گجرات جي ڪاسائي مودي سان سندس اوقات موجب ڊيل ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گجرات جي ڪاسائي مودي سان ان جي اوقات موجب ڊيل
    ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان وٽ حقيقي جمهوري حڪومت هجي ها ته اڄ ڪشمير جي اهڙي صورتحال نه هجي ها. ڀارت کي خطي ۾ امن جي حوالي سان دلچسپي ناهي.

    اسڪردو ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته راهول گاندهي کي ڪشمير وڃڻ کان روڪڻ افسوسناڪ آهي. مودي جي وزيراعظم بنجڻ تي اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي اچڻ گهرجي ها پر اسان 5 سال انتظار ڪيو. ماضي ۾ جڏهن مودي چونڊجيو ته اسان جي ڀارت سان اهڙي ئي پرڏيهي پاليسي رهي جهڙي ٻين ڀارتي وزيراعظمن سان هئي. مودي جي چونڊجڻ کان پوءِ اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته گجرات جو ڪاسائي وزيراعظم بڻجي رهيو آهي. پاڪستان پنهنجي پرڏيهي وزارت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان جيڪي واعدا گلگت بلتستان جي عوام سان ڪري رهيو آهي اهي پورا نه ٿيندا. جيڪي واعدا به خان ڪيا ان تي يو ٽرن ورتو ويو. صرف پ پ وفاقي پارٽي آهي جيڪا پوري ملڪ جي پارٽي آهي. مريم نواز ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري سياسي انتظام جي بدترين مثال آهي.

    هن چيو ته پ پ مسلسل جدوجهد جي تاريخ آهي. اسان آهسته آهسته پنهنجا حق حاصل ڪيا آهن. صدر زرداري گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهي. هن چيو ته پ پ عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن. پ پ فاشسٽ نه پر نظرياتي پارٽي آهي. مون کي ڏک ٿي رهيو آهي ته پ پ جو منشور ڪنهن به ناهي پڙهيو. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان پاڻ کي پوري ملڪ جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان پنهنجي چيل هڪ به ڳالهه تي قائم ناهي رهيو. پي ٽي آءِ جي حڪومت مڪمل ناڪام ۽ نااهل آهي. حڪومت به اپوزيشن جو ڪردار ڪري رهي آهي . جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن ڪندي ته حڪمراني ڪير ڪندو.

    بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس دوران مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو. حڪومت کي خبر ئي ناهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جنهن ڏينهن مان آزاد ڪشمير پهتس ان رات فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو. اسان رڪاوٽون ماضي ۾ به ڏٺيون آهن. خبر آهي ته ان جو مقابلو ڪيئن ڪرڻ گهرجي. بلاول چيو ته دنيا ۾ جتي به ويندس اتي ڪشمير جي لاءِ آواز بلند ڪندس. ڪشمير ڪاز جي جڳهه جڳهه تي آواز بلند ڪنداسين. پاڪستان ڪڏهن به آرٽيڪل 370 کي ناهي مڃيو. والاريل ڪشمير کي کليل جيل بنايو ويو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي لاءِ ڪم ڪندڙ سياستدانن کي به نظر بند ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪشميري مودي سان گڏ آهن ته اتي ڪرفيو هٽايو وڃي.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو