دوستو هي به ساز ۾ مدهر ڌن شوقين ٻڌي لطف اندوز ٿيندا ته پوء ٻڌو سنڌ جي پراڻي ڌن http://www.youtube.com/watch?v=zhgPkz8zCLI
سائين تمام سهڻي ۽ وڻندڙ سنڌي ڌن مور ٿو ٽلي راڻا اوهان ونڊ ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن دوست کي انهي ڌن پيش ڪرڻ واري فنڪار جي نالي جي خبر هجي ته ونڊ ڪندا۔۔۔۔
سهڻا زاهد سائين هي اڪبر ولد استاد خميسو خان آهي استاد خميسو خان جيڪو سنڌ جو مشهور الغوزو نواز هو هي ان جو فرزند آهي ۔
مانوارا سائين رحيم بّخش. توهان جي هن ڌن ته اصلي دل جا تاڪ کي کولي ڇڏيا ۽ اندر مان باهه جا اولا نڪرڻ لڳا. اسان اڳي ئي ستايل پرديس جا مٿان وري توهان جون اهڙيون پوسٽون. جو اصلي سور ئي نه پڇو. جيئن باهه ۾ گيهه وجهڻ سان باهه وڌيڪ لامارا ڏيندي آهي تيئن ئي هاڻي منهنجي حالت آهي. مان چاهيندي به وڌيڪ لکي ڪونه ٿو سگهان. پر ڇا ڪريان پنهنجي هٿن کي روڪي به ته نٿو سگهان... توهان جي هن پوسٽ جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. توهان کي اهڙيون پوسٽون موڪلڻ تي شابس هجي....