پنهنجي سالگره تي نيڪ خواهشن جي موٽ ۾ ... مون طرفان اميدون بلاگر ٽيمپليٽ جو تحفو...

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2013۔

?

توهان کي اميدون سنڌي ٽيمپليٽ ڪيئن لڳي؟

  1. تمام ڀلي

    70 ووٽ
    90.9%
  2. چڱي

    4 ووٽ
    5.2%
  3. گذاري لائق

    3 ووٽ
    3.9%
  4. خراب

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت تي سنڌي بلاگنگ جي شروعات ڪري دوستن کي سيکاريو ويو ته هو ڪهڙي طرح پنهنجي خيالن ۽ پنهنجي ڳالهين کي دنيا تائين پهچائين۔۔ ان سلسلي کي وڌائيندي توڙي جو پهرين سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ کي رليز ڪيو ويو آهي پر دوستن جو خيال موجب جيڪا بيهڪ ۽ فونٽن جي درستگي ۽ گڏ سنڌي ايڊيٽر جي خوبيون ”اميدون بلاگ“ جي آهي سا ٻئي هنڌ نه پئي ملي۔۔۔
    دوستو، مون پنهنجي اميدون بلاگ کي مستقل بنيادن تي ڪونه جوڙيو هو نه وري منهنجو مقصد سٺو بلاگ جوڙي پنهنجي واه واه ڪرائڻ هو ۔۔ پر منهنجو بلاگ دراصل جواب آهي انهن دوستن لاءِ۔۔ جيڪي سمجهن ٿا ته کين ڪو تجربو ناهي بلاگ جوڙڻ جو۔۔۔ يا وري اهي سمجهن ٿا ته بلاگ خوبصورت نه ٿو ٺاهي سگهجي۔۔
    ان ڪري ضرورت هئي ته ڪو اهڙو بلاگ جوڙي اپڊيٽ ۾ رکيو وڃي جنهن سان نه صرف دوستن کي بلاگ لکڻ جو شوق وڌي پر کين اهو بلاگ کي ڏسي ڪري جيڪي سوال ذهن ۾ اڀرن انهن جا جواب ڏئي سگهجن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو دوستن جي اسرار تي اميدون بلاگ کي جاري رکيو اٿم۔۔۔
    اڄ جڏهن منهنجي سالگره تي سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ جي دوستن پنهنجي بي پناهه خلوص جو اظهار ڪندي ميسيجز ۽ وشز مون کي ارپيون ته مون پڻ کين رڳو واپسي جي مهرباني ادا ڪرڻ بجاءِ کين پنهنجي بلاگ اميدون جي سنڌي ٽيمپليٽ ارپڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ ته جيئن پنهنجي بلاگز کي نه رڳو پنهنجي خوبصورت لکڻين سان پر انهن کي دلڪش رنگ بخشي جازبِ نظر بنائين۔۔۔ ته پوءِ

    حاضر آهي اميدون بلاگر ٽيمپليٽ 0۔1

    [​IMG]

    عارضي ڊيمو
    هي ٽيمپليٽ دراصل ٽيناچن جي تيار ڪيل آهي جنهن ۾ سائي رنگ جي خوبصورت مزاج کي نظر ۾ رکندي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔ هي ٽيمپليٽ پنهنجي اضافي خوبين سان اڳ ئي اميدون بلاگ جي زينت بڻيل آهي۔۔۔
    هن جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔۔
    • مڪمل بلاگ بشمول سموريون تحريرون ۽ تبصرا جو ساڄي کان کاٻي هجڻ۔۔
    • سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ايم بي لطيفي جو ڊيفالٽ طور هجڻ۔۔۔
    • تبصرن لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو بلٽ ان رکڻ۔۔۔
    • پيج لوڊ ٽائيم کي سامهون رکندي گوگل ماسٽر ليٽيسٽ پيج لوڊ ريڪوائرمينٽ۔۔
    • خوبصورت انٽرفيس ۔۔ جيئن بلاگ تي ايندڙ ريڊر۔۔ وڌيڪ وقت گذاري سگهن۔۔۔
    • ۽ سڀ کان اهم بلاگر نوٽيفڪيشن بار جنهن ذريعي توهان پنهنجي بلاگ تي آندل مواد يا ڪنهن ايندڙ ايونٽ جو اعلان پنهنجي بلاگ ريڊرس لاءِ ڪري سگهو۔۔۔
    انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔
    موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
    ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔

    نوٽ:
    • ٽيمپليٽ کي 95 سيڪڙو سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ باقي 5 سيڪڙو اهو حصو آهي جتي انگريزي هجڻ ضروري آهي۔۔ ها البته البته توهان جي طرفان بلاگ تي سجايل وڊگيٽ جي سيٽنگ ۾ موجود لفظن کي سنڌي بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
    • جن دوستن کي ٽيمپليٽ جا موجوده رنگ پسند نه اچن۔۔۔ اهي ٽيمپليٽ جي ڪسٽمائيزيشن سيڪشن منجهان تبديل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    • ٽيمپليٽ جي پسنديدگي بابت پنهنجي راءِ ڊيمو صفحي تي ووٽ طور پڻ موڪلي سگهجي ٿي۔۔۔
    • ٽيمپليٽ جي فوٽر ايريا ۾ (لنڪ ٿيل سنڌ سلامت ۽ ترجمو: رشيد سمون) کي اخلاقي تقاضو سمجهي چاهيو ته لڳايو نه ته پابندي نه آهي۔۔
    هوئن ته ڪوشش ڪئي وئي آهت ته اميدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ توهان کي پسند اچي ۔۔۔ ان باوجود توهان طرفان آندل صلاحن کي واڌو نظر سان ڏٺو ويندو۔۔
     

    فائيل ڳنڍيو:

    آخري ترميم: ‏23 آگسٽ 2019
    24 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ڪوشش هميشه جيان پر مهنجي توجه في الحًال سنڌي فيس بڪ تي آهي بلاگن تي نه ادا اوهان کي خبر آهي
     
    Muneem Bhutto، سعيد حاوي، ذيشان رشيد ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪي دوست مٿي ظاهر ٿيندڙ نوٽيفڪيشن ۾ تبديليون ڪرڻ گهرن اهي ٽيمپليٽ تي پهچي Edit HTML تي ڪلڪ ڪن ۽ سامهون کلندڙ ٽيمپليٽ ايڊٽ پاپ اپ ونڊوز منجهان هيٺيون ڪوڊ ڳولا ڪن۔۔

    پي ايچ پي:
    <body expr:class='&quot;loading&quot; + data:blog.mobileClass'>
    <
    div class='openbloggernotification' id='bloggernotificationWrap' style='display: block; margin-top: 0px;'><div id='bloggernotification'>
    [
    COLOR=#ff0000]امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ[/COLOR]  <a class='link' href='[COLOR=#ff0000]http://www.sindhsalamat.com/threads/22785/[/COLOR]' target='_blank'>[COLOR=#ff0000]هتي ڪلڪ ڪريو[/COLOR]!</a>
    <span id='closebloggernotification'/></div><span id='openbloggernotification' style='top: -6px;'><span/></span></div>
    هتان نارنگي ڪيل لفظ پنهنجي مرضي مطابق تبديل ڪن۔۔۔




    ۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڪم به ڀلو ۔۔۔۔ پر مان ته اميدون کان به اڳتي پئي سوچيو ۔۔۔

    خير اهو به ڀلو ڪم، اوهان کي جس هجي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    سائين هي پيو لکجي اچي ته:
    We were unable to save your template.
    Your template could not be parsed as it is not well-formed. Please make sure that all XML elements are closed properly. XML error message:
    Content is not allowed in prolog.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ما شاء الله، بهترين.
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا توهان هڪ دفعو ٻيهر ڊائونلوڊ ڪري فائيل ايڪسٽريڪٽ ڪريو ۽ کولڻ بجاءِ اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔
    ڇا ٻين دوستن کي به ڪو مسئلو پيش آيو۔۔۔؟
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان طرفان ان بابت ڪا اپڊيٽ نه پئي اچي ۔۔۔ ڪم ڪاٿي پهتو۔۔۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسنديدگي لاءِ مهرباني۔۔۔۔
    جن پروجيڪٽس متعلق توهان سان گفتگو ٿي آهي۔۔۔ اهي به وقت سر آڻبا ۔۔۔ بس ٿورو واندڪائي ملي وٺي۔۔۔:)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا پهريون وقت پيٽ لاءِ ٿو ڪڍڻو پوي .. ٻيو ته اڪيلو ماڻهون ٿي پيو هان... ٽيون ته تون به مصروف هين .. خير حوصلا ٽٽا ناهن.. جلد سنگت کي سٺي خبر ڏسبي
     
  11. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ۽ نوٽيفڪيشن بار مڪمل ختم ڪرڻو هجي ته ڇا ڪجي۔
     
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه سائين تمام سٺو تحفو
    سائين رشيد زنده آباد
     
  13. مقصود

    مقصود
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو ڄام
    ادا مونکي ٽيمپليٽ ڊائون لود ڪرڻو آهي ليڪن ڊائون لود ڪونه ٿو ٿئي مهرباني ڪري مونکي سنڌي ٽيمپليٽ ميل ڪريو
    maqsood.hyd@hotmail.com
     
  14. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا توهان ان کي ايڪسٽريٽ ڪريو پو ان کي اپلوڊ ڪريو
     
  15. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا اوهان جي مدد سان مون به پنهنجو بلاگ ٺاهيو آهي مگر هن ۾ ايم بي لطيفي جا فونٽس ته نه ٿا اچن بلاگ هي آهي
    http://sajjadali4747.blogspot.com/
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سٺي شروعات آهي۔۔۔ ڇا توهان مٿي ٻڌايل طريقي ڪار مطابق اميدون ٽيمپليٽ انسٽال ڪئي آهي۔۔۔؟ جي نه ته ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔
    ۽ هڪ اهم ڳالهه ته ٽيمپليٽ کڻي ڪيتري به خوبصورت هجي پر توهان جي بلاگ کي خوبصورت بڻائيندا آهن توهان جا ليک ۔۔ جن کي لڳائڻ نه وساريندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا هاڻ ٽيمپليٽ لڳائڻ کانپو بلڪل وڻندڙ نظر اچي پيو مهرباني ادا اوهان جي وڏي وڏي۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا ذيشان رشيد ، سنڌي بلاگ ٽيمپليٽ ڪٿان ڊائون لوڊ ڪريان ؟؟؟ لنڪ موڪليندا ته مهرباني ٿيندي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هوئن ته هن موضوع جي پهرين تحرير ۾ مٿي اميدون سنڌي ٽيمپليٽ فائيل ڳنڍيل آهي ۔۔۔ پر توهان کي الجهڻ کان بچائڻ لاءِ ٻڌائيندس ته هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ادا مان وٽ ونڊو 8 ۾ فونٽ وارو فائل اپلوڊ نٿو ٿئي هي لکجي اچي ٿو


    We were unable to save your template.

    Your template could not be parsed as it is not well-formed. Please make sure all XML elements are closed properly. XML error message:
    Content is not allowed in prolog.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو