اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

'نيٽ ورڪ مينيجمينٽ' فورم ۾ عامرضياء چارڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2011۔

  1. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    اسلام عليڪم،

    دوستو اميد آهي ته توهان سڀ خيرت سان خوش هوندا، اڄ جيڪي مان توهان سان ٽِپ شيئر پيو ڪيان اميد آهي ته توهان کي ضرور پسند ايندي۔

    دوستو توهان ڪڏهن Remote Desktop Connection استعمال ڪيو آهي‌؟

    Remote Desktop Connection هڪ remote control سوفٽويئر آهي جنهن جي مدد سان اسين نيٽورڪنگ جي ذريعي ٻئي ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري سگهون ٿا، هي سافٽويئر ونڊوز جي انسٽاليشن دوران انسٽال ٿي ويندو آهي، هن سوفٽويئر کي استعمال ڪرڻ لاءِ
    Start >> Programs >> Accessories >> Communications >> Remote Desktop Connetion

    رن ڪمانڊ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ رن ۾ وڃي mstsc لکي انٽر ڪريو، پوءِ سافٽويئر ڪجهه هن ريت اسڪرين تي اچي ويندو۔

    [​IMG]

    ۽ هاڻي جنهن ڪمپيوٽر کي توهان ڪنٽرول ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪمپيوٽر واري ائڊريس باڪس ۾ توهان ڪمپيوٽر نيم يا اُن ڪمپيوٽر جي آءِ پي ائڊريس لکي ڪنيڪٽ تي ڪلڪ ڪريو۔ جڏهن توهان ڪنهن به ڪمپيوٽر جي آءِ پي ڏئي ڪنيٽ تي ڪلڪ ڪندا ته اُن ڪمپيوٽر جي اسڪرين توهان جي سامهون اچي ويندي ۽ توهان کان ان ڪمپيوٽر جو User يا وري Administrator جي اڪائونٽ جو پاسورڊ ڏيڻ لاءِ ڪنفرميشن وٺندو، جيڪو هن ريت هوندو!

    [​IMG]

    ڪنفرميشن کان پوءِ توهان اُن ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري سگهو ٿا!
    اميد آهي ته توهان کي هي ٽِپ ضرور پسند آئي هوندي۔


    دعا ۾ ياد
    عامرضياء چارڻ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    واه سائين محترم عامر ضياء، هي ٽپ ته واقعي تمام ڪارآمد آهي ۽ اسين انکي استعمال به ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسانجو آٽي مينيجر سڄو ڏينهن وتندو آهي ٻين ڪمپيوٽرس جي جاسوسي ڪندو ۽ کيس سڀ پاسورڊ به ياد آهن، ٻيو وري هميشه اپگريڊيشن ڪرڻ خاطر به پنهنجي ڊيسڪ تان ئي سڄو ڪم ڪر وٺندو آهي ۔۔۔

    پر خوشي ان ڳالهه جي ته اوهان اڄ ڪيترن ڏنهن کانپو ڪو سهڻو ونڊ کڻي آيا آهيو، جيتوڻيڪ پس پردهه ته اوهان اسان سان گڏ هوندا آهيو پر اڄ پردو ڦاڙي نڪتا آهيو، ان جي خوشي ٿي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن پهريان اوهانجو ديدار به ٿيو هو جڏهن اوهين محترم ماجد ڀرڳڙي سان ملڻ ويا هئا ۔۔۔

    اميد ته اوهان ائين ئي اسانکي پنهنجين سهڻين لکڻين سان رهنمائي ڪندا رهندا ۔۔۔

    ٿور ناهن ٿورا ۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    ادا عامر مهرباني

    لک لائق جو اوهان هي سهنڻو ونڊ موڪليو ۔ اوهان جو فورم تي موجود هجڻ ئي اسان لاء حوصلامند هوندو آهي۔ اوهان انهن دوستن مان آهيو جيڪي فورم تي پس پرده رهي ان جون ٽيڪنيڪل ڪم پيا ڪن۔ خوشي ٿي جو اڄ ڪافي ڏينهن کانپوء اوهان جو ڪو ليک سنڌ سلامت تي آيو آهي۔

    اسان کي اميد آهي ته اوهان ۽ ادا رشيد سنڌ سلامت فورم تي نواڻ لاء ڪجه سوچي رهيا آهيو ۽ ان تي تجربو به ڪري رهيا آهيو۔

    مهربانيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    ادا عامر علي ،

    ريموٽ ڊيسڪ ٽاپ ڪنيڪشن جي باري ۾ ايتري جامع معلومات ڏئي ڪري اصل قرب ڪري ڇڏيو
    سنڌ سلامت فورم تي توهان جون خدمتون بي بها آهن پس پردا سنڌ سلامت فورم جو جيڪو ٽيڪنيڪلي ڪم توهان ڪري رهيا آهيو اڄ ڪلهه ايترو ٽائيم ڏيڻ وڏي ڳالهه آهي .

    توهان کي الله تعالى خوش رکي پنهنجن پيارن سان

    تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    ادا عامر توهان جي مهرباني جو هي بهترين ٽپ توهان اسان سان شيئر ڪئي الله تعالي توهان جي علم ۾ مزيد اضافو فرمائي جو توهان اسان کي نئين سر نيون ڳالهيون سمجهائيندا رهو ائين ڪڏهن ڪڏهن ته ظاهر ٿي سنگت سان حالي حوالي ٿيندا ڪريو لک قرب توهان جا.

    الله تعالي توهان کي سلامت رکندو.
     
  6. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    سائين نثار ابڙو صاحب، سائين سليمان وساڻ، جگري دوست وحيد ۽ سائين رحيم بخش توهان جي مهرباني! ۽ مان ڪوشش ڪندس ته توهان سان ٻئي ڪا به ونڊ ڪيان!


    دعائن ۾ ياد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    ادا عامر سٺي شئيرنگ آهي
    الله توکي سلامت رکي
    مهرباني وند ڪرڻ جي
     
  8. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    ادا عامر تمام بهترين ڪم ڪري رهيو آهي الله پاڪ کين وڌيڪ توفيق عطا ڪري.
    اسان جون دعائون ساڻس گڏ آهين.
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    واهه سائين واهه
    لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  10. يونس جسڪاڻي

    يونس جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اچو ته Remote Desktop Connection استعمال ڪرڻ سکون!

    تمام سٺي ونڊ آهي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو