استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    سنڌ جو عظيم راڳي استاد محمد جمن

    محمد سليمان وساڻ


    سموري سنڌ ڪيترن ئي عظيم ڪردارن سان ڀري پئي آهي. هن ڌرتيءَ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ انمول، ۽ املهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي. ڪيترائي اهڙا انمول ماڻڪ موتي جهڙا ڪردار سنڌ ڌرتي جي مٽي مان جنم وٺي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، تاريخي، تهذيبي، موسيقي ۽ ٻوليء جي شعبن ۾ ڀرپور خدمت ڪندا رهيا آهن. اهڙن ڪردارن کي سنڌ ۽ سنڌ واسين به موٽ ۾ اڻميون محبتون ڏنيون آهن، جيڪي ڪردار جسماني طور ته جدا ٿي ويا آهن، پر انهن کي هن ڌرتي جي ماڻهن ڪڏهن به ناهي وساريو. اهڙن ڪردارن کي اڄ به ياد ڪري کين ڀيٽائون پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. اڄ راڳ جي دنيا جي هڪ اهڙي عظيم راڳي جو ذڪر ڪنداسين جنهن جي مڌر آواز ۾ اهڙي ته مٺاس ۽ جادو سمايل هو، جو جڏهن به هو راڳ جي محفل مچائيندو هو ته ماڻهو مٿس موهت ٿي پوندا هئا. سنڌ جو اهو عظيم ڪرادار ناليوارو راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن آهي، جنهن کي سنڌ ۽ سنڌ واسين ڪڏهن به ناهي وساريو. جيتوڻيڪ استاد محمد جمن کي اسان کان وڇڙيي 24 ورهيه گذري ويا آهن پر هو سريلي رڪارڊ ٿيل آواز وسيلي اڄ به زندهه آهي.

    شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ وارن فنڪارن مان استاد محمد جمن مٿين درجي جي راڳين مان هڪ هو. سنڌ جي هن ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن 10 آڪٽوبر 1935ع تي بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي جي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ ۾ حاجي احمد سنجراڻي جي سرن ۽ سازن واري گهر ۾ اک کولي۔ اهو ڳوٺ هن وقت يونين ڪائونسل گڏاپ، گڏاپ ٽائون ۾ آهي . ِ هن راڳ جي باقائده سکيا استاد نظر حسين کان ورتي، جيڪو مرحومه گلوڪاره نورجهان جو به استاد هو. شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو پوء محمد جمن ريڊيو تي بانسري وڄائيندو هو ۽ ريڊيو تي ملازم به هو. آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته اتي موسيقار جي حيثيت سان موڪليو ويو. هن شاهه جي صوفياڻي رنگ ۽ شاهه جي سرن کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ پيش ڪيو. سندس آواز ۾ ڳايل 20 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هن ٻن فلمن هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ گيت ”هو سهڻا يار سڄڻ“ ۽ ٻي اردو فلم ”ڪالو“ ۾ ” آءُ جيهائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين“ ڳايو.

    اُستاد محمد جُمن حاضرين مجلس کي پرکي ۽ پروڙي راڳ ڳائندو هو، پوءِ ڇو نه نيم ڪلاسيڪي هجي يا ٺمري جهڙا سُر ڳائڻا پون. شاهه جي رسالي سان استاد جي عشق جي اها حالت هُئي جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي راڳ ڪمپوز ڪيائين، جنهن لاءَ کيس ڏينهن رات نُور نچوئڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي. استاد محمد جُمن جا اهي شاگرد جيڪي عام تائين پهتا انهن مان شفيع محمد (استاد جو فرزند)، علي محمد خاصخيلي، زيب النساء، حُسين بخش خادم، روبينه قُريشي، زرينه بلوچ ، قادر علي، سشيلا مهتاڻي ۽ اُستاد جو ننڍو فرزند غلام اويس شامل آهن.

    استاد محمد جمن کي 1980ع ۾”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 2 ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ايوارڊ مليا. موسيقي جي حوالي سان 1960ع ۽ 1970ع جا ٻه ڏهاڪا مرحوم استاد محمد جمن جي عروج جا هئا. ملڪ جي اهم شخصيتن مرحوم صدر ايوب، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مرحوم صدر ضياءَ الحق جون محبتون ماڻي چڪو هو. ملڪ جا حڪمران جڏهن به ڪنهن موسيقي جي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته کائنس سر راڻو ٻڌڻ جي فرمائش ڪندا هئا.

    مرحوم تقريبن 15 سال بيماري جي بستري تي گذاريا، هن سائي ۽ شگر جي بيماري سبب 24 جنوري 1990ع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي.









     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 جنوري 2014
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: استاد محمد جمن جي 21 هين ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    مهرباني سائين وساڻ صاحب اسان توهان جا لک ٿورائتا آهيو جو توهان اسان کي اسان کان وڇڙي ويلن جي ياد ڏيارو ٿا
    مهرباني

    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد محمد جمن جي 21 هين ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    محمد جمن: سنڌي راڳ جو راڻو

    شوڪت حسين شورو

    [JUSTIFY] سنڌي راڳ جي پنهنجي اصليت ۽ انفراديت رهي آهي. سنڌ ۾ وڏا راڳيندڙ پيدا ٿيا آهن، ورهاڱي کان اڳ ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي سنڌ راڳ جا وڏا نالا ۽ ماڻهن جا من پسند فنڪار هئا. ماسٽر چندر جي حيثيت ان لحاظ کان نرالي هئي ته هو نه رڳو پاپولر ڳائڻو هو، پر سنڌيءَ جو پهريون موسيقار پڻ هو، جنهن طرز نگاري جو بنياد وڌو. ورهاڱي کانپوءِ جنهن فنڪار ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، سو محمد جمن هو. محمد جمن جيترو سٺو ڳائڻو هو، اوترو قابل ڪمپوزر هو. سنڌي راڳ کي هو جنهن اوچائي تي کڻي ويو، ان جو اعتراف ڪندي مشهور سياستدان ۽ راڳ جي ڄاڻوءَ پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ کيس راڳ جو راڻو ڪوٺيو هو. محمد جمن سُر ۽ لئه جا نوان تجربا ڪري سنڌي راڳ کي نهايت شاهوڪار ۽ مالامال بڻايو هو.

    محمد جمن ڪوهستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سوڙهه (ڪنڍ جهنگ) ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ۾ ڄميو. هن جو والد حاجي احمد سرندو وڄائيندو هو. سندن وڏا تند جو ساز وڄائيندا هئا، جن ۾ تنبورو ۽ سرندو شامل هئا. سندن خاندان سخيراڻي بلوچ هو. پر ڳائڻ وڄائڻ جي سلسلي ۾ اهي ”انگائي“ فقير سڏبا هئا. جيئي شاهه نوراني جي درگاهه، درسائي درگاهه ۽ ٻين درگاهن جي حاضري ڀريندڙ انگائي فقيرن جو ڪم ڳائڻ وڄائڻ آهي. محمد جمن ان ماحول ۾ پليو. سندس ابتدائي تعليم ڪوهستان جي هڪ پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ٿي، جتي هو اکر سڃاڻڻ جيترو علم حاصل ڪري سگهيو، ته سندس والد ڪوهستان مان لڏي ڪراچي، لالو کيت ۾ اچي رهيو. محمد جمن کي ننڍي هوندي کان بانسري وڄائڻ جو شوق هو. هن بانسري کي مست ساز چيو آهي ۽ ان ۾ هن مهارت حاصل ڪئي. ڪراچيءَ ۾ هن استاد مبارڪ علي خان جي شاگردي اختيار ڪئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان سنڌي سروس شروع ٿي ته محمد جمن به وڃي آڊيشن ڏني ۽ پاس ٿي ويو. ريڊيو تي هن پهريون ڪلام ”دوست پيهي در آيو“ ڳايو هو. ان وقت زيڊ-اي-بخاري ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هن محمد جمن کي بانسري وڄائيندي ٻڌو ته کيس وڻي ويو. هن محمد جمن کي 150 رپيا ماهوار تي ريڊيو ۾ بانسري نواز جي نوڪري ڏئي ڇڏي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد برپا ٿيو ته محمد جمن کي اتي اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت سان بدلي ڪيو ويو. هو اتي بانسري وڄائيندو هو ته ڳائيندو به هو. محمد جمن اتي نذر حسين کان به سکيو ۽ سنڌي ڪلامن جون ڌنون پاڻ ٺاهڻ لڳو. ان دور ۾ حميد نسيم ريڊيو حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي آيو. هو موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ فن جو پارکو هو. هن محمد جمن کي هڪ ڪافي ڪمپوز ڪندي ٻڌو ته سندس صلاحيتن جو قدر ڪندي کيس چيو ته هاڻي بانسري نه وڄائي، ڌنون ڪمپوز ڪندو ڪر. هن جي سفارش تي محمد جمن کي ميوزڪ ڪمپوزر مقرر ڪيو ويو.

    محمد جمن جديد لوڪ ڪلاسيڪل انداز سان راڳ ڳايو ته انهن جون ڌنون به ترتيب ڏنيون. هو پاڻ به هڪ بيحد سريلو فنڪار هو. سندس آواز ۾ رس ۽ ميٺاج ٻئي هئا. هو بنيادي طرح ڪافي ڪلام جو راڳي هو، هن ڪافي ڪلام ۾ تجربا ڪري ان کي هڪ نئون رنگ ڏنو. محمد جمن جي سڀ کان وڌيڪ اهم خدمت ۽ سڃاڻپ شاهه جي رسالي کي درست راڳن ۽ لهجن ۾ ڳائي مقبول عام ڪرڻ آهي. هن جڏهن شاهه جو رسالو پڙهيو هو ته ان جو مٿس بيحد اثر ٿيو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته ”منهنجي نظر لطيف جي رسالي تي پئي ته ان ۾ مون کي وڏي روحانيت نظر آئي، هو خزانو آهي. پوءِ مون لطيف جو ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو“. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ته معذوري راڳڻي جي شڪل سندس ذهن ۾ هوندي هئي، ڇو ته سندس وڏا جيڪي ساز وڄائيندا هئا، انهن ۾ معذوريءَ جون شڪليون موجود هونديون هيون. معذوري لس ۽ حب جي لڪن ۾ سازن ذريعي گونجندي رهي آهي. محمد جمن جي ذهن ۾ معذوري سمائجي وئي. هو جڏهن پيءُ جي گوڏي تي سمهندو هو ته معذوري ٻڌندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي.

    جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ۽ هن شاهه جو رسالو پڙهيو ته ان ۾ سُر معذوري ڏٺائين. هن سُر معذوريءَ جي وائي ”هل هوتن ڪارڻ حال“ ڪڍي، ان کي ڪافي جي شڪل ڏني ۽ ڳائي جيڪا بيحد مقبول ٿي. هن پوءِ شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سُرن تي خاص ڌيان ڏنو. هن آبري ۽ معذوري کي سُرن سان سجائي، سنگيت جي صورت ۾ آندو. هن سر مارئي، سر سامونڊي ۽ رامڪلي جهڙن سُرن سان گڏ شاهه لطيف جي ڪيترن ئي سُرن جي تلاش ڪري، کين سنگيت جي شڪل ڏئي پاڻ کي شاهه جي موسيقار ۽ محقق موسيقار طور مڃرايو. سندس ڪمپوز ڪيل ۽ ڳايل شاهه جي ڪلامن ۾ ”ڪارون وس ڪيام“، ”ڪنڌي ساريان ڪا نه“، ”سڪ مارن جي سمهڻ نٿي ڏي“، ”منهنجو ملڪ ملير“، وٽان وڃ مَ مون“، ”دوست پيهي آئيو“، ”زاري سا زاري“، ”رات ڪي مينهڙا وٺا“، ”بوند برهه جي بهار لڳي“، ”مڌ پيئندي مون“، ”راڻل توبن رات“، ”آءُ راڻا رهو رات“ بيحد مقبوليت ماڻي. شاهه لطيف کان سواءِ هن سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جي ڪلامن سميت ڪيترن ئي ڪلاسيڪل راڳن کي سنڌي موسيقي سان هم ساز ۽ هم آواز ڪري، اهي ڪلام مختلف فنڪارن کان ڳارائي لاتعداد ۽ لازوال طرزن جو اضافو آندو. محمد جمن لئه جو بادشاهه هو ۽ هن لئه ڪاري ۾ نوان ۽ ڪامياب تجربا ڪيا. سنڌي راڳن کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ هن جيڪو تخليقي ڪم ڪيو، سو سندس شاندار ڪارنامو آهي. ”يار عشق ڏاڍي آتش لائي“ محمد جمن جو ڳايل ڪلام شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. عثمان فقير جو اهو ڪلام جيتوڻيڪ هاڻي به ڪجهه فنڪارن ڳايو آهي، پر اهي محمد جمن جي عظمت کي ڇُهي به ڪو نه سگهيا آهن.

    سوز هالائي پنهنجي ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام-ماسٽر محمد جمن: فن ۽ شخصيت“ ۾ ڄاڻايو آهي ته محمد جمن جا ريڊيو رڪارڊيڊ اسم 141 آهن، پر ان کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي رڪارڊ آهن، جيڪي ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. اهڙي ريت هن جيڪي ڪلام ڪمپوز ڪري ٻين فنڪارن کان ڳارايا، تن جو اندازو اٽڪل 72 آهي.
    محمد جمن کي ريڊيو حيدرآباد جي هڪ اذيت پسند آفيسر جهڙي ريت ذهني ۽ مالي اذيتون ڏنيون، تن هن وڏي فنڪار کي جهوري وڌو. ڪيترائي مهينا سندس پگهار بند رهيو ۽ هن جي گذر سفر جي وسيلن تي پابنديون مڙهيون ويون. محمد جمن جي آخري ڏينهن بابت سوز هالائي لکيو آهي ته ”خوشحال جوڀن ۽ ڀرپور جيون گذاريندڙ شخص، خوش پوش ۽ خوش اخلاق انسان پنهنجي ايام ڪاريءَ جا آخري ڪجهه سال نهايت ئي ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا. ان حالت ۾ به هي فقير گوڏ ۽ گنجيءَ جهڙي لباس ۾ پنهنجي گهر جي صحن ۾ بيٺل نم جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي سنڌي موسيقيءَ لاءِ شاندار طرزون تيار ڪندو رهيو...“ جيتوڻيڪ شگر جي بيماريءَ هن جي جسم کي ڳاري ڇڏيو هو، پر هن جي دل ۾ راڳ سان عشق آخري دم تائين قائم رهيو. هي ٻهڳڻو فنڪار ۽ موسيقار جنهن سنڌي راڳ کي نج سون بڻائي ڇڏيو هو، سو پاڻ غربت ۽ بيماري جي حالت ۾ 24 جنوري 1990ع ۾ گذاري ويو.
    [/JUSTIFY]shoro.shoukat@gmail.com

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

    اڄ استاد محمد جمن جي 22 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ سلامت پاران سنڌ جي هن عظيم ڳائڻي کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ استاد محمد جمن پنهنجي سڄي ڄمار راڳ کي ارپي چڻ ته سنڌي ٻوليء کي جياريو آهي۔

    اڄ سندس 22هين ورسي جي موقعي تي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ سندس ورسيء جو پروگرام رکيو ويو آهي۔ اها تقريب اڄ شام جو پنجين بجي شروع ٿيندي۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

    استاد محمد جمن جڏهن لطيف سرڪار جون وايون ڳائيندو آهي ۽ خاص ڪري جڏهن سر سارنگ ڳائيندو آهي ته ائين لڳندو آهي ته اجهو ڪي اجهو مينهن وسيو ۔۔۔۔ سندس آواز جو مٺاس اندر ۾ گهري ويندو آهي ۽ اکڙين جو سارنگ وهي پوندو آهي ۔۔۔

    آ جڏهن به وطن جي حب ۾ تڙپندو آهيان ته محمد جمن کي ٻڌي پنهنجي اندر جو سور اکڙين ذريعي ڪڍي ڇڏيندو آهيان ۔۔۔ سنڌي ٻولي ۾ اهڙو ڳائڻو جنهن لئه جيترو به لکجي سو گهٽ ۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

    جڏهن هو يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي ڳائيندو هو ته محفل جون دليون موهي وجهندو هو

    سنڌي ٻوليء جو هڪ بهترين ڳائڻو هيو
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

    مهربانيون

    اوهان دوستن سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن بابت هن شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو عظيم ڳائڻو

    مهربانيون

    اوهان دوستن سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن بابت هن شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد محمد جمن جي 23 هين ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    زبردست استاد جمن جي باري ۾ تمام بهترين معلومات پڙهي دل ٺري پئي صفا
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد محمد جمن جي ورسي جي مناسبت سان سوڀ ميگزين ۾ ڇپيل مضمون

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو