اڳواڻيءَ جا اصول؛

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوٽ؛ مون هن کان اڳ هڪ مضمون لکيو هو “ شاهه جي ڪلام ۾ تنظيم سازيءَ جو تصور” ، ان ئي سلسلي سان ڳنڍيل، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انگريزي سائيٽ تي هي مضمون نظر آيو ته سوچيم ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ اڳواڻن جي ڳولها ۾ آهي، سنڌ جو فڪر ته سولو ۽ چٽو آهي، عوام ۽ ڪارڪن به عام ۽ جام آهن، بس جيڪڏهن ڪمي آهي ته سٺي، سچي ۽ هڏ ڏوکي اڳواڻ جي جيڪو قوم جي اڳواڻي ڪري منزل تي رسائي ۔۔۔۔ هن مضمون سان پڙهڻ سان اسانکي پنهنجي اڳواڻن کي تورڻ ۽ تڪڻ جي هڪ ڪسوٽي ملندي ۽ جيڪڏهن اوهانکي هن ڪسوٽي تي 100 فيصد نه پر 75 فيصد به ڪو اهڙو اڳواڻ نظر اچي ٿو جيڪو عمل ڪري سگهي ٿو ته پو خدارا ان جا هٿ مضبوط ڪريو ۽ انجي اڳواڻي قبول ڪندي ۔۔۔ قوم کي منزل رسايو ۔۔۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
    ********************************************


    [​IMG]

    اڳواڻيءَ جا اصول؛
    مترجم؛ نثار ابڙو​


    [JUSTIFY]علم اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪهاوت آهي ته ”اڳواڻ آسمان تي ناهن ٺهندا“. اڳواڻ زمين تي پئدا ٿيندا آهن، ۽ جيترو اهي اڳواڻ زمين سان لاڳاپيل هوندا اوترو ئي ڪارائتا هوندا آهن. پر اڪثر ڪري هڪ عجيب ڳالهه ڪيترن ئي اڳواڻن ۾ ڏٺي ويندي آهي ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ کي لڪائيندا، سُسائيندا رهندا آهن ۽ خاص فيصلا پاڻ ڪرڻ جي بجاءِ هيٺين جي ڪلهن تي اڇلائي ڇڏيندا آهن، اهڙي قسم جو رويو سندن نااهلي ظاهر ڪندو آهي ۽ پوري جماعت کي هيٺاهينءَ طرف وٺي ويندو آهي.

    جيتريون به جماعتون/ادارا اڳواڻن جي پويان هوندا آهن ته انجو مقصد آهي ته انهنکي اڳواڻن جي ضرورت آهي. ۽ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي سڀني اڳواڻن ۾ ممڪن هڪجهڙيون هونديو آهن. ۽ سڀ کان بنيادي هڪجهڙائي ۽ حقيقت اها هوندي آهي ته اهي پنهنجي خواهش سان پنهنجي مٿان اڳواڻي ڪرڻ واري ذميوارين جو بار رکندا آهن ۽ پنهنجن ماتحتن/پوئلڳن جي خدمت پوري ايمانداري ۽ خلوص سان ڪندا ۽ موٽ ۾ پنهنجن پوئلڳن/ارڪان کان به ساڳي خواهش رکندا آهن. اهي پرخلوص هوندا آهن، سندن دل وڏي هوندي آهي ۽ سوچ وسيع هوندي آهي، پنهنجي اختيار ۽ اقتدار ۾ بهادري ۽ اهليت هوندي آهي، ممڪن سندن طريقه ڪار هڪ اڳواڻ جا ٻي اڳواڻ کان الڳ هوندا هجن پر بنياد ساڳيو هوندو آهي، سگهارو نظريو اڳواڻي ڪرڻ جو جنهن سان هو پنهنجي جماعت/اداري کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ طرف وٺي ويندا آهن.

    عزت ۽ اوچو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه سگهاري نظريي يا سگهاري خواهش جو هجڻ ضروري هوندو آهي. ۽ جيڪي عزت وارا ۽ مشهور اڳواڻ هوندا آهن سي پنهنجي جماعت جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هڪ ماڻهون جيڪو سوڀاري ۽ ڄاڻ واري اڳواڻ جي ماتحت ڪم ڪندو آهي، انجو عمل ساراه ۽ فخريا هوندو آهي.

    عظيم ۽ اعلا اڳواڻن جا پنهنجا ذاتي يا شخصي مسئلا ٻي درجي تي هوندا آهن، پنهنجيون سمورون سگهون جماعت/اداري جي سامهون ايندڙ مشڪلاتن ۾ استعمال ڪري سوڀارو ڪندا آهن. ناڪاميابين ۽ وقتي شڪستن کان مايوس ناهن ٿيندا . هر شڪست کانپوءِ وري نئين سري سان اٿي کڙا ٿيندا آهن ۽ پنهنجين شڪستن کي فتح ۾ تبديل ڪندا آهن.

    هو سمورو ڪم پاڻ ڪون ڪندا آهن، ڪمن کي ورهائيندا آهن، ته جيئن هر ماڻهون پنهنجي صلاحيت مطابق ان ڪم کي نڀائي سگهي ۽ تنظيم/اداري کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري. اڳواڻ هڪ اهڙي تيل جيئان هوندوآهي جيڪو سموري مشنيري کي سڻڀو رکي هلائڻ جي قابل رکندو آهي.

    ڪامياب اڳواڻ اهو ناهي جيڪو پنهنجي چوڌاري تارن جو جهرمٽ يا رنگينيون ٺاهي رکي. هن جو اصل ڪم هوندو آهي اوچتا ۽ وقتائتا فيصلا ڪرڻ، پر انهن جي پويان هڪ گهري سوچ هوندي آهي ته جيئن فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ سان يقيني فتح حاصل ٿي سگهي. ننڍڙي ڪم مان وڏا نتيجا حاصل ڪرائي تنظيم/اداري يا انهن جي رڪنن کي وڏي مشقت کان بچائي وٺڻ کي اڳواڻي چئبو آهي ۽ اهڙا مثال قائم ڪرڻ گروهه ۽ اڳواڻ ٻنهي لاءِ لاڀائتو عمل هوندو آهي.

    هر معاملي ۾ عظيم يا اعلا اڳواڻ کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هو هميشه عمل کان اڳ هڪ سوچ قائم ڪري يا عمل کان اڳ سوچجي واري محاوري تي عمل ڪري. جيڪو اڳواڻ پنهنجي عمل جو خاڪو تيار نٿو رکي سو ائين آهي جيئن منزل جي خبر کان بغير هلندو رهي. قسمت تي ڀاڙي ويهڻ کي اهليت ناهي چئبو ان لاءِ عمل ڪرڻو پوندو آهي.

    سٺن اڳواڻن وٽ صرف خيال نه هوندا آهن بلڪه انهن خيالن جو عملي خاڪو پڻ موجود هوندو آهي، انهن وٽ هڪ منصوبو هوندو آهي جنهن ۾ ڪارڪنن جو مناسب استعمال ۽ وسيلن جو ڪارائتو استعمال ته جيئن گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هڪ اڳواڻ جيڪو ممڪن وسيلن کي استعمال ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍائيندو آهي اهو ائين آهي جيئن پنهنجي پيرن کي پاڻ ڪهاڙي سان ڌڪي. هڪ اڳواڻ جيڪو پنهنجي صلاحڪارن کي نه ٻڌي سو سمجهو ته ڪوڙو اڳواڻ آهي ۽ غرور سبب يقيني شڪست کائيندو. سياڻا اڳواڻ ٻڌندا آهن، اڳتي وڌندا آهن ۽ حقيقت کي سامهون رکي منصوبا ٺاهيندا آهن.

    هڪ سٺو اڳواڻ پنهنجي ماتحت رڪنن جي سٺن عملن جي ساراهه ڪندو آهي، ۽ خراب اڳواڻ هميشه انهن سٺن ۽ ساراه جوڳن رڪنن کان خوفزده رهندا آهن. عظيم اڳواڻي ڦٽي نڪرندي آهي ماتحت رڪنن جي واڌاري مان ۽ جڏهن انهن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ته اهي رڪن ڏاڪو چڙهي مٿي ٿيندا آهن. ۽ جيڪو اڳواڻ ان کان منهن موڙيندو ۽ ڪارڪنن جي ترقي ۽ واڌاري جو خيال نه ڪندو ته هو پاڻ به پوئتي رهجي ويندو آهي ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪري ناهي سگهندو.

    هڪ اڳواڻ جا ٻين تنظيمي اڳواڻن سان رابطا هجن ته جيئن هو ٻين تنظيمن جي اندر ٿيندڙ عملن ۽ نواڻ کان واقف ٿي سگهي. هن کي رابطن جو هڪ ڄار ٺاهڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي اصلاح ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ خاطر کيس سماجي رشتا قائم رکڻا پوندا آهن. هُنَ کي وسيع سوچ سان گڏ مشاهداتي شخصيت هجڻ کپي ۽ هر ان پاسي تي نظر رکندو هجي جتان سندس تنظيم لاءِ ڪا بهتري ٿيندي هجي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌارو ٿيندو هجي.

    اڳواڻن ۾ بدلاءُ ضروري هوندو آهي پر ڪنهن بهتريءَ لاءِ، اڳواڻ کي تنظيمي واڌاري لاءِ سکيا ۽ تربيت جا نوان رستا ڳولهڻ گهرجن، ۽ کيس هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته تنظيم جا ٻيا عهديدار پڻ چمڪي پون ۽ انهن جي ڪارڪردگي اڳ کان اڳري ٿئي. تنظيمي اڳواڻ کي هر پاسي جي محنت ۽ صلاحيت کي گڏ ڪري پاڻکي اهڙو ته سهڻو ٺاهڻ گهرجي جو سندس جا مثال قائم ٿين ۽ هر تنظيم چاهي ته سندس جهڙو اڳواڻ نصيب ٿئي.

    ان جو اهو مطلب به ناهي ته اڳواڻ صرف ڏيکاءُ ڪندو هجي، ۽ ڪاميابين جا ڪوڙا راڳ ڳائيندو هجي، ڏيکاءُ يا فخر اڳواڻ کي عظيم يا اعلا ناهي ٺاهيندو، ها سمجهداري، خبرداري ۽ سادگيءَ سان ٿيندڙ ڪمن ۾ فتح يقيني هوندي آهي، ڪاوڙ يا ڏيکاءَ جي جڳهه تي احتياط، خبرداري ۽ خيال ڪرڻ سان هيٺ ڪم ڪندڙن ۾ پڻ سچائي ۽ سگهه پئدا ٿيندي آهي.

    عظيم اڳواڻ پنهنجي پوري تنظيم يا گروهه سان هميشه گڏ هوندا آهن پر اهم فيصلن وقت اڪيلائي ۾ سوچ ويچار ۽ فڪر کان ڪم وٺندي فيصلا ڪندا آهن. هيٺ ڪم ڪندڙن ۾ اڳواڻ جو خوف نه پر عزت قائم ٿيڻ گهرجي. ۽ کيس اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن جن سان ڪنهن جي مشڪل ڏور ٿيندي هجي نه ڪي وڌي وڃي. هو پنهنجن ماتحت لاءِ هميشه موجود هجي پر پنهنجي اوقات ڪار کي نظر ۾ رکڻ ضرور هوندو آهي، انڪري ماتحت رڪن سان ملڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو آهي.

    سٺن اڳواڻن کي پنهنجين ڪمزورين يا غلطين جي پڻ ڄاڻ هوندي آهي، انهن کي قبول ڪندي، انهن کي ختم ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ هوندا آهن، هڪ اڳواڻ جيڪڏهن پنهنجين غلطين تي قابو ڪري وڃي ته سمجهو ته هو پاڻ ۽ تنظيم سان سچو آهي.

    ڪيترا ماڻهون اهو سمجهندا آهن ته اڳواڻي ڪرڻ آسان ۽ سهل آهي پر انجو مثال ائين آهي جيئن هڪ جوڳي مسلسل محنت سان نانگ کي قبضي ۾ ڪندو رهندو آهي تئين ئي هڪ اڳواڻ پنهنجي ماتحت رڪنن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهندو آهي، ٻي صورت ۾ ڪڏهن به سندس تنظيم يا سندس مقصد پنهنجي هٿن مان نڪري ويندو اٿس ۽ هو هيٺ پٽ تي اچي پوندو آهي.
    [/JUSTIFY]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    جي ها سائ ين بلڪل صحيح ڳاله آهي ۔۔۔
    تمام بهترين ونڊ آهي مهرباني اوهان جي شيئرنگ جي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    تامام بهترين ادا اوهان کي جس هجي اهڙو مضمون سليڪٽ ڪرڻ ۽ وري سنڌي ۾ ڍالڻ لا

    واقعي اهڙي رهنما جي ضرورت آهي جنهن ۾ اوصاف حميده هجڻ جيڪو عوام جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک سمجهي

    پر اهو ايندو تڏنهن جڏهن اسين پاڻ ۾ سڌارو آڻيون ڇو ته فرمان باري تعالى آهي ته جيسيتائين پاڻ کي تبديل نه ڪندو تيسيتاين اوهان لا تبديلي نه آڻيندس ، الله کان دعا آهي ته اسان کي سڌي واٽ تي گامزن ڪري ۽ اسان جا سڀئي ڏک ۽ مصيبتن کي ختم ڪري ، آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    سائين نثار مهربانيون

    اوهان هڪ بهترين ليک جي چونڊ ڪري سنڌي ترجمي سان ونڊ ڪيو آهي۔ اڳواڻن ۾ اهي خوبيون هونديون ته يقنن هو پنهنجي قوم ، پنهنجي اداري، پنهنجي پارٽيء کي ڪاميابين جي بلندين تائين پهچائيندا۔ پر افسوس اسان وٽ موجود اڳواڻن جي قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد آهي۔ هتي اصول نه پر ذآتي فائدن تي ڌيان ڏنو ٿو وڃي۔

    لک قرب هڪ بهترين لکڻي ونڊ ڪرڻ لاء
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    سائين قبلا سنڌي ۾ چوندا آهن ته لڏ به ڏي ته لڏاڻي به ڏي سو ان محاوري وانگر ته اوهان اسان دوستن کان ان معاملي ۾ وڌيڪ سمجهدار آهيو اوهان اهڙو خوبصورت اڳواڻي متعلق مضمون به لکيو آهي ته هاڻي توهان ئي کڻي ڪو نالو به ٻڌايو ته مذڪوره اوصاف جو ڪو صاحب آهي ته ان جي اڳواڻي کي قبول ڪجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛



    توهان درست فرمايو ته اسان وٽ اهڙي اڳواڻ جي شديد کوٽ آهي۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن غور ڪندو آهيان ته مٿي ٻڌايل اڳواڻن جا 70 فيصد گڻ توهان ۾ موجود ملندا آهن۔۔۔ ۽ توهان کي به قوم کي جاڳائڻ جو سندرو ٻڌل آهي۔۔۔ بس گهر جي ذميدارين کان آجو ٿيڻ جي ضرورت آهي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    [justify]
    ها ها ها ۔۔۔
    عزت افزائي تي ٿورائتو آهيان پر ۔۔۔۔ اڙي ادا رشيد ڇو ٿو واڳون جي وات ۾ مٿي اٽڪائڻ جي صلاح ڏين ۔۔۔ پراڻيون کاڌل لٺيون اڃان نه وسريون آهن، پر اهي لٺيون ته برداشت به ٿي وينديون پر قومن ۽ تنظيمن جي اندر جا نائون مل (غدار) اصل سر کڻائيندا آهن ۔۔۔

    مذاق کان علاوهه هڪ اڳواڻ جي صورت نه ئي سهي پر جيڪڏهن هڪ رڪن جي حيثيت ۾ سنڌ لا هي جان نثار ٿي وڃي ته خوشنصيبي سمجهبي۔

    اچو ته هڪٻئي جي رهنمائي ڪريون ۽ سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي هڪ ٻئي کي اڳتي وٺي هلون ۔۔۔ هي جان نثار اوهان سان گڏ آهي ۔۔۔

    لک ٿورا دوستن جا جن هن ليک کي پسند ڪيو آهي ۔۔۔ ادي رحيم بخش جي سوال ۾ صرف ايترو چئبو ته بدنصيبي سبب مونکي ويهارو سال ٿيا جو سنڌ کان ٻاهر رهيو آهيان، ۽ سنڌ جي سياست کان پري آهيان، اوهين دوست سنڌ ۾ رهو ٿا ۔۔۔ اوهين مونکان وڌيڪ پرک ۽ نظر رکوٿا ۔۔۔ انڪري آ ته اوهانکان رهنمائي جي تقاضا ڪندس ۔۔۔ لک ٿورا۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    سائين اسان وٽ اهڙا اڳواڻ ڪٿي آهن۔۔
    ۔۔۔
    مهربانيون سائين۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    سائين قبلا سائين عبدالرشيد لڳي ٿو ته صحيح فيصلو ڪيو آهي ليڪن هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي انقلاب لاء وفادار ساٿي به گهرجن جيڪي به نثار جان هجن پوء ڪو ٻوٽو ٻرندو اسان کي ته سنڌ متعلق به پوري ڄاڻ ڪانهي ليڪن اوهان سان گڏ رهي ڪجهه ڪجهه معلومات حاصل ٿي رهي آهي پر عمر 40 کان مٿي هئڻ ڪري وري ويسر به واه جو ساٿ پئي نڀائي اميد ته توهان جهڙا جوڌا جوان ٻيا به هن ساٿ جي سونهن ٿيندا پوء اميد جا ڪرڻا وڌيڪ روشن ٿيندا .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڳواڻيءَ جا اصول؛

    [justify]
    بيشڪ سائين رحيم بخش، اڳواڻ جان نثار هجي ۽ ان سان گڏ ساٿي پڻ اوترا ئي جان نثار هجن ته سون تي هيرن جو ڪم ٿيو پوي ۔۔۔ هڪ واقعو ياد ٿو اچي، شايد پير صبغت الله شاه راشدي صاحب جن وٽ ڪجهه انگريز آيا ته تو جو هي انگريزن خلاف جنگ جوٽي آهي انجو ڪارڻ ڇا آهي ۽ اوهان ڪنهنجي آڌار تي اسان سان وڙهي سگهندا ۔۔۔؟؟؟

    پير صاحب جواب ڏنو ته ڪارڻ ته اوهين قابض آهيو، اسين پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون ۽ باقي وڙهڻ جو آڌار منهنجا هي سپاهي آهن ۔۔۔ هٿ جي اشاري سان هڪ حر مجاهد کي اشارو ڪيائين جيڪو ڪوٽ جي برج تي مٿي چڙهيو ۽ اتان ٽپو ڏئي جان نثار ڪيائين ۔۔۔ انگريز وائڙو ٿي ويو ۽ پير صاحب چيو جيڪڏهن اهڙا ماڻهون مونسان گڏ هوندا ته اوهان کي شڪست ڏيڻ آسان ٿيندي۔۔۔

    سهڻي لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪجهه سورهين جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ۔۔

    هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪُ،
    وجهــــن تـــــان نه فــــرقُ، رڪ وهنـــديءَ راند ۾۔
    [/justify]
     
  11. قدير اهمد

    قدير اهمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جنوري 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو