ڪوارٽر فائنل ۾سريلنڪا جي شاندار ڪاميابي ، ايشيا جون ٽي ٽيمون سيمي فائنل ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ڪولمبو ۾ ٿيندڙ آخري ڪوارٽر فائنل ۾ سريلنڪا جي ٽيم رڪارڊ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔ سيمي فائنل ۾ سريلنڪا جو مقابلو نيوزيلينڊ جي ٽيم سان ٿيندو۔

    انگلينڊ جي ڪپتان اسٽراس ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو۔ سريلنڪن ڪپتان سنگاڪارا ٻئي اوور ۾ پنهنجي اسپنر دلشان کي بالنگ ڏني جنهن پنهنجي ٻئي اوور ۾ ڪپتان اسٽراس کي بولڊ ڪري ڇڏيو۔ بيل به جلدي آئوٽ ٿي ويو ۽ انگلينڊ جا 2 رانديگر صرف 32 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ پوء ٽراٽ 86 ، بوپارا 31 ۽ مورگن 50 رنسون ٺاهي سٺي بئٽنگ ڪئي۔ هڪ موقعي تي 186 رنسن تي انگلينڊ جا صرف 3 رانديگر آئوٽ ٿيا هئا۔ سريلنڪا جي ٽيم ان وچ ۾ ٽي ڪيچ به ڇڏيا۔ پر پوء سريلنڪن بالرن سٺي بالنگ ڪئي ۽ انگلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 229 رنسون ٺاهيون۔ سريلنڪا پاران مرلي ٻه وڪيٽون ورتيون۔

    229 رنسن جي تعاقب ۾ سريلنڪن اوپنرن تليڪا رتني دلشان ۽ اپل ٿرنگا شاندار بئٽنگ ڪندي انگلينڊ جي بالرن ۽ فيلڊرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون۔ سريلنڪا 40 هين اوور ۾ بغير ڪنهن وڪيٽ جي ڪرڻ جي 231 رنسون ٺاهي ورتيون۔ دلشان 108 ۽ ٿرنگا 102 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔ سريلنڪا ٽيم 10 وڪيٽن تان سڀ کان وڌيڪ رنسن چيز ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ به ڪيو۔[/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو مين آف دي ميچ تلڪا رتني دلشان جنهن 108 رنسون ناٽ آوٽ ٺاهيون ۽ هڪ وڪيٽ به ورتي


    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪوارٽر فائنل ۾سريلنڪا جي شاندار ڪاميابي ، ايشيا جون ٽي ٽيمون سيمي فائنل ۾

    مطلب ته هن ڀيري فيورٽس مان صرف انڊيا سيمي فائنل تائين پهچي سگهي آهي۔۔۔
    منهنجي خيال ۾‌ته جيڪڏهن انڊيا پاڪستان کي هارائي ٿي ته ورلڊ‌ڪپ انهيءَ‌جو آهي جيڪڏهن پاڪستان انڊيا کي هارائي ٿي ته ورلڊ ڪپ سريلنڪا کٽيندي ڇو ته نيوزيلينڊ کي سريلنڪا فائنل تائين پهچڻ‌ بلڪل نه ڏيندي۔۔۔۔
    هي پهرين ٽورنامينٽ آهي جنهن جي ڪوارٽر فائنل ۾‌ٻن ٽيمن کي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ملي آهي۔۔۔​
     
  3. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: ڪوارٽر فائنل ۾سريلنڪا جي شاندار ڪاميابي ، ايشيا جون ٽي ٽيمون سيمي فائنل ۾

    وساڻ صاحب مطلب ته سريلنڪا جو ستارو به چمڪندو پيو وڃي۔
    هاڻي اِهو ڏسڻو آهي ته سريلنڪا هٿان نيوزلينڊ کي شڪست نصيب ٿيندي يا نه؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو