نعت شريف، مرحوم مولانا عبد چانڊيو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    محبوب سان دل منهنجي بيعت ڪئي.
    ٻي سان دل جو هٿ نه ملائيندس.
    مون کي مرسل جي آ ثنا جو قسم.
    سدا مدح محمد ڳائيندس.


    جنهن کي مالڪ عرش گهرايو هو،
    جنهن جو عرش مٿان پيو سايو هو،
    چيو مولا توکي گهرايو اٿم،
    اڳي پوءِ نه تنهنجي گهرائيندس.


    جهڙو صورت ۾ تهڙو سيرت ۾،
    جهڙو حڪمت حلم بصيرت ۾،
    اهڙو ڪونه ٿيو نه ڪي ٿيڻو آ،
    نه ڪو اهڙو ڪنهن کي ڀائيندس.


    جيڪو نبين جو آ امام ٿيو،
    جنهن جو قرب ڪرم آهي عام ٿيو،
    تنهن جي فيض کي ڪيئن وساريندس،
    تنهن جي ڪرم کي ڪيئن ڀلائيندس.


    نبيءَ ڏسڻ جي لئه مشتاق سندس،
    ۽ ولي ٿيا عشاق سندس،
    ساري امت پئي سر گهور ڪري،
    مان ڀي گهوري گهوري گهمائيندس.


    نه ڪو شمس قمر نه ستارن ۾،
    نه ئي گل ٿو لڀي گلزارن ۾،
    ڳولي ڳولي سمورو جهان ٿڪيو،
    پوءِ مان ڪيئن اهڙو لڀائيندس.


    اچي احمد عربي تصور ۾،
    ۽ دل جو خيال سندس گهر ۾،
    محبوب جي منزل دل ۾ ڪري،
    مان ساه جي سيج وڇائيندس.


    سارو جڳ جنهين لئه پياسي آ،
    ”چانڊيو عبد“ تنهين لئه اداسي آ،
    ملي موڪلي مون کي مديني وڃي،
    مان ڀي ورد درود ٻڌائيندس

    مرحوم مولانا عبد چانڊيو
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نعت شريف، مرحوم مولانا عبد چانڊيو

    ادا بهترين! ڇا مرحوم مولانا عبد چانڊيو ،مرحوم مولانا عبدالله چانڊيو ئي آهي يا ٻيو وضاحت ڪندا
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نعت شريف، مرحوم مولانا عبد چانڊيو

    بلڪل ادا سائين عبد الله چانڊيو هڪ زبردست سنڌي شاعر پڻ هئا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو