12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]آخرڪار پاڪستاني ٽيم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن لاء هوء مشهور آهي ته دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي ڪنهن به وقت شڪست ڏيڻ ڪو ان کان سکي۔ 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان ورلڊ ڪپ ميچن ۾ اڄ ڪولبو ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ سندس ناقابل شڪست رهڻ وارو سلسلو ٽٽي پيو۔ مئي 1999 ۾ پاڪستان ئي آخري دفعو آسٽريليا کي ورلڊ ڪپ ميچن ۾ شڪست ڏني هئي۔

    ڪولمبو ۾ ٽاس کٽي آسٽريليا پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پر عمر گل ، عبدالرزاق جي بهترين بالنگ سبب سڄي ٽيم 47 اوور ۾ صرف 176 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي جي بهترين پلاننگ ، فيلڊرن جي ڦڙتي ۽ بالرن جي شاندار ڪارڪردگي سبب آسٽريلوي بئٽنگ شروع کان آخر تائين دٻاء ۾ نظر آئي۔ اڄ ڪامران اڪمل به بهترين وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي ٽي ڪيچ پڪڙيا۔ بريڊ هيڊن 42 ۽ مائيڪل ڪلارڪ 34 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا۔ عمر گل 3 ۽ رزاق 2 وڪيٽون ورتيون۔ آفريدي، حفيظ، عبدالرحمان ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ ورتي۔

    پاڪستان جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ اپنر ڪامران اڪمل ۽ حفيظ 45 جي اسڪور تي بريٽ لي جو شڪار بنجي پويلين واپس ويا پر پوء اسد شفيق ۽ يونس خان زميوارانه بئٽنگ ڪندي اسڪور 98 رنسن تائين پهچايو پر بريٽ پنهنجي ٻئي اسپيل ۾ ٻن بالن تي ٻه وڪيٽون وٺي يونس ۽ مصباح کي آئوٽ ڪري پاڪستان کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو۔ يونس خان 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ اسد شفيق 46 ۽ آفريدي 2 رنسون ٺاهي آئوت ٿيا ۽ اسڪور 6 وڪيٽن تي 142 هو۔ پر عمر اڪمل ۽ عبدالرزاق پاڪستان کي فتح ڏياري ورتي ۽ 41 هين اوور ۾ 178 رنسون ٺاهي پاڪستان کي چئن وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري۔ عمر اڪمل 44 ۽ عبدالرزاق 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔ بريٽ لي شاندار بالنگ ڪئي ۽ چار وڪيٽون ورتيو۔

    هن ڪاميابي سان گڏ پاڪستان پوائنٽس ٽيبل تي گروپ اي ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو۔ سريلنڪا ٻئي ، آسٽريليا ٽين ۽ نيوزيلينڊ چوٿين نمبر تي اچي ڪوارٽر فائنل لاء ڪواليفائي ڪري ورتو آهي۔
    [/JUSTIFY]


    اڄوڪي ميچ جو مين آف دي ميچ عمر اڪمل

    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=6YIMNwP1dv0
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    اد عروج کي زوال اچڻو ا

    خوشي ٿي ته پاڪستان آخرڪار آسٽريليا کي شڪست ڏني

    هاڻ دعا ڪريو ته اڳتي به سٺي راند ڪن
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    نيٺ آسٽريليا جو غرور پاڪستاني ٽيم هٿان خاڪ ۾ مليو۔۔
    هن ميچ کي براهه راست نه ڏسي سگهياسين۔۔ بجليءَ‌ڪم ڏاڍو خراب ڪيو، پر پاڪستان جي کٽڻ‌ جي خوشي پنهنجي جڳهه تي آهي، پاڪستان ڏينهن به ڏينهن پنهنجي راند ۾ بهتري آڻي پيو، هن ميچ جي جهلڪين ڏسڻ سان خبر پئجي ٿي۔۔۔
    تمام بهترين ۽ زبردست ونڊ آهي اهڙي طرح اسان کي ورلڊ‌ ڪپ جي اپڊيٽ سان آگاهه رکندا هلو۔۔
    پاڪستان جي هاڻي ممڪن طور تي راند گروپ بي جي چوٿين ٽيم سان ٿيندي، يعني هاڻ سڀاڻي ڳالهه واضح ٿي ويندي، منهنجي خيال ۾ ته ويسٽ انڊيز سان مقابلو ٿي سگهي ٿو۔۔​
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    هوئن ته کڻي راند جو هيرو عمر اڪمل ٻڌايو ويو آهي پر منهنجي نظر ۾ ڀلو ڪم ته بالرن ڪيو جو آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪيو ۔۔۔ ان سلسلي ۾ عمر گل جي بالنگ لاجواب رهي ۔۔۔ جنهن سان گڏ ٻين به سهڪار ڪيو

    http://www.youtube.com/watch?v=7k_emFvA-0s
    پر خبر پوندي ته غرور کي شڪست ڏيندي ڪو غرور جي ور ته نه چڙهي ويو۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    بلڪل آسٽريليا جي مسلسل فتحن ڪري ٽيم کي غرور ته هيو پر پونٽنگ ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي چيو هو ته پاڪستان جي ٽيم سڀ کان خطرناڪ آهي جو هوء ڪنهن به وقت غير معمولي ڪارڪردگي سبب دنيا جي پهرين نمبر جي ٽيمن کي به هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔

    باقي هاڻي دعائون ته پوري قوم ڪري رهي آهي باقي ادا جي ٽيم سٽي بازي مان ٻاهر نڪتي ته ڪاميابي يقيني آهي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    لوڊ شيڊنگ جو آزار هتي به اهوئي آهي۔ لائيٽ هتي به ڪونه هئي پر شاباس آهي ڇوڪرن کي جن راند جي شوق ۾ مڙئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ۽ ميچ ڏسڻ لاء اسان جي سچل ڳوٺ جي اوطاق تي 35 کن ماڻهون موجود هئا۔ ڪاله پاڪستان جي بالنگ ۽ فيلڊنگ بهتر رهي۔ يقينن هاڻي پاڪستان جو مقابلو ويسٽ انڊيز يا انگلينڊ سان ئي ٿيندو۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    سائين رشيد مهربانيون، اوهان ورلڊ ڪپ مان خوب انجواء ڪيو آهي

    پاڪستان جي بالنگ واقعي زبردست رهي خاص ڪري عمر گل، رزاق ۽ اسپنرن خاص ڪري حفيظ به لاجواب بالونگ ڪئي۔ پر وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل مان گهڻو خطرو هو پر هن عزت رکي ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري۔

    اصل ۾ اهو اسڪور به آسٽريليا لاء محفوظ لڳي رهيو هو پر يونس خان ۽ اسد شفيق جي پارٽنرشپ ميچ کٽڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ پوء عمر اڪمل به بهتر بئٽنگ ڪئي۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    ادا پاڻ وٽ به ڪا ادا رشيد جي ٽي وي واري موبائل جهڙي موبائل هجي ته مزو ٿئي۔۔۔۔​
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان شڪست

    [justify]ساري پاڪستاني قوم کي هي فتح مبارڪ هجي۔
    سڀني دوستن جا ڪمنٽس پڙهيا آهن جنهن مان صاف ظاهر اها ڳالهه ڇلڪي پئي ته ساري قوم جيان ساري سنڌي قوم به پنهنجي قومي ٽيم جي فتح پاڪستان ۾ هجن يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهيل هجن انهن وڏي شوق سان ميچون ڏسن ٿا ۽ پنهنجي قومي ٽيم جي فتح لئه دعاڳو آهن، خاص طور مڪي پاڪ ۾ رهندڙن کان گذارش آهي ته جهڙي شوق سان ميچون ڏسي انجوائي وٺن ٿا ۽ پاڪستان جي فتح تي خوش ٿين ٿا اهڙي طرح خانه ڪعبه ۾ هميشه هو پاڪستان لئه دعائون ڪن ته ڌڻي هن ملڪ جي حفاظت ڪري، يقينن اها اسان جي پنهنجي ملڪ سان محبت جي نشاني آهي جو اسين دوستن کان ميچ فورم تي نظر نه اچڻ تي ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا ان جو متبادل به پڇون ٿا ۽ قومي ٽيم جي بهتر ڪارڪردگي ۽ فتح تي خوش ٿيون ٿا۔
    [/justify]

    ساري قوم کي وري ٻيهر هي شاندار فتح مبارڪ هجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو