”ڪاڪو مٽڪڻ ائين صوڀو جو ڪڪڙ“
گُل ڀنگر
انڃان ماک مس ڦٽندي ھئي ڳوٺ جي فضا ۾ ڪڪڙ جي ٻانگ جي گونج هوندي ھوئي. ڪاڪي مٽڪڻ جي ڪمري جي کِڙڪيون وڄڻ لڳنديون هون، پردا لڏي ويندا ھا ۽ ڪاڪي جي ننڊ ائين غائب ٿي ويندي ھئي ڄڻ ايمانداري وڪيل جي دفتر مان گم ٿي ويئي هجي يا سچائي ڪنهن صحافي جي قلم مان نڪري ويئي...