هو ماءُ ويٺي روئي ٿي [JUSTIFY]هي ڌرتي جا ڌُٻي ٿي هو ماءُ ويٺي روئي ٿي ظالمن پُٽ کي آ ماريو زيرِلب اهو چوي ٿي منهنجو گهر ، وَرُ ويو سوچن ۾ زال سڙي ٿي بابا ڪنهن وقت ايندين تون چنبڙي لاش تي سُڏڪي ٿي جنت طالب کي ڏيکاري مدرس ضمير جي آواز نه اٿي ٿي اک اشڪبار ظلم جو گرم بازار ڏاڏل راه تي ويهي ڀاءُ پڇي ٿي [/JUSTIFY]
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي ادا ڏاڏل تمام بهترين شاعري ء تمام خوبصورت لفظن جي چونڊ ڪئي آهي ادا اوهانجي مهرباني اهڙي ڪوشيشن کي جاري رکو
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي سائين اسان جنهن معاشري م رهون ٿا ٻن طرفن کان دشمنن جي زد م آهيون حڪمرانن ۽ دهشتگردن جي زد م هتي حڪمران به دهشتگرد آهن ۔ گهر کان ٻاهر نڪرندي پنهنجي ٻچن کي هاڙي نگاه سان ڌسڻو ٿو پوي ڇو جو ورڻ جو ايترو يقين ناهي هوندو جيترو مرڻ جو يقين هوندو آهي ۔ الله اسان کي هن دهشتگردن جي لعنت کان محفوظ رکي ۔آمين وسلام
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي تمام بهترين سائين ان سان گڏ الله کان دعا آهي ته ان دهشتگردي جي لعنت کان پنهنجي امان ۾ رکي آمين
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي حساس دل جي حساسيت کي لفظن جو روپ ڏيڻ ايترو سولو ناهي هوندو، ڏاڏل جي اها خوبي آهي ته هو پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ واقعن کي نه فقط ڏسي ٿو پر حساس دل جي سڏ تي لفظن جا نذرانا به ڏئي وڃي ٿو ... اسانجي به دعا آهي ته انسان، انسان سان بي ايماني ڪرڻ ڇڏي ته هوند هي قتل وغارتگري ختم ٿي وڃي .... پر پوءِ به اها ريت اڀاڳي ... جاري آهي ، شايد تاقيامت جاري رهندي ۽ اسين ڏاڏل سميت اکين مان آب هاريندا رهنداسون ... هميشه شايد ٿورا ناهن ٿورا
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي سائين اوهان جو احساسن جو تفصيلي احوال کولي پيش ڪرڻ جي مهرباني اوهان جڏهن ڳاله جي تصديق ڪندا آهيو ان کان پوءِ جي ڪو ان کي غلط به چوي ته پرواه ناهي هوندي ۔ مهرباني سائين
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي سائين اوهان جي هي تخليق ڪيل ونڊ تمام بهترين لڳي ان جي ڪري مون تصوير جي شڪل ڏني۔۔۔۔بغير اجازت جي۔۔۔معافي
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي سائين عاشق صاحب ٻيون سڀ ڳالهيون ڀليونم لڳيون پر هڪ ڳاله ڏاڍي بري لڳي ۽ اها آهي اوهان جو چوڻ ته معافي ۔ اوهان جا احسان جو اوهان اسان جي ٽٽل الفاظن احساسن کي وقت جي حالات جي شڪل ڏني اوهان جي مهرباني لک لائق لک احسان روڙين قرب ۔ وسلام
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي ادا عاشق اوهانجي ڊزائن تمام سٺي پر ادا ڏاڏل به ماڻ ملهايو آهي واهه ڇا ته خيال
جواب: هو ماءُ ويٺي روئي ٿي ادا عاشق اوهانجي چترڪاري به تمام خوبصورت باقي سائين ادا ڏاڏل ته واهه جو ملهايو آهي ڇا ته تخليق آ واهه سائين واهه