ورلڊ ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ 2015 جا مقابلا جاري آهن.. ۽ ڪجهه اپ سيٽس ڪري ٽيمن جون پوائينٽس گهٽ وڌ ٿي رهيون آهن... ۽ جيئن ته اڃان ناڪ آئوٽ مرحلو نه آيو آهي ان ڪري ڪرڪيٽ شوقينن جون پوائينٽس ٽيبل تي گهريون نظرون آهن... دوستن جي دلچسپي خاطر روزانو اپڊيٽ جي بنياد تي پوائينٽس ٽيبل پيش ڪجي ٿي... گروپ A ٽيمميچزکٽيونهارايون برابربغير نتيجاپوائنٽسرن ريٽ نيوزيلينڊ660 00122.564+ آسٽريليا641 0192.257+ سريلنڪا642 0080.371+ بنگلاديش632 0170.136+ انگلينڊ624 0040.753- افغانستان615 0021.853- اسڪاٽ لينڊ606 0002.218- گروپ B ٽيمميچزکٽيونهارايونبرابربغير نتيجاپوائنٽسرن ريٽ انڊيا660 00121.827+ ڏکڻ آفريڪا642 0081.707+ پاڪستان642 0080.085- ويسٽ انڊيز633 0040.053- آئرلينڊ633 0060.933- زمبابوي615 0020.527- گڏيل عرب امارات606 0002.032-
هاڻي گروپن جي صورتحال ڪجهه واضح آهي گروپ اي مان سري لنڪا ۽ نيوزيلينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن.. گروپ ب مان انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا ڪوارٽر فائنل تائين پهچي ويون.. بس هاڻي ٻنهي گروپن ۾ باقي رهندڙ چار چار ٽيمن مان هڪ هڪ ٽيم فائنل ٿي اچي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندي.. پهريون مرحلو هن هفتي ختم ٿي ويندو
انگلينڊ آخرڪار ناقص ترين ڪارڪردگي سبب ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي مان آئوٽ ٿي چڪي آهي ... بنگلاديش حيرت انگيز طور بهترين راند کيڏي انگلينڊ کي ٻاهر ڪيو. پول اي مان چار ٽيمون ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن : آسٽريليا بنگلاديش سريلنڪا نيوزيلينڊ
پول بي ۾ صورتِحال مزيدار ٿي وئي آهي.. انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا ته ڪوارٽر فائنل ۾ رسي چڪا آهن باقي پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ۾ مقابلو آهي.. پاڪستان جو رن ريٽ ٻنهي ٽيمن جي مقابلي ۾ سٺو آهي ۽ آئرلينڊ کان مقابلو کٽڻ کان پوءِ هو به ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويندو جڏهن ته ويسٽ انڊيز کي ڪوارٽر فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ يو اَي اِي کان پنهنجي ميچ وڏي مارجن سان کٽڻو پوندو ان کان بعد به سندس ڪوارٽر فائنل ۾ وڃڻ جو فيصلو آئرلينڊ سان رن ريٽ جي بنياد تي ئي ٿيندو
ويسٽ انڊيز کي اڄوڪو ميچ هر حال ۾ سٺي رن ريٽ سان کٽڻو آهي نه ته هو ڪوارٽر فائنلس لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهندو پاڪستان ۽ آئرلينڊ آچر تي پنهنجو اهم ميچ کيڏندا..
آخرڪار ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي جي اڄ پڄاڻي ٿي .... دنيا جون 8 بهترين ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي يعني ڪواٽر فائنل ۾ پهتيون آهن جن ۾ آسٽريليا، بنگلاديش، سريلنڪا، نيوزيلينڊ، هندستان، پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا شامل آهن. حيرت آهي ته ڪرڪيٽ جي ايجاد ڪندڙ ملڪ انگلينڊ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي. پاڪستان اڄ آئرلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي کانپوء سولائي سان ميچ 7 وڪيٽن تان کٽي ورتي. سرفراز هڪ دفعو وري ڌوڪو نه ڏنو ۽ سينچري ٺاهي 2007 جي ورلڊ ڪپ کانپوء پهريون سينچورين بڻيو. سرفراز جي اها ون ڊي ميچن ۾ پهرين سينچري آهي. هو 101 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. 120 رنسن جي اوپننگ اسٽينڊ ۾ احمد شهزاد 63 رنسون ڪيون. اسڪور لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.