دوستو سلام راشد مورائي سنڌ جي انقلابي شاعرن مان هڪ آهي۔ پيش آهي سندس خوبصورت شاعريء مان اهڙي چونڊ جنهن ۾ جدوجهد ، ثابت قدمي ۽ حوصلا افزائي جو سبق ملي ٿو۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندي۔ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهيان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) واه ادا سليمان واه۔۔۔۔ بهترين !! ادا ڀلا سرمد سنڌي جي آواز ۾ اهو گيت ڪٿان هٿ ٿيندو؟؟ مهرباني ٿيندي۔
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) ادا سجاد مهربانيون ڀاء مان پاڻ به ڪوشش ڪئي آهي پر سرمد جو ڳايل اهو ڪلام ڪٿان هٿ نه اچي سگهيو۔ اوهان دوستن جي نظر ۾ جيڪڏهن ان ڪلام جي ڪا لنڪ هجي يا اهو ڪلام ملي وڃي ته اسان سان به ونڊ ڪجو۔
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر راشد مورائي سنڌي جي انقلاب جو شاعر تمام بهترين شاعري ۽ ادي سليمان جي تمام بهترين ڊيزائن ۽ چونڊ شيئر ڪرن جا لک ٿورا
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) سائين اوساڻ صاحب اوهان جي بهترين ونڊ لائقِ جس آهي ۔ وسلام
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) مهرباني ڀاء علي عرف مرلين وارا فقير راشد واقعي راشد آهي، انقلابي شاعر
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) مهربانيون طاهر سائين پر اوهان ٻن ڏينهن کان ڪٿي گم آهيو۔
جواب: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي) مهرباني عاشق سهڻا اوهان جي مهرباني جو اوهان حوصلا افزائي ڪندا رهو ٿا۔
پيارا سجاد لک ٿورا مون ڪلام وري وري ٻڌو آهي۔ ڇا ته شاعري آهي ۽ سرمد جو آواز ته تعريف کان به مٿاهون آهي۔ لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک لائق
اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر ۔ سائين راشد مورائي جي بهترين شاعري ، سليمان سائين واه واه