برابر ٿڌڪار پهچائي ٿو“، چيني ماڻهو جڙي ٻوٽين جو تمام گهڻو واهپو ڪندا آهن، تنهنڪري سندن تحقيق غلط ثابت ٿي نه ٿي سگهي“، سائين کيس سمجهائيندي چيو،
    کيس چيائين، ” هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سرڪار جو لوڊ شيڊنگ وارو اهم مسئلو ته حل ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين“،
    رضوءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، کيس عرض ڪيائين، ” سرڪار ساوڙي، لوڊ شيڊنگ جو مسئلو ڪيئن حل ڪري سگهندي!؟“،
    کيس ڇڀيندي چيائين، ” هاڻي اسان لوڊ شيڊنگ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ساوڙيءَ کي استعمال ڪنداسين، هر گهر ۾ ساوڙيءَ جي هڪ جڳ جو بندوست ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪنداسين، ماڻهو ساوڙي پيئندا ته سندن جا مغز ٿڌا رهندا ۽ سنڌ ۾ امن امان رهندو، پوءَ ڀل لوڊ شينڊنگ هجي ماڻهن کي ڪل ئي نه پوندي“،
    رضوءَ کي سائين ڳورپٽ سرڪار جو پرڏيهي دورو واقعي به فائديمند ثابت ٿيندي نظر اچي رهيو هو، کيس ميار ڏيندي چيائين، ” سرڪار، مون ته اوهان کي اڳ ئي عرض ڪيو هو ته اوهان ساوڙيءَ تان پابندي هٽايو ته ماڻهو ڪجهه ٿڌا ٿين، پر اوهان منهنجي هڪ ڳالهه نه مڃي، هاڻي ساڳئي ڳالهه جيڪڏهن چينا ڪن ته انهن جي ڳالهه اوهان کي سمجهه ۾ آئي ۽ اوهان مڃي ورتي، معنى ته منهنجي صلاح جي ڪا اهميت ئي نه آهي“، رضوءَ دلگير ٿيندي سائين ڳورپٽ سرڪار کي ميار ڏني“،
    سائين ڳورپٽ سرڪار کيس چيو، ” رضو اهڙي ڳالهه ناهي پر تحقيق به ضروري آهي، مون کي هاڻي پڪ ٿي ته توکي ساوڙيءَ جي معاملي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري مون ڪا غلطي نه ڪئي آهي، بس مون کان ڪجهه کائو وزير ۽ صلاحڪار مقرر ڪندي غلطي ٿي آهي، جيڪا ٻيهر نه ڪندس“،
    سائين ڳورپٽ سرڪار کيس چيو، ”رضو، هاڻي جلد ئي لوڊشيدنگ جي شڪايت ختم ڪرڻ جي لاءِ ساوڙيءَ تان پابنديءَ هٽائڻ جو اعلان ڪندس“.
     
  2. منصور نظاماڻي

    منصور نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 مارچ 2011
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    private job
    ماڳ:
    tando soomro
    جواب: / لوڊ شيڊنگ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ادا اها ڀنگ ڀٽاري واقعي ئي قرار ڏيندي هوندي انهن کي جيڪي 24 ڪلاڪ ڀنگ ۾ ٻڏل هوندا آهن جو ان ۾ لوڊشيڊنگ جو پتوئي نه پوندو اٿن۔ اها مختصر ڪهاڻي هڪ سٺي ونڊ آهي اڄڪلهه جي هن دور ۾ ادا زبردست آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو