پاڻِيءَ مَٿي جھوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛ ساهان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نه لَهنِ؛ دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪن مُٺَنِ جئن
وڻ ٿا ميوو ڪن، پاڻ نه کائن پنهنجو ٺڪر ڀتر ڇاٻڻيون، ڌوڻا ڌار سھن ڦِرِيو ڦَرُ ڏين، مند سنڀاريو پنھنجي ۰
ڪنڌئ جھليو ڪانھُ، عاشق اڀو آھون ڪري تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي، ٻيلي منھنجي ٻانھن درياھ توتي دانھن مان ڏيندس ڏينھن قيام جي ۰
ڏٺي ڏينھن ٿيام، ڪُھُ ڄاڻان ڪھڙا پرين سھسين سج اُلَھي واجھائيندي ويام تن رئ سال پيام جن رئ ساعت نه سري
وحده لا شريڪ له، جڏھن چيو جن، تن مڃيو محمد ڪارڻي، ھيجا ساڻ ھين تڏھن منجھان تن، اوتڙ ڪين اوليو ڪارڻي: وسيلو، شافع محشر اوتڙ: گمراھ اوليو: ٿيو
ڪلمو رکي قلوب ۾ اندر روح ريجهاء سونهاري صلوات سين هينئڙو تون هيراء تهجد پڙھ تاڪيد سين اي پر پلئه پاء ته جنت ٿيئي جاء ملڪ مڙوئي ماڻئين
جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پروار حامي حادي هاشمي ،سردارين سردار سونهنين صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن تندون سي طلب جون وحدت سر وڄن وحده لاشريک له اهو راڳ رڳن سي ستائي سونهن ننڊ عبادت تن جي
جکري جھو جوان ڏسان ڪونه ڏيھ ۾ مھڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان وڪان قاب قوسين او ادني، ائ ميسر ٿيس مڪان ائ آگي جو احسان، جنھن ھادي ميڙيم ھھڙو
تپي ڪندين ڪوھ، ڏونگر ڏکوين کي تون جي پھڻ پٻ جا، ته لڱ منھنجا لوھ، ڪنھنجو ڪونھي ڏوھ، امر مون سين ايئن ڪيو