عورتون

'سنڌياڻي' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2011۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ 24 ڪروڙ 50 لک عورتون بيوه آهن جن مان 11 ڪروڙ 50 لک عورتون غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغانستان جون 20 لک ۽ عراق جون 7 لک 40 هزار بيوه عورتون غربت سبب پريشان آهن.

    رپورٽ موجب بيوه عورتن سان بدسلوڪي صرف ٽين يا ترقي پزير دنيا جو مسئلو ناهي بلڪ ترقي يافته ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ بيوه عورتن سان بُرو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. الاهي عورتن کي مڙس جي مرڻ کانپوءِ سندن ملڪيتن کان بيدخل ڪيو ويندو آهي جنهنڪري هو پنهنجن ٻارن جي بهتر پرورش ڪونه ڪري سگهنديون آهن.

    گڏيل قومن جي ان رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بيوه عورتن جو تعلق دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ چين سان آهي جن جي تعداد 4 ڪروڙ 30 لک آهي جڏهن ته هندستان ۾ بيوه عورتن جو انگ 4 ڪروڙ 20 لک ۽ آمريڪا ۾ بيوه عورتن جو انگ 1 ڪروڙ 36 لک آهي.

    ان کان علاوه انڊونيشيا ۾ 94 لک، جاپان ۾ 74 لک، روس ۾ 71 لک، برازيل ۾ 56 لک، جرمني ۾ 51 لک، بنگلاديش ۽ ويٽنام ۾ 47، 47 لک عورتون بيوه آهن. ڪجهه ترقي پسند ملڪن ۾ اهڙين بيوه عورتن جي خبر پئي آهي جن جي عمر 17 سال آهي ۽ وچ ايشياء ۾ بيوه عورتن جي تعداد معلوم ناهي.
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عورتون

    [justify]ڀيڻ شاهده سمون اهڙي زبردست ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني، بيوهه عورتن سان ٻه اکيائي ڪرڻ دنيا جي هر مذهب ۾ تمام بُرو عمل آهي، دين اسلام ۾ ته بيوهه عورتن سان تمام سُٺي ورتا ڪرڻ جو حُڪم ڪيو ويو آهي، پنهنجي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي حق زوجيت ۾ به بيواهه ام المومنين جو تعداد تمام گهڻو آهي، عورت چاهي سُهاڳڻ هُجي چاهي بيواهه هُجي عورت جي عظمت برقرار رهڻ کپي، ڇو جو عورت جي دم سان ئي هن دنيا ۾ اشرف الخلوقات جي واڌ۽ ويجهه ممڪن ٿي سگهي آهي، الله سائين شل هر مرد توڻي عورت تي ٻاجهه ڪري جو هو پنهنجا پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن ۽ حق سُڃاڻي سگهن ۔ تمام لاجواب ڄاڻ آهي ادي شاهده سمون صاحبه جي۔ [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو