ان ”حيرت“ تي به حيرت ٿئي ٿي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ”حيران “ وزير اعظم عمران خان جو هڪ ٽويٽري بيان سامهون آيو هو ته ”مون کي انهن ماڻهن تي حيرت ٿئي ٿي جيڪي پاناما ۽ جي آئي ٽي رپورٽ پڙهڻ بعد به چورن ۽ لٽيرن جي وڪالت ڪري رهيا آهن.“ ڳالهه ته عمران خان صاحب جي صحيح آهي پر کيس ڪير ٻڌائي ته اسان جو ملڪ ته آهي ئي حيرت جي جڳهه جتي قدم قدم تي حيرت ۾ وجھندڙ هڪ تماشو منتظر ۽ موجود رهي ٿو ۽ الف ليلوي داستانن جون ڪيئي ڪهاڻيون پکڙيل ملن ٿيون.اسان کي ته خود وزير اعظم جي ان ”حيرت“ تي حيرت ٿئي ٿي ته هن کي ڪهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي ”حيرت“ ٿئي ٿي! ”خدا جي حاڪميت ۽ خلق خدا جي نائبيء“ جي نالي ۾ قائم ٿيل هن مملڪت خداداد ۾ خلق خدا سان جيڪي ڪلور ٿين ٿا انهن کي ڏسي ڪري ته رڳو خدا جي پناهه ئي گھري سگھجي ٿي. حيرت ته ان تي به ٿئي ته ماضيء ۾ وزير اعظم جنهن ”سونامي“ جي اچڻ جي بار بار خوشخبري ڏني هئي اها خير سان اچي به چڪي ۽ ان جون تباهه ڪاريون هاڻي ڇئني پاسين نظر به اچي رهيون آهن. گذريل چئن مهينن ۾ مهانگائيء ملڪي تاريخ جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،اسٽاڪ مارڪيٽ ئي لڏي ويئي ۽ ڊالر 142 روپين جي اگھه کي ڇهي ويو جنهن سان هڪڙي ئي ڏينهن هڪ هزار ارب روپين جو نقصان ٿيو پر وزير اعظم ۽ سندس معاشي ٽيم وٽ ان مرض جو هڪڙو ئي آزمايل نسخو بحث هيٺ رهيو سو هو ”صبر،صبر ۽ صبر“.ظاهر آهي ته نئون پاڪستان ٺاهڻ لاء ڪجهه ته صبر ڪرڻو ئي پوندو.هونئن به چوندا آهن ته ”صبر جو ڦل ڏاڍو مٺو هوندو آهي“.

    حيرت ته ان تي به ٿئي ٿي ته تحريڪ انصاف جي اڪابرن جي چوڻ مطابق اپوزيشن اجايو نيب تي بي بنياد الزام ڌري رهي آهي جڏهن ته نيب کي جيڪا به ذميداري ڏني وڃي ٿي اها سهڻي نموني پوري ڪري ٿي.مطلب اهو ته پرويز مشرف نيب جوڙي قوم تي ”عظيم احسان“ ڪيو جنهن جي پهرين ذميداري مشرف مخالف ماڻهن کي ”سڌو ڪرڻ“ هئي.ان دور ۾ سوين سياستدانن خلاف نيب ڪيس جوڙيا ويا پر جڏهن اهي سڀ ”سڌا“ ٿي ويا ته پوء” نه رهيو بانس ۽ نه وڄي بانسري“.اهو به نيب جو ڪارنامو هو جوبتيون کڻي پيپلز پارٽيء مان ” پيٽرياٽ “ ڳولهي کين ”ڪنگز پارٽي“ جي غسلخاني ۾ وهنجاري ڌوئاري ” محب وطن“ ماڻهن جي صف ۾ ويهاريو ويو.جيڪي ”محب وطن “ اڄ به وقت جي هر ڪنگز پارٽيء جيان موجوده ”پاڪ پوتر“ حڪومت ۾ به پنهنجون عظيم خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا آهن ۽ کين نيب في الحال سندن دال ۾ ڪو ”ڪالا “ وجھڻ جي نيت نٿي رکي.سو جيڪر حڪومت ۾ ويٺل سمورا ”ايماندار ۽ ديانتدار“ اڄ نيب جا ڳڻ ڳائي رهيا آهن ته اپوزيشن کي هروڀرو پيٽ ۾ وڪڙ ڇو ٿو اچي! حيرت ته ان ڳالهه تي به ٿئي ٿي ته جنهن کي اعليٰ ترين عدالت بد عنوان قرار ڏيئي چڪي آهي ۽ جنهن تي نيب جا ڪيترا ئي ڪيس به آهن اهو پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جو ڪرتا ڌرتا ۽ سينئر صوبائي وزير بڻيل آهي.جنهن کي ڪڏهن وزير اعظم پنهنجو ”پٽيوالو“ رکڻ لاء تيار نه هو اهو ريلوي جو وفاقي وزير،جيڪو سڀني کان وڏو “چور ۽ ڌاڙيل“ سڏيو ويو سو پنجاب اسيمبليء جو اسپيڪر،جيڪو آصف زرداريء جو ترجمان هو سو هاڻي عمران خان جو ترجمان، جيڪوزرداري صاحب جو قانون جو وزير بڻيل هو اهو هاڻي عمران خان جو قانوني مشير بڻيل آهي. جنهن جماعت کي ڪپتان جي زبان مبارڪ دهشت گرد قرار ڏيندي نه ٿڪندي هئي ان جا ميمبر سندس ئي ڪابينا ۾ وزارتن جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ جيڪو ڪڏهن پيپلز پزرٽيء جو وزير خارجه هوندو اهو هاڻي موجوده حڪومت جو وزير خارجه بنيل آهي.اصل تحريڪ انصاف خبر ناهي ڪٿي رهجي ويئي هتي ته هاڻي رڳو ”ڀان متي“ وارو ڪٽنب ئي نظر اچي ٿو جيڪو تحريڪ انصاف جي “با برڪت“ گنگا “ ۾ شنان ڪري ”پوتر“ بڻجي چڪو آهي.حيرت ان ڳالهه تي به ٿئي ٿي جو اسان جي پارلياماني سياست غير پارلياماني ۽ بازاري زبان سان سينگارجي پيئي آهي.جن غير پارلياماني لفظن جي شروعات ڪڏهن ڪپتان پاڻ ڪئي هئي پورو سياسي سٿ سندس سنت ۾ اهو ئي دڳ وٺي چڪو آهي.هاڻي ڇا حڪومت ته ڇا اپوزيشن،سڀ جا سڀ ان سياسي حمام ۾ هڪجهڙا. ...آهن.شيخ رشيد خورشيد شاهه جي باري ۾ فرمايو ته سکر جهڙي خوبصورت شهر ۾ هن جهڙو بد صورت انسان به رهي ٿو.ان غزل جي جواب ۾ لائلپور واري راڻي فرمايو ته پنڊيء جهڙي خوبصورت شهر ۾ شيخ رشيد جهڙو بد صورت به رهي ٿو.لال حويليء وارو بزرگ وري ڪٿي پويان رهڻ وارو هو.فرمايائين ته جڏهن راڻي ثناء الله جو نالو اچي ته مون کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندا ڪريو ته جيئن آئون پنهنجي نڪ تي رومال ويڙهي وٺان جو مون کي ان جي ذڪر سان ئي بدبوء اچڻ لڳي ٿي.ان کان پهرين راڻو ثناء الله ۽ مشاهد الله خان شيخ رشيد کي ” پنڊيء جو شيطان“ جڏهن ته فواد چوڌريء کي ”جهلم جو ڊبو“ جي شاندار لقبن سان نوازي چڪا آهن.ڳڙهي خدا بخش ۾ ”جيالن“ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو حڪمرانن کي ” يزيد جو اولاد“ چئي مخاطب ڪيو جڏهن ته آصف زرداريء چيو ته ”لاڏلي“ جي ڦاٽل دهلن کي ٽي ويء تي سواء ”بڪواس“ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه نٿو اچي.جماعت اسلاميء جي امير سراج الحق پنهنجو ڏک هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيو ته” اڻ وڻندڙ ۽ بد زبانيء وارو ڪلچر رياست کي بدبودار بنائي رهيو آهي.“ تحريڪ انصاف وارا چون ٿا ته ” چورن ۽ ڌاڙيلن“ کي چور ۽ ڌاڙيل نه چئون ته ٻيو ڇا چئون؟ جڏهن ته اپوزيشن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ”سليڪشن“ جو معيار ئي اهو آهي جو جيڪو جيترو وڌيڪ ”ڦوڪون هڻندڙ“ ۽ وڌيڪ ”بد زبان“ هوندواوتروئي وڏي عهدي جو حقدار ٿيندو.سندن چوڻ مطابق مراد سعيد کي ”اڌ وزير“ مان ”سڄو وزير“ رڳو ان ڪارڪردگيء جي بنياد تي بنايو ويو جو هو اسيمبليء جي هر اجلاس ۾ سياسي مخالفن جي ”عزت جا بکيا“ اڍيڙيندو رهي ٿو.حيرت ته ان تي به ٿئي جو سپريم ڪورٽ جي نهايت ئي معزز پنجن ججن جي بينچ جنهن ڪيس ۾ ميان نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو انهيء ئي ڪيس ۾ احتساب عدالت کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها ته هڪڙي ڪيس ۾ عدالت پٽ کان پگھار نه وصول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات نااهل قرار ڏئي ٿي ته ٻئي ڪيس ۾ ٻي عدالت ٻئي پٽ کان پئسا وصول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ست سال سخت پورهيي سان سزا ٻڌائي ٿي.بهرحال پاڻ قانون جا ماهر ناهيون، قانون دان ڄاڻن ۽ عدالتون ڄاڻن.پاڻ رڳو حيرت جو اظهار ئي ڪري سگھون ٿا.ايون فيلڊ ريفرنس ۾ هڪڙي عدالت جن کي جيل جي سيخن پويان موڪلي ڇڏيو هو هڪ ٻي عدالت انهن کي واپس ٻاهر به ڪڍي ڇڏيو هو.هاڻي العزيزيه ريفرنس ۾ به جيڪر تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي ته ڪنهن کي به حيرت نه ٿيڻ گھرجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو