ڪوثر ٻرڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب سرمد جون سارون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    [​IMG]
    پيار لئه ساجن صديون گھرجن.
    ڪوثر ٻرڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب "سرمد جون سارون...!
    فقير محمد سنڌي.
    " عرفي! دل آباد بيک جو نه خرد عشق،
    من هم دل ويران، بدو عالم نه فروشم.( عرفي )

    ترجمو!( عرفي! عشق ڪنهن آباد ۽ خوشحال دل کي هڪڙي جَوَ جي داڻي به ڪين وٺندو! خوشيءَ ڀريل دل وٺي ڇا ڪبو؟ ان جي قيمت ئي ڪھڙي؟ آءُ به پنهنجي ويران ۽ تباھ دل ٻن جهانن عيوض به نه ڏيندس! )
    "سرمد سنڌي" عرف رحمان مغل جنهن پنهنجي آواز وسيلي جهرجهنگ پنهنجي ڪلاڪاريءَ جي جوت جلائي درد مندن کي حوصلو ڏنو، احساس ڀريل ٻولن کي عروج بخشيو جيڪي اڄ به امرتا کي ڇهي رهيا آهن. ڪيسٽ ڪمپنيون به سرمد جي آواز مان پاڻ ڀريون ٿيون. سرمد سنڌيءَ جي عشق "عرفي" جي مٿين شعر وانگر ڏکيل دلين کي اڃان تائين آبادي وارو دڳ ڏئي رهيو آهن.
    "سرمد سنڌي" سنڌي ڪلا جو هڪ منفرد نانءُ جنهن جي آواز ۾ مالڪ اهڙيءَ ته حسناڪي رکي هئي جو جڏهن به سرمد جو آواز ٻڌون ٿا ڄڻ محسوس ائين پيو ٿئي سرمد سنڌي هاڻي ڪلام ڪمپوز ڪري اسان جي سامھون ڳائي رهيو آهي. سڀني جي جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي.
    ڪوثر ٻرڙو سنڌي جو اهو ڏات ڌڻي آهي جيڪو ادب جي ميدان ۾ مسلسل گوهر افشاني ڪري رهيو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڪوثر ٻرڙو ڪٿي به ٿڪو ڪونه آهي. "سرمد جون سارون" سرمد سنڌي جي 23هين ورسيءَ تي شايع ڪيو آهي. سرمد جي زندگيءَ جون يادگيريون ڪتاب ۾ فهرست ڪونهي ان صاف ظاهر آهي ڪوثر ٻرڙي کي جيترو به مواد مليو، جيڪي به ساروڻيون مليون جيئن جو تيئن ڪوثر ٻرڙي ان کي ترتیب ڏنو آهي. ڪوثر ٻرڙو پنهنجي پاران ۾ ان ڏکيائين ۽ سورن جا داستان پيش به ڪيا آهن، خير وقت وڏو بادشاهه آهي، جن پنھنجا خيال سرمد سنڌي لاءِ نه ڏئڻ چاهيا پوءِ به سرمد سنڌي جي زندگيءَ تي ڪتاب تاريخ جو حصو بڻجي ويو. ڪوثر ٻرڙي پنهنجي پاران ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته : سرمد سنڌي جا فن ۾ استاد پهريان، سليمان ٻرڙي ۽ قاسم الدين کورکاڻي کان فن جي سکيا ورتي. بعد ۾ سرمد سنڌي ٽن استادن کان باقاعده سڳو ٻڌرايو۽ سندن شاگرد بڻيو اهي آهن استاد مجيد خان، بيدل مسرور ۽ استاد شاهد بزمي، اها وضاحت به تاريخ جو حصو بڻجي وئي، گھڻا فنڪار دوست ۽ فن سان لاڳاپيل چوندا آهن ته : سرمد سنڌيءَ کي فن جي خبر ڪونه هئي بس ائين ئي ڳائيندو هو. سرمد جون سارون ڪتاب جو انتساب سائين مرتضي شاهه ڏاڏائي، شاعر ۽ نثرنويس امر اقبال ۽ سھڻي خان ڪٽوهر جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جي 15 پيج کان 32 هين پيج تائين ڪوثر ٻرڙو جون ساروڻيون آهن، 32هين پيج کان رحمان مغل جي ڀاءُ احمد مغل سلسليوار ميگزين "منزل" خير پور کي 2005ع ۾ انٽرويو ڏيندي، سرمد سنڌيءَ بابت پنهنجون ساروڻيون ساريون آهن. سرمد سنڌي، سنڌ امڙ سان عقيدت جي حد تائين محبت ڪندو هو. امر اقبال ٻڌائي ٿو، سرمد سنڌي هڪ مڻيادار ۽ مروت پسند نوجوان هو. قربان منگي ٻڌايو ته :سرمد سنڌيءَ سان گھڻيون محبتون هونديون هيون. غلام محمد گلشن ڪنڌر 28 ڊسمبر 2018ع تي پرائمري اسڪول پريالوءِ ۾ سرمد جي ورسيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪو وقت هو پريالوءِ جي ڌڌڙ ۾ کيڏندي هڪ ٻار نه موتيءَ داڻو هوندو هو. اسان هاءِ اسڪول طرف ايندا ويندا هئاسي ته هوُ اسان کي ڏسي گنگنائيندو هو. سجاد ميراڻي لکي ٿو ته : سرمد وٽ دلڪشادي هئي هڪ ڏينهن پروگرام تان واپسي تي 9 دوستن کي ڪار ۾ کڻي اچي ڳوٺ پھتو. سرمد سنڌي جي ڪاليج جو دوست رضا محمد ميمڻ عرف ماما رضا، پنهنجي ساروڻين ۾ سرمد کي ساري لکي ٿو ته : منھنجي شادي ۾ منهنجي ڳوٺ آيو ڏاڏو خوش هو، چئي منهنجي پياري دوست ماما رضا جي شادي آهي، پهريون ڀيرو ساز تي جيڪا شادي سرمد ڳائي اها منهنجي شادي هئي. نامياري شاعر زخمي چانڊيي جي سرمد لاءِ يادگيري آهي ته :سرمد سنڌي دوستن جي ذاتي مسئلن کي پنھنجا مسئلا سمجھي انھن ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندو هو ۽ دوستن جي ڀرپور مدد ڪندو هو.
    سرمد جي ڪلا ۾ عشق جاڳي پوندو هو، جيڪو اتساھ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، لطيف سرڪار جي سر آسا جو بيت ٿو ياد اچي ته :
    نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتھا،
    وڃڻ کي وِئا، جن سڃاتو سپرين.
    سرمد سنڌيءَ کي لفظن جي ساروڻين ۾، اياز گل، نصرﷲ جوڻيجو، سرمد سنڌي جو هڪ ڀيڻيوو عبدالباري جوڻيجو، ضمير لاشاري، امير بخش ميمڻ عرف مهراڻ، اختر درگاهي، نديم سرمد، هاسورام چاولا ،الهداد عرف دادن مگڻهار، غلام رسول قريشي، منظور لاشاري، عبدالغفار تبسم، اقبال شورو، ادل سومرو، سميع بلوچ، خليل چنو، ناز سهتو ۽ بيدل مسرور سنڌي ادب، فن توڙي ميڊيا جو هڪ تمام سگھارو نانءُ آهي، بيدل مسرور، سرمد سنڌيءَ جي انهن ٻن ٽن استادن ۾ شمار ٿئي ٿو جن سرمد کي باقاعده شاگرديءَ وارو ڳانو ٻڌو. بيدل مسرور لکي ٿو ته :سرمد سنڌي جا اڃان ابتدائي ڏينهن هئا، جو هو مون وٽ ٽي وي تي پنڌ ڪندو هو، پر هو مونکي فني اعتبار کان ڪچو لڳندو هو، منهنجي خواهش هئي ته ڀلي ڪجهه محنت ڪري پختو ٿي پوءِ اچي، پر ڪجھ ٻين دوستن سندس مٿي تي کڻي هٿ رکيو، ان جا به ڪجهه سبب هئا.... سرمد سنڌي جو ڪاليج فيلو مختيار مگڻهار به پنهنجا ويچار ڏنا آهن، منير سنڌي، جيڪو رحمان مغل جو ڳوٺائي آهي جنهن جون ساروڻيون آهن ته مان ۽ ڊاڪٽر مقبول خشڪ اسٽيج تي وياسي، معين اختر کي ايلاز منٿ ڪري مڃرايوسي، سرمد اسٽيج تي لطيف سائينءَ جي وائي ڳائي، جيڪا بيحد پسند ڪئي وئي ۽ سرمد ۽ اسان جو ڀرم رهجي ويو. سنڌ جي سرموڙ اديب، شاعر ۽ ڊراما نگار قمر شهباز، سرمد لاءِ ساروڻيون ساريون آهن، ڊاڪٽر ظفر عباسي ۽ نصير مرزا به پنهنجي زندگيءَ جا ڪجھ پل هن ڪتاب لاءِ صرف ڪيا آهن.
    ڪوثر ٻرڙي، سرمد سنڌيءَ جون يادگار تصويرون هن ڪتاب جي ٻئين حصي ۾ شامل ڪيون آهن. ان کان علاوه سرمد سنڌيءَ جون تصويرون تصويرون ڪتاب جي فليپ تي موجود آهن، جيڪي مختلف وقتن تي سرمد جي ڪيسٽن جي زينت بڻيون هيون. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي نصير مرزا لکي ٿو ته : چوندا ته انسان جو جسم فاني آهي، پر روح باقي.....! ۽ جي واقعي ائين آهي ته، پڪ ڄاڻو عالمِ ارواح ۾، پنهنجي باري ۾ لکيل هي ڪتاب پڙهي، سرمد نه فقط خوش رهندو پر بي پناھ خوش! ڪوثر .... منهنجا برادر! ههڙي خوبصورت ڪتاب لکڻ تي واڌايون ڀاءُ.
    سميع بلوچ لکي ٿو ته :سنڌ جي فنڪارن مان سرمد سنڌي اهو خوشنصيب فنڪار آهي جنھن جي فن ۽ زندگيءَ تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي سرمد متعلق هي ٽيون ڪتاب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو